fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

خوشاب ۾سنگدل پيءُ معمولي جهيڙي تان معصوم ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

شڪرڪوٽ ۾ گهريلو جهيڙي ۾ پيءُ 5 ورهين جي ٻارڙي کي زمين تي اڇايو، جنهن ۾ هو فوت ٿي وئي

جوابدار باچا خان والد کان پئسا گهريا نه ڏيڻ تي هن ڪاوڙ ۾ اچي معصوم ٻارڙي کي پٽ تي اڇلايو

خوشاب (م ڊ)خوشاب ۾ پيءُ هٿان 5 ورهين جي معصوم ٻاڙي فوت ٿي وئي ، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي . پوليس موجب خوشاب جي شڪرڪوٽ واري علائقي ۾ افغان مهاجرن جي گهر ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ جوابدار پنهنجي 5 ورهين جي ڌي کي ڪاوڙ ۾ کڻي پٽ تي اڇلايو جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي ٿڏي تي فوت ٿي وئي . اطلاع تي پوليس پهچي فوتي ٻارڙي جي پيءَ باچا خان ۽ سندس ڏاڏي کي گرفتار ڪري ورتو . فوتي ٻارڙي جي ڏاڏي پوليس کي ٻڌايو ته سندس پٽ اڪثر گهر ۾ جهيڙا ڪندو آهي ۽ هن پئسا نه ڏيڻ تي ڌي کي ڪاوڙ ۾ اچي قتل ڪيو .هن ٻڌايو ته سندس پٽ نافرمان آهي ،هو اڪثر کيس به تشدد جو نشانو بڻائيندو آهي .

آصف زرداري جي ضمانت۾7 جنوري تائين واڌ، ڪيس جمهوريت خلاف سازش آهي:پ پ

پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو به وڏو انگ عدالتي ڪمري ۾ پهچي ويو

ڇا ڏهاري ۽ ڪرپٽ رڳو سياستدان آهن .؟، حڪومت، نيب ۽ ايف آءِ اي جو ڳٺ جوڙ آهي: بلاول ڀٽو جو ترجمان

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽرز) بينڪنگ ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ 7 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر، سندس ڀيڻ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن خلاف ڪيس ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ انتقامي سياست آهي،ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عبوري ضمانت جو وقت ختم ٿيڻ سبب آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿيا، پيشي جي موقعي تي پ پ  اڳواڻن کانسواءِ ڪارڪنن جو به وڏو انگ عدالت پهتو، سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا، ڪيترائي ڪارڪنن عدالتي احاطي ۾ نعريبازي کانپوءِ عدالتي ڪمري ۾ به داخل ٿي ويا ۽ “ “آصف زرداري سب پي ڀاري جا نعرا هنيا”، ڪيترائي ڪارڪن ڪرسين تي چڙهي ويا، جج پاران ڪارڪنن جي رش تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بعد غير لاڳاپيل ماڻهن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ٻڌڻي جي باقائده شروعات ڪئي وئي، عدالت لاڳاپيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس جي ڇا صورتحال آهي، جنهن تي ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي، عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 7 جنوري تائين واڌ ڪندي ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف آصف زرداري ۽ بلاول جي صدارت هيٺ پ پ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته آصف علي زرداري تي لڳايل سمورا الزام ڪوڙا آهن. پ پ پ ان الزامن ۽ داخل ڪيل ڪيسن کان ڊڄي خاموش ويهڻ بدران ماضي ۾ آمرن سان مقابلي وانگر هن ڀيري به موجوده سازشن کي منهن ڏنو ويندو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي اهڙن سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. مُلڪ کي ون يونٽ طرف ڌِڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هڪ طرف سنڌ جو پاڻي ۽ گئس بند ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي صوبائي حڪومت کي فنڊ نه پيا ڏنا وڃن. اهڙي ئي ماحول ۾ ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ۾ به مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هِن مُلڪ کي آئين ڏنو ان آئين جو اڳوڻي آمر هُليو بيگاڙيو. اسان ارڙهين ترميم ذريعي 73ع جي آئين کي اصل شِڪل ۾ آندو. ۽ هاڻي به ارڙهين ترميم واري معاملي ڪنهن به مصلحت پسندي جو شڪار نه ٿينداسين. پيپلز پارٽي هميشه غيرجھموري قوتن کي شڪست ڏني آهي.27 ڊسمبر تي سڄي مُلڪ مان عوام ۽ هر مقتبهِ فِڪر جو ماڻهو ڳڙهي خدا بخش ۾ گڏ ڪري غير جھموري طاقتن کي شڪست ڏينداسين. اجلاس ۾ خورشيد شاھ، مراد علي شاھ، قمرالزمان ڪائره، قائم علي شاھ، سردار لطيف کوسا، همايون خان ۽ پارٽي جي ٻين مرڪزي اڳواڻن توڙي چونڊيل نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ڏکين حالتن کان گھٻرائڻ وارا ناهيون. اسان کان وڌيڪ ڏکيو وقت بينظير ڀٽو جي دور ۾ آيو. جنهن آمر ضياالحق سان مقابلو ڪيو. آصف علي زرداري چيو ته مون تي لڳايل سمورا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن. ڪوڙن ڪاغذن ذريعي ڊيڄاري ڌمڪائي نه ٿو سگھجي. جيترو ظلم ڪيو ويندو. ان کي برداشت ڪرڻ جي سگھه به اوتري ئي آهي. اسان ظلم ايترو برداشت ڪنداسين ته ظلم ڪندڙ به ٿڪجي پوندا. آصف علي زرداري چيو ته 27 ڊسمبر تي عوام ثابت ڪندو ته پ پ کي ختم نه ٿو ڪري سگھجي. انشان الله اسان ايندڙ چونڊون کٽي چئني صوبن ۽ مرڪز ۾ حڪومت ٺاهينداسين. هوڏانهن اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني جو چوڻ آهي ته قانون صرف سولين تي لاڳو ڇو ٿو ٿيئي .؟ جيڪڏهن ڪجهه ادارن وٽ احتساب جو پنهنجو نظام آهي ته پوءِ سياستدانن جو احتساب به سندن ساٿي ڪري سگهن ٿا .خبر آهي ته ملڪي پرڏيهي پاليس ڪٿي ٺهندي آهي، پرڏيهي پاليس کي پنڊي کان پارليامينٽ منتقل ٿيڻ گهرجي .سينيٽ اجلاس دوران خطاب ڪندي .سندس چوڻ هو ته ملٽري ،عدليه سميت سمورن ادارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ،ٻڌايو وڃي ته رياست مشرف جي مامري تي ڇو ڪمزور ٿي وڃي ٿي ،کيس ڪورٽ يا ملڪ ڇو نٿو آندو وڃي .؟ ڇا ڏهاري ۽ ڪرپٽ رڳو سياستدان آهن .؟ هن چيو ته ملڪي ادارا پنهنجن حدن ۾ رهڻ بدران هڪٻئي جي اختيارين کي اورانگهين ٿا جنهن سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن .هن چيو ته نيب کي مخالفن خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي .هن گهر ڪئي ته نيب چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا وڃن .جڏهن ته  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪومت، نيب ۽ ايف آءِ اي جو ڳٺ جوڙ آهي، پ پ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سيف الرحماني احتساب جو نشانو بڻايو  پيو وڃي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول جي ترجمان چيو ته  وزير اعظم جي صلاحڪار جي جَي آءِ ٽي ميمبرز سان ملاقات ۽ هٿ ٺوڪين شاهدن کي گهرائڻ معنيٰ رکندڙ آهي.

ماڊل ايان علي جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪسٽم عدالت غير حاضر ي سبب گرفتاري وارنٽ جاري 18 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي

ماڊل ايان علي (فائيل فوٽو)

راولپنڊي (شوبز ڊيسڪ) ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، لڳاتار غير حاضري تي ايان علي جي وڪيل سرفراز علي عدالت ۾ دليل ڏنا ته ڊاڪٽرن ايان علي کي فيبروري ۾ پاڪستان جي سفر جي اجازت ڏني آهي، ايان فيبروي ۾ عدالت پيش ٿي پنهنجي خلاف ڪيس کي منهن ڏيندي.
عدالت جوابدار ايان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪئي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدار ايان علي 3 سالن کان ڄاڻ واڻي غيرحاضر آهي. هاڻي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين گرفتار وارنٽ واپس نه ورتا ويندا ۽ 18 جنوري کان ڪا به التوا نه ٿيندي، ايان جي غيرموجودگي ۾ ٽرائل شروع ڪيو ويندو.

ڏکڻ پنجاب صوبي واري اعلان تي عملدرآمد شروع، ڌار آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ الڳ بجيٽ رکي ويندي، پهرين جولاءِ کان انتظامي سيڪريٽريٽ ڪم شروع ڪندو

پنجاب ۾ 2 آءِ جي ۽ 2 چيف سيڪريٽري مقرر ڪيا ويندا، اعلان تي مڪمل عمل ڪبو: تحريڪ انصاف
پاڪستان تحريڪ انصاف

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ)وفاقي حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي واري اعلان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان هڪ پڌرائي جاري ڪئي آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرين جولاءِ کان انتظامي سيڪريٽريٽ ڪم شروع ڪندو.
تحريڪ انصاف موجب نئين مالي سال ۾ ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ الڳ بجيٽ رکي ويندي، جڏهن ته پنجاب ۾ 2 آءِ جيز ۽ 2 چيف سيڪريٽريز مقرر ڪيا ويندا، جن مان هڪ پنجاب ۽ ٻيو ڏکڻ پنجاب صوبي ۾ ڪم ڪندو.
پي ٽي آءِ جي پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت جيڪي عوام سان واعدا ڪيا هئا، اهي جلد پاڙيا ويندا، ڏکڻ پنجاب جي آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري جي مقرري جو جلد اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته پهرين جولاءِ کان انتظامي سيڪريٽريٽ ڪم به شروع ڪري ڇڏيندو.

نواز، شهباز شريف جي ڪن ۾ ڇا چيو؟فياض الحسن تشريح ڪري ڇڏي

نواز شريف شهباز کي چيو ته “زرداري کان پاسو ڪريو” هو اڳ به اسان کي وڪڻي کائي چڪو

نواز-زرداري بليڪ ميل ڪري اين آر او گهرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: پنجاب جو وزير

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڪن ۾ ڇا چيو هو، پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ تشريح ڪري ڇڏي.
فياض الحسن چوهاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف شهباز شريف کي ڪن ۾ چيو هو ته “زرداري کان پاسو ڪريو” زرداري اڳ به اسان کي وڪرو ڪري کائي ويو هو.
هن چيو ته آصف زرداري صاحب جڏهن پاڻ ڦاسندو آهي ته کيس ن ليگ ۽ ميثاق جمهوريت ياد اچي ويندي آهي، هيءَ پنهنجن کي بچائڻ لاءِ هڪٻئي جي ويجهو ٿي رهيا آهن.
صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو ته هيءَ بليڪ ميل ڪري اين آر او گهرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ڏکڻ پنجاب صوبي جي حوالي سان ڳالهائيندي فياض الحسن چيو ته شهباز شريف سمورا اختيار هئڻ باوجود ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهڻ لاءِ وک نه کنئي، ڏکڻ پنجاب صوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

سي پيڪ مان ڀاڱو نه مليو!، بلوچستان اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

اپوزيشن جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور، سي پيڪ مان رڳو 4 سيڪڙو حصو پيو ملي: متن

بلوچستان سڪهڙي جو شڪار آهي، اعلانيل حصو ڏنو وڃي: وڏو وزير ڄام ڪمال

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان اسيمبلي سي پيڪ رٿا ۾ حصو نه ملڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران مخالف ڌر جي ميمبرز سي پيڪ ۾ حصو نه ملڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سوڌو ٻين صوبائي ميمبرز ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر منظوري ڏئي ڇڏي. اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته سي پيڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳ وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون، پر بريفنگ ۾ رڳو 4 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جڏهن ته سي پيڪ ۾ بلوچستان جي ڪابه اسڪيم به شامل ناهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام تي رحم ڪندي سي پيڪ ۾ گهربل حصو ڏئي.

ڊاڪٽر جاويد نيب جي حراست ۾ فوت ناهي ٿيو، تشدد جون خبرون ڪوڙيون آهن: نيب ترجمان

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي ڪيمپ جيل ۾ ڊاڪٽر جاويد ميان جي فوت ٿيڻ ۽ هٿڪڙيون لڳل لاش جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ قومي احتساب بيورو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. نيب لاهور ڊاڪٽر فوت ٿيڻ واري معاملي تي وضاحت جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر جايد ميان ڪيمپ جيل لاهور ۾ قيد هو، سندس جڊيشل رمانڊ ورتل هو. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جاويد جي طبيعت خراب هئڻ سبب کيس اسپتال آندو ويو، جتي دل جو دورو پوڻ سبب هن دم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب ترجمان ڊاڪٽر جي لاش کي هٿڪڙيون لڳل هئڻ واري معاملي تي موقف اختيار ڪيو ته جڏهن به ڪنهن جوابدار کي اسپتال آندو ويو آهي ته کيس هٿڪڙيون هنيون وينديون آهن. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي پڌري ٿيل هٿڪڙين واري تصوير تي مختلف ڌرين سان واڳيل ماڻهو تجزين سان گڏ نيب کان سوال به ڪري رهيا آهن. هڪ شهري سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر جي طبيعت خراب هئي ته کيس هٿڪڙيون ڇو هنيون ويون ۽ نيب ٻڌائي ته دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ دل جي مرض ۾ مبتلا قيدي جو هٿڪڙيون هڻي علاج ڪيو ويندو.

نيب حراست جي پت وائکي، ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ڊاڪٽر فوت، لاش کي هٿڪڙيون لڳل

سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪئمپس جي ڊاڪٽر ميان جاويد کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو ويو

ڊاڪٽر جيل ۾ دل بيهڻ سبب فوت، نيب عملدارن لاش کي لڳل هٿڪڙيون نھ کوليون!
نيب حراست ۾ فوت ٿيل پروفيسر کي ھٿڪڙيون لڳل

سرگوڌا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۽ اداري ۾ انسانيت جي احترام جي دعويدار قومي احتساب بيورو جي پت وائکي ٿي وئي. نيب حراست ۾ هيٺ ماڻهن کي هٿڪڙيون هڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
قومي احتساب بيورو پاران ڪرپشن الزام هيٺ حراست ۾ ورتل سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪئمپس جو ڊاڪٽر ميان جاويد دل جو دورو پوڻ سبب جيل ۾ ئي فوت ٿي ويو، پر نيب جي انسانيت جي احترام واري دعوائن جا پول پڌرا ڪري ويو.
دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو قانون ڪنهن به شهري کي ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ کان اڳ گرفتاري جي اجازت نٿو ڏئي، پر پاڪستان ۾ رڳو شڪ جي بنياد تي ڊاڪٽرن ۽ استادن کي ٻڌي جيل ڀيڙو ڪرڻ عام ڳالهه آهي.
لاهورجيل ۾ نيب حراست دوران فوت ٿيل ڊاڪٽر ميان جاويد جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فوتي ڊاڪٽر جي لاش کي به هٿڪڙيون لڳل آهن..

حڪومت ۽ نيب جو ڳٺ جوڙ آهي، پ پ کي سيف الرحماني احتساب جو نشانو بڻايو پيو وڃي: بلاول جو ترجمان

وزير اعظم جي صلاحڪار جي جَي آءِ ٽي ميمبرز سان ملاقات ۽ هٿ ٺوڪين شاهدن کي گهرائڻ معنيٰ رکندڙ آهي: مصطفيٰ کوکر

سمجهه ۾ اچي ويو ته وزيرن جا بيان ئي نيب ۽ ايف آءِ اي جي جاچ جو بنياد آهي، موجوده ڪاررواين کي احتساب نٿو چئي سگهجي : جاري ڪيل بيان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪومت، نيب ۽ ايف آءِ اي جو ڳٺ جوڙ آهي، پ پ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سيف الرحماني احتساب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول جي ترجمان چيو ته وزير اعظم جي صلاحڪار جي جَي آءِ ٽي ميمبرز سان ملاقات ۽ هٿ ٺوڪين شاهدن کي گهرائڻ معنيٰ رکندڙ آهي. هن چيو ته سمجهه ۾ اچي ويو ته وزيرن جا بيان ئي نيب ۽ ايف آءِ اي جي جاچ جو بنياد آهي، موجوده ڪاررواين کي احتساب نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته سليڪٽيڊ وزير اعظم ۽ سندس ٽيم کي ڄيڪو وڻي ڪري، پ پ ميدان ۾ مقابلو ڪندي. بلاول جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پ پ قيادت خلاف ميڊيا تي ڪوڙيون ڪهاڻيون نشر ڪرائڻ وفاقي وزيرن جو ڪارنامو آهي.

حيدرآباد ۽ سکر بجلي چوري ۾ اڳڀرا، قومي اسيمبلي ۾ تفصيل پيش

بجلي جو وفاقي وزير عمر ايوب خان

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) حيدرآباد ۽ سکر ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پي ٽي آءِ ميمبر نزهت پٺاڻ جي سوال تي لکت ۾ جواب ڏيندي بجلي جي وفاقي وزير عمر ايوب خان ٻڌايو ته سال 2017-18 ۾ گوجرانوالا ڪمپني کانسواءِ ملڪ جون ٻيون بجلي ڪمپنين مليل هدف کان وڌيڪ لائين لاسز ڪيا. وفاقي وزير جواب ۾ ڄاڻايو ته حيدرآباد ڪمپني ۾ 29.9 سيڪڙو لائين لاسز سان گڏ 7.3 سيڪڙو بجلي چوري ٿي، جڏهن ته سکر 36.7 سيڪڙو لائين لاسز ۽ 6.9 بجلي چوري سان ٻئي نمبر تي رهيو. لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني 11.8 سيڪڙو بدران 13.8 سيڪڙو لائين لاسز ڪيا، جڏهن ته 2 سيڪڙو بجلي چوري ٿي. فيصل آباد ڪمپني مقرر هدف 10.2 سيڪڙو بدران 10.6 سيڪڙو لائين لاسز ڪيا، 0.4 سيڪڙو بجلي چوري ٿي. بجلي واري وزير لکت ۾ جواب ڏنو ته اسلام آباد ڪمپني ۾ 9.1 سيڪڙو لائين لاسز ٿيڻ سان گڏ 0.4 سيڪڙو بجلي چوري ٿي. عمر ايوب موجب ملتان ۾ 16.6سيڪڙو لائين لاسز، 1.6 بجلي چوري ٿي، پشاور ڪمپني 38.1 سيڪڙو لائين لاسز ڪئي، جڏهن ته 6.1 سيڪڙو بجلي چوري ٿي. وفاقي وزير موجب ڪوئيٽا بجلي سپلاءِ ڪمپني ۾ مقرر هدف 17.5 بدران 22.4 سيڪڙو لائين لاسز سان گڏ 4.9 سيڪڙو بجلي چوري ٿيڻ جي شڪايت ملي، جڏهن ته 2016-17 ۾ لاهور اليڪٽرڪ ۾ 2 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 0.2 سيڪڙو، فيصل آباد اليڪٽرڪ ۾ 0.4 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 0.4 سيڪڙو، ملتان ۾ 1.9 سيڪڙو پشاور اليڪٽرڪ ۾ 0.7 سيڪڙو، حيسڪو ۾ 8.0 سيڪڙو، سکر اليڪٽرڪ ۾ 8.2 سيڪڙو، ڪو.ٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ۾ 5.6 سيڪڙو بجلي چوري ٿي. جواب موجب سال 2015-16 ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ 2.1 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 0.6 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ زيرو، اسلام آباد ۾ 0.4 سيڪڙو، ملتان ۾ 1.4 سيڪڙو، پشاور اليڪٽرڪ ۾ 1.9 سيڪڙو، حيسڪو ۾ 3.9 سيڪڙو، سکر اليڪٽرڪ ۾ 8.2 سيڪڙو ۽ ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ 6.4 سيڪڙو بجلي چوري ٿي.

وفاق جي سنڌ ۾ رڳو 6 لک 60 هزار بيروزگار هجڻ جي دعويٰ

2016 کان 2018 تائين ملڪ ۾ بيروزگار ماڻهن جو تعداد با بت انگ اکر جاري نھ ڪيا ويا

سينيٽ آف پاڪستان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سينيٽ ۾ ملڪ اندر صوبي وار بيروزگارن بابت ويهن سالن جي سروي جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آهن. سروي رپورٽ ۾ وفاقي حڪومت دعوي ڪئي آهي ته سال 2015 ع ۾ سنڌ صوبي اندر بيروزگارن جو ڪل تعداد 6 لک 60 هزار هو. تفصيل موجب مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر چوڌري تنوير جي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي شماريات جي وزارت پاران سينيٽ ۾ 1991ع کان 2015ع تائين بيروزگارن بابت ڪيل سروي جا صوبي وار تفصيل پيش ڪيا آهن. ڄاڻايل وزارت پاران لکت ۾ سينيٽ کي آگاھ ڪيو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾1991ع ۾ بيروزگارن جو تعداد 2 لک پنجاھ هزار، 1992ع ۾ 2 لک 70 هزار، 1993ع ۾ سنڌ ۾ بيروزگارن جو تعداد گھٽجي 1 لک 90 هزار تي پهتو. 1994ع ۾ سنڌ صوبي اندر بيروزگارن جو تعداد 2 لک 30 هزار، 1995 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ بيروزگارن جو انگ گھٽجي 2 لک 10 هزار تي پهتو. جڏهن ته ڄاڻايل وزارت پاران 1996ع جا تفصيل نه ڄاڻايا ويا آهن. 1997ع ۾ سنڌ اند صرف 2 لک 20 هزار، 1998ع ۽ 2000ع ۾ ٿيل سروي موجب سنڌ اند ڪل بيروزگارن جو تعداد 2 لک 40 هزار، جڏهن ته 2002ع ۾ ٿيل سروي موجب بيروزگارن جو تعداد 4 لک 80 هزار، 2004ع جي سروي موجب سنڌ ۾ بيروزگارن جو تعداد 6 لک 10 هزار، 2006ع ۾ 5 لک 10 هزار، 2007ع ۾ 4 لک، 2008ع ۾ 3 لک 90 هزار، 2009ع ۾ 4 لک 40 هزار، 2010ع ۾ 5 لک 60 هزار، 2011ع ۾ 7 لک، 2013ع ۾ 7 لک 70 هزار، 2014ع ۾ 5 لک 80 هزار. سال 2015ع سنڌ صوبي اندر بيروزگارن جو ڪل تعداد صرف 6 لک 60 هزار هجڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي. لکت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2015ع کانپوءِ 2017ع ۾ ملڪ اندر بيروزگارن بابت ليبر سروي ڪئي وئي آهي جنهن جي رپورٽ کي مرتن ڪيو پيو وڃي. سينيٽ ۾ ڏنل جواب موجب، ملڪ ۾ بيروزگارن بابت ٿيل آخري سروي 2015ع موجب ملڪ اندر مجموعي طور تي بيروزگارن جو انگ 36 لک 20 هزار هو جن ۾ ڪي پي ڪي صوبي ۾ بيروزگارن جو تعداد 5 لک 10 هزار، پنجاب ۾ 23 لک 20 هزار، بلوچستان ۾ 1 لک 30 هزار بيروزگار هئا..

پرڏيهي پاليسي پِنڊي کان پارليامينٽ منتقل ڪئي وڃي: رضا رباني

رضا رباني

اسلام آباد(رپورٽر) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پيپيلزپارٽي اڳواڻ ميان رضا رباني جو چوڻ آهي ته قانون صرف سولين تي لاڳو ڇو ٿو ٿيئي .؟ جيڪڏهن ڪجهه ادارن وٽ احتساب جو پنهنجو نظام آهي ته پوءِ سياستدانن جو احتساب به سندن ساٿي ڪري سگهن ٿا .خبر آهي ته ملڪي پرڏيهي پاليس ڪٿي ٺهندي آهي، پرڏيهي پاليس کي پنڊي کان پارليامينٽ منتقل ٿيڻ گهرجي .هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ اجلاس دوران خطاب ڪندي ڪيو .سندس چوڻ هو ته ملٽري ،عدليه سميت سمورن ادارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ،ٻڌايو وڃي ته رياست مشرف جي مامري تي ڇو ڪمزور ٿي وڃي ٿي ،کيس ڪورٽ يا ملڪ ڇو نٿو آندو وڃي .؟ ڇا ڏهاري ۽ ڪرپٽ رڳو سياستدان آهن .؟ هن چيو ته ملڪي ادارا پنهنجن حدن ۾ رهڻ بدران هڪٻئي جي اختيارين کي اورانگهين ٿا جنهن سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن .هن چيو ته نيب کي مخالفن خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي .هن گهر ڪئي ته نيب چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا وڃن .هن چيو ته وفاقي وزير چيو ته ڪجهه مسئلا اهرا آهن جيڪي پارليامينٽ ۾ نٿا ٻڌائي سگهجن ته پوءَ ڇا اسين موسم جو احوال ٻڌڻ لاءِ هتي ويٺا آهيون ،پارليامينٽ کي مان ملڻ گهرجي ،پارليامينٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي .هن چيو ته سياسي پارٽين کي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي هلايو پيو وڃي ۽ فاروڊ بلاڪ ٺاهڻ جا ماضي ۾ به ڀيانڪ نتيجا نڪتا آهن .هن جو چوڻ هو ته ماضي ۾ جيڪي به زيادتيون ٿيون آهن انهن جي ازالي ۽ مستقبل ۾ انهن کي نه دهرائڻ لاءِ ٽرٿ ريڪنسليشن ڪميشن جڻن گهرجي .

آرمي چيف 14 دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

انهن دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ 13 فوجي ۽ 3 عام شهري شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر

فوجي عدالتن طرفان وڌيڪ 20 دهشتگردن کي به قيد جي سزا ڏني وئي
آرمي چيف قمر جاويد باجوھ

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف فوجي جوانن ۽ عام شهرين کي نشانو بڻائيندڙ 14 دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايس پي آر موجب موت جي سزا ماڻيندڙ دهشتگرد سنگين ڪاررواين ۾ ملوث هئا، جن ۾ 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا، انهن دهشتگردن جو نشانو بڻجندڙن ۾ 13 فوجي ۽ 3 عام شهري شامل آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سزا ماڻيندڙ دهشتگردن مواصلات جي نظام، پوليس اسٽيشنز ۽ ادارن کي به تباهه ڪيو، انهن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ آيو هو، آءِ ايس پي آر موجب فوجي عدالتن طرفان وڌيڪ 20 دهشتگردن کي به قيد جي سزا ٻڌائي وئي

شاگردياڻين ۾ منشيات جو واهپو 75 سيڪڙو وڌي ويو: وفاقي وزير شيرين مزاري

وفاقي وزير شيرين مزاري

اسلام آباد ( م ڊ ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسلام آباد جي نجي اسڪولن ۾ شاگردياڻين طرفان منشيات جي استعمال ۾ 75 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته اسلام آباد جي نجي اسڪولن ۾ شاگردياڻين طرفان منشيات جو استعمال ڪرڻ تمام اهم مسئلو آهي، ائين ته نه ٿا ڪري سگهون ته سڀ ڪجهه ڏسون ۽ پوءِ لڪائي ڇڏيون، وفاقي وزير چيو ته هڪ غلط فهمي پيدا ٿي هئي ته 75 سيڪڙو شاگردياڻيون منشيات استعمال ڪري رهيون آهن، ائين بلڪل ناهي، سروي ۾ اهو ظاهر ٿيو آهي ته شاگردياڻين طرفان منشيات جي استعمال ۾ 75 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ اهو مسئلو تمام وڏو آهي، حل ٿيڻ گهرجي.

”تازن ڄاول ٻارن جون فوتگيون روڪڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن“ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻارن جي فوتگين کي روڪڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو

ٻارن کي صاف پاڻي، خوراڪ ۽ علاج سوڌو ٻيون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن: ٺهراءُ ۾ مطالبو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي تازن ڄاول ٻارن جون فوتگيون روڪڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، انساني حقن جي ڏينهن جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ گڏيل ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته تازن ڄاول ٻارن جون فوتگيون روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ماءُ ۽ تازي ڄاول ٻار جي صحت لاءِ صاف پاڻي، خوراڪ، علاج ۽ تحفظ جا قدم کنيا وڃن، ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته مائرن ۽ ٻارن خلاف هر قسم جا ڏوهه روڪيا وڃن