ڪوٽڙي(رپورٽ- ڌڻي بخش باريجو) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سهڪار سان جاري پاڪستان ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو ڪوٽڙي ۾ مڪمل ٿيو. ٽورنامينٽ ۾ پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جون ٽيمون پهرين مرحلي ۾ چار چار ميچز کيڏي چڪيون، جن ۾ پنجاب ٻن ميچز ۾ سوڀ ۽ ٻن ۾ شڪست کاڌي.سنڌ جي ٽيم چئن ميچز مان رڳو هڪ ئي کٽي سگهي، بلوچستان چئن مان 2 ميچون پنهنجي نانءُ ڪيون.اهڙي ريت ڪي پي چئن مان ٽن ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ مختلف ٽيمن جي نابين رانديگرن مطيع الله، عبدالرزق، راشد علي ۽ اعجاز شيخ ۽ ٻين ته ڪرڪيٽ ۾ ڪاڪردگي ڏيکارڻ جو مقصد اهو آھي ته نابين اکين کان محروم ضرور آھن پر لاچار ناهن.سپر ليگ جو افتتاح اسپورٽس ڪامپليڪس ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ سميت ٻين ڪيو.واضح رهي ته ٽورنامينٽ ليگ سسٽم تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هر ٽيم 6 ميچ کيڏي، جن مان گهڻيون ميچون کٽيندڙ 2 ٽيمون فائنل ۾ جاءِ ٺاهينديون. ٽورنامينٽ جو فائنل حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ 30 ڊسمبر تي ٿيندو.
ڪوٽڙي: آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا مقابلا
نابين هئڻ باوجود همت ناهي هاري، ڪنهن کان گهٽ ناهيون: رانديگر
ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ سريلنڪا جي هٿن مان نڪري وئي، کٽڻ لاءِ اڃا 636 رنسون گهربل
ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف ٻين ٽيسٽ ۾ سريلنڪا ڏکياين جو شڪار ٿي وئي، ٻي اننگز ۾ 24 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃائي ويٺي، ميچ کٽڻ لاءِ اڃا 636 رنسون ٺاهڻيون پونديون.
ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن نيوزلينڊ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 585 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري سريلنڪا کي612 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏنو.
ٻي اننگ جي شروعات ڪندي سريلنڪا 24 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃائي ويٺي. نيوزيلينڊ جي ٽام ليٿم شاندار سنچري اسڪور ڪري 176 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته نڪولس به پنهنجو وارو وڄائيندي 162 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان ڪمارا 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته چميرا ۽ پريرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ٻي اننگز ۾ سريلنڪا جي گناٿيلڪا 4، ڪارونارتني ٻڙي تي آئوٽ ٿيو.
پهرين اننگ ۾ ڪيوي بالر ٽرينٽ بولٽ 6 شڪار ڪيا، ٽم سائوٿي 3 ۽ گرانڊهوم هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ سريلنڪا پهرين اننگ ۾ 104 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي، جڏهن ته ڪيوي ٽيم به 178 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي. اڄ ميچ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا 636 رنسن جو هدف ماڻڻ لاءِ ميدان تي لهندي.
عمرڪوٽ ۾ آل پاڪستان والي بال ٽورنامينٽ اڄ کان شروع
عمرڪوٽ ( رپورٽ الله بخش آريسر ) مرحوم ڊاڪٽر علي محمد ورياماڻي ميموريل آل پاڪستان والي بال ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو ويو. ٽورنامينٽ اڄ کان شروع ٿيندي.
29هين ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ چيو ته عمرڪوٽ ۾ شخصيتن جي نالن تي آل پاڪستان والي بال شوٽنگ ٽورنامينٽ ڪرائيندڙن کي شاباس هجي،جن سدائين ضلعي ۾راندين جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ٽورنامينٽ جو افتتاح ڊي سي ڪيو، ٽورنامينت ۾15 کان وڌيڪ ٽيمون حصو وٺنديون.جن ۾ آل عثمان لاهور، شوٽنگ والي بال ڪلب، 2. پنجاب پوليس اوڪاڙو والي بال ڪلب، ساهيوال والي بال ڪلب، گنج شڪر والي بال ڪلب عارف والا، جهنگ والي بال ڪرڪيٽ ڪلب، چڪوال والي بال ڪلب، مزمل ڪلب پنو عاقل، ذوالفقار ڪلب پنو عاقل ۽ ٻيون ٽيمون شامل آهن.
ٽورنامينٽ آرگنائيزر عمرڪوٽ اڪبر اعظم، شوٽنگ والي بال ڪلب طرفان هر سال ڪرايو ويندو آهي.
پي سي بي ھيڊڪوچ مڪي آرٿر جي دفاع ۾ ميدان ۾ اچي وئي
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ٽيم جو مينيجر طلعت علي سينيئر رانديگرن کي گٿا لفظ ڳالهائيندڙ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي دفاع لاءِ ميدان تي اچي ويو.
پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته سنچورين ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن راند ختم ٿيڻ تي مڪي آرٿر جي مينجمينٽ ۽ رانديگرن سان ملاقات ٿي هئي، پر ان ۾ ڪا ڳالهه معمول کان هٽيل نه هئي.
قومي ٽيم جي مينيجر طلعت علي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم جي مينجمينٽ ۽ رانديگر متحد ۽ هاڪاري نتيجا ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن.
ياد رهي ته سنچورين ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن ختم ٿيڻ تي ميڊيا ۾ اهي اطلاع هئا ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر غيرذميواراڻي بيٽنگ تي سينيئر رانديگرن سان ڏند چڪ ڏنا هئا، ۽ ڊريسنگ روم ۾ پڻ ٽوڙ ڦوڙ به ڪئي.
ڪيوي بالر ٽرينٽ بولٽ خطرناڪ بالنگ جو رڪارڊ جوڙي ورتو

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ خطرناڪ اسپيل ذريعي رڪارڊ جوڙي ورتو.
بولٽ بنا ڪنهن رنسن ڏيڻ جي لڳاتار 5 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون، مجموعي طور ڪيريئر بيسٽ 30 رنسن عيوض 6 وڪيٽن جي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. بهترين ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ 5 وڪيٽن تي 100 رنسون ٺاهيندڙ سريلنڪن ٽيم 104 تي ڍير ٿي وئي، ان اسپيل کان 45 منٽ اڳ بولٽ هڪ به وڪيٽ نه وٺي سگهيو هو.
قومي ٽيم لاءِ سٺي خبر، فاسٽ بالر محمد عباس فٽ ٿي ويو
محمد عباس هاڻي مڪمل فٽ آهي، جلد ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کيڏندو

سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عباس فٽ ٿي ويو، ڏکڻ آفريقا خلاف ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت ڪندو. قومي فاسٽ بالر زخمي ٿيڻ سبب سنچورين ٽيسٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو.
قومي ٽيم جي مئنيجمينٽ ٻڌايو ته فاسٽ بالر محمد عباس هاڻي مڪمل طور فٽ ٿي ويو آهي.
محمد عباس انجري سبب سنچورين ٽيسٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو، هاڻي مڪمل طور فٽ ٿيڻ سان ئي هو ڏکڻ آفريقا خلاف ٻين ٽيسٽ ۾ ميدان تي لهندو.
ميلبورن ٽيسٽ: ڀارتي بالر بمرا ڪينگروز جا ترا ڪڍي ڇڏيا
ٻي اننگز ۾ ڀارت 5 وڪيٽن تي 54 رنسون ٺاهي 346 رنسن جي سرسي ماڻي ورتي، ڀارتي ڪپتان ٻڙي تي آئوٽ ڀارتي بالر بمرا 6 شڪار ڪري هٿ صاف ڪيا
ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت خلاف آسٽويلوي ٽيم ٻي اننگز ۾ 151 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڀارت فالو آن جو فيصلو نه ڪندي 5 وڪيٽن تي 54 رنسون ٺاهي 346 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ميلبورين ٽيسٽ ۾ ڀارتي بالر جسپريت بمرا ڪينگروز بيٽسمينن کي ڪيريز تي بيهڻ نه ڏنو، ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن آسٽريليا جي سڄي ٽيم 151 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارت طرفان بمرا 6 شڪار ڪيا، جديجا 2، اشانت شرما ۽ محمد شامي هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي فالو آن نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي ٻي اننگز شروع ڪئي. اهڙي ريت ڀارت ٻي اننگز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 54 رنسون ٺاهيندي آسٽريليا تي 346 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ پجارا کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته وِهاري 13 ۽روهيت شرما 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. اگروال 28 ۽ پنت 6 رنسن سان ناٽ آئوٽ آهن. ٻي اننگز آسٽريلوي بالر ڪمنز به شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ وٺي سگهيو. ان کان اڳ ڀارت پهرين اننگ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 443 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي هئي.
نوشهري فيروز ڀرسان دوستاڻو ميچ : موري وارن نورپور کي هارايو
نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهري فيروز ڀرسان مورو ٽيم 8 وڪيٽن تان نورپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ڳوٺ راهب مورو ۾ شهيد قربان علي مورو جي ياد ۾ جونيئر رانديگرن جي ڪرايل ڪرڪيٽ ميچ ۾ شاهه عبداللطيف يوسي راهب مورو جي ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ڪنگ اليون يوسي نورپور جي ٽيم مقرر 8 اوورن ۾ 44 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ شاهه عبداللطيف راهب مورو ٽيم گهربل هدف 5 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ کٽي.
امتياز سرور مورو کي 25 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر وارو ايوارڊ ڏنو ويو. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن علي اڪبر مورو، استاد معشوق وڳڻ، استاد رحمت الله مورو، ۽ ٻين ڪامياب جونيئر ٽيم جي رانديگرن کي ٽرافي ڏيڻ سان گڏ ٻيا انعام ڏنا.
قبي سعيد خان ۾ مينگل لائنز ٽي 10 ڪرڪيٽ ليگ کٽي ورتي
قبو سعيد خان (ن پ ا) قبي سعيد خان ۾ مينگل لائنز شاهه ڀٽائي ٽيم کي 61 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي 10 ڪرڪيٽ ليگ کٽي ورتي.
فائنل مقابلي ۾ مينگل لائين زٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پهرين کيڏندي مينگل لائنز مقرر 10 اوررن ۾ 121 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ پرويز بروهي 44 ۽ بابن کرل 24 رنسون ٺاهيون. شاھ ڀٽائي طرفان نادر کوسي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو .
جواب ۾ شاھ ڀٽائي جي 60 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، مينگل لائينز طرفان سلمان مينگل شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي فقط 3 اوررن ۾ 15 رنسون ڏئي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ان موقعي تي خاص مهمان پ پ سٽي اطلاعات سيڪريٽري گل حسن مگسي فاتح ٽيم جي ڪپتان صدام مينگل کي ٽرافي ڏني، جڏهن ته ڪپتان صدام مينگل کي ميچ کٽڻ تي سينئر ڪريڪيٽر وقاراحمد کوسي هڪ هزار رپيا روڪ انعام پڻ ڏنو.
سنڌڙي: جيلاني اليون شهيد سورهيه بادشاهه ٽورنامينٽ کٽي ورتو
ڪنڊياري جي جيلاني اليون ٽيم فقير اليون کي 11 رنسن تان هارائي ٽورنامينٽ کٽي
سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان ڪنڊيار جي ٽيم جيلاني اليون فقير دلبر مهر ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي. ڳوٺ مير عبدالله ٽالپر ۾شھيد سورھيه بادشاھ جي ياد ۾ ڪرايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي جيلاني اليون مقرر 3 اوورن ۾ ڪل 29 رنسون ٺاهي سگهي، جواب فقير اليون صرف 18 رنسون ٺاھي ٽورنامينٽ هارايو.
4 ڏينھن کان جاري ٽورنامينٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ سانگھڙ، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعن جي 17 ٽيمن حصو ورتو.
ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ بعد خاص مھمان فقير امان الله ۽ منير نوھڙي ڪامياب ٽيم کي ٽرافي ڏني، ان سان ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنل شھباز ٿيم کي ٽرافي ۽ روڪ رقم 10 ھزار رپين جو انعام ڏنو، جڏهن ته مين آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنل عاشق کي به ٽرافي ڏني وئي، ان سان گڏ رنر اپ فقير اليون جي ٽيم جي ڪپتان ڊي ايم مھر کي رنر اپ ٽرافي ۽ روڪ رقم جو انعام ڏنو.
سنچورين ٽيسٽ: پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست
ڏکڻ آفريقا 149 رنسن جو حدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، هاشم آملا 63 ۽ باووما 13 رنسون ٺاهيون، اوپنر مرڪرم حسن علي جو شڪار بڻيو

سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان ڏنل 149 رنسن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم جي هاشم آملا ۽ ڊين ايلگر ٻئين وڪيٽ تي 119 رنسن جي ڀائيواري ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
ڏکڻ آفريقي اوپنر ايڊن مرڪرم حسن جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ڊين ايلگر کي 5 رنسن تي پارٽم ٽائم بالر شان مسعود آئوٽ ڪيو.
سنچورين ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ هاشم آملا 63 ۽ باووما 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
ان کان اڳ پاڪستان پهرين اننگز ۾ 181 ۽ ٻي ۾ 190 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 223 رنسون ٺاهي سگهي هئي.
ٽيسٽ جو پهريون ۽ ٻيون ڏينهن بالرن جي نالي رهيو، ٻنهي ڏهاڙن ۾ 15-15 وڪيٽون ڪريون.
خانپور ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سپر اسٽار کي مات
المصطفيٰ ٽيم 72 رنسن تان سپر اسٽار ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪيو، فاروق بهترين رانديگر جو اعزاز ماڻيو

خانپور( رپورٽر) خانپور ۾المصطفيٰ ٽيم 72 رنسن تان سپر اسٽار ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
خانپور ڪرڪيٽ اسٽيڊيم م خانپور ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي کيڏيل فائنل مقابلي ۾ المصطفيٰ پھريان بيٽنگ ڪندي سپر اسٽار ٽيم کي 169 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.
سپر اسٽار ڪرڪيٽ ٽيم مقرر اوورن 97 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي ريت المصطفيٰ ڪرڪيٽ ٽيم 72 رنسن تان ٽورنامينٽ پنھنجي نالي ڪيو.
ميچ م سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ تي نويد قريشي کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ م بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فاروق آرائين کي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
خاص مھمان علي مراد سيٺار، استاد محمد سليم ۽ ٻين ڪامياب ٽيم المصطفيٰ جي ڪپتان مصطفيٰ آرائين ۽ فائنل ھارائيندڙ سپر اسٽار ٽيم جي بھادر بلوچ کي ٽرافي ۽ انعام ڏنا.
پاڪستان ويٽرن هاڪي ٽيم لاڙڪاڻي کي گهمائي لاٿو

سکر(بيورو پورٽ) پاڪستان ويٽرن هاڪي اليون لاڙڪاڻه هاڪي اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي.
لاڙڪاڻي ۾ کيڏيل کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ويٽرن جي ٽيم لاڙڪاڻه اليون کي زيرو ج يڀيٽ ۾ 3 گول ڪري ڪاميابي ماڻي۔ پاڪستان ويٽرن طرفان اولمپيئن سمير احمد 2 ۽ اولمپيئن قمر ابراهيم هڪ گول ڪيو۔
پاڪستان ويٽرن ٽيم جي اڳواڻي اصلاح الدين ڪري رهيو هو ۽ لاڙڪاڻو جي ڪپتاني اولمپئن پرويز اقبال ڪئي۔ ميچ جي خاص مهمان پ پ ايم پي اي ندا کهڙو هئي، جنهن سان گڏ سيڪريٽري اسپورٽس هارون احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس لاڙڪاڻو محمد حسين مڪاني، ڊائريڪٽراسپورٽس حيدرآباد ارشاد مخدوم، سيڪريٽري هاڪي ايسوسئيشن محمد رمضان جمالي، خادم حسين گوپانگ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔
ان۔موقعي تي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن جي ڪپتانن کي ٽرافيون ڏنيون ويون۔
بولٽ سريلنڪن بيٽنگ جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، 15 منٽن ۾ 6 وڪيٽون، نيوزيلينڊ جي پوزيشن مضبوط
ڪرائيسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ بولٽ هٿان تباهي جو شڪار ٿي وئي. ميچ جي ٻي ڏينهن سريلنڪا 4 وڪيٽن تان 88 رنسن تان اننگز شروع ڪئي پر ٽرينٽ بولٽ تباهي ڪندڙ بالنگ ڪندي سريلنڪن بيٽسمينن کي هڪ منٽ به ڪريز تي بيهڻ نه ڏنو ۽ هڪٻئي پٺيان سريلنڪا جا بيٽسمين آئوٽ ٿيندا ويا. سريلنڪا 94 رنسن تي 4 وڪيٽن تان 104 رنسن تي ڍير ٿي وئي. آخري ڇهه وڪيٽون ٽرينٽ بولٽ جي هٿ آيون، جڏهن ته ٽم سائوٿي اڳ ئي 3 شڪار ڪيا هئا. نيوزلينڊ پنهنجي ٻي اننگز پراعتماد طريقي سان شروع ڪئي ۽ ڏينهن جي پڄاڻي تائين 231 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃايون، جڏهن ته نيوزلينڊ سريلنڪا مٿان 305 رنسن جي برتري حاصل ڪري ميچ کٽڻ جا امڪان چٽا ڪري ڇڏيا آهن. نيوزيلينڊ طرفان ليٿن 74 رنسن تي ناٽ آئوٽ، وليمسن 48 ۽ جيت راول 74 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.
سرفراز ٻنهي اننگز ۾ ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ ٽيون پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر ڪپتان بڻجي ويو
سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد سنچورين ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي راشد لطيف ۽ امتياز احمد بعد ٻنهي اننگز ۾ ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ ٽيون پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر ڪپتان بڻيو. ڪالهه سنچورين ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ ڪپتان سرفراز احمد پهريون ڀيرو ٻڙي تي آئوٽ ٿيو.