fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪنڊيارو ٽي 20 ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه بخاري ميموريل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ ڪنڊياري جي ٽيم نوشهري فيروز جي ٽيم کي 98 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي.
ڊگري ڪاليج جي ميدان تي جاري ٽورنامينٽ ۾ يونس ڪرڪيٽ ڪلب نوشھروفيروز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. شاھه ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب ڪنڊيارو بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 284 رنسون ٺاھيون. اظھر علي 24 بالن تي 78، زين انصاري 22 بالن تي 62 ۽ فھيم 29 تي61 رنسون ٺاھيون.
يونس ڪرڪيٽ ڪلب جي آصف علي ۽ مجيب ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
جواب ۾ يونس ڪرڪيٽ ڪلب نوشھروفيروز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 186 رنسون ٺاھي سگهي. سراج تنيو 35 بالن تي 58 ۽ ڪبير خان 25 رنسون ٺاھي نمايان رھيا.
شاھه ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب ڪنڊيارو جي لياقت پولو، مشتاق ۽ اظھر علي ٻه ٻه وڪيٽون ۽ زين انصاري ھڪ وڪيٽ ورتي. اھڙي طرح شاھه ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب ڪنڊيارو 98 رنسن تان مئچ کٽي سيمي فائنل ۾ پھچي وئي.

قومي ٽيم جي فٽنيس معاملن تي انتظاميه جو ٻٽو معيار آهي: عاقب جاويد

اڳوڻو فاسٽ بالر عاقب جاويد

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد ٽيم انتظاميه کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ٽيم جي فٽنيس معاملن تي انتظاميه جو ٻٽو معيار آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته فٽنيس ڪلچر جي دعويدار مئنيجمينٽ خاص رانديگرن کي رعايت ڏي ٿي، ٽيم انتظاميه کان اهو سوال ڪرڻ واجب آهي ته جڏهن ته ٽن رانديگرن جي فٽنيش شڪي هئي ته پوءِ کين ڏکڻ آفريقا ڇو وٺي وئي.
هن چيو ته جن رانديگرن کي گذريل دورن ۾ فٽنيس مسئلن تي واپس اماڻيو ويو هو ته اهي ٽيم انتظاميه جي اهڙن فيصلن تي ڇا سوچيندا هوندا.
سندس چوڻ هو ته محمد عرفان ۽ وهاب رياض ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جا بهترين بالر آهن، پر کين ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان ٻاهر ڪيو ويو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ عاقب جاويد جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريقا دوري تي ويندڙ پاڪستاني بيٽسمينن کي پچ بائونس جو اندازو ناهي هوندو، امام الحق ۾ ٽيلنٽ آهي، پر کيس ڏکين حالتن ۾ سکڻ لاءِ وقت لڳندو.

عمران خان جي ڀارت خلاف شاندار اسپيل کي 36 سال مڪمل

عمران خان فائيل فوٽو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري آل رائونڊر ۽ هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان جي روايتي حريف ڀارت خلاف شاندار بالنگ اسپيل کي 36 سال مڪمل ٿي ويا.
27 ڊسمبر 1982 تي ڪراچي ٽيسٽ دوران 66 ورهين جي عمران خان ڀارت خلاف 60 رنسن عيوض 8 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته ميچ ۾ 79 رنسون ڏئي 11 ڀارتي رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري هئي.
پاڪستان ان ميچ ۾ ڀارت کي اننگز ۽ 86 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
عمران خان جي شاندار بالنگ کي 36 سال پورا ٿيڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي ان ڏهاڙي کي ياد ڪندي عمران جي شاندار بالنگ جو ڏينهن ملهايو.

شهدادپور ۾ سپرليگ جي سيمي فائنل ۾ العباس اليون کي شڪست، الشهباز فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

شھدادپور (رپورٽ: عبدالحميد کوسو) شهدادپور ۾الشهباز اليون العباس اليون کي مات ڏئي مقصودو محب علي سپر ليگ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
مقصودو محب علي سپر ليگ ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ميچ ۾ الشهباز اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. الشهباز اليون مقرر 10 اوورن ۾ مير تاج ٽالپر، پرويز بروهي، رفيق احمد ۽ اعجاز احمد رند جي بيٽنگ سبب 160 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ العباس اليون جي سڄي ٽيم 135 رنسن تي ڍير ٿي وئي. مير تاج ٽالپر کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي مهمان خاص قربان علي رند فاتح ٽيم جي بهترين قرار ڏنل رانديگر کي ميڊل ڏنو.
ٽونامينٽ جو فائنل الشهباز اليون ۽ الحيدري اليون ٽيمن وچ ۾ آچر ڏينهن کيڏيو ويندو.

شهداد پور ڀرسان جنوري ۾ چيمپئنز ٽرافي ڪرائڻ جو اعلان

شهداد پور (ن پ ا) شهداد پور ڀرسان ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جنوري ۾ چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين مجيب الرحمان رند جي اڳواڻي ۾ مختلف ٽيمن جي ڪپتانن گڏجاڻي ڪري مقصودو رند ۾ ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
هنن چيو ته ٽورنامينٽ ۾ شهدادپور سميت مختلف علائقن جي 30 ٽيمن ۾ مقابلا ٿيندا. جنهن ۾ هر هڪ ڪپتان چئمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجون ٽيمون رجسٽرڊ ڪرائيندا.
سندن چوڻ هو ته چيمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ فاتح ٽيم کي هڪ عدد موٽر سائيڪل، رنر اپ ٽيم ٽيم کي 30 هزار روڪ رقم، جڏهن ته سيريز جي بهترين رانديگر کي 10 هزار روڪ انعام ڏنا ويندا.
ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اطلاعات سيڪريٽري منور علي رند موجب چيمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ هر سال ڪرائيندا آهيون، نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ راند جو وڏو ٽيلنٽ موجود آهي.
هن چيو ته ايندڙ سال جون ۽ جولاءِ ۾ ضلعي سطح تي جشن آزادي ڪپ پڻ ڪرائينداسين، جنهن ۾ فاتح ٽيم کي ڏيڍ لک روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو انعام ڏنو ويندو.

بي بي ايل: ميلبورن اسٽارز سڊني سڪسرز کي مات ڏئي ڇڏي

سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ ۾ ميلبورن اسٽارز 5 وڪيٽن تان سڊني سڪسرز کي هارائي ڇڏيو.
سدني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي بيگ بيش ليگ جي 10هين ميچ ۾ ميلبورن اسٽارز ٽاس کٽي پهرين فليڊنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي سڊني سڪسرز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهي سگهي. جي سي سِلڪ 41 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. سين ايبٽ 22 ۽ هيوز 20 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.
مليبورن اسٽارز طرفان ڪوليمن 3، لميڪهناني ۽ ڊي جي براو 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته زامپا ۽ ميڪسويل هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ميلبورن اسٽارز 15 هين اوور جي آخري بال ۽ 5 وڪيٽن جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ کٽي. هينڊز ڪومب شاندار بيٽنگ ڪندي 70 رنسون ٺاهيون، لرڪِن 20 ۽ اسٽوئنس 10 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
سڊني سڪسرز طرفان ورشوئز 3 ۽ او ڪِيف 2 وڪيٽون وٺي سگهيا. جڏهن ته 35 بالن تي 70 رنسون ٺاهڻ تي پيٽر هينڊز ڪومب کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: پوجارا جي سينچري، ڀارت 443 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي

آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان تي ٻي ڏينهن جي پڄاڻي تي 8 رنسون ٺاهي ورتيون

پهرين اننگز ۾ ورات ڪوهلي 82 رنسون ٺاهيون، پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻي ڏينهن ورات ڪوهلي پاران 443 رنسن تي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جواب ۾ آسٽريليا ڏينهن جي پڄاڻي تي بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ڀارت طرفان ٻي ڏينهن جي شروعات ورات ڪوهلي ۽ چتيشور پوجارا ڪئي ۽ اسڪور کي 295 تائين پهچايو.
ورات ڪوهلي غلط شاٽ کيڏندي 82 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پوجارا 102 رنسون ٺاهي ويو. رشي پانٽ 39 اسڪور ڪيو، جڏهن ته روهت شرما 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ورات ڪوهلي پاران ڏينهن جي پڄاڻي کان ٿوري دير پهريان اننگز 443 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي.
آسٽريليا طرفان پيٽر ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ٻي اننگز ۾ ڏينهن جي پڄاڻي تائين ڪينگروز بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

ورات ڪوهلي آسٽريليا ۾ راهول ڊريوڊ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ڪوهلي آسٽريليا ۾ سال اندر وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي بڻجي ويو

ورات ڪوھلي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي دنيا جو ڪنگ ورات ڪوهلي هڪ پٺيان ٻيو رڪارڊ جوڙي رهيو آهي. ڀارت جي رنسن جي مشين ڪپتان ڪوهلي آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن 82 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن کانپوءِ هن راهول ڊريوڊ جو پرڏيهي پچن تي هڪ سال اندر جوڙيل 1137 رنسن جو رڪارڊ پڻ ٽوڙيو. ورات ڪوهلي هڪ سال اندر پرڏيهه ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي ڪرڪيٽر بڻجي ويو. ڪوهلي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٽيون وڏو اسڪور ڪندڙ ڀارتي ڪپتان پڻ بڻجي ويو.

پونٽنگ بال ٽيمپرنگ بابت بيان تي بينڪرافٽ مٿان ڪاوڙجي پيو

بينڪرافٽ پنهنجي ڪرڪيٽ راند کي گهڻو نقصان پهچايو آهي: رڪي پونٽنگ

بينڪرافٽ جي ڳالهين تي مونکي وڏي حيراني ٿي آهي: اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا جو اڳوڻو ڪپتان رڪي پونٽنگ بال ٽيمپرنگ ۾ 9 مهينن جي معطلي کي منهن ڏيندڙ بين ڪرافٽ مٿان ڪاوڙجي پيو آهي. ڪالهه بين ڪرافٽ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته کيس بال خراب ڪرڻ لاءِ ڊيوڊ وارنر چيو هو، جنهن جي ڳالهه ٻڌندي هن بال ٽيمپرنگ ڪئي هئي. ان بيان تي رڪي پونٽنگ پاران بينڪرافٽ مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته بينڪرافٽ پنهنجي راند کي گهڻو نقصان پهچائي چڪو آهي، 9 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود اهڙيون ڳالهيون ورجائڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ڊيوڊ وارنر، اسٽيو سمٿ۽ بين ڪرافٽ جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ پراڻي واقعن کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر بينڪرافٽ پاران اهڙيون ڳالهيون مايوس ڪندڙ آهن.

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا 223 رنسن تي ڍير، پاڪستان مٿان 43 رنسن جي برتري

پهرين اننگز ۾ پروٽيز 223 رنسون ٺاهي پاڪستان مٿان 42 رنسن جي برتري حاصل ڪئي

محمد عامر ۽ شاهين شاهه آفريدي جا 4- 4 شڪار، حسن علي جون 2 وڪيٽون
پاڪستان جي ميچ ۾ واپسي

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ پهرين باڪسنگ ٽيسٽ جاري آهي، ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگز ۾ 223 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان مٿان 42 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان طرفان محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شاندار بالنگ ڪندي چار چار وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته حسن علي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ڏکڻ آفريڪا پاران بوما 53 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته ڊي ڪاڪ 45 رنسون ٺاهي ڏکڻ آفريڪا کي برتري ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان پهرين اننگز ۾ 181 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا پهرين ڏينهن پنج وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون هيون. ٻي ڏينهن جي شروعات ۾ ڏکڻ آفريڪا شروع ۾ ئي ڏکيائين جو شڪار رهي هئي پر ڊي ڪاڪ 45 ۽ رباڊا 19 رنسون ٺاهي برتري حاصل ڪئي. پاڪستان کي ٻي اننگز ۾ هدف کان پهريان 43 رنسن جو خسارو ختم ڪرڻو پوندو.

نيوزيلينڊ پاران سريلنڪا خلاف ون سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان

جيمز نيشم، ڊوگ بريسويل کي به 3 ون ڊي ميچن لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو

سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 3 جنوري کان شروع ٿيندي

ويلنگٽن (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پاران سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مارٽن گپٽل جي وڏي عرصي کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي آهي. ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ ڪيويز پاران پاڪستان خلاف ڊراپ ڪيل جيمز نيشم ۽ ڊوگ بريسويل کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ٽيم ۾ ڪين وليمسن (ڪپتان) ٽرينٽ بولٽ، ڊوگ بريسويل، جيمز نيشم، مارٽن گپٽل، ميٽ هينري، لوڪي فرگوسن، هينري نڪولس، ڪولن منرو، ٽم اسٽافئر، اش سوڍي، ٽم سائوٿي ۽ روس ٽيلر شامل آهن. نيوزيلينڊ ايندڙ سال ورلڊ ڪپ کان اڳ 11 ون ڊي ميچن، سريلنڪا، ڀارت ۽ بنگلاديش خلاف کيڏندي جنهن کي نظر ۾ رکندي ٽيم جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: پوجارا جي سينچري، ڀارت 443 رنسن تي اننگز ڊڪليئر

آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان تي ٻي ڏينهن جي پڄاڻي تي 8 رنسون ٺاهي ورتيون

پهرين اننگز ۾ ورات ڪوهلي 82 رنسون ٺاهيون، پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون
پوجارا سينچري تي ڪوهلي کان مبارڪ وصول ڪندي

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻي ڏينهن ورات ڪوهلي پاران 443 رنسن تي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جواب ۾ آسٽريليا ڏينهن جي پڄاڻي تي بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ڀارت طرفان ٻي ڏينهن جي شروعات ورات ڪوهلي ۽ چتيشور پوجارا ڪئي ۽ اسڪور کي 295 تائين پهچايو.
ورات ڪوهلي غلط شاٽ کيڏندي 82 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پوجارا 102 رنسون ٺاهي ويو. رشي پانٽ 39 اسڪور ڪيو، جڏهن ته روهت شرما 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ورات ڪوهلي پاران ڏينهن جي پڄاڻي کان ٿوري دير پهريان اننگز 443 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي.
آسٽريليا طرفان پيٽر ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ٻي اننگز ۾ ڏينهن جي پڄاڻي تائين ڪينگروز بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

پاڪستان ٽي 20 فارميٽ ۾ 2018 جي بهترين ٽيم رهي

گرين شرٽس سڄو سال ٽي 20 رينڪنگ تي حڪمراني ڪندي رهي

سال جي ڇهه ئي سيريزن ۾ پاڪستاني ٽيم ڪاميابيون حاصل ڪيون
پاڪستاني ٽيم ٽي 20 ٽرافي سان گڏ

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سال 2018 ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ تي حڪمراني ڪئي ۽ سال ۾ کيڏيل 6 سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سڄي سال دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهريون نمبر ٽيم رهي. سال ۾ ڪل کيڏيل 19 ميچن مان 17 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سال جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن تان شڪست ڏني، ويسٽ انڊيز کي ٽن ٽي 20 ميچن ۾ وائيٽ واش ڪيو. زمبابوي ۾ ٽي 20 سيريز پڻ کٽي، جڏهن ته آسٽريليا کي يو اي اي ۾ ٽي 20 سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو، جڏهن ته نيوزلينڊ کي پڻ وائيٽ واش ڪيو. اهڙي طرح مجموعي طور پاڪستان 19 ميچن مان ٻن ميچن ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ خلاف شڪست ملي، باقي 17 ميچن ۾ ڪامياب ٿيو. پاڪستان طرفان فخر زمان ٽاپ اسڪورر 576، شاداب خان 28 وڪيٽون حاصل ڪيون.

اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل

اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان کي باضابطا طور هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو

پونٽنگ 168 ٽيسٽ، 375 ون ڊي ۽ 17 ٽي 20 ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي
گلين ميڪگرا پونٽنگ کي اعزازي ڪيپ ڏيندي

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي ڀلوڙ بيٽسمين ۽ ڪپتان رڪي پونٽنگ کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميلبورن ۾ جاري ٽئين ٽيسٽ ميچ جي موقعي تي ميلبورن ڪرڪيٽ ۾ کيس يادگار ٽوپي ڏني وئي. رڪي پونٽنگ آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ٿيندڙ 25 آسٽريلوي رانديگر آهي. ان موقعي تي رڪي پونٽنگ پنهنجو پاڻ کي ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ رانديگرن ۾ شامل ڪرڻ تي اعزاز سمجهيو. هلندڙ سال ڀارت جي راهول ڊريوڊ ۽ انگلينڊ جي ڪليئر ٽيلر کي آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. رڪي پونٽنگ 168 ٽيسٽ ميچن، 375 ون ڊي ۽ 17 ٽي 20 ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي، هو پنهنجي دور جي بهترين بيٽسمينن مان هڪ هو.

افغان ڪرڪيٽ ليگ جي فائنل ۾ چارسده ۽ پشاور اڄ آمهون سامهون

پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ) افغان ڪرڪيٽ ليگ جو فائنل اڄ ٿيندو. افغان ڪمشنر يٽ جي انتظامن هيٺ جاري افغان ڪرڪيٽ ليگ جو فائنل اڄ پشاور جي ميڊيڪل گرائونڊ تي کيڏيو ويندو. فائنل ۾ چارسده ۽ پشاور جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
. ان موقعي تي ڪمشنر افغان ڪمشنريٽ عباس طخان، ڊائريڪٽر جنرل افغان ڪمشنريٽ وقار معروف ۽ يو اين ايڇ سي آر جي نمائندن سميت ٻيون اهم شخصيتون به موجود هونديون. چيمپئن شپ ۾ خيبر پختونخوا جي مختلف ڪئمپن ۾ ترسيل افغانين جي 10 ٽيمن حصو ورتو، پهرين سيمي فائنل ۾ چارسده هري پور کي 4 وڪيٽن تان جڏهن ته ٻي سيمي فائنل ۾ پشاور نوشهره فرينڊز کي شڪست ڏئي فائنل کيڏڻ جو اعزاز ماڻيو.