fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پاڪستاني ٽيم جي آفريڪي دوري تي پهرين آزمائش

گرين شرٽس انوائيٽيشن اليون خلاف 3 ڏينهن جي پريڪٽس ميچ کيڏندي

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز)  ڏکڻ آفريڪا ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو امتحان شروع ٿي ويو آهي، اڄ پهرين ننڍي امتحان ۾ گرين شرٽس آفريڪا جي انوائيٽيشن اليون خلاف 3 ڏينهن جي پريڪٽس ميچ بينوني ۾ کيڏندي. ڏکڻ آفريڪا ۾ پاڪستاني ڪپتان توڙي ڪوچ بيٽنگ جي بهتري لاءِ پراميد آهن. پاڪستان ٽيم اڳ ۾ ئي ڏکيائين جو شڪار آهي، انجريز سبب سندس اهم هٿيار محمد عباس، فخر زمان زخمي ٿيل آهن، جڏهن ته شاداب خان پڻ زخمين جي لسٽ ۾ شامل آهي. ٽي ڏينهن جي پريڪٽس ميچ 21 ڊسمبر تائين جاري رهندي، جڏهن ته کيڏي ويندڙ گرائونڊ 26 ڊسمبر واري گرائونڊ کان 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

هندي ميڊيم جي سيڪيئول ۾شاهه رخ ۽ ڪاجول جي نالن تي غور

هندي ميڊيم جي سيڪيئول ۾ شاهه رخ خان ۽ ڪاجول ڪم ڪرڻ جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو

صبا قمر ۽ عرفان ,شاهه رخ ۽ ڪاجول

ممبئي (شوبز نيوز ) صبا قمر ۽ عرفان خان جي بالي ووڊ فلم ” هندي ميڊيم“ بلاڪ باسٽر ثابت ٿي هئي، جنهن ڀارت ۾ 3 سئو ڪروڙ روپين جو بزنس ڪيو هو، هاڻ ان ڪامياب فلم جو سيڪيول ٺاهيو ويندو.  ڀارتي ميڊيا موجب فلسمازن ان سلسلي ۾ عرفان خان سان لنڊن ۾ ملاقات پڻ ڪئي، جيڪو نيورو اينڊوڪرائن ڪينسر جي علاج ڪرائي رهيو آهي،فلم هدايتڪار  بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ ڪاجول کي ” هندي ميڊيم “ جي سيڪوئل ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دنيش ويجان ۽ ڀوشن ڪمار جي پروڊڪشن ۽ ساڪت چوڌري جي هدايتڪاري هيٺ ٺاهيل فلم هندي ميڊيم جي ڪهاڻي چاندني چوڪ جي شادي شدا جوڙي جي زندگي تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي نينگري کي انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ دهلي لڏي ويندا آهن.

رانديگرن کي پنهنجي غلطين مان سکڻ گهرجي: يونس خان

غلطيون ڪندو هيس، پر انهن غلطين مان سکندو هيس: يونس خان جون ڳالهيون

يونس خان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڀلوڙ رانديگر يونس خان چيو آهي ته رانديگرن کي پنهنجا بنياد مضبوط ڪرڻا پوندا، هو جلد آئوٽ ٿي ويندو هو پر انهن غلطين کي سڌارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو. ڪراچي ۾ پي سي بي ايڪڊمي مان عورت ڪرڪيٽرن کي يونس خان ليڪچر ڏنو، جنهن ۾ ڪوچ به موجود هئا. يونس خان چيو ته جڏهن هو ڪريز تي ويندو هو ته پهريان ست اٺ بال کيڏڻ ڏکيو هوندو هو، راند کان وڌيڪ زندگي جو پريشر کي قابو ڪرڻ سکو. هن چيو ته عورت ڪرڪيٽر حساس هونديون آهن، ڪوچ ان دوران سندن خاص خيال رکندا آهن، ڪوچز کي عورتن جي راند تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي گهرجي، جڏهن ته عورتون ميدان ۾ اچي ويون آهن ته کين گهڻيون قربانيون ڏيڻيون پونديون.

ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي جي معاملن کي وقت تي ڇڏي ڏنو

شادي لاءِ وقت مقرر ناهي هوندو، جڏهن وقت آيو ته پاڻ ئي ٿي ويندي: ڪترينا

ضرورت پئي ته شادي لاءِ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪندس: بالي ووڊ باربي ڊول

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي جي حوالي سا نيٺ بيان ڏنو آهي. ممبئي ۾ پنهنجي نئين ايندڙ فلم “زيرو” جي مشهوري تقريب دوران صحافين پاران شادي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪترينا ڪيف چيو ته سندس شادي جي سڀني کي فڪر آهي ته مان ڪڏهن ڪنديس، پر منهنجو مڃڻ آهي ته شادي لاءِ ڪا منصوبابندي ناهي ڪبي، مان اها وقت تي ڇڏي ڏني آهي. شادي اهڙي شيءِ ناهي جو توهان انٽرنيٽ تي وڃي بٽڻ دٻايو ۽ گهوٽ حاضر ٿي وڃي، ان ۾ وقت لڳندو آهي، منهنجي لاءِ شادي جي منصوبابندي غير ضروري آهي. جيڪڏهن شادي ٿيڻي هوندي ته پاڻ ئي ٿي ويندي. ڪترينا ڪيف چيو ته جيڪڏهن مونکي ضرورت محسوس ٿي شادي لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ڇڏيندس.

فلپائني حسينا مس يونيورس جو مقابلو کٽي ورتو

فلپائني اداڪاره، گلوڪاره ۽ ٽي وي ميزنان کي مس يونيورس چونڊيو ويو

ڪيٽريونا گري مس يونيورس

لاس اينجلس(شوبز نيوز) فلپائني گلوڪاره، اداڪاره، ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان ڪيٽريونا گري مس يونيورس 2018ع جو تاج کٽي ورتو آهي.  پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائني آسٽريلوي گلوڪاره، اداڪاره ۽ ٽي وي ميزبان ڪيٽريوناگري بينڪاڪ ۾ ٿيل 2018ع جي مس يونيورس جي حسن جو مقابلو کٽي ورتو، جنهن ۾ هن 93 ٻين ملڪن جي عورتن کي شڪست ڏني. مس يونيورس جي حسن جي مقابلي ۾ مس يونيورس 2017ع جي ڏکڻ آفريقا جي ڪامياب اميدوار ڊيمي لي ليگ نيل پيٽرس پنهنجو تاج ڪيٽريونا گري کي پارايو. حسن جي مقابلي جي پهرين رنر اپ ڏکڻ آفريقا جي تمارين گرين جڏهن ته ٻئين رنر اپ وينزويلا جي اسٽيهفني گوٽيرز کي قرار ڏنو ويو

پرٿ ٽيسٽ:ڪوهلي ۽پين اٽڪي پيا،سخت جملن جي ڏي وٺ

ٽم پين ورات ڪوهلي کي چيو ته تون ڪول بڻجڻ جي ڪوشش ڇو پيو ڪرين؟

ورات ڪوھلي ۽ ٽم پين

پرٿ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ دوران ٽيمن جي ڪپتانن ورات ڪوهلي ۽ ٽم پين ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي، ٽيم دوران ٻنهي ڄڻن پاران جارحاڻو انداز اختيار ڪيو.  ٻنهي رانديگرن ۾ جملن جي ڏي وٺ ان وقت ٿي جڏهن ڪينگرو ڪپتان ڀارتي ڪپتان ڪوهلي کي چيو ته توهان ايڏوڪول ٿيڻ جي ڪوشش ڇو پيا ڪيو، جنهن تي ڪوهلي پڻ جملا چيا. امپائر گيفيني معاملي کي ڏسندي کين هدايت ڪئي ته توهان ٻئي ڪپتان آهيو، راند تي ڌيان ڏيو. ان دوران هو هڪٻئي سان ٿوري دوري کان ٽڪرائجڻ کان رهجي ويا. ٻنهي وچ ۾ لفظي جنگ ان وقت ختم ٿي، جڏهن محمد شامي جي بال تي ٽم آئوٽ ٿيو ۽ ڪوهلي مٿس خاموشي سان ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسپائيڊرمين جو آمريڪي باڪس آفيس تي راڄ

اسپائيڊرمين هفتي جي آخر ۾ سڀني فلمن کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو

اسپائيڊرمين

لاس اينجلس (شوبز)اسپائيڊرمين اتر آمريڪا جي باڪس آفيس تي راڄ قائم ڪري ورتو آهي. اسپائيڊر مين ريليز ٿيڻ کانپوءِ سڄو هفتو شاندار بزنس ڪندي 3 ڪروڙ 54 لک ڊالر ڪمائي ڪري ورتي. اينيميٽڊ ايڪشن ۽ ايڊوينچر سان ڀرپور “اسپائيڊر مين ان ٽو دا اسپائيڊر وَرس” کي 14 ڊسمبر تي ريليز ڪيو ويو هو. ٻي نمبر تي باڪس آفيس تي ڏوهارين تي ٺهيل فلم دا ميول رهي، جنهن هڪ ڪروڙ 72 لک ڊالر ڪمائي ورتا. دا گرنچ گذريل هفتي باڪس آفيس تي ٽيون نمبر ماڻيو. رالف بريڪس دا انٽرنيٽ لڳاتار ٽن هفتن تائين باڪس آفيس تي راڄ ڪرڻ کانپوءِ گذريل هفتي چوٿين نمبر تي ڪاروبار ڪيو.

ڪاميڊي ڪنگ ڪپيل شرما جي شادي دعوت جي شاندار تقريب

شادي دعوت ۾ ڪپيل جي ساٿي اداڪارن توڙي مزاحيا اداڪارن شرڪت ڪئي

ڪپل شرما ۽ سندس ڪنوار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ توڙي ٽي وي پروگرامن جو ڪاميڊي ڪنگ ڪپيل شرما شادي کانپوءِ دعوت رکي، جنهن ۾ ڪيترن ئي اداڪارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڪپيل شرما پنهنجي دوست گيني ڇهاترا سان 12 ڊسمبر تي جهالندر ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو هو. شادي کانپوءِ ڪپيل شرما دعوت ڪئي جنهن ۾ سندس ساٿي اداڪار شريڪ ٿيا. تقريب ۾ ڀارتي سنگهه، ڪرشنا اڀيشڪ، ڪڪو شردا،  سمونا چڪرورتي شريڪ ٿيا، جڏهن ته تقريب جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.

1 49 50 51