جيمز ميٽس شام مان فوجون ڪڍڻ جي فيصلي تي استعيفيٰ ڏني: آمريڪي ميڊيا
آمريڪي صدر جيمز ميٽس جي استعيفيٰ منظور ڪندي جلد نئون وزير دفاع مقرر ڪندو
واشنگٽن (ا ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ ٻي وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي دفاعي وزير جيمز ميٽس استعيفيٰ ڏيندي صدر ٽرمپ کي لکيو ته توهان کي پنهنجي خيال جو دفاع وارو وزير رکڻ جو پورو حق حاصل آهي، منهنجي لاءِ بهتر آهي ته مان عهدي تان استعيفيٰ ڏيان. صدر ٽرمپ نالي موڪليل استعيفيٰ ۾ جيمز ميٽس اتحادين جي احترام بابت لکيو ۽ عام دفاع جي لاءِ سڀ آمريڪي طاقت جا وسيلا استعمال ڪرڻ جو ذڪر به ڪيو. آمريڪي صدر جيمز ميٽس پاران جي عهدي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيمز ميٽس ايندڙ سال اعزاز سان رٽائر ٿي ويندو. آمريڪي صدر پاران شام مان 2 هزار فوجي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته دفاع واري وزير چيو هو ته وقت کان اڳ فوجين جي نيڪالي وڏي غلطي آهي.
ڪجهه جهلڪيون کانپوءِ پنهنجون فلمون ڪڏهن به ناهيان ڏسندو: ڪنگ خان
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آ هي ته سندس نئين فلم زيرو اهڙن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي جيڪي ظاهري طور ته محرومين جو شڪار آهن پر هو زندگي کي ڀرپور طريقي سان جيئڻ سيکارين ٿا. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي بالي ڪنگ خان چيو ته شاهه رخ خان چيو ته فلم جي ڪهاڻي تمام گهڻي منفرد آهي. هن چيو ته هو پنهنجو فلمون ڪڏهن به ناهي ڏسندو، فلم جون ڪجهه جهلڪيون فلم يونٽ سان ڏسندو آهيان، ان کانپوءِ فلم ڪڏهن به ناهيان ڏسندو. زيرو ابتدا کان شروع ڪرڻ جي ڳالهه آهي.
رنوير سنگهه سندس خواهش پوري ڪندي آريان کي سارا سان ملايو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي نياڻي سارا علي خان بالي ۾ نالو ڪمائي ورتو آهي، پر ويجهڙ ۾ هن ڪافي وٿ ڪرن دوران هڪ خواهش جو اظهار ڪيو هو، جيڪا خواهش سندس پوري ٿي وئي آهي. سمبا جي مشهوري دوران رنوير سنگهه سارا علي خان کي آريان ڪارتڪ سان ملايو ته هوءَ خوش ٿي وئي. سارا علي خان فلم ڪيدرناٿ ذريعي بالي ۾ پير پاتو هو، جنهن کانپوءِ سندس ايندڙ فلم سمبا 28 جنوري تي ريليز ڪئي ويندي.
16 سالن جي عمر ۾ شمن ميرالي کان راڳ ڪي سکيا حاصل ڪئي: پنهنجي اخبار سان ڳالهيون
ڪيسٽ جو دور ختم ٿي ويو آهي پر پوءِ به سنڌي گيت شوق سان ٻڌجن ٿا: اختيار علي دايو
ميان صاحب ( ڳالهه ٻولهه: زبير شيخ ) سنڌ جي ناليواري راڳي اختيار علي دايو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ ڪيسيٽ جو دور ختم ٿي چڪو آهي پر ان جي باوجود ماڻهو سنڌي گيتن کي شوق سان ٻڌن ٿا. هن چيو ته مون 16 سالن جي عمر ۾ شڪارپور پهچي ان وقت هاڻوڪي سنڌ جي مشهور راڳي استاد شمن علي ميرالي وٽ راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ پهتو هوس جتي مون استاد شمن ميرالي جي اوطاق تي مسلسل 10 سالن کان وڌيڪ ٻهاري ڏني ۽ سندس گهر جو سودو وٺندو هيس. هن چيو ته راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، پر اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا ۽ چينلز وڌيڪ هجڻ ڪري هر ماڻهو ڳائي رهيو آهي، جنهن سان سٺو آواز ۽ سٺي شاعري ٻڌڻ ۾ نه پئي اچي. اختيار دايو چيو ته هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪري چڪو آهيان، جڏهن ته سنڌ جي مشهور شاعرن قاصر نواز، وحيد هڪڙو، منظور شاهه، گهايل سومرو، اختيار شاهه، مختيار شاهه، ساگر شاهه ۽ ذوالفقار منگي سميت ٻين جي شاعري ڳائي آهي ۽ عوام پاران ڀرپور موٽ پڻ ملي آهي. هن چيو ته هن وقت اڪثر ماڻهو سٺي شاعري ۽ سٺي آواز کي پسند ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو وري ولگر (غير روايتي) فنڪارن کي پسند ڪن ٿا، جيڪو نه هجڻ گهرجي. اختيار دايو چيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فنڪارن جي سار سنڀال لهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا کوڙ فنڪار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا پر وٽن علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي هوندي.
ساجد ناڊياوالا جي باغي سيريز ۾ ٽائگر شيروف ايڪشن ۾ نظر ايندو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار جيڪي شيروف جو پٽ ٽائيگر شيروف بالي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، سندس فلم باغي سيريز جي ٽئين فلم جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلم جي هدايتڪار ساجد ناڊيا والا پاران فلم کي 2020ع ۾ ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. باغي سيريز جون پهريون ٻه فلمون باڪس آفيس تي ڪامياب ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ باغي ٿري جو اعلان ڪيو ويو. فلم جي هيرو ٽائيگر پاران ٽوئٽر ذريعي فلم جو پوسٽر پڻ جاري ڪيو.
سيڪريٽ لائيف آف پيٽس جي پهرين پارٽ تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي
لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ٿري ڊي اينيميٽڊ ڪاميڊي فلم “دي سيڪريٽ لائيف پيٽس 2” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم جو پهريون حصو 2016ع ۾ جاري ڪيو ويو هو، جڏهن ته فلم جي سيڪيول کي ٿري ڊي ۾ پيش ڪيو ويندو. هدايتڪار ڪرس رينائوڊ جي فلم ڪهاڻي گهر ۾ پاليل جانورن جي زندگي جي چوڌاري گهمي ٿي. فلم ۾ مزاح سان گڏ تجسس به شامل آهي، جڏهن ته پالتو جانورن جي حرڪتن سبب گذريل ڀيري به فلم مداحن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو، پر هن سال مداحن کي وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو ڇو ته فلم کي ايندڙ سال 7 جون تي ريليز ڪيو ويندو.
دبئي ۾ “زيرو” جي مشهوري لاءِ شاهه رخ خان مداحن لاءِ پروگرام ڪيو
شاهه رخ دبئي گلوبل وليج سان گڏ مسقط جي سٽي سينٽر به پهچي ويو
دبئي (شوبز نيوز) ڪنگ خان شاهه رخ پنهنجي نئين ايندڙ فلم “زيرو” جي مشهوري لاءِ دبئي پهتل آهي. ڪنگ خان گذريل فلم جي ناڪامي کانپوءِ پنهنجي نئين فلم جي ڪاميابي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ فلم جي مشهوري لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. شاهه رخ خان جي نئين فلم ڪرسمس جي موقعي تي ريليز ٿيندي، جنهن ۾ ڪترينا ڪيف ۽ انوشڪا شرما پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.