حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش ۽ زخمين کي اسپتال پھچايو.
“ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
ڊيرا الهيار ۾ جوابدار غلام رسول فائرنگ ڪري مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کي قتل ڪيو
لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. واردات بعد جوابدار فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ڊيرا الهيار جي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار غلام رسول کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل
سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري آپشن تي غور بابت ڄاڻ ناهي، خواهش آهي ته سنڌ حڪومت مدو پورو ڪري: سکر ۾ ڳالهيون

سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو ڪري، منهنجي ڄاڻ ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿي رهيو آهي، ڌمڪين ۾ نه اينداسين، احتساب جو عمل جاري رهندو، جن چوري ڪئي، انهن کي ڀوڳڻو پوندو.
سکر پهچڻ بعد سرڪٽ هائوس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ انتهائي افسوسناڪ آهي، پ پ ڪهڙي ميدان تي وڙهڻ چاهي ٿي، هر ميدان تي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڌمڪين ۾ نه اينداسين، احتساب جو عمل جاري رهندو ۽ جن چوري ڪئي، انهن کي ڀوڳڻو پوندو.
هن چيو ته منهنجي علم ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿي رهيو آهي، مان گورنر جي حيثيت ۾ چوان پيو ته گورنر راڄ جو ڪو به امڪان ناهي، پ پ چاهي ٿي ته گورنر راڄ لڳي ۽ هو سياسي شهيد ٿين.
جيڪب آباد ۾ رند برادري جي گهرن تي هٿياربندن جو حملو، 2 عورتن سوڌو 8 زخمي
متاثر ڌر جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، پوليس خلاف نعريبازي

جيڪب آباد)ن پ ا)صدر ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن جي مبينا حملي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثرن احتجاج ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.
صدر ٿاڻي جي حد بقاپل لڳ جوابدارن مبينا طور رند برادري جي گهر تي ڪاهه ڪري حملو ڪيو، جنهن دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نظيران، بشيران، مھيم رند، رفيق احمد ، علي دوست، خالد حسين، حاجي محبت ۽ الھداد رند شامل آهن.
متاثر رند برادري جي ماڻھن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانھيو ته حملي ۾ مرھٽا برادري جا ماڻهو ملوث آهن، جوابدار بااثر هئڻ سبب صدر پوليس ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي ۽ ويتر پوليس اسان کي گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.
واضح رھي ته گذريل ڏينهن به ٻنھي ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالھه تان جھيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا
حيدرآباد: گئس سلينڊر ڌماڪي جي 5 زخمين مان نينگري فوت
ڳوٺ ڇٽو مير بحر ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سبب 5 ڄڻا زخمي ٿيا هئا
حيدرآباد(رپورٽر)گئس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن مان 14 ورهين جي نينگري فوت ٿي ويو.
راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڇٽو مير بحر ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين مان 14 ورهين جي عائشه ملاح زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
شاهپور جهانيان ۾ ڪرڪيٽ مئچ: علي بابا ٽيم المهراڻ کي هارائي ڇڏيو
علي بابا اليون پهرين بئٽنگ ڪندي المهراڻ کي 183 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو
المهراڻ ٽيم جا سمورا رانديگر 167 رنس تي ڍير، ڪپتان به ٽيم کي نه کٽرائي سگهيو

شاهپور جهانيان (ن پ ا) شاهپورجهانيان ۾ علي بابا اليون ڪرڪيٽ ٽيم المهراڻ اليون کي شڪست ڏئي “شھيد صدام حسين ڏاهري ميموريل ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ ” جو فائنل کٽي ورتو. شاهپورجهانيان جي النور ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شھيد صدام حسين ڏاهري جي ياد ۾ ڪرايل ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ علي بابا اليون ۽ المهراڻ اليون وچ ۾ ٿي. علي بابا ٽيم ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ ڪئي ۽ مقرر 10 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي المهراڻ ٽيم کي 183 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو. مليل ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ربنواز گُل مسلسل 3 چوڪا هڻي هيٽرڪ ڪئي پر مجموعي طور تي ٽيم ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي. اهڙي ريت المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم جا سمورا رانديگر 167 رنسن تي پويلين ڀيڙا ٿي ويا. ٽورنامينٽ ڪميٽي طرفان ڪامياب ٽيم جي ڪپتان فداحسين ڏاهري ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان ربنواز گل ڏاهري کي انعامن سان نوازيو، اهڙي ريت ٻين رانديگرن کي به بهترين راند کيڏڻ تي انعام ڏنا ويا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورت جج سوڌو 6 ججن مستقل ٿيڻ لاءِ حلف کڻي ورتو
جسٽس ڪوثر، ارشاد، شمس الدين، امجد علي، عدنان اقبال ۽ جسٽس آغا فيصل حلف کنيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تقريب، چيف جسٽس احمد علي شيخ ججز کان حلف کڻايو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ججز کي مستقل ڪيو ويو آهي. ججز مقرري بابت جڊيشل ۽ پارلياماني ڪميٽيز جي منظوري کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز کي مستقل ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ تقريب دوران چيف جسٽس احمد علي شيخ ججز کان حلف کڻايو. مستقبل ٿيندڙ ججز ۾ جسٽس ڪوثر سلطانه، جسٽس ارشاد علي شاهه، جسٽس شمس الدين عباسي، جسٽس امجد علي سهتو، جسٽس عدنان اقبال چوڌري ۽ جسٽس آغا فيصل شامل آهن. حلف برادري تقريب ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، پراسيڪيوٽر سنڌ، سنڌ بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار ائسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي.
سنڌ ۾ گئس بحران نه ٽريو: ڪراچي ۾ فيڪٽريون بند
سائيٽ ايريا جي صنعتڪارن پاران پهرين جنوري تي گورنر هائوس آڏو احتجاج جو اعلان
سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بدانتظامي سبب ڳرو نقصان پيو ٿئي: صنعتڪار

ڪراچي ( ن پ ا ) سائيٽ ايريا جي صنعتڪارن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گئس بحران وڌي وڃڻ ڪري فيڪٽريون بند ڪندي پهرين جنوري تي گورنر هائوس ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
سائيٽ ايوسيئيشن چيئرمين سليم پاريک موجب گئس بحران سبب آچر کان سائيٽ ايريا ۾ سموريون فيڪٽريون بند ڪيون ويون آهن، سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بدانتظامي سبب ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
هن چيو ته گئس جي فراهمي بند هئڻ خلاف پهرين جنوري تي گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي سوئي سدرن گئس ڪمپني ۽ صنعتڪارن وچ ۾ اهم گڏجاڻي اڄ ٿيندي.
گئس بحران سبب سوئي سدرن گئس ڪمپني اڄ به ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سموري سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گئس فراهمي بند رکي آهي، جنهن سبب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، عوام جو مطالبو آهي ته گئس بحران جو مستقل حل ڪڍيو وڃي
منهنجو امتحان شروع ٿي چڪو، نتيجو رٽائر ٿيڻ بعد ايندو: چيف جسٽس
عوام فيصلو ڪندو ته ڪيترن واعدن تي عمل ڪيو اٿم: چيف جسٽس ثاقب نثار
ڪي پي جي هيلٿ سسٽم ۾ بهتري ناهي آهي: لاهور ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب

لاهور ( م ڊ ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته منهنجو امتحان شروع ٿي چڪو آهي، جنهن جو نتيجو رٽائرمينٽ کانپوءِ نڪرندو، عوام جي خدمت لاءِ ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ ناهيان ڪندو، چيف جسٽس جي حيثيت ۾ ڪيل وعدن مان ڪيترن تي عمل ڪيو، اهو عوام تي ڇڏيان ٿو.
لاهور ۾ سروسز انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته مان پنهنجي پوري زندگي ۾ انصاف جي حصول لاءِ ڪم ڪيو ۽ زندگي جو مقصد به پنهنجي پيشي سان سچو رهڻ آهي.
چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته پيشوراڻي زندگي ۾ سچي نيت سان ذميواري نڀائڻ به اصل خدمت آهي، منهنجو امتحان شروع ٿي چڪو آهي، جنهن جو نتيجو منهنجي رٽائرمينٽ کانپوءِ نڪرندو.
ملير: عيدو ڳوٺ ۾ عوام جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪميونٽي سينٽر تي پوليس جو قبضو برقرار، اسڪول لاءِ به عمارت نه ملي
ضلعي مان چوڪيون ختم ٿيڻ باوجود پوليس ڪميونٽي سينيٽر تان قبضو ختم نه ڪيو: سماجي اڳواڻ
ڪميونٽي سينٽر تان ختم ڪرائڻ سان گڏ اسڪول لاءِ به عمارت ڏني وڃي: سُڄاڻ ۽ سماجي ڌريون
ملير(ن پ ا) ملير ضلعي مان پوليس چوڪيون ختم ٿيڻ باوجود اسٽيل ٽائون موڙ ويجهو عيدو ڳوٺ ۾ عوام جي سهولت خاطر 1988ع ۾ قائم ٿيل ڪميونٽي سينٽر تي بن قاسم ٿاڻي جي پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اڳوڻي ايس ايس پي ملير شيراز نذير عباسي پاران سڄي ملير ضلعي مان پوليس چوڪيون ختم ڪرڻ باوجود ڄاڻايل ڪميونٽي سينٽر تان پوليس اڃا قبضو ختم نه ڪيو.
مقامي سماجي اڳواڻن ” روزاني پنهنجي اخبار ” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن آڏو پوليس چوڪي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ ته ايندا آهن پر جائز ڪمن لاءِ عوام کي سندن درن جا چڪر ڪاٽڻا پوندا،هنن چيو ته ڪميونٽي سينٽر تي سالن کان پوليس جو قبضو آھي، ضلعي مان ٻيون پوليس چوڪيون ختم ٿي وڃڻ باوجود پوليس ڪميونٽي سينٽر تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته ڪميونٽي سينٽر تان پوليس جو قبضو ختم ڪرائي عمارت اسڪول حوالي ڪئي وڃي.
عبدالغني ۽ انور مجيد جي آءِ ٽي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو
جي آءِ ٽي 294 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا، رپورٽ ۾ انهن جا نالا نه آهن: سُپريم ڪورٽ ۾ جواب
رڪارڊ به رپوٽ ۾ شامل نه آهي، جي آءِ ٽي جي سفارش منظور ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي هوندي: جواب
اسلام آباد (رپورٽر) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار اومني گروپ جي عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي جي آءِ ٽي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. جواب ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪيو وڃي، جي آءِ ٽي وٽ اهڙو ڪوبه بنيادي اختيار نه آهي جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪري، تنهن ڪري جي آءِ ٽي جي ڪنهن به سفارش جي منظوري ڏيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي هوندو. جواب ۾ عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد چيو ته جي آءِ ٽي جن 294 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا، اُنهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جنهن رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو، اُن کي به رپورٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. اسان بيڏوهي آهيون.
ملير: شاھھ لطيف ٽائون ٿاڻي جو ايس ايڇ او معطل ٿيڻ بعد وڪيلن جي ٽن ڏينھن کان جاري ھڙتال ختم
ملير (ن پ ا) ملير بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر جي گرفتاري خلاف وڪيلن پاران ڪيل هڙتال ايس ايڇ او جي معطلي بعد ختم ڪئي وئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ وڪيل اڳواڻ سڪندر شر کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ۽ جنهن جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير مشتاق احمد نوناري نوٽيس ورتو.
وڪيلن جي سخت احتجاج بعد شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري معاملي جي جاچ لاءِ ايس پي ايسٽ عبدالله ميمڻ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وڪيلن اڄ هڙتال ختم ڪري عدالتي ڪارروائي ۾ حصو ورتو
ملير ۾ پوليس مبينا مقابلي بعد ٻن ڏوهارين عاقب ۽ حمزه کي گرفتار ڪري ورتو

ملير(ن پ ا) سکن ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني لٺ بستي روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ کانپوءِ 2 جوابدار عاقب ۽ محمد حمزا گرفتار، پوليس پاران جوابدارن کان پسٽل، ڦر ڪيل چار موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي.
پ پ کانپوءِ پي ٽي آءِ به خانڳڙهه جو رُخ ڪري ورتو، اڄ گورنر عمران اسماعيل خانڳڙهه ياترا تي پهچي رهيو آهي
پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ سنڌ جو گورنر خانڳڙهه ۾ اڄ رات گذاريندو، سندس دعوت جا انتظام
گورنر کي علي گوهر مهر ۽ يو اي اي جي تعليم واري وزير دعوت ڏني آهي

خانپور مهر(ن پ ا) اڳوڻي صدر آصف زرداري کانپوءِ پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ سنڌ جو گورنر به مهرن سان ملاقاتون ڪرڻ لاءِ اڄ خانڳڙهه ياترا تي پهچي رهيو آهي. گورنر عمران اسماعيل جي ڊي اي اڳواڻ سردار علي گوهر مهر جي دعوت تي خانڳڙهه اڄ خانڳڙهه پهچندو. جڏهن ته خانڳڙهه ياترا تي گورنر سان گڏ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ به هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارتن جي تعليم واري وزير شيخ النهيان مبارڪ طرفان گورنر عمران اسماعيل لاءِ دعوت جا انتظام ڪيا ويا آهن ۽ گورنر رات خانڳڙهه ۾ گذارڻ بعد سڀاڻي ڪراچي واپس ويندو. واضح رهي ته اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پ پ ايم پي اي علي نواز مهر عرف راجا خان مهر جي دعوت تي خانڳڙهه پهتو هو، جتي ٻنهي اڳواڻن پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪيو. ذريعن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته گورنر عمران اسماعيل جي دوري دوران پ پ مخالف مهر ڀائرن سان سنڌ اندر پ پ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
اوٻاوڙي ۾ مڙس ڪارنهن تهمت مڙهي زال کي ماري ڇڏيو، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو
کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار عزيز الله بُگٽي فائرنگ ڪري زال بيبُل بُگٽي کي قتل ڪري ڇڏيو
متاثر ڌُر جو انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪيتري ئي دير تائين گاڏيون بيٺل

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙي ڀرسان ڪارنهن الزام مڙهي جوابدار ڀاءُ ۽ ڏيرن سان گڏجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو. کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار عزيز الله بُگٽي ڪارنهن تهمت مڙهي زال بيبُل بُگٽي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عورت جي ڀاءُ احمد بُگٽي الزام هنيو آهي ته جوابدار عزيز الله بُگٽي بيگناهه ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي. قتل ۾ جوابدار جا ڀائر ۽ سئوٽ رُستم، شريف، مير حسن، حنيف ۽ آدم بُگٽي به شامل آهن. واقعي بعد متاٿر ڌُر قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪيتري ئي دير تائين گاڏيون بيٺل رهيون.