منهڙو(ن پ ا) منهڙو ڀرسان روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود لاش هٿ نه آيو، مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڳولا جاري آهي. ڳوٺ بودلو ڏاهري واسي 16 سالن جي عابد علي ڏاهري روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو هو. رابطو ڪرڻ تي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته عابد جو ذهني توازن درست نه آهي، ٻن ڏينهن کان لاڳيتو ڳولا باوجود سندس لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي.
”بلاول منهنجي شادي ۾ اچي“ سڪرنڊ ۾ ننڍي قد واري نوجوان جي وڏي خواهش
ننڍو قد ھجڻ ڪري نادرا وارا ڪارڊ نٿا ٺاهي ڏين، سرڪار مدد ڪري: صابر

نواب شاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) سڪرنڊ واسي نوجوان فقير صابر مڱڻهار جو هونئن ته قد ڏيڍ فُٽ آهي پر سندس خواهشن توڙي شوق جو نه ته ڪو قد آهي ۽ نه ئي ڪا حد آهي. فقير صابر شادين ۽ ميلن ۾ دُهل وڄائي گهر جو گاڏو هلائيندو آهي. نوجوان جو چوڻ آهي ته سندس والد حجامڪو ڪم ڪري گهر هلائيندو هو، پر هاڻ هو پيرسن ٿي ويو آهي، تنهن ڪري گهڻو ڪم نٿو ڪري سگهي ۽ هو انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. روزاني ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي نوجوان صابر چيو ته ڊگهي عرصي کان پنهنجي لاءِ ڪنوار جي ڳولا ۾ آهيان پر اڃا تائين مون کي جيون ساٿي نه مليو آهي. دعا آهي ته جڏهن به شادي ڪريان ته بلاول ڀٽو زرداري ڪاڄ ۾ شريڪ ٿئي. فقير صابر مڱڻهار جي دعويٰ آهي ته هو دنيا ۾ سڀ کان ننڍي قد وارو ماڻهو آهي، منهنجو نالو گنيز بُڪ آف دي ورلڊ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. نوجوان وڌيڪ چيو ته ننڍو قد هجڻ ڪري پاڙي جون عورتون کيس ڌاڳو ڦيڻو ڪرڻ لاءِ چونديون آهن ۽ هوءِ به ڪنهن کي خالي ناهي موٽائيندو. نوجوان سنڌ سرڪار، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي آهي ته سندس ايتري سهائتا ڪئي وڃي جو پنهنجي گهر ۾ رهي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري سگهي ۽ پيٽ گذر ڪري سگهي. امڙ مسلسل بيمار رهي ٿي پر علاج لاءِ پئسا ناهن ۽ ڀيڻ ڀاءُ کي به تعليم نه ڏياري سگهيو آهيان. ننڍڙي قد واري هِن نوجوان سان الميو اهو به آهي ته نادرا اختياريون کيس سڃاڻپ ڪارڊ نٿيون ٺاهي ڏين. نادرا جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته مون کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنو وڃي.
پي ايم يو اسپتال ۾ گندگي،مريضن جون دانهون، جج جي ايم ايس کي ڇنڊ
سول جج اوچتو اسپتال پھتو، گائني ۽ پيڊز وارڊن جي مريضن شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا
وارڊن ۾ پکڙيل گندگي ڏسي جج پاران ڪاوڙ جو اظهار، صفائي ڪرڻ جي هدايت
نوابشاهه ( رپورٽر ) نوابشاهه جي سول جج جو پي ايم يو اسپتال جو اوچتو دورو، گائني، پيڊس ۽ ٻين وارڊن جي مريضن ۽ تيمار دارن جج آڏو شڪايتن جو دفتر کولي ڇڏيو،سول جج اسپتال جي ايم ايس کي ڇنڊ،ان ڏس ۾ نوابشاهه جي سول جج صفدر جتوئي اوچتو پيپلزميڊيڪل اسپتال نوابشاهه جو دورو ڪيو ۽ اسپتال جي گائني، پيڊس ۽ ٻين وارڊن ۾ داخل مريضن جي عيادت ڪئي ۽ انهن کان حال احوال معلوم ڪيا سول جج اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ پکڙيل گندگي آلودگي ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو انهي موقعي تي گائني، پيڊس ۽ ٻين وارڊن ۾ داخل مريضن ۽ انهن جي تيماردارن سول جج آڏو شڪايتون ڪندي چيو ته غريب ۽ نادار مريضن جي اسپتال اندر ڪا به مالڪي نه آهي وارڊ جا وڏا وڏا ڊاڪٽر ۽ پروفيسر وارڊ کي ٽائيم ڏيڻ بدران ذاتي ڪلينڪن ۽ ميڊيڪل سينٽرن کي وقت ڏين ٿا،وارڊ ۽ انهن ۾ داخل غريب ۽ بي پهچ مريض نرسن ۽ وارڊ بوائز جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهن هنن چيو ته مريض آپريشن جو سمورو سامان، دوائون پنهنجي خرچ تي ٻاهران وٺڻ تي مجبور آهن انهن کي مٿي جي سور جي معمولي گوري به اسپتال پاران نٿي ڏني وڃي،مريضن جي دانهن تي سول جج صفدر جتوئي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شمس الدين سيال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کيس هدايت ڪندي چيو ته اسپتال ۾ فوري طور تي هنگامي بنيادن تي صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي ۽ مريضن لاءِ ايل پي وارو ڌار رڪارڊ ٺاهيو وڃي ۽ وارڊن ۾ داخل مريضن کي سموريون گهربل دوائون فراهم ڪيون وڃن.
منهڙو: روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو ٻئي ڏينهن به لاش هٿ نه آيو
منهڙو ( ن پ ا ) روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش ٻئي ڏينهن به هٿ نه آيو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو
ڳوٺ بودلو ڏاهري جي رهواسي 16 ورهين جي نوجوان عابد پٽ مور ڏاهري گذريل ڏينهن روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو هو، علائقي واسين ۽ وارثن پاران ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڳولا ڪرڻ باوجود لاش هٿ نه آيو.
نوجوان جا وارث روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف شاخن تي ڳولا ڪري رهيا آهن پر ٻئي ڏينهن به لاش هٿ اچي نه سگهيو ، جنهن سبب وارث پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو، جنهن سبب هن ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو.
نواز شريف کي سزا، نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن مٺائي ورهائي
نوابشاهه: ( رپورٽر) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي سزا ملڻ تي نوابشاهه پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪاشف قريشي جي قيادت ۾ پنهنجي آفيس کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو ۽ پنهنجي آفيس پهچي ڪارڪنن ۾ مٺائي ورهائي وئي، ان موقعي تي ڪاشف قريشي چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي سزائون ملي رهيون آهن جن جن ملڪ کي لٽيو آهي انهن سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي هي نئون پاڪستان آهي نئين پاڪستان ۾ ڪرپشن برداشت نه ڪبي اهو اسان جي قائد عمران خان جو پاڪستاني عوام سان واعدو ٿيل آهي، ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو ويندو.
نوابشاهه جي عدالت پاران مقابلي ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي 7 سال ٽيپ
شھيدبينظيرآباد( رپورٽر) نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منير احمد خواجه جي عدالت پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالرحمنٰ شر کي 7 سال قيد ۽ 1 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، واضح رهي ته جوابدار تي 2017 ۾ ٽنڊو آدم سٽي ٿاڻي تي پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيل هئا.
عبدالستار راٺوڙ چيف آفيسر ضلع ڪائونسل نوابشاهه جي اضافي چارج سنڀالي ورتي
شهيد بينظيرآباد (ڊ ر) سنڌ حڪومت جي لوڪل گورنمينٽ ۽ ٽائون پلاننگ کاتي پاران هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي ڊپٽي ڊائريڪٽرلوڪل گورنمينٽ شهيد بينظيرآباد عبدالستار راٺوڙ کي چيف آفيسر ضلع ڪائونسل شهيد بينظيرآباد جي اضافي چارج ڏني وئي آهي جنهن پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
قاضي احمد ۾ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،ٻه ڄڻا زخمي
قاضي احمد(ن پ ا)قاضي احمد سماٽ پيٽرول پمپ جي سامھون تيزرفتارڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار مور عمراڻي ۽ علي گل عمراڻي سخت زخمي ٿي پيا ،جن کي تعلقه اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو ،ڪار ڊائيور گرفتار قاضي احمد پوليس ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏي آھي.
قاضي احمد ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا زخمي
قاضي احمد(رپورٽر) قاضي احمد ڀرسان سماٽ پيٽرول پمپ سامھون تيزرفتارڪار موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار مور عمراڻي ۽ علي گل عمراڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪار ڊائيور کي گرفتار ڪري قاضي احمد پوليس ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏي آھي.
قاضي احمد ۾ بجلي چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ ڊاڪٽر ۽ لائين مين سوڌو 4 ڄڻن تي ڪيس داخل
قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ بجلي چوري ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن واپڊا عملدارن سميت 4 ڄڻن تي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا. ايس ڊي او ارشاد ميمڻ جي فرياد تي بجلي اسٽيشن هلائيندڙ ياسين رند، اسسٽنٽ لائين مين نديم رند ۽ ڊاڪٽر صالح انڙ خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا.
نوابشاهه ۾ ايس ايس پي جي حامين جي ريلي
نواب شاھ ( ن پ ا) نواب شاھ جي علائقي حقاني ٽائون جي رھواسين جو ايس ايس پي نواب شاھ تنوير حسين تنيو جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي نواب شاھ پريس ڪلب پھتي ان موقع تي وزير علي سيال شير علي چانڊيو ۽ بابر علي جمالي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جڏھن کان ايس ايس پي تنويرتنيو نوابشاھ جي چارج ورتي آھي تڏھن کان چوري ڦر ۽ ٻين ڏوھن تي ظابطو آيو آھي ۽ شھر جو ماحول بھتر ٿيو آھي ھنن آئی جی سنڌ کي اپيل ڪئي ته ايس ايس پي تنوير حسين تنيو کي ان جي ٽيم سان گڏ شھر ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.
سڪرنڊ جي يوسي حسن جمال تي ننڍي چونڊ ۾ هارائيندڙ اميدوار نتيجو چئلينج ڪري ڇڏيو
نوابشاهه: (ن پ ا ) گذريل ڏينهن مڪاني چونڊن ۾ سڪرنڊ يونين ڪائونسل حسن جمالي مان هارايل آزاد اميدوار عبدالجبار جمالي نتيجن کي چيلينج ڪري ڇڏيو، هن اليڪشن جي خلاف اهڙي درخواست رٽرننگ آفيسر سڪرنڊ سليم جتوئي وٽ جمع ڪرائي ڇڏي، عبدالجبار الزام هڻندي چيو ته الڪيشن ۾ پيپلز پارٽي سرعام سرڪاري مشينري ۽ سياسي اثر رسوخ استعمال ڪيو ٻئي پاسي مري ويل ماڻهن جا به ووٽ ذبردستي ڪاسٽ ڪرايا ويا جنهن جا ثبوت مون وٽ موجود آهن، هن چيو ته منهنجي پولنگ ايجنڊن کي پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سياسي ماڻهن حراسان ڪري ڌمڪيون ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ٿو ڪيان ته هن ڌانڌلي جو نوٽيس وٺي ٻيهر اليڪشن ڪرائي.
منھڙو ڀرسان ذهني مريض نوجوان واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگات ڪري ڇڏيو
منهڙو (ن پ ا) منهڙو ڀرسا نوجوان روهڙي ڪنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو گهر م ڪهرام متل تفصيل موجب منهڙوڀرسا درياخان مري ٿاڻي جي حد ڳوٺ بودلو ڏاهري جي رهواسي ١٦ سالن جي نوجوان عابد علي ڏاهري ولد مور ڏاهري دماغي توازن صحيح نه هئڻ سبب بودلو ڏاهري موري کان روهڙي ڪنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
ڳڙهي خيري ۾ سيد ۽ بليدي برادرين ۾ تڪرار جو نبيرو ٿي ويو
زمين جي مالڪي تان تڪرار جو جرڳو مير باز بروهي جي سرپئنچي ۾ ٿيو
تڪراري پلاٽ ۽ زمين بليدين کي ڏيڻ جي فتويٰ، سيدن کي به مدرسي لاءِ زمين ڏني وئي
ڳڙهي خيرو(ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ زمين ۽ پلاٽ جي مالڪي تان سيد ۽ بليدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ شروع ٿيل تڪرار نيٺ نبري ويو. سڳوٺ امير آباد ۾ چڱي مڙس مير باز بروهي جي سرپئچي هيٺ نبيرو ٿيو، جنهن دوران سيد خير شاھ ۽ مير اسلم خان بليدي جون ڳالهيون ٻڌيون ويون. سرپئنچ ڳالهيون ٻڌڻ تڪراري پلاٽ ۽ زمين بليدي برادري کي ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سيد برادري کي مدرسي لاءِ زمين ڏني وئي.
فرزانا جمالي ضمني مڪاني چونڊن ۾ هارائي وئي
نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي ضمني مڪاني چونڊن ۾ کٽي نه سگھي آهي. گذريل ڏينهن مڪاني ضمني چونڊن ۾ بهادر شاگردياڻي فرزانا جمالي نوابشا هه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي چونڊ اميدوار طور بيٺي هئي. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ ملي سگھيا. واضح رهي ته شاگردياڻي فرزانا جمالي کي يونيورسٽي ۾ مبينا طور هراسان ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو. جنهن کانپوءِ يونيورسٽي جي وي سي ۽ هڪ پروفيسر کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي هئي.