ڪراچي/قاضي احمد(نمائندن وٽان) شهيد بينظير آباد ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ڄام تماچي جي ميزباني ھيٺ سندس ڪراچي واري رھائشگاهه تي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جو ڪٺ ٿيو. گڏجاڻي ۾ نثار کھڙو، ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو، رفيق احمد ڀٽو، صوبائي صلاحڪار اشفاق ميمڻ، مخدوم رفيق زمان، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر بھادر ڏاھري، بلوچستان جو محمد صالح ڀوتاڻي، شير محمد جوڻيجو، ايم پي اي رفيق ٻانڀڻ، ايم پي اي سردار حزب الله ٻگهيو، برگيڊيئر سردار احمد لاکير، سردار کير محمد کوکر، مخدوم علي محمد ولھاري، مسعود کھڙو، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري آفتاب ميمڻ، مير محمد پرھياڙ، امتياز قاضي، مير حسين علي، سردار عبدالغني ٿھيم ڄام آفتاب انڙ، ساجد جوکيو ۽ ٻيا برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڄام تماچي شريڪ ٿيلن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڪٺ جو ڪو سياسي مقصد نه پر چڱن مڙسن کي پاڻ ۾ ملهائڻ هو.
ڄام صاحب ويجھو غلام محمد انڙ پرائمري اسڪول سهولتن کان محروم
30 سال اڳ ٺهيل اسڪول ۾ نه پاڻي جي سهولت نه واشروم موجود
اسڪول کي بلڊنگ به ناهي ملي، شاگرد وڻ هيٺيان پڙهن ٿا، واهر ڪئي وڃي: استاد
ڄام صاحب (رپورٽ بشير شر) ڄام صاحب لڳ ڳوٺ غلام محمد انڙ جي پرائمري اسڪول محمد منشاءَ بلڊنگ پاڻي، واشروم سميت ٻين سھولتن کان محروم آهي، جڏهن ته شاگرد وڻ ھيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. اسڪول جي استاد عبدالقادر آرائين جو چوڻ آهي ته اسڪول گذريل ٽيھن سالن کان قائم آھي پر ھن اسڪول ۾ بلڊنگ بہ نہ ملي آھي ۽ مون کي ھن اسڪول ۾ ست سال ٿيا آھن اسان ڪيترائي ڀيرا اعليٰ آفيسرن کي اطلاع ڏنو آھي پر اڃان تائين ھن اسڪول کي بلڊنگ سميت ڪابہ سھولت نہ ملي آھي ۽ ھن اسڪول ۾ 60 شاگرد آھن جيڪي ھڪ وڻ ھيٺان تعليم حاصل ڪري رھيا آھن سياري جي ٿڌ جي موسم . برسات ۽ شديد گرمي جي موسم ۾ بہ ٻارڙا ساڳئي وڻن ھيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور آھن ھن اسڪول جي ڪنھن بہ چونڊيل نمائندن سار ناھي لڌي اسان تعليم جي وزير سيد سردار شاھ کان مطالبو ٿاڪيون تہ اسان جي اسڪول کي بلڊنگ سميت سھولتون ڏنيو وڃن .
دولتپورصفن ۾مهمان ٿي آيل پنجاب واسي ناري اغوا ڪري ويو
ناري مائره ڌيءُ بشير شاهه کي عمران شاهه اغوا ڪيو،ڪيس داخل ڪيو ويو
اغوا ٿيل مائره جي 15 ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي:ناري جو پيءُ

دولتپورصفن(ن پ ا)دولتپورصفن شهر ۾ مهمان ٿي آيل پنجاب واسي نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويو، ٿاڻي تي رپورٽ داخل، خبر موجب نوجوان ناري مائره ڌي بشير شاه کي سندن گهر مهمان ٿي آيل پنجاب جي شهر دنيا پور جي رهواسي عمران شاھ اغوا ڪري ويو آهي، ان سلسلي ۾ ناري جي پيُ بشير شاھ دولتپورصفن ٿاڻي تي پهچي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته عمران شاھ منهنجي ڌي مائره جو سڱ گهريو هو، جنهن تي اسان انڪار ڪندي 15 ڏينهن اڳ مائره جي شادي نوابشاھ جي ساجد شاھ سان ڪرائي ڇڏي هئي، جيڪا ڪالھ مائٽن سان ملڻ لاء گهر آئي ته جوابدار عمران شاھ کيس اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي ويو، هوڏانهن دولتپورصفن پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي اطلاع آهن ته ناري شادي جي ارادي سان گهران نڪتي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
ڄام صاحب ۾ تقريب ڪوٺائي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو
ڄام صاحب )رپورٽر) ڄام صاحب ۾ تقريب ڪوٺائي عيسائي برادري جي مرد توڙي عورتن ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽي مذهبي ڏڻ ملهايو. ڪوٺايل تقريب ۾ دلاور مسيح، شوڪت ۽ جيمس مسيح سميت ٻين آيل مهمانن ڊاڪٽر نظام الدين ڀٽي، محمد صالح زرداري ۽ ٻين کي آجيان ڪري کين اجرڪ اوڍايا.
ميڊيا سان ڳالهائيندي مسيح برادري جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڄام صاحب ۾ عبادت لاءِ چرچ نه هئڻ سبب سخت پريشان آهيون، عبادت ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته شهر ۾ چرچ ٺهرائي ڏين ته جيئن هو عبادت ڪري سگهن.
نوابشاهه ۾ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ معذور ٿيل ديپڪ راج سان انصاف لاءِ مظاهرو
ايس ٽي پي جي سڏ تي ريلي، ديپڪ راج جي گهر واري سنيتا ۽ ٻين جي شرڪت
4 سال گذري ويا انصاف نه مليو، حڪمرانن ظلم جو ازالو نه ڪيو آهي: سُنيتا راٺوڙ
نوابشاهه (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع شهيد بينظير آباد پاران مرڪزي اڳواڻ حيدر ملاح،سنيتا راٺوڙ،نثار ڪيريو،رفيق ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 4 سال اڳ حيدرآباد جي اڳوڻي ايس ايس پي عرفان بلوچ پاران ڪوڙي مقابلي ۾ ڊاڪٽر ديپڪ راج کي ٽنگن ۾ گوليون هڻي کيس معذور ڪرڻ واري ظلم خلاف ريگل چونڪ کان نوابشاھ پريس ڪلب تائين احتجاج مظاهرو ڪيو ۽ پريس ڪلب ٻاهران سوين ڪارڪنن ڌرڻو هڻي ايس ايس پي عرفان بلوچ خلاف سخت نعري بازي ڪئي انهي موقعي تي پوليس هٿان هاف فراء ٿيل ڊاڪٽر ديپڪ راج جي گهر واري سنيتا راٺوڙ مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته 4 سال اڳ ايس ايس پي عرفان بلوچ حيدرآباد ۾ هڪ ڪوڙو پوليس مقابلو ڪري منهنجي مڙس ڊاڪٽر ديپڪ راج کي ڌاڙيل شريف پنهور ڄاڻائي کيس ٻنهي ٽنگن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو ۽ جڏهن ته ڳالهه ميڊيا ۾ آئي تي هي شريف پنهور نه پر ڊاڪٽر ديپڪ آهي جنهن کان پوء پوليس اسان جي سامهون غلطي ته مڃي ۽ ايس ايس پي چيو ته مان ديپڪ راج جو علاج ڪرائندس پر ان جو علاج نه ڪرايو ويو جنهن جي ڪري منهنجي مڙس ٽنگن کان معذور ٿي ويو آهي ۽ اسان هاڻ 3 ڀاتي سخت پريشان آهيون ۽ جيڪو الهه تلهه هيو اهو وڪرو ڪري منهنجي مڙس جو علاج ڪرايو پر هاڻ اسان وٽ کائڻ لاء به ماني ناهي انهي ڪري منهنجي انصاف ڏيندڙ کان گهر آهي ته اسان جي خاندان سان ظلم ڪندڙ ايس ايس پي عرفان بلوچ تي ڪيس داخل ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي. مظاهري کي ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو .
ڄام صاحب ۾ ڪرسمس تقريب ، چرچ ٺهرائي ڏيڻ جو مطالبو
تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ، عيسائي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
شهر ۾ ڪو چرچ ڪونهي ، اپيل آهي ته ٺهرائي ڏنو وڃي : عيسائي برادري
ڄام صاحب ( ن پ ا) ڄام صاحب ۾ عيسائي برادري پاران برادري پاران ڪرسمس جي حوالي سان جشن پروگرام ٿيو جنهن ۾ عيسائي برادري عورتن ۽ بارن سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . پروگرام ۾ ٽيبلوز ۽خاڪا پيش ڪيا ويا ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ مسيح برادري جي اڳواڻن دلاور مسيح ، شوڪت مسيح ، جيمس مسيح ۽ٻين پاران آيل مھمان ڊاڪٽر نظام الدين ڀٽي ، محمد صالح زرداري، جاويد پلھه ۽ ٻين کي اجرڪ پارايا . مسيح برادري جي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي عبادت ڪرڻ لاءِ ڄام صاحب ۾ چرچ نه ھئڻ ڪري سخت پريشان آھيون جيئن ته ھر ڪنھن کي عبادت ڪرڻ جو حق آھي ۽ ھرڪو پنھنجي عبادت گاھ ۾ عبادت ڪندو رھي ٿو مگر اسان جي شھر ۾ اسان جي لاءِ عبادتگاھ چرچ ناهي .اسان اعليٰ اختيارين کان گھر ٿاڪيون ته اسان کي چرچ ٺھرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان عبادت جي ڏينھن ۾ عبادت ڪري سگھون .
شاھپور جھانيان ۾ ٻن ھفتن کان عورت گم، وارثن طرفان اغوا جو شڪ ظاھر
شاهپورجهانيان (ن پ ا) شاهپور جهانيان کان 6 ڪلوميٽر پري مقيم شاھ مان 15 ڏينهن اڳ پرڻيل ڪنوار گم ٿي وئي.وارثن پاران پنجاب مان آيل مائٽن تي اغوا جو الزام جڏھن تھ علائقي ۾ ناري جو مرضي سان نڪري وڃڻ جو چئوٻول آھي.ناري جي والد بشير شاھ ۽ ٻين گهرڀاتين موجب سندن 18 ساله ڌي مائرا شاھ جي 15 ڏينهن اڳ پنهنجي نوابشاھ واسي مائٽ ساجد شاھ سان شادي ٿي هئي.هنن ٻڌايو ته اسانجي نياڻي شادي بعد پهريون ڀيرو ملڻ آئي ته پنجاب جي شهر دنياپور مان آيل مائٽ عمران شاھ ۽ زاهد شاھ 2 پاڙيسري ڀائرن ناصر علي ۽ نادر علي جي مدد سان اسان جي نياڻي کي اغوا ڪري ويا آھن.سندس بازيابي ۾ وس وارا مدد ڪرائين.جڏهن ته علائقي ۾ چوئوٻول آھي ته ناري پنهنجي مرضي سان مائٽ سان نڪري وئي آھي.رابطو ڪرڻ تي حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ثناء الله پنهور ٻڌايو ته ناري جا وارث ٿاڻي تي ناهن آيا جي ايندا ته سندن مرضي موجب قانوني ڪري ڪنداسين۔
قاضي احمد جي بازارن ۾ 5 ڏينھن کان بجلي بند، ڪاروبار ٺپ، شٽربند ھڙتال
5 ڏينھن کان بجلي بند ھئڻ خلاف واپاري شخصيتن ۽ شھرين شٽر بند ھڙتال ڪري مظاھرو
ڪاروباري مرڪزن ۽ بازارن جي بجلي بحال ڪري عوام دشمن واپڊا عملدارن کي هٽايو وڃي
قاضي احمد( ن پ ا) قاضي احمد ۾ واپڊا عملي جي ڪنڍا ھڻي غير قانوني طور بجلي استعال ڪرڻ جي الزام خلاف شھر جي واپارين بازار بند ڪري شٽربند ھڙتال ڪئي. اھم واپاري شخصيتن توڙي سياسي سماجي ماڻھن مظاھرو ڪري تعلقي پريس ڪلب پھچي واپڊا عملدارن پاران بنا جواز بجلي بند ڪرڻ خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو تھ حيسڪو سب ڊويزن قاضي احمد جي ايس ڊي او 5 ڏينھن کان غيرقانوني بجلي استعمال ڪرڻ جو الزام مڙھي بجلي بند ڪري ڇڏي آھي، جيڪو سراسر غلط عمل آھي. ھنن چيو تھ بجلي بند ٿيڻ سان ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو، انڪري بجلي جي فراھمي يقيني بڻائي وڃي. ھنن مطالبو ڪيو تھ شھر جي سمورن اهم ڪاروباري مرڪزن ۽ بازارن جي بجلي بحال ڪري عوام دشمن واپڊا عملدارن کي هٽايو وڃي.
قاضي احمد:ڪاروباري مرڪزن جي بجلي بند ڪرڻ خلاف دڪاندارن پاران 12 وڳي احتجاج جو اعلان
قاضي احمد(رپوررٽر)قاضي احمد ۾ مختلف ڪاروباري مرڪزن پاران غير قانوني طور ڪنڊا هڻي استعمال جي مبينا الزام هيٺ بجلي بند هجڻ سبب شھر جي اهم ڪاروباري مارڪيٽ جي واپارين ۽ دڪاندارن سردار مارڪيٽ ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آھي. 12 وڳي دڪاندارن پاران عبدالرشد کوسي جي اڳواڻي ۾ روڊ تي اچي احتجاج ڪرڻ جو اعلان.
نوابشاهه: ساک کي ڇيهو رسائڻ تان صحافي کي 2 سال قيد جي سزا
نوابشاهه ( رپورٽر ) نوابشاهه جي عدالت ساک کي ڇيڪو رسائڻ ڪيس ۾ صحافي کي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
نوابشاهه جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ساک کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جج ميڊم زاهده سڪندر ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد صحافي محمد يوسف ساگر کي 2 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
نواب ولي محمد ۾ آبادگارن جو 27هين ڏينھن بھ احتجاج
پوڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي ڏئي معاشي بدحالي کان بچائڻ جون دانھون
حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آھن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪنن تي جون بھ نٿي چري.بکون ڪٽڻ تي مجبور آھيون.آبادگار
نواب ولي محمد(رپورٽر)نواب ولي محمد ڀرسان آبادگارن پاران لنڊڪي مائينر جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي نه پهچڻ خلاف علي آباد اسٽاپ وٽ 27 هين ڏينهن به احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي.ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪڏھن هڪڙو به ماڻھو احتجاج ڪري ٿو ته انهي جو فوري طور نوٽيس وٺي سندس مسئلو حل ڪيو وڃي ٿو پر هتي ته ڪو دانهن ٻڌڻ وارو ئي ڪونھي.اسان سڄي علائقي جا آبادگار ستاويهن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آھيون.احتجاج جون خبرون ميڊيا تي رپورٽ ٿينديون پيون اچن پر اڃا تائين مسئلو حل نه ٿي سگهيو آھي.حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آھن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪن تي جون به نه ٿي چري.لنڊڪي مائينر جي پڇڙي اڃا تائين سڪل آھي.هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻيل آھي.ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن.آبادگارن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته لنڊڪي مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي پهچائي کين معاشي بد حالي کان نجات ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.
اسپتال جون ايمبولينسون بااثرن جي استعمال هيٺ، هڪڙي گاڏي به گم
نوابشاهه: اسپتال ۾ 6 ايمبولينسون آھن جنھن مان ٻہ نہ ھلڻ جي برابر آھن جڏھن تہ 3 ايمبولينس بولان جيڪي مريضن کي کڻڻ بجاء پنھنجي بااثر ماڻھن جي مريضن کي ٻين اسپتالن لاء شفٽ ڪرڻ لاء رکيون ويون آھن جڏھن ته ٻن ڪارن مان ھڪڙي ڪار ايم ايس جي استعمال مہ آھي جڏھن تہ ٻي ڪار جي خبر ناھي تہ ڪنھن جي استعمال ۾ آھي.
ٽِڪي ڦوٽَي ۾ به پنهنجا نوازي، معياري دوائون بااثرن کي ملڻ لڳيون
نوابشاهه: معياري ء ملٽي نيشنل ڪمپنين جون دوائون ضلعي جي آفيسرن ء با اثر ماڻھن کي ايل پي ڪري ڏنيون وينديون آھن جيڪي اسپتال ۾ داخل ئي نه ھوندا آھن.اهڙي پنهنجا نوازي باوجود اختيار ڌڻي ننڍ ستل آهن عوام جون داد فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪنهن وٺ به ٽائم ناهي
ٽنڊو آدم ۾ ريلوي اختيارين پاران هزارين رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس
رهواسين ۾ خوف،ڪيترن ئي رضاڪارانه طور گهر ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا
50 کان مٿي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، شهرين پريس ڪلب پهچي احتجاج
ٽنڊوآدم ( ن پ ا ) ٽنڊوآدم ۾ ريلوي اختيارين پاران 10 کان وڌيڪ علائقن جي هزارين رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ،رهواسين ۾ خوف،ڪيترن ئي رضاڪارانه طور گهر ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا احتجاجان ڏس ۾ ريلوي اختيارين پاران ٽنڊوآدم جي 10 کان مٿي رهائشي علائقن ميواتي پاڙي ، ريلوي گودام، ريلوي ڪالوني، احمد آباد، جٽيا ڦاٽڪ، ٻيراڻي ڦاٽڪ، اوور هيڊ برج ،غوثيه ڪالوني، چانڊيا ڪالوني، ،مخدوم خليق الزمان ڪالوني، جي رهواسين کي 26 ڊسمبر تائين گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري سندن گهرن ۽ دڪانن تي لڳايا ويا آهن. اسسٽنٽ انجينيئر ريلوي حيدرآباد پاران جاري ڪيل ليٽر م رهواسين کي مقرر تاريخ کان پوءِ ڳري مشينري ذريعي گهر ڊاهن جو حڪم نامون جاري ڪيو ويو آهي اهڙي صورتحال بعد علائقي واسين ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي ۽ ڪجھ علائقن جن ۾ چانڊيا ڪالوني ،خليق الزمان ڪالوني ۽ ٻين رهواسين رضاڪارانه طور گهر ڊاهڻ شروع ڪيا آهن هن وقت تائين 50 کان مٿي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن متاثر شهرين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو متاثرن حيدر بخش ، علي محمد ۽ ٻين دانهيو ته 30 سالن کان گهرن ۾ ويٺا آهيون ريلوي وارن پئسا وٺي پلاٽ ڏنا هاڻي گهر ڊاهڻ لاءِ چيو پيو وڃي ڪو به ٻڌڻ وارو ناهيپ پ جي سينيٽر امام الدين شوقين رابطي ڪرڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گهرن ڊاهڻ کان منع ڪيو آهي ريلوي وارن کي ايمنٽي ۽ ڪمرشل زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي پر ڪراچي ۾ ميونسپل آپريشن ڪري ماڻهن کي بيروزگار ڪيو هاڻي سموري سنڌ ۾ ريلوي وارا سياري جي هن موسم ۾ غريبن کي بي گهر پيا ڪن اها زيادتي آهي حڪومت 50 لک گهر ٺاهڻ جي دعويٰ ٿي ڪري اهي ٺاهي غريبن کي مرحليوار آباد ڪري متبادل ڏنو وڃي .
قاضي احمد جا دڪاندار هڪ ٿي ويا،مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جو اعلان
قاضي احمد (ن پ ا ) قاضي احمد شھر جي مک بازارن ،ڪاروباري مرڪزن جي بجلي 5 ڏھاڙن کان بند ،دڪاندار هڪ ٿي ويا ،4 رڪني ڪاميٽي جو اعلان ، مسئلن جي حل لاء گڏيل طور جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
ان ڏس ۾قاضي احمد ۾ شھرجي دڪاندارن سان ٿيندڙ ناانصافين زيادتين،بجلي جي مسئلي،حددخلين سميت پيش آيل ٻين مسئلن جي حل لاءِ شھر جي سمورين مک ڪاروباري مرڪزن ,بازارن جي دڪاندارن جو هڪ گڏيل اجلاس رانا بابو سرفراز راجپوت جي اڳواڻي ۾ سندس رهائش گاھ تي ٿيو
جنهن دوران مٿي ڄاڻايل مسئلن جي فوري حل لاء ھڪ چار رڪني شھري دڪاندار اتحاد ڪاميٽي جوڙي ويئي جنهن ۾ سرپرست اعليٰ حرجي مل ٽڪر ,صدر رانا بابو سرفراز راجپوت ,جنرل سيڪريٽري علي خان جتوئي ,سينئر نائب صدر ملڪ شھزاد اختر چونڊيا ويا
ان موقعي تي آفتاب مارڪيٽ دڪاندار ايسوسيئيشن جي صدر هدايت الله چانڊيو مذڪوره چونڊيل باڊي بابت ڳالهائيندي چيو ته آفتاب مارڪيٽ جا مسئلا حل ٿي رهيا آھن دڪاندارن جا جيڪي به مسئلا آھن اهي ڄام آفتاب علي انڙ جي سهڪار ۽ مدد سان حل ٿي رهيا آھن انشاء الله دڪاندارن کي اڪيلو نه ڇڏبو.