ٺل(رپورٽ: مير ڀٽي)ٺل تعلقي مان ٽن ٻارڙن سميت اغوا ٿي ويل 7 يرغمالين کي انتظاميه بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي. ان سلسلي ۾ ٺل ڀرسان پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان پوڻا 12 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم 8 ورهين جي نينگري فضيلا سرڪي،ڳوٺ محمد اسماعيل کوسو مان پنج سال اڳ اغوا ٿي ويل نينگر حافظ الطاف حسين کوسو،ڪريم بخش کوسو مان پنج سال اڳ اغوا ٿي ويل نينگر احسان احمد کوسو، ساڍا ٽي سال اڳ ڪوئٽه ويندي ڊيرا مراد جمالي وٽان هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل ڳوٺ پيارو کوسو جا رهواسي حافظ محسن کوسو، عبدالغور عرف بصرو جمالي، ڳوٺ حاجي فيض محمد کوسو جو رهواسي اڪبر علي کوسو،اڍائي سال اڳ ٺل اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد بينظير ڪانٽي وٽان اغوا ٿيل الهڏنو لاشاري جو ڪوبه ڏس پتو نه آهي،پوليس انتظاميه مغوين جا اغوا ڪيس داخل ڪرڻ جي باوجود ڪاروائي کان نابري واري ڇڏي آهي،جنهن بعد مغوين جي وارث پوليس آفيسرن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن،گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي مغوين جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن،پر انهن جي داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪوبه نه آهي، ٺل ڀرسان اغوا ٿي ويل نينگري فضيلا سرڪي جي ڪيس کي پوليس انتظاميه بند ڪري ڇڏيو آهي،نينگري جي اغوا ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ جي ڪري وارث پوليس مان مايوس بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نينگري فضيلا سرڪي جي والد عبدالرزاق سرڪي ٻڌايو ته پوليس پاران رڳو ڏٽا ۽ آسرا ڏنا پيا وڃن نياڻي جي اغوا ڪيس ۾ جوابدار قادر بخش عرف قادرو،ڪريم بخش عرف ٻوڙو سرڪي،الله ورايو،الله رکيو ۽ بابو سرڪي گهربل آهن جن کي پوليس گرفتار ناهي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته منهنجي نينگري جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري منهنجي نينگري فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرايو وڃي . پنج سال اڳ اغو اٿيل نينگر احسان کوسو جي پي حبيب الله کوسي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي پنج سال اڳ جوابدارن اغوا ڪيو پر پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. مغوين جي وارثن پاران انتطاميه کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته مغوين کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسين.
پوليس مايوس ڪري ڇڏيو، فضيلا سرڪي سميت ٺل مان اغوا 7 ڄڻا بازياب نه ٿي سگھيا
ڳوٺ اسماعيل کوسو مان پنج سال اڳ اغوا ٿيل نينگر الطاف کوسو جو پتو نه پيو، وارث لاڳيتو سراپا احتجاج بڻيل
پوليس بااثرن آڏو بيوس آهي، ان ڪري ڪارروايون نٿي ڪري، اختيارڌڻي اغوا واقعن جو نوٽيس وٺن: مغوين جا وارث
جيڪب آباد واسي جو ڀاتين سميت پوليس خلاف احتجاجي جيڪب آباد واسي جو ڀاتين سميت پوليس خلاف مظاھرو
جيڪب آباد(ن پ ا) جيڪب آباد جي لاشاري پاڙي جي رھواسي پير سن رسول بخش گولو پنھنجي زال غلام صغران ۽ بيواھ ڌيء گل جان سميت قرآن پاڪ کڻي سٽي پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھنيو آھي ته ڪجھ ڏينهن اڳ سٽي پوليس پاڙيسري پاران سائيڪل چوري جي لڳايل الزام ھيٺ منھنجي 20 ورھين جي پٽ محمد يوسف گولو کي گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ بعد ۾ اسين پاڙيسري نياز ٽالاڻي کي ميڙ منٿ ڪرڻ بعد راضي ڪيوسين ۽ ان لکي ڏنو ته ھو راضي آھي ان بعد سٽي پوليس جي اي ايس آئي عبدالرزاق گولو ۽ فيروز مڱريو اسان کان پٽ جي آزادي لاء 50 ھزار رشوت طلب ڪئي جيڪا ادا نه ڪرڻ تي ھنن منهنجي پٽ خلاف 13 ڊي جو جڙتو ڪيس داخل ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو آھي ھن چيو ته سٽي پوليس مونسان ظلم ڪيو آھي اعليٰ اختياريون نوٽس وٺن منهنجي پٽ خلاف ٿيل جڙتو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.
جيڪب آباد ۾ آپڪا جي سڏ تي مظاهرو، آفيسن کي تالا
جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن جي مرڪزي سڏ تي ڊي اي او سيڪنڊري آفيس کان تالا ھڻي ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ ملازمن نصر الله ڊومڪي، محمد مراد سومرو، مجيد سرڪي، سجاد سومرو، دولت جکراڻي، ممتاز ڪناسرو، الطاف پنھور، شبير کوسو، محمد علي لاشاري، سعيد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي جيڪا ڊي سي چوڪ پھتي ملازمن چارٽر آف ڊيمانڊ جي منظوري لاءِ نعريبازي ڪئي ملازمن مطالبو ڪندي چيو ته ڪلارڪس ڪيڊر کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي تمام ڪلارڪس ڪيڊر جي رھيل اپ گريڊيشن ڪئي وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ملازمن جا اسڪيل روائيز ڪري %100 پگھار وڌائي وڃي ڪلارڪن جي اولاد لاءِ %50 ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي تمام لوڪل گورنمينٽ ملازمن جون پگھارون ٽريزري معرفت ڏنيون وڃن ھنن چيو ته سرڪاري ملازمن جو ڪٽوتي ڪيل گروپ انشورنس جا پئسا رٽائرمينٽ وقت ادا ڪيا وڃن سرڪاري ملازمن جا بينئول فنڊ جا پئسا ادا ڪيا وڃن سڀني سرڪاري ملازمن جون بند ڪيل پگھارون کوليون وڃن ته انھن جي گھر ۾ فاقا ڪشي ختم ٿئي سرڪاري ملازمن ۾ وڌندڙ بي چيني ختم ڪئي وڃي مطالبا نه مڃيا ويا سڄي سنڌ ۾ تحريڪ ھلائي ويندي.
اوستا محمد ۾ ناريءَ کي زوري پرڻائڻ جي ڪوشش
ناري رقيه بي بي جو پيءُ تي کيس پيسن عيوض وڪرو ڪرڻ جو الزام
پيءُ جا گرفتاري وارنٽ به نڪتل آهن، اڳ به مونکي وڪرو ڪيو هو، تحفظ ڏنو وڃي
ڳڙهي خيرو ( رپورٽ: ساگر ڀٽي) زبردستي شادي ڪرائڻ خلاف نوجوان ناري اوسته محمد پريس ڪلب پھچي وئي. ناري رقيه بي بي پريس ڪلب ۾ دانھيندي ٻڌايو ته سندس امڙ فوت ٿي چڪي آهي ۽ سندس پيءُ نشئي آھي ھو پئسن عيوض مونکي وڪرو ڪرڻ چاھي ٿو ھن چيو تہ مان ھن وقت پنھنجي ماسي سان گڏ رھان ٿي ھن چيو تہ مون پنھنجي والد جي خلاف ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي جنھن سندس گرفتاري جا وارنٽ به جاري ڪيا آهن . ھن چيو تہ منھنجو والد عبدالرئوف لالچي ۽ نشئي آھي جنھن مونکي اڳي به وڪرو ڪيو ھو. ھن چيو تہ آء ھن وقت بيمار آھيان مونکي ماسي کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ڪو آسرو ناھي ھن چيو تہ مان شادي ڪرڻ نٿي چاھيان. ناري ھائي ڪورٽ بلوچستان ، وزير اعليَ بلوچستان ۽ ٻين وس وارن کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڳڙهي حسن مان 5 سال اڳ اغوا ٿيل نينگر نه موٽيو، وارث پريشان
12 ورهين جي الطاف کوسي کي پوليس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو
پٽ جي بازيابي لاءِ هڪ هڪ وڏيري وٽ ويو آهيان، پوليس به ڪجھه نٿي ڪري: حبيب کوسو
ڳڙھي حسن(رپورٽ: محمد حسن کوسو) ڳڙھي حسن لڳ ڪريم بخش ٿاڻي جي حد م ڳوٺ محمد اسماعيل کوسو مان پنج سان اڳ اغوا ٿيل الطاف کوسو جي بازيابي لا۽ سندس پي حبيب الله کوسو ۽ سياسي سماجي اڳواڻ حاجي رسول بخش۔ رحيم بخش۔آصف کوسو۽ ٻين احتجاج ڪيو آھي ۽ احتجاج دوران حبيب الله کوسو دانھيندي ٻڌايو آھي ته پنج سالن کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو آھي ۽ اڃان تائين پٽ حافظ قرآن الطاف کوسو بازياب ناھي ٿيو ۽ تر جي ھڪ ھڪ ڀوتار وٽ وڃي وڃي ٿڪجي پيو آ ۽ ڪو به مدد ڪرڻ لا۽ تيار ناھي۔ ھن چيو آھي ته ڪريم بخش کوسو پوليس به پٽ جي بازيابي لا۽ قدم ناھي کنيو۔۽ ھن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو آھي ته منھنجي پٽ جي اغوا م ملوث پوليس اھلڪار سنڪدر کوسو۔۽ عبدالقدير کوسو۔ابراھيم کوسو۔مولابخش کوسو۔سرعام گھمي رھيا آھن ۽ ڪريم بخش پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا۽ تيار ناھي۔ ھن ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪيو ته پٽ الطاف کوسو کي بازيابي ڪري انصاف ڪيو وڃي۔ٻي پاسي رابطي ڪرڻ تي پوليس اھلڪار سڪندر کوسو چيو آھي ٿه مان الطاف کوسو جي اغوا م ملوث ناھي ۽ ھي ڪوڙو الزام ھنيو پيو وڃي ۽ حبيب الله کوسو جتي چوي فيصلو ڏيڻ لا۽ تيار آھيان.
ٺل ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ليڊي هيلٿ ورڪر تي حملو، ايل ايڇ وي ۽ سندس ڀاءُ زخمي
ٺل ٿاڻي تي ليڊي هيلٿ ورڪر بُشريٰ آرائين جي فرياد تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو
ٺل(ن پ ا)ٺل جي باء پاس وٽ پلاٽ جي معامري تي آرائين ۽ کوسن وچ ۾ تڪرار ڪر کنيو آهي، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ليڊي هيلٿ سپروائيزر بشري آرائين ۽ ان جو ڀاء اڪرم آرائين زخمي ٿي پيا. ٺل ٿاڻي تي بشري آرائين جي فرياد تي اڳوڻي سيڪريٽري تعليم شفيق کوسو جي پٽ محمد خان کوسو ۽ ٻين مٿان اين سي داخل ڪئي ويئي آهي.
جرڳن تي پابندي نه هئڻ گهرجي،پنچائتي سسٽم آڻيو:منظور پنهور
جرڳا نه پر فيصلا ڪرائيندو آهيان، جهيڙن جا تڪڙا نبيرا نه ٿيڻ سبب ماڻهو ڌاڙيل بڻجن ٿا
هزارين فيصلا ڪرايا اٿم،هر آچر تي 15 کان 30 فيصلا ڪندو آهيان:پنهنجي اخبار سان ڳالهيون

ڪراچي (ڳالهه ٻولهه: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جرڳا ڪندڙ اڳوڻي وزير مير منظور پنهور چيو آهي ته قبيلائي جھيڙن، زمين تي ٿيندڙ تڪرار ۽ ڪاروڪاري وارن معاملن جا تڪڙا نبيرا نه ٿيڻ سبب ماڻهو ڌاڙيل ٿي ٻيلا وسائين ٿا. فيصلن تي پابندي هجڻ بجاءِ سرڪاري سطح تي “پنچائت سسٽم” هجڻ گھرجي جيئن تڪرار جلد ختم ٿي وڃن. “پنهنجي اخبار” سان ڳالهه ٻولهه دوران منظور پنهور چيو ته آئون جرڳا نه پر فيصلا ڪرائيندو آهيان. جنهن کي جرڳي جو نالو ڏئي مون تي مختلف وقتن ۾ 4 ڪيس داخل به ڪيا ويا. صلح ڪرائڻ تي پابندي نه هجڻ گھرجي. هن چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ هزارين فيصلا ڪرايا آهن. هر آچر تي 15 کان 30 فيصلا ڪندو آهيان. جنهن ۾ ڌرين کي تڪڙو انصاف ملي وڃي ٿو.
هن چيو ته گھوٽڪي ضلعي ۾ ڪوش-سولنگي تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا 170 ماڻهو قتل ٿيل هئا، ان جو به مون فيصلو ڪيو. قمبراڻي-مارفاڻي تڪرار جي 119 ماڻهن جي قتل، جتوئي-مهر جھيڙي ۾ 150 ماڻهن جي خون، قمبراڻي-عيساڻي خوني ويڙھ جي 45 ماڻهن جي مارجڻ، ساوند-سبزوئي تڪرار جي 160 ماڻهن، جکراڻي-ڀيو خوني جھيڙي جي 60 ماڻهن جي قتل جهڙي وڏن تڪرارن جا فيصلا ڪري ڌرين کي وڌيڪ خونريزي کان بچائڻ تي مون کي پاڻ تي فخر آهي.
مير منظور پنهور هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جرڳو انگريز دور ۾ اسسٽنٽ پولٽيڪل ايجنٽ ڪندا هئا. تڏهوڪي دور ۾ ٻن ڌرين ۾ جڏهن جھيڙو ٿيندو هو ته اڄوڪا صوبيدار تڏهن “دفيدار” هوندا هئا انهن وٽ فرياد ويندي هئي ته دفيدار جھيڙيندڙ ڌرين کي اسسٽنٽ پولٽيڪل ايجنٽ وٽ پيش ڪندا هئا ۽ سرڪاري سطح تي جرڳو ڪري “ليويز فورس” ذريعي فتويٰ تي عمل به ڪرائيندا هئا. هن چيو ته اڄ جهڙي جديد دور ۾ به آمريڪا، يورپ ۽ برطانيا ۾ “جيوري سسٽم” آهي. جنهن ذريعي ڌرين جا مسئلا حل ڪرايا وڃن ٿا.هتي اسان وٽ بدنصيبي سان اخبار وارن کي “جرڳي”، “ٺاھ” ۽ “صلح” لفظ کان چِڙ آهي.
هن چيوته مون ڪڏهن به پنهنجي ڪيل فيصلن ۾ ڏنل فتويٰ تي پڇتاءُ ناهي ڪيو. الله جو شُڪر آهي ته انتهائي سخت مزاج ماڻهو به منهنجي فتويٰ کي قبول ڪندا آهن. ان ڪري ئي نه رڳو سنڌ پر بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به فيصلن جي سرپئنچ طور مون کي گھرايو ويندو آهي. هن چيو ته ڌرين جي انا کي ختم ڪرڻ ۽ فتويٰ تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کان معتبر ماڻهن جي ضمانت وٺندا آهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ مون تي ٺاھ ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ نه صرف 4 ڪيس داخل ٿيا پر قانون اهڙو حرڪت ۾ آيو ته مون سنڌ ۾ فيصلا ڪرڻ ڇڏي ڏنا. سنڌ ۾ مون تي اڻ اعلانيل پابندي لڳائي وئي، جنهن بعد مون بلوچستان جي علائقي صحبتپور وڃي فيصلا ڪيا. سنڌ جي ماڻهن کي به اتي گھرائي فيصلا ڪندو رهيس.
ماڻهو سوچيندا آهن ته پئسن لاءِ فيصلا ڪندو آهيان پر اهو غلط آهي. پنهنجو پئٽرول ۽ خرچ ڀري فيصلا ڪرڻ ويندو آهيان. مير منظور پنهور کان جرڳن ۾ ايندڙ خرچ بابت سوال ڪيو ويو ته هُن جواب ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ مون کان هڪ صحافي عورت به ساڳيو سوال ڪيو هو ته “توهان جي فيس ڪيتري آهي”؟ ان سوال بعد سوچڻ تي مجبور ٿيو هئس ته اهو تاثر ڪيئن ختم ڪيان! مير منظور پنهور چيو ته گھڻي ڀاڱي ماڻهو اهو سمجھندا آهن ته شايد مان فيصلا ڪرڻ جا پئسا وٺندو آهيان پر حقيقت بلڪل ان جي ابتڙ آهي. هن چيو ته بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جتي به فيصلا ڪرڻ ويندو آهيان ته اهو خرچ پاڻ ڀري ويندو آهيان. ڪنهن کان روپيو به ناهيان وٺندو. پر اڄ اوهان سوال ڪري ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي.
ٺل ۾ اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود ڪاري وارا ڪک نظر اچن پيا: جسٽس (ر) امير هاني مسلم جي ڪامورن کي ڇنڊ
ڇو نه ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن کي نيب موڪليو وڃي؟ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کان سخت پڇاڻو
پبلڪ هيلٿ جا عملدار ۽ ٺيڪيدار 29 ڊسمبر تي ڪراچي طلب، ڊرينيج تان قبضا هٽائڻ جو حڪم
ٺل(رپورٽر) واٽر ڪميشن جو سربراه جسٽس (ر ) امير مسلم هاني ٺل پهتو ،جتي هن واٽر سپلاءِ جي تلائن ،ڊرينيج سسٽم جي کوهن جو دورو ڪيو، اطلاع تي ڪيترائي شھري پهچي ويا، شھرين سيد واحد بخش شاه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته واٽر سپلاءِ جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان مڪمل نه ٿيو آهي، اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود واٽر سپلاءِ مڪمل نه ٿي سگهي آھي، شھري پاڻي پئسن تي وٺڻ لاء مجبور آهن جڏهن ته ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره ٿيل آهي، نيڪال جو پاڻي روڊ ۽ گهٽين ۾ بيٺو آھي،جڏهن ته نيڪال جو پاڻي تلائن بجاءِ موسي الله آباد شاخ ۽ شھر مان گذرندڙ سون واه ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي، جنهن تي جسٽس امير مسلم هاني پبلڪ هيلٿ جي عملدارن کي سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته اربين روپيا خرچ ڏيکاريو آھي، پر ڪم ڪاري واري ڪک لڳا پيا آهن هن عملدارن کي چيو ته ڇو نه اوهان کي ۽ ٺيڪيدارن نيب موڪليو وڃي؟ هن ڊرينيج جي کوهن ۽ تلائن تان 15 ڏينهن ۾ قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ،جڏهن ته هن پبلڪ هيلٿ جي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي اچي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو . شھر جي قبرستان ۾ گندو پاڻي اچڻ جي شھرين دانهن پڻ ڏني. واٽر ڪميشن جي سربراه سان ڊي سي جيڪب آباد ايڪسين پبلڪ هيلٿ ۽ ٻيا عملدار گڏ هئا.
ڳڙهي خيرو ۾ پلاٽ جي تڪرار جو نبيرو،تڪراري پلاٽ بليدين کي ملي ويو
مير باز بروهي جي سرپئنچي ۾ جرڳو،بيلدين ۽ سيدن پلاٽ جي مالڪي جي دعويٰ ڪئي
ڳوٺ کي بليدي برادري جي ماڻهن آباد ڪيو،پلاٽ جي مالڪي به انهن جي هوندي:فيصلو
ڳڙهي خيرو(ن پ ا)ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ امير آباد جي سيد ۽ بليدي برادرين ۾ ڳوٺ ۾ رهائش جي معاملي تان هلندڙ تڪرار جو نبيرو مير باز خان بروهي وٽ ٿيو.نبيري ۾ سيد خير شاھ ۽ مير اسلم خان بليدي جي ڌرين ڳوٺ امير آباد ۾ ٺهندڙ مدرسي جي زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪئي جنهن تي فيصلي جي سرپنچ مير باز خان بروهي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڏنو ته ڳوٺ امير آباد هڪ پراڻو ۽ تاريخي ڳوٺ آهي ۽ ڳوٺ کي بليدي برادري جي ماڻهن آباد ڪيو آهي،ان ڪري ڳوٺ جي مالڪي بليدي برادري جي هوندي ۽ تڪراري پلاٽ به بليدين جو آهي ۽ اتي مير اسلم خان بليدي مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪري سگهي ٿو،آخر ۾ ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.
پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس(ر) امير هاني مسلم جيڪب آباد پهتو، منصوبن ۾ دير تي عملدارن کي ڇنڊ
تلائن جي ڀڪن ۾ سيمو،انجنيئر ناھيان پر عقل آهي ته هي سڀ ناقص ڪم ٿيل آهي: هاني
امير هاني مسلم ڊي سي، ميونسپل چيئرمين ۽ ٻين کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي گھرائي ورتو
جيڪب آباد (ن پ ا) واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس(ر) امير هاني مسلم جيڪب آباد جي پاڻي منصوبن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ۽ ڪوتاهين تي ٺيڪيدار سميت سموري عملدارن کي ڪراچي گهرائي ورتو آهي.
جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جيڪب آباد پهچي کير ٿر تي تلائن جو دورو ڪيو، جنهن دوران آبپاشي سيڪريٽري جمال شاھ، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري خالد حيدر شاھ ٻين ساڻس گڏ هئا.
امير هاني مسلم آڏو رهواسين شڪايتون ڪيون ته تلائن جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ڀڪون سيمو ڪري رهيون آهن، جنهن تي جسٽس (ر) امير هاني مسلم عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان انجنيئر ناهيان، پر ايترو عقل آهي ته هيءَ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو نتيجو آهي.
جسٽس(ر) امير هاني مسلم پاڻي منصوبي سان لاڳاپيل ، ٺيڪيدار، ڪنسلٽنٽ، آفيسرن سميت ڊي سي جيڪب آباد ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي طلب ڪري ورتو آهي.
ڳڙهي خيرو ٽريڪ تي 9 سالن کان ٽرين نه هلي، اسٽيشن ۽ پٽڙي زبون حال
1924 ۾ وڇايل تاريخي ريلوي ٽريڪ 2010 جي مها ٻوڏ ۾ تباهه ٿيو ،9 سال گذرڻ باوجود بحال نه ٿيو
ڪيترن هنڌن تي ٽريڪ تي قبضا ٿي چڪا ،ماڻهو زمين کيڙي فصل پوکڻ لڳا ،ريلوي اختياريون ننڍ ستل
ڳڙهي خيرو (رپورٽ ساگر ڀٽي) ريلوي کاتي جي نااهلي سبب 9 سال گذرڻ باوجود ٽرين سروس ٻيھر بحال نه ٿي سگھي آهي. 2010ع واري ٻوڏ ۾ هتي ريلوي سروس بند ڪئي وئي هئي . 1924ع ۾ ٺھيل ريلوي اسٽيشن جي خوبصورت عمارت ھن وقت کنڊر ۾ تبديل ٿي وئي. مالڪي نه ٿيڻ ڪري ماڻھو ريلوي اسٽيشن جي خوبصورت عمارت کي ڊاهي سرون ، لوھي سريا، در ، دريون ۽ ٻيو قيمتي ۽ تاريخي سامان چورائي ويا، جنھن سبب شاندار ماضي رکندڙ عمارت جا هاڻ صرف نشان رھجي ويا آھن. ريلوي اسٽيشن جي مالڪي نه ھجڻ ڪري قبضا مافيا به جاڳي پئي ريلوي اسٽيشن جي عمارت، ڪوارٽرز ۽ ٽريڪ تي قبضا ڪيا ويا آهن. ريلوي لائين ھيٺيان لڳل قيمتي ڪاٺ جون پٽيون به ماڻھو پٽي کڻي ويا جن مان در ۽ درين جاچوڪاٺ ٺهرايا ويا آهن. ماڻھن زمينن تان گذرندڙ ريلوي ٽريڪ تي قبضه ڪري زرعي زمين آباد ڪري ڇڏي آھي. 1924 ۾ پھريون ڀيرو ڳڙهي خيرو ۾ ريلوي لائن وڇائي وئي، جيڪا دوداپور ، الله آباد کان رتوديرو ، بنگل ديرو کان لاڙڪاڻي تائين ھوندي ھئي، جنھن کي ڇوٽي لائين سڏيو ويندو هو. ان کانپوءِ 1932ع ڳڙهي خيرو کي تعلقي جو درجو مليو ته ريلوي لائين کي به اپ گريڊ ڪري لاڙڪاڻو کان قمبر، شھدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو، اوسته محمد، جيڪب آباد تائين نئين لائن وڇائي وئي. ان وقت اوستا محمد به سنڌ جو حصو ھيو. ان دور ۾ ھتان ڏينھن ۾ 3 ٽرينون ھلنديون ھيون. واپاري به مال گڏي وسيلي چانور ڪراچي موڪليندا ھئا..
عوام لاءِ تفريح گاهه رهندڙريلوي اسٽيشن ڀوت بنگلو بڻجي وئي
ڳڙھي خيرو : ماضي ۾ ڳڙهي خيرو ريلوي اسٽيشن عوام لاءِ بھترين تفريح گاھ ھوندي ھئي. جيڪا هنئير تباهه ٿيڻ کانپوءَ ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏئي رهي آهي ، ماضي ۾ هن خوبصورت عمارت ۽ باغ کي ڏسڻ لاء شام جو شھري ريلوي اسٽيشن جو رخ ڪندا ھئا. اونھاري ۾ بڙ جي گھاٽن وڻن جي ڇانوَ ماڻھن کي سڪون ڏيندي ھئي. مسافر ريلوي اسٽيشن کان شھر تائين ٽانگي تي چڙھي گھوڙي جي ٽاپن مان لطف اندوز ٿيندا هئا. ريلوي اسٽيشن ، ريل گاڏي توڙي ٽانگا ھاڻي صرف ماضي جو قصو بڻجي ويا آهن.
شهرين پاران تاريخي ٽريڪ کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي گهُر
ريل سروس شروع ٿيڻ سان عام شهرين ۽ واپارين کي فائدو رسندو : ابرار شاهه
شيخ رشيد ٻين هنڌن تي ٽريڪ وڇائي پيو ، هتي به ڪم ٿيڻ گهرجي : اي ڊي کوکر
ڳڙهي خيرو : شھرين ريلوي واري وفاقي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي تاريخي ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪري اتي ٻيهر ريل هلائي وڃي .شهرين اي ڊي کوکر ، سيد ابرار شاھ ، غلام مصطفي جمالي ۽ ٻين ٫ پنھنجي اخبار ، سان ويچار ونڊيندي ٻڌايو ته شاندار ماضي رکندڙ ڳڙهي خيرو جي ريلوي اسٽيشن ھن وقت کنڊر ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ڪڏھن ھن ريلوي اسٽيشن تي ماڻھن جو ھجوم ھوندو ھئا. ٻوڏ کان اڳ ۾ به ھتي ريل سروس ھوندي ھئي پر ٻوڏ ۾ بند ٿيل ريل سروس 9 سال گذرڻ باوجود ٻيھر بحال نه ڪئي وئي آهي جنھن ڪري ھتان جا شھري ريل جھڙي عام بنيادي سھولت کان محروم آھن . اگر ريل سروس بحال ڪئي وڃي ته واپارين کي به فائدو ٿيندو. انھن چيو ته ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد نوان ريلوي ٽريڪ وڇائڻ ۽ نوان ريل اسٽاپ ڏئي رھيو آھي پر ڳڙهي خيرو جي بند ٿيل ريل سروس بحال ڇو نه پئي ڪئي وڃي. ھنن چيو ته ڳڙهي خيرو جي بند ٿيل ريلوي سروس بحال ڪري ھتان جي عوام کي ريل جي سھولت ڏني وڃي.
ٺل: گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ آزار بڻيل
دڪاندارن ۽ گھريلو صارفين کي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ جي آزار کان بچايو وڃي: سياسي،سماجي اڳواڻ
ٺل(رپورٽر) ٺل شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن کان وٺي گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي. جنهن سبب بجلي تي هلندڙ ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته گهريلو صارفين توڙي دڪاندار سخت پريشان آهن. هوڏانهن گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ عوام لاءِ پريشاني جو باعث بڻيل آهي، هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن جاويد ساغر ليات سرڪي ۽ ٻين ٺل شهر ۾ هٿراڌو گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي هتان جي عوام کي انهي آزار کان بچايو وڃي.
گڙھي خيرو:دڪان کي کاٽ.ھزارين رپيا چوري
ڳڙهي خيرو(رپورٽر)لعل شاھ بري ۾ اڻ ڄاتل چور درگاھ لعل شاھ بري جي فقير عبدالغفار شيخ جي منيارڪي دڪان کي کاٽ ھڻي ھزارين روپين جو سامان چوري ڪري ويا.دڪان جي سامھون ڪجھ فوٽن تي پوليس چوڪي ھجڻ باوجود چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا..
ڳڙهي خيري ۾ جيئي بخاري ٽيم ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ ۾ فاتح
فائنل ۾ جيئي بخاري 1-2 رائونڊن تان جيئي نورل شاهه ٽيم کي شڪست ڏني

ڳڙهي خيرو(ن پ ا)ڳڙهي خيري ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ڪوڏي ڪوڏي جا بهترين مقابلا ڪرايا ويا. مشهور درگاھ حيدر شاھ بخاري تي ٿيل هڪ ڏينهن واري ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جئي بخاري ڳڙهي خيرو ۽ جئي نورل شاھ ڏيئا وڏا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو.
جيئي بخاري ڳڙهي خيري جي ٽيم 1-2 رائونڊن تان نورل شاهه ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل کٽي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا.
جئي بخاري ڳڙهي خيرو ٽيم ۾ بابو بلوچ،رحمت الله عرف لالو بليدي،ظفر علي دستي،عبداللطيف بليدي،غلام شبير چهواڻ،محبوب علي چهواڻ،ڪوٽڙو ميرجت ۽ مدد علي چهواڻ شامل هئا، جڏهن ته جئي نورل شاھ ڏيئا وڏا ٽيم ۾ علي نواز سهتو،دشان ڏيئو،جانب سهتو،اختر علي کوسو،سيد جهان شاھ،غلام مصطفيٰ شر،دلشاد سهتو ۽ محمد نواز سهتو شامل هئا.
فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ انعامي رقم ڏني وئي، رانديگرن پنهنجي فتح تي شاندار جشن ملهايو.مئچ ڏسڻ لاءِ ڀرپاسي جي علائقن مان سوين شوقين پهچي رانديگرن کي داد ڏنو.
ٺل:ٻارڙو تلاءُ ۾ ڪري فوت ٿي ويو
ڳوٺ خاوند ڏنو مھر ۾3 سالن جو رازق ڏنوراند ڪندي تلاءُ ۾ ڪري پيو
ٺل(رپورٽر)ٺل ويجهو ڳوٺ خاوند ڏنو مهر ۾ ٽن سالن جو ٻارڙو رازق ڏنو پٽ سعيد مهر ڳوٺ جي تلاءُ ۾ ٻڏي ويو.لاش ملڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو.نينگر جي وارثن موجب نينگر راند ڪندي تلاء ۾ڪرڻ سبب فوت ٿيو. نينگر جو لاش مقامي قبرستان ۾دفنايو ويو.