خيرپورناٿن شاھ (ن-پ-ا) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ فتح پور سامهون انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو، فوتي جي لاش کي اسپتال آندو ويو سندس جي خيسي مان شناختي ڪارڊ مليو جنهن ۾ سليم آرائين لکيل آھي، لاش جي وارثي نه ٿي سگهي لاش اسپتال ۾ پيل آهي.
دادو ۾ آپريشن متاثر دربدر، رت سڪائيندڙ ٿڌ ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل
ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ جي پٽي تي آپريشن دوران 65 پورهيتن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، بااثرن خلاف ڪارروائي نه ٿي!
گهر ٻاهران پاڇو برداشت نه ڪندا هئاسين، اڄ نياڻيون جهوپڙين ۾ ويٺل آهن، ڇا عزت سان جيئڻ جو حق به ناهي؟: متاثر
دادو(ن پ ا) دادو جي ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ واري پٽي مان 65 گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ سبب متاثر خاندانن دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، 15 کان وڌيڪ متاثر خاندانن ساڳين پلاٽن تي جهوپڙيون اڏي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت شديد سردي ۾ ويهي رهيا آهن. متاثر جهوپڙين ۾ راتيون گهارڻ تي مجبور آهن. آپريشن متاثر ڪٽنب جي هڪ عورت مسمات پٺاڻي ملاح لڙڪ لاڙيندي دانهيو ته گهر ڊاهي پٽ ٿيڻ سبب دربدر آهيون، چار جوان نياڻيون جهوپڙين ۾ رهن ٿيون. مسمات وزيران ٻڌايو ته گهر ڊاهڻ دوران سمورو سامان به ڀڃي ڇڏيو اٿئون، رڌ پچاءَ لاءِ ٿانوءَ ناهن بچيا، معصوم ٻارڙا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. غلام محي الدين سولنگي دانهيو ته انتظاميا بااثرن جا گهر ڊاهڻ بدران مسڪينن جي اجهن تي مشينري گهمائي ڇڏي.
ڪڪڙ ڀرسان نوجوان تي پوليس جو تشدد،وارثن پاران ٿاڻي جو گهيرو
ڳوٺاڻو لياقت علي ٻٻر ڳوٺ وڃي رهيو هيو ته اهلڪارن کيس تشدد بعد ڦٽو ڪري ڇڏيو
نوجوان جي امڙ ۽ ڀاءُ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ٿاڻي جو گهيرو ڪري ورتو،پوليس خلاف نعريبازي
خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) ڪڪڙ ۽ ڪي اين شاهه پوليس جو ڳوٺاڻي تي تشدد،ڳوٺاڻن جو متاثر کي کڻي ڪڪڙ ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو،اطلاع تي ڊي ايس پي پهچي متاثر کي تعلقه اسپتال ڪي اين شاهه کڻائي آيو.ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻيلي پتڻ جو رهواسي ڳوٺاڻو لياقت علي ٻٻر ڳوٺ وڃي رهيو هيو ته ڪي اين شاهه ۽ ڪڪڙ ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن ڪاري موري وٽ مٿس سخت تشدد ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد ڳوٺاڻن ،سندس ڀاءُ راشد ٻٻر ۽ سندس ماءُ نظيران ٻٻر جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ مڇريل ڳوٺاڻن ڪڪڙ پوليس تي لعنتون وڌيون ۽الزام هنيو ته ڪڪڙ ۽ ڪي اين شاهه پوليس جي اهلڪارن بشير شاهه ۽ ٻين بي گناهه لياقت ٻٻر تي تشدد ڪيو آهي،اهڙي اطلاع تي ڊي ايس پي ڪي اين شاهه ڪڪڙ پهچي متاثر ڳوٺاڻي کي ڪي اين شاهه تعلقه اسپتال کڻائي آيو، جتي سندس علاج هلندڙ هو، ڊي ايس پي ڪي اين شاهه رابطي تي ٻڌايو ته مان پاڻ واقعي جي جاچ ڪريان ٿو ،سڀاڻي ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌي جيڪو ڏوهي نڪتو ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
ميهڙ:ڳوٺ سوجهرو ۾ گاهه ڪرڻ تان جهيڙو،هڪ عورت سميت 4 زخمي
ميهڙ(ن پ ا)ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوجهرو ڀنڊ ۾ زرعي زمين مان گاه ڪپڻ جي معمولي ڳاله تان ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ هڪ عورت مسمات حميده ڀنڊ 60 ورهيه پير سن حاجي رستم ڀنڊ، 25ورهيه اعجاز ڀنڊ 20ورهيه امتياز ڀنڊ ڪهاڙيو ن۽ ڏنڊالڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ تعلقا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي،جڏهن ته ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار عظيم ڀنڊ،نديم ڀنڊ، دلدار ڀنڊ ۽ شبير ڀنڊ تي جهيڙي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي ،جڏهن ته پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ڪيو.
ڪراچي کان پنڌ نڪتل نوجوان دادو پهتو، شاندار استقبال
دادو( رپورٽر) ڪراچي اسٽيل جم ڪلب جي ميمبر نوجوان شاداب بلوچ 9 ڏينهن اندر ڪراچي کان دادو تائين پيادل مارچ ڪري دادو پهتو جنهن دادو پهچڻ وڪيل صحبت بلوچ ۽ ٻين شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين کي ٻڌايو ته پهريان لاهور واسي ڪسرت راء لاهور کان اسلام آباد تائين 10 ڏينهن ۾ 327 ڪلوميٽر پنڌ ڪيو هو ۽ مان 9 ڏينهن ۾ ڪراچي کان دادو تائين 327 ڪلوميٽر پنڌ ڪيو آهي ۽ سڀاڻي وڌيڪ 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري 337 ڪلوميٽر پورا ڪري ڪسرت راء جو رڪارڊ ٽوڙيندس.
خدا آباد ۾ قتل ڳوٺاڻي جي وارثن جو دادو ۾ ڌرڻو
مقتول علي مراد جتوئي جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو ھنيو
جوابدار محبوب مهيسر کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو پر کيس آزاد ڪيو ويو: ڳوٺاڻا
دادو (ن پ ا) دادو ڀرسان خدآباد ۾ قتل ڪيل ڳوٺاڻي علي مراد جتوئي جي وارثن حاجي ليمون ، علي شير جتوئي جي اڳواڻي ۾ پريس آڏو جوبدارن جي گرفتاري لاء مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ خدآباد پوليس خلاف نعري بازي ڪندا رهيا ۽ الزام هنيو آهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت ملوث جوابدار محبوب مهيسر جي ڪچي ضمانت رد ڪئي ته اسان فريادي ڌر ان کي پڪڙي ڪورٽ ۾ بيٺل اهلڪارن حوالي ڪيو انهي دوران ايس ايڇ او خدآباد کيس ڪار ۾ کڻي آزاد ڪيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او خدآباد خلاف ڪاروائي ڪري قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.
جوهي ڀرسان ڪانڌين کان ڦرلٽ، احتجاج، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي
دادو(رپورٽر) جوهي جي حاجي لنڪ روڊ تي حادثي ۾ فوت ٿيل ميان ڏتو کوسو جو مڙھ سول اسپتال دادو کان ڪاڇي جي باز مال کوسو نيو پئي ويو ته جوهي ڀرسان حاجي خان لنڪ روڊ تي 12 هٿياربند ڦورن ايمبولنس ۽ ان سان گڏ موٽر سائيڪلن تي ويندڙ ڳوٺاڻن کي هٿيارن جي زور تي روڪي 2 موٽر سائيڪلون ۽ 8 موبائيل سيٽ ڦر ڪري ڀڄي ويا آهن فوتي ڳوٺاڻي جي وارثن پاران جوهي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ نه پهتي ڳوٺاڻن محبوب ، اعجاز کوسو ، شريف لنڊ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ميت سان گڏ هئڻ باوجود،انسانيت کان ڪريل ڦورن کائن ڦر ڪئي آهي ٻئي طرف ايس ايس پي دادو پرويز احمد عمراڻي جو چوڻ آهي اهڙي واقعي جو اطلاع آهي جلد پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ڦر ڪيل سامان واپس ڪرائيندي.
“مسڪين هئڻ ڏوهه آهي؟” دادو ۾ آپريشن متاثر دربدر، رت سڪائيندڙ ٿڌ ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل
ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ جي پٽي تي آپريشن دوران 65 پورهيتن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا پر بااثرن خلاف ڪارروائي نه ٿي!
سرڪار گهر ڊاهڻ کان اڳ نياڻين جي لڄ ڍڪڻ لاءِ ڇت ته ڏئي ها، بيواهه عورتن احتجاج دوران لڙڪ لاڙي ويٺيون
دادو(ن پ ا) دادو جي ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ واري پٽي مان 65 گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ سبب متاثر خاندانن دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، 15 کان وڌيڪ متاثر خاندانن ساڳين پلاٽن تي جهوپڙيون اڏي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت شديد سردي ۾ ويهي رهيا آهن. متاثر جهوپڙين ۾ راتيون گهارڻ تي مجبور آهن. آپريشن متاثر ڪٽنب جي هڪ عورت مسمات پٺاڻي ملاح لڙڪ لاڙيندي دانهيو ته گهر ڊاهي پٽ ٿيڻ سبب دربدر آهيون، چار جوان نياڻيون جهوپڙين ۾ رهن ٿيون. مسمات وزيران ٻڌايو ته گهر ڊاهڻ دوران سمورو سامان به ڀڃي ڇڏيو اٿئون، رڌ پچاءَ لاءِ ٿانوءَ ناهن بچيا، معصوم ٻارڙا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. غلام محي الدين سولنگي دانهيو ته انتظاميا بااثرن جا گهر ڊاهڻ بدران مسڪينن جي اجهن تي مشينري گهمائي ڇڏي.
ساليانو نواب شبير چانڊيو لانگ رينج شوٽنگ مقابلو عبيد ابراهيم کٽي ورتو
اٺين لانگ رينج شوٽنگ مقابلي ۾ سردار جمال لغاري ٻي ۽ ميان رفيق 3 پوزيشن حاصل ڪئي
وڏو وزير مراد علي شاهه، اسپيڪر سراج دراني، نثار کهڙو، امتياز شيخ، مڪيش ڪمار چاولا خاص مهمان طور شريڪ
ميهڙ(رپورٽ: پاويل جوڻيجو) هر سال جيان هن سال به ايم پي اي نواب غيبي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو پاران نواب شبير احمد چانڊيو جي ياد ۾ اٺين لانگ رينج شوٽنگ جو مقابلو غيبي ديرو ڀرسان گڙتل واري علائقي ۾ ڪرايو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۽ علائقن جي توبچين حصو ورتو. لانگ رينج شوٽنگ ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير امتياز شيخ مڪيش چاولا ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نواب شبير احمد چانڊيو اٺين لانگ رينج شوٽنگ جي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن عبيد ابراهيم ٻئين، پوزيشن سردار جمال لغاري ۽ ٽئين پوزيشن ميان رفيق حاصل ڪئي. مقابلي جي فاتح ۽ شوٽنگ ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن کي رائيفل ۽ شيلڊون انعام طور ڏنيون ويو. ايم پي اي نواب سردار احمد خان چانڊيو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي رائيفل ۽ شيلڊ گفٽ طور پيش ڪئي. تقريب ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ مرحوم نواب شبير احمد خان چانڊيو جي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي، جڏهن ته آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ ڏنا ويا. اٺين لانگ رينج شوٽنگ مقابلي جي پروگرام ۾ ضلع ڪائونسل دادو جي چئيرمين اشرف خان سولنگي، سچوا چئيرمين عبدالمالڪ چانڊيو، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ عنيد حسين جتوئي، رئيس قربان چانڊيو سميت ٻين سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڊي سي دادو ۽ پير مظهر الحق وچ ۾ تڪرار
دادو: دادو ۾ حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن به تڪرارن جي ور چڙهي ويو آهي. اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي ڊي سي آفيس تي الزام هنيو آهي ته دادو ۾ حددخلين خلاف آپريشن شفاف نموني نه ٿي رهيو آهي، غريبن جا گهر توڙي ٻيون اڏاوتن ڊاهي پٽ ڪرڻ سان گڏ بااثر ڌُرين کان به قبضا ڇڏائڻ گهرجن.
“جيڪو ڏاڍو سو گابو” دادو ۾ حددخلين خلاف آپريشن ۾ رڳو غريبن جا گهر ڍير
دادو ڪئنال تي اڏاوتون نه هٽايون ويون، ميونسپل جي دڪانن مٿان ٺهيل عمارتون ۽ قبرستان تي قبضا به برقرار
غيرقانوني ڪارخانا، هوٽلون ۽ دڪان به نه هٽايا ويا، تاريخي لعل هندي قبرستان جي پلاٽن تي قبضا ڪري بنگلا ۽ جڳهون ٺاهيون ويون
دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) سنڌ جي شهرن جيان دادو شهر ۾ به سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت انتظاميا طرفان حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ جو آپريشن تيزيءَ سان جاري آهي. شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تان غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ بعد انتظاميا بااثر ڌُرين کي قبضا ڇڏڻ جا نوٽيس ته جاري ڪيا ويا، پر بااثر ڌُرين جا قبضا هٽائڻ لاءِ عملي طور آپريشن ڪرڻ جي حوالي سان انتظاميا اڃا تائين ٻُڌتر جو شڪار آهي. ضلعي انتظاميا طرفان دادو ڪئنال جي بندن تي قبصو ڪندڙ ارشد ميمڻ، احمد خان پنهور، نور حسين ٻگهيو، عبدالله جمالي، بادل مستوئي، دولت جمالي، حامد سيال، عامر شاھ ۽ عنايت الله پنهور سوڌو ٻين کي پاڻمرادو قبضا ڇڏڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيس جو وقت پورو ٿي ويو. نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته غيرقانوني طور اڏايل ڪارخانا، برف ڪارخانا، هوٽلون، دڪان ۽ گهر خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو ويو هو، جنهن تي عمل نه ڪيو ويو آهي. اُن کانسواءِ دادو شهر جي شاهي بازار جي مُنڍ ۾ ميونسپل ڪميٽي جي پراڻي سبزي منڊي جي دڪانن مٿان پوليس انسپيڪٽر سميت بااثرن گهر ٺهرائي ورتا آهن، ملاح چوڪ ۽ ڪاليج روڊ جي ڪنارن توڙي گٽرن مٿان دُڪان اڏايا ويا آهن، اهڙي ريت سرڪٽ هائوس سامهون آبپاشي کاتي جي سرڪاري واٽر ڪورسن ۽ زمين تي بااثر شخصيتن پاران شاپنگ دڪان ۽ گهر تعمير ڪرايا ويا آهن. ساڳئي ئي وقت تاريخي لعل هندي قبرستان جي پلاٽن تي قبضا ڪري بنگلا ۽ جڳهون ٺاهڻ سبب ڪيتريون ئي قبرون ميسارجي ويون آهن. ان کانسواءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي قيمتي پلاٽن تي به قبضا ڪيا ويا آهن. ڊي سي دادو، ميونسپل چيئرمين کي درخواستون ڏيڻ باوجود بند ڪيل گهٽيون نه کلي سگهيون آهن. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي دادو جي چيئرمين ٻڌايو ته سبزي منڊي جي دڪانن تي اڏاوتون غير قانوني آهن. آئون ۽ اسٽنٽ ڪمشنر نذير سومرو دڪانن تي گهر توڙي شاپنگ سينٽر ٺهرائيندڙن ڏانهن وياسين، اهي اڏاوتون ضرور ڊاٺيون وينديون.
انتظاميا پاران سرڪار کان ملبو هٽائڻ لاءِ الڳ سان فنڊ وٺڻ تي غور
دادو: ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته دادو جي ضلعي انتظاميا طرفان حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ کانپوءِ ملبو هٽائڻ لاءِ ڪروڙين رُپين جو خرچ ڏيکارڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب گذريل سال ڪجهه علائقن ۾ حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون هٽايون ويون هيون، جنهن جو ملبو کڻڻ لاءِ ضلعي حڪومت طرفان 10 کان 12 ڪروڙ رُپيا خرچ ڏيکاريو ويو هو.
سرڪاري آفيسن جو به ڳچ حصو حددخلين ۾ شامل
ڊي سي هائوس، بلڊنگ کاتي جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ايس ڊي او روڊس آفيس جي غيرقانوني تعمير
ايس پي آفيس، هيپاٽائيٽس سينٽر، روينيو ڪوارٽر، سيپڪو انجنيئر جي آفيس ۽ ڊي يڇ او جي آفيس به قبضو قرار
دادو: هاءِ وي جي قانون ۾ واضح ڪيل آهي ته نيشنل هاءِ وي جنهن کي قومي شاهراهه به سڏيو ويندو آهي، اُن جي ڀرپاسي جيڪڏهن سرڪاري يا نجي عمارتون تعمير ڪرايون وڃن ته اُن لاءِ قومي شاهراهه ۽ اڏاوتن وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 فُٽن جو فاصلو هجڻ ضروري آهي. ذريعن موجب ڊي سي هائوس، بلڊنگ کاتي جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ايس ڊي او روڊس آفيس، ايس پي آفيس، هيپاٽائيٽس سينٽر، روينيو ڪوارٽر، سيپڪو انجنيئر جي آفيس ۽ ڊي يڇ او جي آفيس به اهڙي طريقي سان تعمير ڪيون ويون آهن، جو انهن جي اڳيان واريون ڀتيون 60 فُٽن جي فاصلي تي هجڻ بدران قومي شاهراهه سان ڳنڍيل آهن. دادو شهر جي مُک موندر ناڪي ڀرسان پراني واپڊا اسڪارپ جي جي بنگلن تي به بااثرن جا قبضا 15 سالن کان برقرار آهن، جن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ڪابه رٿابندي نه جوڙي وئي آهي، ريلوي کاتي جي بنگلن ۽ ڪوارٽرز تي به قبضا ڪندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.
جوهي ڀرسان ناري مبينا اغوا، ڪيس داخل
جوھي(ن پ ا) جوهي ويجهو مبينا اغوا ٿيل ناري واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ڳوٺ جعفر لنڊ واسي شريف لنڊ جوهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار آفاق لنڊ ناري ڪائنات لنڊ کي اغوا ڪري ويو آهي. ٻئي پاسي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ناري ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. هوڏانهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ناري نوجوان سان شادي لاءِ گهران نڪري وئي آهي.
سيوهڻ ۾ وحشي ڏيرن لٺيون ۽ سروٽا هڻي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو
نل پاڙي ۾ معمولي ڳالهه تان ڏيرن 4 ٻارڙن جي ماءَ 40 ورهين جي امينا سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو
جوابدار رياض ۽ دودو سولنگي ڀاڄائي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا ، پوليس لاش اسپتال پهچايو
سيوهڻ ( ن پ ا)سيوهڻ ۾ وحشي ڏيرن ڀاڄائي کي لٺيون ۽ سروٽا هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن . سيوھڻ جي نل پاڙي ۾ چئن ٻارن جي ماء 40 ورھين جي امينا زال غلام محمد سولنگي کي سندس ئي گھر ۾ ڏيرن رياض ۽ دودو سولنگي پنھنجي ڀاڄائي کي معمولي ڳالھ تان لٺيون ۽ سروٽا ھڻي قتل ڪري ڇڏيو بعد ۾ جوابدار فرار ٿي ويا سيوھڻ پوليس واقعي واري ھنڌ تان لاش کڻائي سيوھڻ اسپتال پھچايو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهريلو جهيڙي تان پيش آيو ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي .