fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

جوھي: گئس جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين جو احتجاج

جوھي:گئس جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين پاران سياسي سماجي اڳواڻناين امين وگھيو،فقير عيسيٰ باھوتو، ڪامريڊ شوڪت باھوتو،حفيظ بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ھنن الزام ھنيو تھجوھي ڏانھن ايندڙ گيس پريسر ھٿراڌو طور تي گھٽ ڪيو ويو آھي.جنھن ڪري گھرن ۾ چلھھ بھ نٿي ٻري.ھنن مطالبو ڪيو تھ گئس جو پريشر فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.

دادو اسپتال ۾ خالي جاين لاءِ ٽيسٽ ،650 اميدوارن جي شرڪت

اسپتال ۾40 ڊسپينسر،10 اوٽي ،10 ليبارٽري ٽيڪنيشن جون پوسٽو خالي

علائقي جا چونڊيل نمائيندا پنهنجن ماڻهن کي ڀرتي ڪرائڻ لاءِ سرگرم

دادو (رپورٽر) سول اسپتال دادو ۾ 40 ڊسپينسر ، 10 ، او ٽي ٽيڪنيشن ، 10 ليبارٽري ٽيڪنيشن ۽ 5 ، ايڪسري ٽيڪنيشن جي پوسٽن لاء 650 کان وڌيڪ اميدوار ٽيسٽ ڏيڻ لاء ويٺا ، انهي دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا جڏهن ٻه سو کان وڌيڪ اميدوارن کي درخواستون ۽ ڪاغذ جمع نه ڪرڻ تي ٽيسٽ ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو ، ٽيسٽ ڏيڻ دوران هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ تي 6 ڄڻن کي ٽيسٽ مان اٿاري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوار کي 60 سوالن تي آبجيڪٽو پيپر ڏنو ويو ، ان سلسلي ۾ سول سرجن ڊاڪٽر عبدالرزاق جوڻيجو ٻڌايو ته ڊسپينسر ، ليبارٽري ٽيڪنيشن ، او ٽي ٽيڪنيشن ۽ ايڪسري مشين آپريٽر 65 پوسٽن لاء 650 ، اميدوار ٽيسٽ ۾ ويٺا آهن ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته 40 کان وڌيڪ سيٽون چونڊيل نمائيندن پاران ڏنل لسٽ وارن اميدوارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

دادو جي عدالت پاران پيش نه ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيارڪار جا وارنٽ جاري

سيڪنڊ سول جج گل محمد بروهي جي عدالت ۾ ميهڙ مان حددخليون ختم نه ڪرائڻ بابت ڪيس جي ڪارروائي هلائي

پيش نه ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر شاهه الزمان کهڙو جا ضمانت جوڳا وارٽ جاري 26 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو
دادو دي سي شاھزمان کھڙو

دادو (رپورٽر) سيڪنڊ سول جج دادو گل محمد بروهي جي عدالت ، ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر دادو شاھ الزمان کهڙو جو ضمانت جوڳو نوٽيس جاري ڪري کيس 26 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪرڻ سان ساڳئي پٽيشن ۾ مختيار ڪار ميهڙ صابر حسين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري 26 ڊسمبر تي عدالت آڏو پيش ڪرڻ لاء نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ميهڙ واسي شفيق احمد پاران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم باوجود ميهڙ مان حددخليون نه هٽائڻ بابت پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي جنهن تي ڊي سي دادو ۽ مختيار ڪار ميهڙ عدالت آڏو پيش نه ٿيڻ تي عدالت نوٽيس جاري ڪيا آهن.

دادو: ڦلجي اسٽيشن ويجھو ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 7 ڄڻا زخمي

جھيڙي سبب عورت نماڻي ۽ سندس 2 پٽ وزير ۽ عبدالجباز ملڪ زخمي ٿي پيا

پنھل ملڪ، نظر، مظھر ۽ منور ملڪ بھ زخمي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

دادو ( ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ٻئي تي لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ مسمات نماڻي زال ماهي خان ملڪ، سندس ٻه پٽ وزير ۽ عبدالجبار ۽ ٻي ڌر جا پنهل ۽ سندس ٽي پٽ نظر ، مظهر ۽ منور ملڪ زخمي ٿي پيا آهن جن کي سول دادو ۾ داخل ڪيو ويو آهي،زخمي مسمات نماڻي ٻڌايو ته پنهل سندس ڀاءُ آهي ،جنهن جي پٽ منور کي منهنجي ڌي وزيران ڏنل آهي ۽ پنهل جي ڌي ياسمين منهنجي پٽ وزير کي ڏنل آهي جيڪا ٻار سميت مائٽن روڪي آهي جنهن کي مڙس وٺڻ ويو پر هنن کيس زال ۽ ٻار نه ڏنا .

سيتاروڊ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب دڪان کي باهه ،لکين روپين جو نقصان

باهه سبب دڪان ۾ پيل واشنگ مشين ، پڪا ،ٽي وي ۽ ٻيون سامان رک

لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي ،مدد ڪئي وڃي : متاثر دڪاندار جي اپيل

سيتارو(رپورٽر)سيتاروڊ جي مُکُ شاهي بازار دڪان کي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي جنهن سبب دڪان ۾ پيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو ، دڪاندار مدد جي اپيل ڪئي آهي .باهه سبب دڪان ۾ موٽر وائيڊنگ جون تارون،موٽر،واشنگ مشين،پکا،سولر ٽارچ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو . متاثر دڪاندار زاهد حسين ميمڻ ٻڌايو ته رات ٻارهين وڳي بجلي ايندي آھي ممڪن آھي ته ان مان باھ لڳي هجي پر حيرت آھي ته بازار ۾ چوڪيدار مقر ٿيل آھي جنهن کي به ڪا خبر نه پئي جيڪو بر وقت اطلاع ڏي ۽ وڌيڪ ٿيندڙ نقصان بچائي سگهي ها .هن چيو ته 20 لکن جو نقصان ٿيو آھي سرڪار کي اپيل آهي ته مدد ڪئي وڃي ..