سکر (ن پ ا) سڄي ملڪ جيان ڪرسمس وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي،سينٽ سيويئر چرچ ۾ مرڪزي تقريب ڪوٺائي ويئ، امن ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، جنهن ۾ عورتن، ٻارن سميت وڏي انگ ۾ مسيحي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خاص عبادت سان گڏ ڪرسمس گيت ڳايا ويا ۽ هڪٻئي کي مبارڪن سان گڏ تحفا ڏنا ويا.
سکر ۾ڪرسمس جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
سکر(بيورو رپورٽ) پوري ملڪ جيان سکر ۾ به عيسائي برادري پاران ڪرسمس ڊي مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، اِن حوالي سان سکر جي سينٽ سويئر چرچ ۾ دعائي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن وڏي تعداد ۾ عيسائي برادري جي مرد عورتن توڙي ٻارڙن شرڪت ڪئي، اِن دوران مس سارا سحر ۽ ٻين دعائي گيت ڳائي مخصوص عبادتون ڪيون جنهن کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڪرسمس ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون. اِن موقعي تي مس سارا سحر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ميري ڪرسمس خوشين جو ڏهاڙو آهي.
پني عاقل جرڳو : الزام هيٺ آيل شخص جي ڀائيٽي سان زيادتي جي تصديق
معصوم تقويٰ سان زيادتي ٿي آهي: ميڊيڪل رپورٽ پڌري، جرڳو ناھي ڪيو : واگھو
پنوعاقل)ن پ ا)جرڳي جي الزام هيٺ آيل وڏيري ڪريم بخش واگهو جي ڀائٽي ستن سالن جي تقوي ڌي غلام قادر واگهو جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿي وئي، واضع رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ سڱ چٽي ۾ پنجن سالن جي شمائلا واري معاملي کانپوءِ ڪريم بخش واگهو جي ڀائٽي جو اڳئين ڌر تي زيادتي جو الزام هنيو هو، اها به بار بار ترديد ڪندو آيو ته مون ڪوبه جرڳو ناهي اصل معاملو لڪائڻ لاءِ اهو ڊرامو رچايل آهي، هوڏانهن ايس پي سکر اسد رضا جي حڪم تي ايف آءِ آر به ٿي پر اڳ ۾ ضمانت ٿي وئي ٻنهي ڌرين تي ڪيس داخل ڪيل هئا ڪنهن جي به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. واپاري ڪريم بخش واگهو پاران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجي ڀائٽي سان زيادتي جي ميڊيڪل رپورٽ اچي وئي آهي جنهن ۾زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي پوليس هن مهل تائين انهن کي گرفتار ناهي ڪيو منهجي مٿان به ڪوڙو ڪيس ڪيو ويو آهي زيادتي جو شڪار تقوي جي والد چيو ته منهجي نياڻي سان ظالمن ظلم ڪيو آهي آءِجي سنڌ ايس پي صاحب مون سان انصاف ڪن، اسان وٽ ڪوبه جرڳو ناهي ٿيو معاملي کي لڪائڻ ڪوڙو ڊرامو ڪيو ويو آهي.
ڪوٽڙي بئراج ڏانهن سالياني بندي سبب پاڻي فراهمي بند، گڊو وٽ 25 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ، نارا ۽ روهڙي جي پاڻي ۾ ڪٽوتي
تربيلا مان کڻت گهٽائڻ بعد سطح 14 سئو 16 فوٽ ٿي، دريائي وھڪرن ۾ بھتري نھ آئي

سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بيراج وٽان سالياني بندي سبب ڪوٽڙي بئراج ڏانهن ويندڙ پاڻي مڪمل طور بند ڪيو ويو آھي. سکر بيراج جي واهن کي سندن گھرج 26 ھزار ڪيوسڪ بجاءِ 17940 ڪيوسڪ فراھم ٿي رھيو آهي، ٻي پاسي آبپاشي کاتي سنڌ پاران نارا ۽ روھڙي ڪئنالن مان پنج پنج سئو ڪيوسڪ گھٽائي دادو ۽ کيرٿر ڪئنالن ۾ واڌارو پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ھوڏانھن سڀاڻي ڪوٽڙي بئراج جي بندي شروع ڪئي پئي وڃي. سکر ڪنٽرول موجب ھر سال جيان 6 جنوري تي ڪوٽڙي ڏانھن پاڻي ڇڏيو ويندو. تربيلا ڊيم مان به کڻت گھٽائڻ بعد پاڻي ذخيرن ۾ معمولي واڌارو ٿيو آهي. پاڻي جي سطح 1416.70 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڻي آمد 16000 ڪيوسڪ مان he10000 ڪيوسڪس جاري ڪيو پيو وڃي. گڊو بيراج وٽ پاڻي جي کوٽ وڌي 25 سيڪڙو کان مٿي ٿي وٿي آهي، جتي پاڻي جي آمد گھٽجي 26504 ٿي وٿي آهي.
جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪريون ٿا، قانوني ماهر جواب ڏيندا: نفيسا شاهه
دعوائون وڏيون ڪيو ويون پر ڳالھه بلاول هائوس جي ٻڪرن تي اچي ختم ٿي
عمران بني گالا جو سڄو جبل کائي ويو، مشرف جي سڄي ٽيم حڪومت ۾ آهي
سکر(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ جيلاني نيب قانون کي ڊريڪولا قانون قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته قتل ڪيس ۾ به 3 ڏينهن جو رمانڊ هوندو آهي پر نيب جو 90 ڏينهن جو آهي ۽ اها ڪٿي به گرفتاري ڪري سگھي ٿي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ جي رهائشگاھ تي گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ جيلاني چيو ته پيپلزپارٽي جي آءِ ٽي رپورٽ کي تسليم نه ٿي ڪري، سندن قانوني ماهر رپورٽ جو جواب ڏيندا. وڏيون دعوائون ڪيو ويون هيون پر ڳالھه بلاول هائوس جي ٻڪرن تي اچي ختم ٿي. عمران خان غير قانوني طريقي سان بني گالا جو سڄو جبل کائي ويو، جهانگير ترين به کاتن مان اربين روپيا ڪمايا آهن، ان لاءِ ڪجھ به ڪونهي عليم خان، عليمه خان ، جهانگير ترين لاءِ ڪابه جي آءِ ٽي ڪانهي. جنرل پرويز مشرف جي پوري ٽيم هن وقت اقتدار ۾ آهي ان تي به جي آءِ ٽي ٺهڻ گھرجي، رڳو احتساب پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر لاءِ آهي. احتساب سڀني جو ٿيڻ گھرجي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته نيب جو قانون ڊريڪولا قانون آهي، قتل ڪيس ۾ به 3 ڏينهن جو رمانڊ هوندو آهي پر نيب جو 90 ڏينهن جو آهي ۽ اها ڪٿي به گرفتاري ڪري سگھي ٿي. نيب جي قانون ۾ تبديلي ٿيڻ گھرجي. جيل ۾هٿڪڙيون لڳل هوندي پروفيسر جو موت ٿيو مهذب معاشرن ۾ ائين ناهي ٿيندو. هن چيو ته حڪومت کي ووٽ عوامي خدمت لاءِ مليا هئا پر انهن غريب عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، وٽن الزام هڻن کانسواءِ ڪجھ به ڪونهي. هي پوليٽيڪل ڪمپيئن آهي جنهن ۾ حڪومت انتقامي ڪاررويون ڪري رهي آهي. هن چيو ته 27 ڊسمبر جي جلسي ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندو ۽ ڪاروان بينظير جي نالي سان قافلا ڳڙهي خدابخش پهچندا. اِن کان اڳ سيد خورشيد احمد شاهه جي رهائش گاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، نفيسه شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
جي آءِ ٽي رپورٽ مخالفن ٺاهي، 27 ڊسمبر تي عوامي عدالت لڳندي: عاجز ڌامراهه
پاناما ۽ جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽن ۾ فرق آهي، زرداري اڳ به منهن ڏنو آهي
اسان قانوني جنگ وڙهنداسين، ڪي پي ۾ هڪ ئي ڏانهن 5 پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ويا
سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ترجمان سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته پهريان آصف علي زرداري جي جاچ ۾ گهوڙا هئا پر هاڻي ڪتا به بيهاريا ويا آهن، آصف علي زرداري اهڙن ڪيسن کي اڳ به منهن ڏئي چڪو آهي، عوام جا اربين روپيا ريفرنسز ۾ خرچ ڪيا ويا آهن. سکر ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي عاجز ڌامراهه وڌيڪ چيو ته پانامه ليڪس ۽ هن جي آءِ ٽي ۾ تمام گهڻو فرق آهي، هي جي آءِ ٽي اهڙي آفيسر ٺاهي جنهن پ پ خلاف اليڪشن ۾ حصو ورتو، اسان عدليه سان نه پر قانوني جنگ وڙهنداسين. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هڪ ئي ڏنهن 5 پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ويا آهن، ذلفي بخاري ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر کي ڌمڪائي استعيفيٰ ورتي وئي، ڪي پي ڪي ۾ جيڪا 10 ارب روپين جي با نامي اڪائونٽس جي ٽرانزيڪشن آهي اُن تي ڪهڙي جي آءِ ٽي ٺهي؟ عمران خان عوام تي مهانگائي جو خودڪش حملو ڪيو آهي حڪومت پنهنجي هني مون جو ٽارڪيٽ پورو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته 27 ڊسمبر تي هڪ عدالت ڳڙهي خدا بخش ۾ لڳندي جِتي پارٽي جا اڳواڻ آئينده جو لائحه عمل جوڙيندا. شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي کان پوءِ مهانگائي تي به تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو.
سکر ۾ شديد ڪوهيڙو، شهري سخت پريشان
نظر جي حد هالاڻي کان هنگورجا ٻڙي آهي: موٽر وي پوليس
سکر (ن-پ-ا) سکر سيڪٽر شديد ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ اچي ويو، نظر جي حد هالاڻي کان هنگورجا ٻڙي آهي، روهڙي ٽول پلازه کان سکر تائين نظر جي حد 20 ميٽر آهي، موٽر وي پوليس پاران ڊرائيورن کي احتياط کان ڪم وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تيز رفتاري کان پاسو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي موٽر وي جو چوڻ آهي ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي، ايمرجنسي جي صورت ۾ وڌيڪ معلومات لاءِ هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪيو وڃي.
سکر هندو پنچائت جون چونڊون : ڌريون چلهه ۽ شناختي ڪارڊ تي چونڊ لاءِ بضد
پنچائت جي سال کان چونڊ نه ٿي ، قاعدن جي لتاڙ ڊي سي پاران رپورٽ عدالت حوالي
شناختي ڪارڊ تي ووٽ ڪرايو (رنجيت) ووٽ چلهه تي ئي ٿيندا:دوراڪا داس
سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) هڪ سال گذري وڃڻ بعد به ورهاڱي کان اڳ قائم هندو پنچائت سکر جون چونڊون نه ٿي سگهيون آهن. چونڊن جي تاريخ 17 نومبر 2018ع هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڌر جي ڪمل ڪمار، جئه رام ۽ ٻين سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته هندو پنچائت ستن عهديدارن تي ٻڌل آهي پر غير قانوني طور يارنهن عهدن تي چونڊون ڪرايون پيون وڃن. جنهن تي ڪورٽ سڳوري پاران چونڊون روڪڻ جا حڪم ڏئي ڊي سي سکر کي حقيقت معلوم ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون. تڏهوڪي ڊي سي الاهي بخش ميتلي جاچ ڪرڻ بعد ڌرين کي گهرائي ميٽنگ ڪئي ،جنهن ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي ته اڳ ڪيل چونڊن ۾ قاعدا اورانگهيا ويا. اهڙي رپورٽ هن ڪورٽ سڳوري ڏانهن به موڪلي ڇڏي. ان کان پوءِ هندو پنچائت جون گڏجاڻيون به ٿيون پر چونڊون پوءِ به نه ٿي سگهيون. مکي ايشور لال جي پينل جو چوڻ آهي ته اهي ڪورٽ جي حڪمن جي انتظار ۾ آهن. هوڏانهن اڳ رٿيل چونڊن ۾ ٻن عهدن تي رڳو هڪ هڪ اميدوار ڍولومل ۽ وڪيل شيوڪ ڪمار فارم ڀريو هو ،انهن به هاءِ ڪورٽ کي رجوع ڪيو ته کين بنا مقابلي عهديدار ڊڪليئر ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران ڍولو مل سان رابطو ڪيو ويو ته سندس چوڻ هو ته مان جنرل سيڪريٽري تي بنامقابلي ڪاميابي ماڻي، انائونس نه ڪيو ويو ته ڪورٽ ۾ ويو آهيان پر وري نگران پنچائت ڳالهايو ۽ مان چپ ڪري ويس ان باوجود ڪا اڳڀرائي ناهي، حالانڪه ڪورٽ جو به ڪو اسٽي ناهي. هوڏانهن مکي پهرين پٽيشن داخل ڪندڙ جئه رام ۽ ڪمل ڪمار جو چوڻ آهي ته چونڊون دير ٿيڻ جو ڪو جواز ناهي قانون ۽ قاعدن موجب چونڊ ٿئي ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي. هندو پنچائت جي چونڊن جي ڪمشنر سريچند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جو ڪو مسئلو ناهي اسان کي جڏهن به ڊاڪٽر دوارڪي جي سربراهي ۾ ٺهيل پنچائت جي نگران باڊي چوندي اليڪشن ڪرائينداسين. اسان کي سندن هدايت جو انتظار آهي. هوڏانهن هندو پنچائٽ جي مکي ايشورلال جو چوڻ آهي ته ڪورٽ سڳوري ڊي سي کي چيو هو ته ڌرين کي ٻڌي قاعدن موجب چونڊون ڪرايو پر ڊي سي ڳالهيون ٻڌيون جنهن ۾ برابر باءِ لاز ۾ فرق هو. پر هن رپورٽ ڪورٽ کي موڪلي ان ڪري هاڻ معامرو ڪورٽ ۾ آهي. هن چيو ته هونئن ته مکي اسان آهيون منهنجو ڏاڏو ڀڳوانداس پهريون مکي هو پر هاڻي جيڪو صدر ٿي. صدر جي اميدوار جواهر لال جو چوڻ هيو ته ڪجهه مهينا اڳ ڳئون شلا نگران پنچائت کي دلچسپي وٺي چونڊون ڪرائڻ گهرجن اسان سان واعدو به ڪيو اٿن، اسان لکي به ڏنو. ڪورٽ جي رڪاوٽ جي ڳالهه آهي ته ترت اوڏانهن وڃن. هن چيو ته جيڪو صدر هوندو اهو ئي مکي به هوندو. اسان چاهيون ٿه هر 18 سالن جي نوجوان کي ووٽ جو حق هجي باقي هو گهراڻي تي ڪرڻ ٿا چاهين، باقي اسان ان ڳالهه ۾ هنن سان متفق آهيون ته عورتن کي پنچائت جي چونڊن ۾ ووٽ جو حق نه هجي. نائب صدر جي اميدوار رنجيت ڪمار چيو ته نگران پنچائت نوجوانن جي رستا روڪ ڪري ٿي. هي نوجوانن جو ووٽ ڪرائڻ کان روڪين ٿا. نگران ۽ مکي گڏجي ڄاڻي واڻي اليڪشن کي اينگهائي رهيا آهن. هاڻ سو سال پراڻا قانون نه هلندا. هن چيو ته اليڪشن نه ٿيڻ جي ڪري ڪميونٽي جي سوين مسئلا حل نه ٿا ٿين. اسان چلهه تي نه پر شناختي ڪارڊ تي ووٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. هوڏانهن نگران پنچائت جي صدر ڊاڪٽر دوارڪا داس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪورٽ ۾ 15 جنوري تي ٻڌڻي آهي اها جيڪو چوندي ڪنداسين. باقي ووٽ چلهه تي ئي ٿيندا. ڪا ايم پي اي جي اليڪشن ناهي جو شناختي ڪارڊ تي ٿئي ۽ نه وري عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو اختيار آهي.
پني عاقل ۾ ڌوٻي جي دڪان کي باهه،دڪاندار سڙي زخمي
پنوعاقل(ن پ ا)پنوعاقل جي سومرا محلا ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان استري جي دوڪان ۾ اچانڪ باهه لڳي وئي ،الهه تلهه سڙي رک، دڪان مالڪ زخمي ٿي پيو، بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان فرحان علي شيخ جي ڪپڙا استري جي دڪان ۾ اچانڪ باهه لڳي وئي دڪان مالڪ کي جيئن اطلاع ڏنو ويو ته هن پهچي پنهنجي مدد پاڻ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪندي زخمي ٿي پيو .دڪان مالڪ موجب فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪير نه پهتو ،جنهن سبب دڪان ۾ پيل ڪپڙن ۽ استرين سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو .
جوابدار 20 کان 25 منٽ شهر ۾ هئا، بروقت پوليس ڪارروائي نه ٿيڻ سبب فرار
سکر: مليل ڄاڻ موجب سبزي منڊي وٽ به ٽريفڪ هوندي آهي ۽ بس ٽرمينل وٽ به ان ٽائيم رش هوندي آهي گاڏي کي واقعي واري هنڌ کان سولي روڊ تي پهچڻ ۾ 20 منٽن کان اڌ ڪلاڪ لڳندا آهن. جيڪڏهن سکر باءِ پاس کان به ٻاهر نڪري خيرپور يا گهوٽڪي واري پاسي نڪري ته به 20 کا 25 منٽ لڳي ويندا آهن. پوليس واقعي واري هنڌ ته 20 منٽن ۾ ايس ايس پي سکر جي اڳواڻي ۾ پهتي پر وڏي پيماني تي ناڪابندي نه ٿيڻ سبب ڌاڙيل مغوي کي ڪڍي ويا.
بينڪ جي ڪئميرا ڪابه مدد ڏيڻ ۾ ناڪام
بينڪ جي ٻاهران لڳل ڪيمرا ۾ رڳو داخل ٿيندڙن جي ڪوريج جي صلاحيت
سکر: شو روم ويجهو ڳجهي ڪيمرا رڳو بينڪ آڏو لڳل هئي جڏهن ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران پوليس ذريعن توڙي علائقي جي ماڻهن کان معلومات حاصل ڪئي وئي ته پتو پيو ته بينڪ جي ٻاهران لڳل ڪيمرا رڳو بينڪ ۾ داخل ٿيندڙن جي ڪوريج ڪري سگهي ٿي ڇو ته ان جو منهن هيٺ جهڪيل ئي هيو. ان ڪري اتان ڪا به معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي.
سکر: رميش لال جي اغوا ڪارروائي هڪ منٽ ۾ مڪمل ٿي، پوليس، سياستدانن ۽ سردارن جا رڳو آسرا
شام جو شوروم تان لهندڙ رميش کي گاڏي تائين پهچڻ کان اڳ ڏوهاري کڻي ويا، پوليس 20 منٽن جي دير سان پهتي
سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر مان پنج ڊسمبر تي اغوا ٿيل وچولي درجي جي هڪ پڙهيل لکيل واپاري رميش لال جي اغوا جي واردات جي واقعي جي پوري ڪهاڻي واقعي واري هنڌ وڃي ماڻهن کان معلوم ڪري ورتي آهي. رميش لال 7.25 منٽن تي سبزي منڊي ويجهو چوڪ وٽ موٽر سائيڪلن جي شوروم تان لٿو، سندس گاڏي ۾ ڊرائيور ويٺل هو. رميش لال اڃا گاڏي وٽ پهچڻ کان اڳ آسپاس جي ماڻهن سان رسمي حال احوال ڪرڻ لڳو. هو اتي پنج اٺ منٽ موجود هيو ڀرپاسي ٻيا ماڻهو ۽ دڪاندار به موجود هئا ته هڪ ڪلٽس ڪار مان ٽي هٿيار بند لٿا ۽ کيس گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ چيو هن ٿوري مزاحمت ڪئي ته کيس بٽ هنيو ويو ۽ کيس زوري ڪار ۾ ويهاريو ويو اها ڪاروائي هڪ منٽ به مس ٿي ۽ ڪار شڪارپور طرف رواني ٿي وئي. سندس ڀاءُ ايڊوڪيٽ اشوڪ ڪمار کي اطلاع ڪيو ويو ۽ اهو واقعي واري هنڌ پهتو پوليس ايس پي جي اڳواڻي ۾ به ويهن منٽن اندر پهتي. پر پوليس اهري قسم جي ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگهي جنهن سان ڌاڙيلن جي رستا روڪ ٿي سگهي ها. اغوا واري واردات بعد پوليس رڳو شهر ۾ ڪاروايون ڪري 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي ٻڌ ڇوڙ ڪئي جنهن مان چاليهن ڄڻن بابت پوليس پاڻ ڊيٽا ظاهر ڪئي پر انهن مان ڪوبه ان اغوا واردات سان لاڳاپيل نه نڪتو. آءِ جي جي دٻاءُ پوڻ بعد 12 ڊسمبر تي ڏانهس هڪ رپورٽ موڪلي وئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اغوا ۾ استعمال ڪيل ڪار پنوعاقل مان هٿ ڪئي وئي آهي ۽ رپورٽ ۾ واقعي ٿيڻ بعد ايس ايس پي جي جاءِ واردات تي فوري پهچڻ کي ڪارنامي وانگر بيان ڪيو ويو. جڏهن ته بعد ۾ پوليس ڪار واري رڪوري تان ڦري وئي ۽ اها ڪار ٻي واردات واري ڄاڻائي وئي. شڪي ماڻهن جي گرفتارين جوبه ذڪر ڪيو ويو. ٻي پاسي وارث پ پ ايم اين اي خورشيد احمد شاهه سوڌو سکر ۽گهوٽڪي جي ڪجهه ٻين چونڊيل نمائندن سان به مليا پر کين رڳو آسرا مليا آهن. هوڏانهن پوليس پاران ان سلسلي ۾ ٻي ڪابه ڪاروائي اڃا ظاهر ناهي ٿي ۽ اها به ان انتظار ۾ آهي ته ڌاڙيل رابطو ڪن ته ڪجه اڳڀرائي ڪجي. جڏهن ڀنگ ڀرڻ جي افواهن کي پوليس ۽ رميش لال جا وارث رد ڪن ٿا. رميش جي گهر ۾ پريشاني وارو عالم آهي.
پنو عاقل ۾ جرڳو ڪندڙ وڏيري تي ڪيس داخل، جوابي طور نياڻي واري ڌر تي پڻ ايف آءِ آر داخل
ايس ايس پي”پنھنجي اخبار“ جي خبر جو نوٽيس وٺي جرڳائي وڏيري جي گرفتاري جو حڪم
هاري تي 5 لک رپيا ڏنڊ مڙھي معصوم نياڻي سڱ چٽي ۾ وٺي ڀائٽي سان نڪاح ڪرايو
پنوعاقل:( رپورٽ :نديم بوزدار ) ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ ”پنھنجي اخبار“ ۾ پنو عاقل ۾ ٿيل جرڳي بابت خبر جو نوٽيس وٺي وڏيري ڪريم بخش کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏھن تھ پوليس وڏيري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي، ھوڏانھن بااثر وڏيري پاران سياسي دٻاءُ استعمال ڪرائي فريادي ڌر مٿان پڻ جوابي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪريم بخش واگهو ۾ پ پ اڳواڻ ضلعي ڪائونسل سکر جي ميمبر ۽ ڳوٺ جي وڏيري ٻج ڀاڻ جي واپاري حاجي ڪريم بخش واگهو پنهنجي ڳوٺ جي هاري غلام محمد واگهو جي معصوم پٽ 8 سالن جي نينگر جواد احمد واگهو تي پنهنجي 6 سالن جي ڀائٽي تقوى ڌيءَ عبدالقادر سان ڪارنهن الزام مڙهيندي ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪيو.
وڏيري ڪاري ڌر تي 5 لک روپيا ڏنڊ مڙهيندي سندس ڀائٽي 7 سالن جي نينگري شمائلا ڌيءَ عطامحمد سڱ چٽي ۾رکندي پنهنجي 14 سالن جي ڀائٽي انيس احمد واگهو پٽ عبدالقادر سان زبردستي ڳوٺ جي مولوي گل محمد واگھو هٿان نڪاح ڪرائي ورتو آهي ،.
ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر غلام محمد واگهو ميڊيا آڏو ڪلام پاڪ کڻي ٻارن ٻچن سميت احتجاج ڪندي چيو ته وڏيري اسان سان ظلم ڪيو آهي اسان بي گناه آهيون الزام بي بنياد آهي ، چيف جسٽس آف پاڪستان ،وزيراعظم پاڪستان آءِجي سنڌ ،ڊي آءِ جي سکر،ايس ايس پي سکر کان مطالبو ٿو ڪيان ته مونکي انصاف ڏنو وڃي، سنڱ چٽي ۾ آيل معصوم نينگري شمائلا ڌيءَ عطا محمد جو نڪاح وڏيري جي مسجد جي پيش امام گل محمد واگهو پڙهايو سنڱ چٽيءَ ۾ آيل 7سالن جي معصوم نينگري دانهون ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏيرو ظالم آهي مان وڏيري جي گهر ۾ نه ويندس،
ٻئي پاسي پنهنجي اخبار جي ويب تي سڀ کان پهرين خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ ۾ ٿيل جرڳي جو نوٽيس وٺندي ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي بروقت ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ڊي ايس پي پنوعاقل لياقت علي عباسي کي به واقعي واري هنڌ تي پهچڻ جو حڪم ڏنو.
ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جرڳو ڪندڙن خلاف قانون موجب سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.
روھڙي: ڪسٽم پوليس جو ڳجھي اطلاع تي اڪبر ايڪسپريس تي ڇاپو، لکين رپين جو سامان ھٿ
روھڙي: ريلوي اسٽيشن تي ڪسٽم پوليس جو ڪوئيٽا کان ايندڙ اڪبر ايڪسپريس تي ڇاپو ھنيو آھي. ڇاپي دوران لکين رپين جي ملڪيت جا ڪمبل، سائيڪلون، ھيلميٽ، گاڏين جا اسپيئر پارٽس ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي.
ڪراچي ۾ گم ٿيل ڪنڌرا واسي نينگر گھر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر
ڪنڌرا( ن پ ا) ڪنڌرا لڳ ڳوٺ آنبھ جي رهواسي ٽيڪسي ڊرائيور فيروز گهانگرو جو ڪراچي ۾ علاج ڪرائڻ خاطر مائٽن وٽ رهندڙ پٽ 12 ورهين جو آفاق گهانگرو گم ٿي ويو هو سندس اچانڪ گم ٿيڻ ڪري سندس وارث سخت پريشان ٿي ويا هئا ۽ ڪراچي ۾ حد جي ٿاڻي , ايدي سينٽر سميت مختلف جڳهن تي رهندڙ مٽن مائٽن وٽ ڪافي ڳولا ڪئي هئي پر هو هٿ ن آيو هو جڏهن ت گم ٿيل12 ورهين جو نينگر آفاق گهانگرو گذريل رات اچانڪ ڪراچي کان ڪنڌرا لڳ ڳوٺ آنبه واري گهر پهچي ويو جتي گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي.