fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سکر بار جي چونڊ، پروگريسو پينل اڪثريت سان ڪامياب

علي حيدر ادا صدر چونڊجي ويو، سڪندر جوڻيجو 157 ۽ عمران شمسي 61 ووٽ کنيا

محفوظ اعواڻ جنرل سيڪريٽري ٿي ويو، مخالف اميدوار عجيب الله جوڻيجو 336 ووٽ کنيا

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر بار جي چونڊن جا مڪمل نتيجا پڌرا ٿي ويا. سينيئر وڪيل قربان ملاڻي جي پروگريسو پينل وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. چونڊ نتيجن موجب پروگريسو پينل جو علي حيدر ادا 716 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته همدرد پينل جا صداتي اميدوار سڪندر جوڻيجو 157 ۽ محمد عمران شمسي 61 ووٽ کڻي سگهيا. نائب صدر جي عهدي تي پروگريسو پينل جو الاهي بخش ميتلو 588 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، مخالف اميدوار ظهير بابر 334 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. بار جي چونڊ نتيجن موجب جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي پروگريسو پينل جو محفوظ احمد اعواڻ 617 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته همدرد پينل جو عجيب الله جوڻيجو 336 ووٽ کڻي سگهيو. اهڙي ريت جوائنٽ سيڪريٽري جي چونڊ ۾ به پروگريسو پينل سوڀارو رهيو، جنهن جي اميدوار ذوالفقار ملاڻي 585 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، مخالف اميدوار ميڊم فرزانه کوسو رڳو 275 ووٽ کڻي سگهي. لائبريري سيڪريٽري جي عهدي تي به پروگريسو پينل جو سيد ظفر شاهه 550ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو، جڏهن ته همدرد پينل جي ميڊيا رضوانه ميمڻ 366 ووٽ ٻئي نمبر تي رهي.

پنوعاقل ۾ موٽرسائيڪل کي چنگچي رڪشا جو ٽڪر، نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي فوت

موٽرسائيڪل سوار سليم سومرو ٽڪر لڳڻ سبب ڪري ٽرڪ جي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو

چنگچي رڪشا ڊرائيور فرار،لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو

پنوعاقل (ن پ ا) قومي شاهراه تي موٽر سائيڪل کي رڪشي جو ٽڪر، نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت، لاش کي هڪ ڪلاڪ بعد موٽروي پوليس پهچي تعلقه اسپتال کڻائي پهتي، ان ڏس ۾ پنوعاقل جي ڀٽا فروٽ لڳ موٽرسائيڪل سائيڪل نوجوان سليم سومرو کي پٺيان ايندڙ چنگچي رڪشي جو ٽڪر لڳڻ سان نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جو لاش هڪ ڪلاڪ تائين قومي شاهراه تي پيل رهيو جنهن بعد موٽروي پوليس پهچي لاش کي تعلقه اسپتال کڻائي پهتي جتي ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جي مڙه کي وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو مڙه بائجي چوڪ پيرواه تي سندس گهر ۾ پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، چنگچي رڪشا ڊرائيور چنگجي سميت فرار ٿي ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينڊر ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ پنوعاقل پوليس ٽرڪ کي پنهجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پاڻي بحران برقرار، بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان واڌو پاڻي فراهم

تربيلا وٽ پاڻي جي سطح 1416 فوٽ رهجي وئي، سنڌو، چناب ۽ جهلم جا وهڪرا بدستور گهٽيل

سکر بيراج (فائيل فوٽو)

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي ٽنهي بيراجن وٽ لاڳيتو ٻن مهينن کان پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، جيڪا اڄ وڌي مجموعي طور 28.75 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته ڪنٽرول روم سکر پاران جاري ٿيل انگن اکرن موجب ارسا جي هدايتن تي 91ع ٺاهه جي ابتڙ نومبر مهيني جي ٻي هفتي کان بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان سکر ۽ گڊو بيراجن وٽان واڌو پاڻي ڏياريو پيو وڃي، جيڪو هاڻ وڌائي 33.55 سيڪڙو ٿي ويو آهي. سکر بيراج جي ڪنٽرول روم جي انچارج عزيز سومرو موجب پاڻي جي اها ايلوڪيشن ارسا پاران جاري ڪئي پئي وڃي. بلوچستان کي زيرو سيڪڙو کوٽ ڏبي، سنڌ جا انگ اکر غلط آهن، بلوچستان کي اڄ به 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي پيو ملي ٿو. سنڌ کي کوٽ 38 سيڪڙو کڻڻي آهي پر اهي 32 سيڪڙو کڻن پيا. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ارسا جي ترجمان خالد رانا “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرا گهٽجي وڃڻ بعد انهن مان پاڻي کڻت به گهٽائي وئي آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1416.4 فوٽ رهجي وئي آهي“ جتان کڻت 5 هزار ڪيوسڪ گهٽائي وئي آهي. منگلا ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ گهٽجي 16700 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، هيٺاهون وهڪرو 20000 مان گهٽائي 15000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. گڊو بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 26870 ۽ هيٺاهون وهڪرو 23376 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جتي پاڻي جي کوٽ 23.25 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گڊو وٽان بلوچستان کي 1320 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪو 91ع واري معاهدي کان 38.50 واڌو آهي. سکر بيراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 18240 ريڪارڊ ڪيو ويو ، جتي پاڻي کوٽ 33.30 ٿي وئي آهي، بلوچستان کي اتان کير ٿر ڪينال وسيلي 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪو سندن حصي کان 27.60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪوٽڙي بيراج وٽ به پاڻي جي کوٽ 29.70 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اتي پاڻي جي فراهمي 2760 ڪيوسڪ آهي. منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1110.85فوٽ رهجي وئي آهي جتي پاڻي جي آمد رڳو 5591 ڪيوسڪ آهي، اتان کڻت 21000 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. پنجاب ۾ مرالا وٽان به رڳو 5513 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي . ڪوٽڙي ۽ پنجند وٽ هيٺاهون وهڪرو بدستور ٻڙي آهي.

پاڻي بحران برقرار، دريائي وهڪرن ۾ بهتري نه آئي، بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان واڌو پاڻي فراهم

تربيلا وٽ پاڻي جي سطح 1416۽ منگلا وٽ 1110فوٽ رهجي وئي، سنڌو، چناب ۽ جهلم جا وهڪرا بدستور گهٽيل

تربيلا مان پاڻي جي کڻت 5000ڪيوسڪ ۽ منگلا مان گهٽائي 21000 ڪيوسڪ ڪئي وئي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو پاڻي لاڳيتو بند

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي ٽنهي بيراجن وٽ لاڳيتو ٻن مهينن کان پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، جيڪا اڄ وڌي مجموعي طور 28.75 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته ڪنٽرول روم سکر پاران جاري ٿيل انگن اکرن موجب ارسا جي هدايتن تي 91ع ٺاهه جي ابتڙ نومبر مهيني جي ٻي هفتي کان بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان سکر ۽ گڊو بيراجن وٽان واڌو پاڻي ڏياريو پيو وڃي، جيڪو هاڻ وڌائي 33.55 سيڪڙو ٿي ويو آهي. سکر بيراج جي ڪنٽرول روم جي انچارج عزيز سومرو موجب پاڻي جي اها ايلوڪيشن ارسا پاران جاري ڪئي پئي وڃي. بلوچستان کي زيرو سيڪڙو کوٽ ڏبي، سنڌ جا انگ اکر غلط آهن، بلوچستان کي اڄ به 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي پيو ملي ٿو. سنڌ کي کوٽ 38 سيڪڙو کڻڻي آهي پر اهي 32 سيڪڙو کڻن پيا. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ارسا جي ترجمان خالد رانا “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرا گهٽجي وڃڻ بعد انهن مان پاڻي کڻت به گهٽائي وئي آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1416.4 فوٽ رهجي وئي آهي“ جتان کڻت 5 هزار ڪيوسڪ گهٽائي وئي آهي. منگلا ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ گهٽجي 16700 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، هيٺاهون وهڪرو 20000 مان گهٽائي 15000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. گڊو بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 26870 ۽ هيٺاهون وهڪرو 23376 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جتي پاڻي جي کوٽ 23.25 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گڊو وٽان بلوچستان کي 1320 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪو 91ع واري معاهدي کان 38.50 واڌو آهي. سکر بيراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 18240 ريڪارڊ ڪيو ويو ، جتي پاڻي کوٽ 33.30 ٿي وئي آهي، بلوچستان کي اتان کير ٿر ڪينال وسيلي 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪو سندن حصي کان 27.60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪوٽڙي بيراج وٽ به پاڻي جي کوٽ 29.70 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اتي پاڻي جي فراهمي 2760 ڪيوسڪ آهي. منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1110.85فوٽ رهجي وئي آهي جتي پاڻي جي آمد رڳو 5591 ڪيوسڪ آهي، اتان کڻت 21000 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. پنجاب ۾ مرالا وٽان به رڳو 5513 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي . ڪوٽڙي ۽ پنجند وٽ هيٺاهون وهڪرو بدستور ٻڙي آهي.

سکر- جتي ڪرپشن جي ڌُوڙ اڏامي ٿي!

ممتاز بخاري سکر مان لکي ٿو

سياري ۾ سکر شهر رات جي پوئين پهر ۾ ڪوهيڙ ۾ وڪوڙجڻ شروع ٿيندو آهي ۽ جڏهن ڪوهيڙ جهڪي به ٿيندي آهي ته شهر کي ڌوڙ ۽ دز اهڙي نموني وڪوڙي ويندي آهي جو خبر ئي ناهي پوندي ته ڌوڙ جو وقت ڪهڙو آهي ۽ دز جو ڪهڙو. پر حقيقت اها آهي ته گذريل چئن ڏهاڪن کان دز هن شهر مٿان ڇانيل ئي رهندي آهي، ان جو ڪارڻ ڪو طوفان ناهي نه وري شهر وارياسي علائقي ۾ آهي. اهڙي فضائي لٽ ته صحرا جي ويجهو پوئتي پيل علائقي جي شهر صالح پٽ ۾ به ناهي. هن شهر جي ”قسمت“ لاجواب آهي جو چئن ڏهاڪن کان ”ترقياتي ڪم“ هلن ٿا، لکن يا ڪروڙن ۾ نه پر اربن ۾ خرچ ٿين ٿا ۽ اهي ترقياتي ڪم ڪڏهن به ختم نه ٿا ٿين، ڀلي اهو ڪو ٻن ٽن ڪلوميٽرن جو روڊ هجي يا وري ڪنهن گهٽيءَ جي ڪا نالي يا فرشبندي. هن وقت به سکر جي ”قسمت“ جا اهي دروازا کليل آهن، رڳو قسمت جا ڇو سکر بيراج جا به بنديءَ لاءِ دروازا کلڻ وارا آهن ۽ پوءِ دريا ڪنڌي هجڻ باوجود شهر پياسو هوندو! اها ڪار هن شهر سان ڪا نئين به ناهي ۽ ايتري پراڻي به ناهي جو حافظي ۾ نه اچي، ان لاءِ نساسڪ جي نالي پيسا ڪيئن ان پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا جيڪو سکر جي شهرين پيتو ئي نه، اهڙي صفائي سان کپايا ويا جو ماڻهن شهر جي اهڙي صفائي ڏٺي ئي نه!  خير هن سياري ته ماڻهن سان واهه جي ڪئي آهي. گهرن ۾ گئس ناپيد آهي ته سياري ۾ ڪيترن ئي فيڊرز مان بجلي ڏهن کان ارڙهن ڪلاڪن تائين گڏهه جي سڱن جيان گم آهي. اهڙي ڪار شايد اڳ ۾ ساڻن ڪڏهن ڪنهن ڪئي هجي. مٿان وري ادارن جي هڪ ٻئي سان اڻ بڻت اهڙي جو هڪ ٻئي کي ڪم جو اطلاع نه ڏين. گذريل هفتي شهر جي وڏي حصي ۾ گيس پائيپن ۾ ايترو پاڻي ڀرجي ويو جو اهڙو ته ڪڏهن نلڪن ۾ نه آيو هوندو ۽ ڏينهن جو گيس ڌار گم هئي جيڪا هاڻ سي اين جي اسٽيشنن تي آهي. گهرن ۾ گيس رڳو ٻن ويلن جي ماني لاءِ ٽي ٽي ڪلاڪ اچي ٿي، ان تي به ماڻهو شڪر ڪرڻ تي مجبور آهن. ٺهيل روڊ اکيڙيا ويا آهن ۽ دستور موجب نون روڊن جي آسري ماڻهو چپ آهن. ملٽري روڊ جي ڌوڙ اڌ شهر تي ڇانيل هوندي آهي. ڀلا هاڻ ماڻهو دانهن ڏين به ته ڪنهن کي؟ اڳ ۾ سکر ۾ ”شاهه هائوس“ ۽ ”سکر(شيخ) هائوس“ ۾ تضاد چوٽن تي هيو پر 2018ع جي اليڪشن ۾ ضلعي ۾ پي ٽي آءِ جي آمد ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جي ڪري شيخ هائوس عرف سکر هائوس جي ويڇن کي ونگ وجهي ڇڏيو ۽ ٻئي سياسي اڳواڻ هاڻ بظاهر هڪ ٻئي مخالف نظر نه ٿا اچن ڇو ته اڳ ۾ اڻ لکيل معاهدي تحت شهر جي بادشاهي اسلام دين شيخ کي مليل هئي جو پاڻ سينيٽر، ٻه پٽ ايم اين اي ۽ ميئر اٿس، جڏهن ته باقي ضلعو خورشيد شاهه جي حوالي هو جنهن جو هڪ پٽ ايم پي اي ۽ ڀائٽيو صوبائي وزير آهي. پني عاقل جو ايم پي اي به ڏانهس لاڙو رکندڙ آهي. باقي ناصر حسين شاهه ٻنهي پاسي هٿ جوڙي مان ڪم وٺي رهيو آهي. سکر شهر ۾ هاڻ خورشيد احمد شاهه جو به اسٽيڪ جڙي ويو آهي جو جنهن تڪ جي حصي جو ميئر سينيٽر اسلام الدين شيخ جو پٽ ارسلان شيخ آهي ان تڪ تي ايم پي اي خورشيد احمد شاه جو پٽ فرخ شاهه ايم پي اي آهي، سو هاڻ ان اڻ لکيل معاهدي جي ڪا به اهميت ناهي رهي، ماڻهن لاءِ مسئلن جي حل نه ٿيڻ جا ذميوار ٻئي ليکيا ٿا وڃن. مٿان وري پي ٽي آءِ جا پرڙا به گهمن پيا جو مبين جتوئي ۽ طاهر شاهه جي سياست به سکر ۾ هلندڙ آهي. پي ٽي آءِ وارن توڙي ميونسپل به فوٽ پاٿن کي کوٽائي انهن ۾ وڻن جون چڪيون ته لڳايون آهن پر سنڀار ڪير ڪري ۽ اکيڙ کي ڪير سڌاري! مٿان وري گهر اسڪيم لاءِ ضلعي انتظاميا نادرا کي ڪا آفيس نه ڏني ته اهي ڊي سي آفيس آڏو موبائيل گاڏي ۾ فارم جاري ڪندا رهيا ۽ 20 ڊسمبر آخري تاريخ تائين ضلعي انتظاميا کين ڪا به لفٽ نه ڪرائي ايئن ئي جيئن اسڪيم جي افتتاح واري ڏينهن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي نه ڪرائي وئي هئي. ڏسڻو اهو آهي حد دخلين لاءِ جيڪا مهم شروع ٿي رهي آهي ان ۾ هن شهر کي سياسي حددخليون قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو يا ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به ڪا دخل اندازي ڪئي ٿي وڃي! مٿان وري بدامني جي دز به شهر تي ڇائنجي وئي آهي. چورين جون وارداتون شروع ٿيون ته هر ڪنهن سمجهيو ته ڪي عادي يا شوق خاطر چور نڪتا آهن پر ڦرن جي واقعن ماڻهن کي ڇرڪائي وڌو. مٿان وري گذريل هفتي هڪ پڙهيل جوان رميش لال کي شو روم مان نڪرڻ مهل اغوا ڪيو ويو ته هراس جي هڪ ٻي چادر شهر مٿان ڇائنجي وئي آهي، سندس بازيابي جو ڪوششون به اهي ئي روايتي آهن ۽ وري هڪ ڏينهن اڳ سکر شهر ٻاهران ٻٻرلو باءِ پاس وٽ ڦورن مزاحمت ڪرڻ تي هڪ ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڦر جا اهي واقعا ئي اصل ۾ وڏي ڏوهه کي هٿي ڏيندا آهن، انهن تي ضابطي سان اغوا جو ڏوهه سولو ناهي هوندو. اها بدامني سکر، خيرپور ۽ شڪارپور ضلعن ۾ وري ڀڙڪي آهي، ان ڪري اهو سوال به اڀري ٿو ته ڪٿي اغوا انڊسٽري وري سرگرم ته نه پئي ٿئي. اهڙي انڊسٽري جا سبب ڪي ڳجها ناهن رهيا.

سکر مان پيرسن جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش ايڌي حوالي

پراڻي سکر ۾سي سيڪشن ٿاڻي جي اهلڪارن پاران سول اسپتال ۾ ھڪ 65 سالن جي پيرسن جو لاوارث لاش پهچايو .پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش جو ايڌي سينٽر ۾ غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو جنهن کانپوءَ ان جي نيو ڳوٺ قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي .

واٽر ڪيشن سربراهه ميئر سکر مٿان ناراض، ميونسپل ادارن تان عوام جو ويساهه کڄي ويو آهي: جسٽس امير هاني

اسڪيمن تي ڊيوٽي نه ڪندڙ ملازمن کي گهر وڃڻو پوندو ،کين نوڪرين مان فارغ ڪنداسين، ڪابه بند پيل اسڪيم تصور نه ٿيندي

واٽرسپلاءِ اسڪيم جي غلط پلاننگ ۽ ڊزائننگ ڪندڙن جو حساب ڪتاب ٿيندو، ذميوار ماڻهن کان پئسا ڀرائي وٺبا

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم چيو آهي ته واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ڏانهن منتقلي ۽ ملازمن  جي بدلي جي ٽائيم لائين ختم اهي هدايتن تي فوري عمل گهرجي ڪوبه بهانو نه هلندو، اسڪيمن تي ڊيوٽي جوائن نه ڪندڙ ملازمن کي گهر وڃڻو پوندو ۽ کين نوڪرين مان ٽرمينيٽ ڪيو ويندو، ڪابه بند پيل اسڪيم تصور نه ٿيندي غيرفعال اسڪيمن کي فعال بڻائڻو آهي. هن اهڙيون هدايتون ڊي سي آفيس سکر ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي اعليٰ انتظامي، لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان سمورين واٽرسپلاءِ، ڊرينيج اسڪيمن ۽ آر او پلانٽس جي وهنوار ۽ سارسنڀال جو ڪم پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏنيون، جنهن ۾ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جمال مصطفيٰ سيد، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ خالد حيدرشاهه ۽ ڪمشنر سکر/لاڙڪاڻو ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو سميت سمورن ضلعن جي ڊي سيز، ايگزيڪيوٽو انجنيئرز پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ آفيسرن، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ميئر لاڙڪاڻو اسلم شيخ ۽ ٻيا شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم چيو ته آئوٽ سورسنگ خريداري ۾ ميونسپل کي فري هينڊ نه ڏينداسين جيڪا به خريداري ٿيندي اُها ضلعي انتظاميه جي رضامنديءَ سان ڪئي ويندي ، اسڪيم جي غلط پلاننگ ۽ ڊزائننگ ڪندڙن جو حساب ڪتاب ٿيندو، ذميوار ماڻهن کان پئسا ڀرائي وٺبا، جڏهن ته ٺل ۾ ڪروڙين رپيا ضايع ڪرڻ وارو معاملو نيب ڏانهن اماڻيو ويندو. جسٽس رٽائرڊ اميرهاني مسلم چيو ته تيل جي پرواهه ناهي ڪرڻي، ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ لينڊ فل سائيٽس شهرن کان گهڻو پري رکيون وڃن. واٽرڪميشن جي چيئرمين ميئر سکر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين کي گندو پاڻي ٽريٽ ڪري پيئارڻ کان بهتر آهي پهريان اپ اسٽريم ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ئي نه ڪيو وڃي اهڙي ڪا اسڪيم هن وقت تائين ڇونه ٺاهي وئي.. ميونسپلز ۾ 2-2 سئو ڪلارڪ آهن جن جي جڳهه به ناهي اهي گهر ويٺي پگهارون جو مزو ماڻي رهيا آهن اوور اسٽاف کي سرپلس پول ۾ وجهي استعمال هيٺ آڻڻو آهي. هن چيو ته هر اسڪيم تي مونکي وڃي معائنو ڪرڻ جي ضرورت نه آهي جتي به اشو سامهون اچي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل چينلز تي اطلاع ڪيو وڃي. چيئرمين واٽرڪميشن واضح ڪيو ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ اسڪيمن جو ڊي ڊي او هوندو پر ڪوبه فنڊ ڊي سي جي منظوريءَ کانسواءِ رليزنه ڪندو. هن چيو ته سموريون واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن توڙي ملازمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڏانهن منتقلي وارو ڪم منتقل ڪرڻ جي ڪابه ٽائيم لائين ناهي هدايتن تي فوري عمل ٿيڻ گهرجي ڪوبه بهانو نه ٻڌو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سسٽم ۽ ادارن ۾ خرابي ۽ تباهي لاڳاپيل آفيسرن جي نارضامندي سبب آئي آهي، ڪم ڪرڻ جي لاءِ انفرا اسٽرڪچر نه پر پڪي ارادي جي ضرورت هوندي آهي. جسٽس رٽائرڊ اميرهاني مسلم واضح ڪيو ته اسڪيمن جو ٻه ڪيٽيگريز آهن جن ۾ فعال ۽ غيرفعال شامل آهي، باقي ڪابه بند پيل اسڪيم نه آهي، جيڪڏهن هجي ته اُن جو معاملو نيب ڏانهن اماڻيو ويندو. ماڻهن جو ميونسپل ادارن تان ويساهه کڄي وڃڻ سبب ئي ڊسٽرڪٽ اوورسيز ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن. هن چيو ته ڊيسڪ، ڪمپيوٽر، آن لائين ۽ آف لائين سان ڪمپلينٽ سيل ناهن ٺهندا، غريب ماڻهو کي پاڻي نه ملندو ته اُهو آن لائين وڃي شڪايت ٿورو ئي ڪندو، لاڳاپيل آفيسر ۽ نمائندا پنهنجي اندر ۾ ڪمپلينٽ سينٽر کولين ۽ هر جڳهه تي ويهي ماڻهن جا اهنج دور ڪن. اِن کان اڳ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پبلڪ هيلٿ انجنجيئرنگ ڊاڪٽر مولابخش ڌاريجو اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ پاڪ اوسز پاران آر او پلانٽس جون 70-80 سيڪڙو اسڪيمون فعال ٿي ويون آهن ڊسمبر جي آخر ۾ سڀ آر او پلانٽس هلي ويندا، نئين سيٽ اپ ۾ هر تعلقي اندر واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن لاءِ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ 3 سب انجنيئر مقرر ٿيندا، جن جي نظرداري ڊسٽرڪٽ اوورسائيٽ ڪميٽي ڪندي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ٽرانزيڪشن ڪميٽيون پڻ جوڙيون آهن، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ لوڪل گورنمينٽ جي 706 ملازمن جي ڊرينيج ۽ واٽرسپلاءِ اسڪيمن تي بدلي ٿيڻي آهي، هر اسڪيم تي 2 ورڪ چارج ملازم کڻڻ جي اجازت هوندي. اجلاس دوران سنڌ واٽر ڪميشن چيئرمين امير هاني مسلم سکر شهر جي مين روڊ تي گند ڪچرو پيل هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميونسپل ڪمشنر سکر کي ڇنڊ پٽي ۽ کيس حڪم ڪيو ته سموري مشينري روڊ تي آڻي هڪ ڏينهن اندر گند ڪچرو صاف ڪيو وڃي.

 

سکر: سي آءِ اي پوليس جو مقابلو ڪوڙو قرار، گرفتار شخص باعزت بري

پوليس 2 مهينا اڳ قربان ميراڻي کي مقابلي دوران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي

پوليس قربان ميراڻي جي قبضي مان ڪلاشنڪوف هٿ اچڻ جي به دعويٰ ڪئي هئي

سکر (رپورٽر) سي آءِ اي پوليس جو مقابلو ڪوڙو قرار، 2 مهينا اڳ گرفتار ڪيل شخص باعزت بري، سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ قربان ميراڻي جي گرفتاري بابت پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سي آءِ اي پوليس جي مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيندي گرفتار قربان ميراڻي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، سي آءِ اي پوليس 2 مهينا اڳ سي آءِ اي سکر پوليس قربان ميراڻي نالي شخص کي مقابلي دوران گرفتار ڪرڻ ۽ سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن بعد مٿس جهانگڙو ۽ ايئرپورٽ ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا

سکر: دڪانن جي چوري ۽ گاڏيون ڦر ڪندڙ ٽولي جا 2 اهم جوابدار گرفتار

جوابدارن وٽان پسٽل، 3 ڪلو چرس ۽ جعلي نمبر پليٽس هٿ آيون: ايس ايس پي سکر

ٻئي ڏوهارين ٻين ضلعن جي پوليس کي به گهربل هئا: ايس ايس پي اسد رضا شاهه

سکر( رپورٽر) سکر پوليس تالا ٽوڙ چوري ۽ گاڏيون ڦر ڪرڻ ۾ ملوث گينگ جي اهم جوابدار سميت ٻن ڏوهارين کي مقابلي بعد گرفتار جي دعويٰ ڪئي آهي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ ايس ايس پي سکر اسد رضا شاهه چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 2 ڦورو فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پوليس مقابلي بعد ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان پسٽل، 3 ڪلو چرس ۽ جعلي نمبر پليٽس هٿ آيون، ايس ايس پي دعويٰ ڪئي ته گرفتار ٻئي ڏوهاري تالا ٽوڙ چوري ۽ گاڏيون ڦر ڪرڻ واري ٽولي جا اهم جوابدار آهن، ٻنهي ڏوهارين شبير ڌاريجو ۽ وحيد ناپر کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي، جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، جوابدار دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪرڻ کانسواءِ گاڏيون ڦر ڪرڻ جي به ڪيترن واقعن ۾ سکر سميت مختلف ضلعن جي پوليس کي گهربل هئا