ميرپورساڪرو(رپورٽر(ميروپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلون ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا،ان ڏس ۾ميرپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽرسائڪل جو آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي م ھڪ ڄڻو عرس لاشاري فوت ٿي ويو جڏنھن ته 2 ڄڻا جميل احمد خاصخيلي ۽ الھداد واريو سخت زخمي ٿي پيا جن کي شيخ زيد اسپتال آندو ويو،فوتي عرس لاشاري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
ساڪري ويجھو حادثو، نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، 2 زخمي
ٽاڪاڻي سٽاپ وٽ حادثو، عرس لاشري فوت ٿي ويو، جميل خاصخيلي ۽ الهداد واريو زخمي
زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
لاڙڪاڻي ۾ ڊيمن خلاف عوامي تحريڪ جي بک هڙتال
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان سنڌو درياهه تي ڊيمون ٺاهڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري توڙي کين سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف لڳايل ٽن ڏينهن واري بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي. آخري ڏينهن تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سميت عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر سرتاج احمد چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر حسنه راهوجو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري مريم گوپانگ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر علي احمد وڪو، مرڪزي اڳواڻن لال جروار، ايڊوڪيٽ جي اين کوسو، مهراڻ سنڌي، ايدووڪيٽ حاڪم جتوئي، مهراڻ درس۽ ٻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڏوڪري: موھن جي دڙي لڳ ڳوٺ ڀوري جا ڀاڻ ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 4 ڄڻا زخمي
ٻارڙن جي معمولي ڳالھھ تان ٿيل جھيڙي ۾ لٺين ۽ ڪھاڙين جو آزاداڻو استعمال، 4 زخمي ٿي پيا
زخمين ۾ محمد عالم ابڙو، وزير علي، ڪاشف ۽ بشير ابڙو شامل، اسپتال منتقل، ڪيس داخل
ڏوڪري (ن پ ا) موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ڀوري جا ڀاڻ ۾ ٻارن جي ڳالھھ تان جھيڙي سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. معمولي ڳالھھ تان ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. لٺين ۽ ڪھاڙين جي آزاداڻي استعمال سبب محمد عالم ابڙو، وزير علي، ڪاشف ۽ بشير ابڙو زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقي اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو. معاملي جو ڪيس سيھڙ ٿاڻي تي عبدالرشيد، مجيد ۽ مظفر ابڙو مٿان داخل ٿي ويو.
سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري جون چونڊون، علي بخش پٺاڻ سيڪريٽري چونڊجي ويو
ڏوڪري رپورٽر: (راجا ٻگھيو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جون ساليانيون چونڊون ضلعي رابطا سيڪريٽري ياسر منگي ۽ اليڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن ڀيڄو فقير ۽ فلڪ ٻٽ جي نگرانيءَ هيٺ ٿي گذريون. چونڊن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ ڪامران سومرو، آڊيٽر لاءِ مصطفي زهراڻي ۽ خزانچي لاءِ آزاد جروار بنا مقابلي چونڊجي ويا، جڏهن ته سيڪريٽري جي عهدي تي حاڪم منگي ۽ علي بخش پٺاڻ ۽ ڪائونسلر جي عهدي لاءِ انور ڏنگڙائي ۽ آفتاب جتوئيءَ وچ ۾ مقابلو ٿيو. مقابلي بعد علي بخش پٺاڻ 11 ووٽ کڻي سيڪريٽري جي عهدي تي سوڀ ماڻي ۽ آفتاب جتوئي 8 ووٽ کڻي ڪائونسلر جي عهدي تي ڪامياب ٿيو. چونڊن بعد نئين چونڊيل سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ ڳالهائيندي چيو ته هن جي هر ممڪن ڪوشش رهندي ته شاخ ڏوڪري پنهنجي ڪارج موجب سنڌي ادب ۽ سماج جي بهتر اڏاوت لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهي. چونڊ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري ياسر منگي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سنڌ جي انتهائي متحرڪ شاخن مان هڪ آهي ۽ ان جي بهتر ڪارڪردگي تي کيس فخر آهي.
باڊهه پوليس پاران ٻه اشتهاري ڏوهاري گرتار ڪرڻ جي دعويٰ
سنيپ چيڪنگ دوراان اشتهاري ڏوهاري لالو گاڏهي ۽ علي احمد ککراڻي گرفتار ڪيو: پوليس
گرفتار جوابدار نصير آبد، وڳڻ ۽ ڏيرا سميت مختلف ٿاڻن تي 10 کان وڌيڪ قتل ۽ ٻين ڪيسن ۾ گھربل هئا
باڊهه ( رپورٽ: وحيد ڳاهو ) باڊھ پوليس پاران باڊھ، نصيرآباد روڊ تي سنيپ چيڪنگ دوران ٻن اشتهاري ڏوهارين لال بخش عرف لالو گاڏھي ۽ علي احمد ککراڻي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوىٰ ڪئي آھي ان حوالي سان باڊھ ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او عبدالغور ڇٽو ٻڌايو ته گرفتار جوابدار نصيرآباد، وڳڻ، ڏيرا سميت مختلف ٿاڻن تي ڏھن کان مٿي قتل ،ڦرن، پوليس مقابلن سميت مختلف داخل ڪيسن ۾ گهربل آھن.
ڏوڪري ڀرسان زميني تڪرار تان جهيڙو،ڏنڊن جو وسڪارو،6 ڄڻا زخمي
ڏوڪري (ن پ ا)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سانگھرو ۾ زميني تڪرار تان ٻه ڌريون وڙهي پيون،6 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سانگھرو ۾ زمين جي تڪرار تان سانگھرو برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ رب ڏنو سانگھرو جي ڌر جا چار ڄڻا رب ڏنو سانگھرو ،حمز جتوئي، اصغر جتوئي، ضمير جتوئي، ۽ ٻڍل سانگھرو جا ٻه ماڻهو ڪامل ۽ ڏاڏو سانگھرو زخمي ٿي پيا، رب ڏنو سانگھرو جي فرياد تي ٻڍل سانگھرو جي ڌر جي 7 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي رب ڏنو سانگھرو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي موروثي زمين تي بيٺا هئاسين ته ٻڍل سانگھرو جي ڌر جا ماڻهو ڏنڊن سان اسان کي مارڻ شروع ٿي ويا، هن وڌيڪ چيو ته ان زمين جو فيصلو به ٿيل آهي جنهن اھيا زمين اسان جي ثابت ٿي هئي ۽ اسان جي حوالي ڪئي وئي هئي، ، آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.
رتوديري ۾ نوجوان قتل، قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو
رتوديرو (م ڊ) رتوديرو ۾ هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش رکي وارثن جو ڌرڻو، رتوديرو جي وچ شهر ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ڀرسان هٿياربندن 19 ورهين جي برڪت علي ولد ممتاز علي ويسر کي گوليون هنيون، جوابدار واردات کانپوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي سندس وارث تعلقه اسپتال کڻائي ويا جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول جو لاش تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن نوجوان جو مڙھ کڻي لاڙڪاڻو سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه تي رکي پوليس خلاف ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتول جي والد ممتاز علي ويسر ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته اسان جي نوجوان کي عمراڻي برادري جي ماڻهن قتل ڪري وڏو ناحق ڪيو آھي، جيسيتائين پوليس قاتل گرفتار نه ڪندي اسان لاش رکي ويھي رهنداسين، جڏهن ته روڊ بند هئڻ ڪري ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيهجي ويون، جڏهن ته آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
گهوٽڪي ضلعي جا اڪثر ٿاڻا ۽ چوڪيون غير محفوظ، نه ديوارون نه ئي لاڪپ!
ڪچي توڙي پڪي جي اڪثر ٿاڻن جي حالت انتھائي خراب،عمارتون زبون ،سالن کان مرمت نه ٿي
رائونتي، جروار، يارو لنڊ ،عادلپور ، اوٻاوڙو ، ريتي ،کينجھو ٿاڻن جون عمارتون غير محفوظ،لاڪپ به ناهي
ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي )ضلعي گھوٽڪي اندر عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاء قائم اڪثر پوليس ٿاڻا ۽ چوڪيون غير محفوظ بڻيل، عمارتون زبون ٿي ويون،ٿاڻن ۾ جوابدارن کي رکڻ لاءِ لاڪپ ئي موجود ناھي، ڪيترن ٿاڻن کي چوديواري موجود ناھي اڪثر ٿاڻا فاريسٽ ،تعليم کاتي، ايريگشن جي عمارتن تي قبضا ڪري قائم ڪيا ويا آھن. گھوٽڪي ضلعي ۾ قائم 20 کان وڌيڪ پوليس ٿاڻا غير محفوظ بڻيل آھن ضلعي جي ڪچي توڙي پڪي جي اڪثر ٿاڻن جي حالت انتھائي خراب عمارتون زبون بڻيل آھن ضلعي گھوٽڪي جا ٽي سٽي ٿاڻن ڏھرڪي ،ميرپورماٿيلو ،گھوٽڪي کي ڪجھ سال اڳ ماڊل ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو جتي جي عمارتن جي مرمت ڪرائي انھن کي جديد ماڊل ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو آھي . ضلعي جا رائونتي، جروار، يارو لنڊ ،عادلپور ، اوٻاوڙو ، ريتي ـ،کينجھو ۽ ٻين ٿاڻن جون عمارتون پراڻيون زبون بڻيل آھن ،جن جي سالن کان مرمت ناھي ڪرائي وئي انھن ما ڪجھ ٿاڻن اندر جوابدار کي رکڻ لاءِلاڪپ موجود ناھي ،ڪچو ٻنڊي ٽو ، کينجھو ،ٻيلو ميرپور ٿاڻن کي چوديواري موجود ناھي، جنھن جي ڪري ڪنھن وقت به اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي سگھي ٿو . ضلعي گھوٽڪي جا ڪجھ ٿاڻا ۽ چوڪيون مختلف سرڪاري کاتن جي عمارتن تي قبضو ڪري انھن ۾ نفري ويھاري وئي آھي گھوٽڪي جو بي سيڪشن ٿاڻو اين ايچ اي جي عمارت ۾ قائم ٿيل آھي ٻيلو ميرپورٿاڻي جو سمورو عملو فاريسٽ کاتي جي عمارت تي قابض بڻيل آھي ان کان علاوه ڪچو ٻنڊي ٽو اسڪول اندر قائم ٿيل آھي گيمڙو ٿاڻو يونين ڪائونسل جي عمارت تي قبضو ڪري اتي پوليس ويھاري وئي آھي جروار ٿاڻي جي حيات پتافي چوڪي پڻ اسڪول اندر قبضو ڪري قائم ڪئي وئي آھي رائونتي جي پوليس پڪٽ فون لانڊي ايريگشن جي عمارت ۾ قائم ٿيل آھي ضلعي اندر پوليس ٿاڻن جي عمارتن جي زبون حالي جي ڪري ٿاڻن ۾ پيل سرڪاري ھٿيار، ڪيس پراپرٽي، ڪاعذات ،مالخاني ۾ پيل سرڪاري اسلحو به غير محفوظ بڻيل آھن.
ميرپورماٿيلو : آء جي سنڌ ڪجھ ڏينھن اڳ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ايس پيز سان ان حوالي سان تفصيلي ميٽنگ ڪئي، جنھن ۾ ھر سال ضلعي جي ٽن ٿاڻن جي کي مرمت ٿوڙي نئين سر تعمير لاءِ پلان جوڙيو ويو ، ايس ايس پي اعتراف ڪيو ته ضلعي جي ٿاڻن جي حالت انتھائي خراب آھي، ان کان علاو لاڪپ پـڻ موجود ناھن تنھن ڪري انھن ٿاڻن تي گرفتار ڏوھارين کي ٻين ٿاڻن تي رکيو ويندو آھي .
ميرپورماٿيلو : گھوٽڪي ٿاڻن کي مليل پوليس موبائلون کٽارا بڻيل آھن، ڪچو ٻنڊي ون وٽ پوليس موبائِيل موجود ناھي،کينجھو ٿاڻي کي مليل خراب بيٺل آھي ،ساڳي طرح يارو لنڊ ،جروار ،ڪچو ٻنڊي ٽو ،کينجھو ٿاڻن کي مليل پوليس موبائيل اڪثر خراب ھجڻ سبب ٿاڻن کي خانا پوري لاء مھيا ڪيون ويون آھن پوليس موبائيل خراب ٿيڻ جي صورت ۾ مرمت لاء ڪو به سرڪاري فنڊ نه ٿو ڏنو وڃي،
ميرپورماٿيلو :گھوٽڪي ٿاڻن اندر نفري جي رھائش لاء اڻپورا انتظام آھن ميرپورماٿيلو ، اوٻاوڙو ،گھوٽڪي ۾ رھائش لاءِ ٺاھيل سرڪاري ڪوارٽرن جي حالت انتھائي خراب بڻيل آھي، اڌ صدي کان اڳ ٿيل سرڪاري ڪوارٽرن جي وري ڪڏھن به مرمت ناھي ڪرائي وئي ، انھن جي حالت تمام گھڻي خراب آھي ڪجھ ڪوارٽرن کي پوليس اھلڪارن پنھنجي مدد پاڻ تحت مرمت ڪرائي انھن کي رھڻ جھڙو ڪيو آهي.
،ڪوارٽن ۾ رھندڙ پوليس اھلڪارن کان ھائوس رينٽ ورتو وڃي ٿو.
لاڙڪاڻي واسڻ جو ڌيءُ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا جي رهواسڻ روزينه چانڊيو ڌيءُ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن الزام لڳايو ته نوجوان شڪيل احمد چانڊيو ڪالهه منجهند جي وقت پنهنجي ساٿين سان گڏجي گهر ۾ گهڙي 13 ورهين جي ڌيءُ ببلي چانڊيو کي اغوا ڪري کڻي ويو جڏهن ته هن ڪجهه عرصو اڳ ڌيءُ جو سڱ به گهريو جنهن کي انڪار ڪيو ان تي هن ڌيءُ کي اغوا ڪري ظلم ڪيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڌيءُ کي بازياب ڪرائي شڪيل احمد چانڊيو ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
6 مھينا اڳ فائرنگ ۾ پورھيت جي قتل جو نبيرو، 20 لک ڏنڊ مقرر
شھر جي مک بازار ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران پورھيت قتل ٿيو ھو
جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ جي سرپئنچي ھيٺ نبيرو ٿي ويو، ڌرين فيصلو قبولي ورتو
باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ۾ ڪجھھ مھينا اڳ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ دوران بيڏوھھ قتل ٿيل پورھيت جي قتل جو علي آباد انڙ ھائوس تي نبيرو ٿيو. جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف حسين انڙ جي سر پئنچي ۾ ٿيل نبيري ۾ جوابدار ڌر مٿان 20 لک نوجوان جي قتل جو ڏنڊ ۽ تڏو ميڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو. 6 مھينا اڳ باقراڻي مک بازار ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين پير بخش عرف واگھ ابڙو ۽ نياز ابڙو جي ڌرين وچ ۾ جھيڙي دوران ھٿيارن جا منھن کوليا ويا ھئا، جنھن سبب مرغي وڪرو ڪندڙ 25 ورھين جو پورھيت صابر عرف گڊو ڪنڀر قتل ٿي ويو ھو. پورھيت جي قتل جو نبيرو ٿي ويو آھي، ڌرين فيصلو قبولي ورتو.
ڏوڪري: گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ ٻار فوت، 2 زخمي
ڏوڪري: معظم ۽ شيراز مڱريو زخمي، زخمين کي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڏوڪري( ن پ ا) ڏوڪري باءِ پاس لڳ ڳوٺ مڱريا ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ ٻار فوت ٿي ويو، جڏھن تھ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ گھر اندر راند کيڏندڙ 12 سالن جو علي ڏنو چنو ڀت جي ھيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويو، معظم ۽ شيراز مڱريو زخمي ٿي پيا. فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ ھڪ ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي جو ڪو بھ ڪيس داخل نھ ٿي سگھيو آھي. پوليس جو چوڻ آھي تھ اتفاقي واقعو پيش آيو آھي، فوتي ٻارڙي جي وارثن اڃا تائين ڪو بھ ڪيس داخل نھ ڪرايو آھي.
پيپيلزپارٽي جي سي اي سي جو اجلاس 26 ڊسمبر تي نئين ديرو هائوس تي طلب
نئون ديرو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل اگزيڪٽو ڪاميٽيءَ جو اجلاس نئون ديرو هائوس ۾ 26 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي . پ پ پ سٽي نئون ديرو جي انفاميشن سيڪريٽري دليپ ڪمارموجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن ۽ سابق وزير اعظم شهيد بنظير ڀٽو جي يارهين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سينٽرل اگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جو اجلاس 26 ڊسمبر 2018 تي شام جو 6 بجي نئون ديرو هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي معمول موجب اجلاس ۾ سينٽرل اگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جا سمورا ميمبر شرڪت ڪندا اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ سميت شهيد بينظير ڀٽو جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
باڊهه مان کنڀجي ويل درياهه خان ڍڪڻ 10 مهينن کانپوءِ گهر پهچي ويو
زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج جو ملازم درياهه خان ڍڪڻ 10 مهينا اڳ اوچتو گم ٿي ويو
نامعلوم ماڻهن کيس حيدرآباد ۾ ڇڏيو جتان کان هو گهر پهتو ، گهر ۾ خوشي جي لهر ڇانيل

باڊھ (باڊهه )باڊهه مان کنڀي گم ڪيل زرعي ڪاليج جو ملازم بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي . زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج جو ملازم درياهه خان ڍڪڻ 10 مهينا اڳ گم ٿي ويو هو .ڪافي ڳولا باوجود هو هٿ نه اچي سگهيو .اڄ صبح جو نامعلوم ماڻهو کيس حيدرآباد ۾ ڇڏي ويا جتان کان هو گهر پهتو . درياهه خان کي ڪنهن کنيون هو هو ان حوالي سان ڪجهه به نه پيو ٻڌائي جڏهن ته سندن وارثن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هو واپس گهر اچي ويو آهي ،جنهن تي هو تمام گهڻا خوش آهن .
خانپورمھر م سيپڪو ايڪسين جي کلي ڪچھري، صارفين شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا
ايڪسيئن گھوٽڪي ارشاد بلوچ کلي ڪچهري ۾ عوام جا مسئلا ٻڌا، واڌو بل اماڻڻ وارو مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري
صارفين سيپڪو خانڳڙهه خلاف واڌو بلن سميت شڪايتون ڪيون، جنهن تي ايڪسئين آفيسرن کي سخت ڇنڊ پٽي
خانپور(رپورٽر)خانپورمھر م سيپڪو ايڪسين گھوٽڪي کلي ڪچھري ڪري عوام جا مسئلا ٻڌا عوام پاران شڪايتن جا انبار لڳائي ايڪسيئن پاران موقعي تي مسئلا حل ڪيا ايڪسيئن گھوٽڪي ارشاد بلوچ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته صارفين ڏانھن آيل واڌو بل ڪٽيا آھن، جڏھن ته سيپڪو سب ڊويزن خانڳڙھ جي صارفين کي مسئلن مان ڪڍڻ لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. خانپورمھر جي سيپڪو آفيس م ايڪسيئن گھوٽڪي ارشاد بلوچ پاران منعقد ڪرايل کلي ڪچھري ۾ سوين صارفين شرڪت ڪري سيپڪو خانڳڙھ جي عملي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا جڏھن ته ايڪسيئن گھوٽڪي پاران صارفين جا مسئلا ٻڌي عملي پاران اماڻيل واڌو بلن جي فوري ڪٽوتي ڪندي صارفين کي مڪمل سھڪار جو واعدو ڪيو.. صارفين سيپڪو خانڳڙهه خلاف واڌو بلن سميت شڪايتون ڪيون، جنهن تي ايڪسئين آفيسرن کي سخت ڇنڊ پٽي کلي ڪچھري بعد ايڪسيئن سيپڪو گھوٽڪي ارشاد بلوچ، انچارج ايس ڊي او امان الله ميراڻي، سٽي انچارج رياض عباسي، ربنواز ڪلوڙ ء ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لڳ ڀڳ 8 سئو صارفين جا مسئلا ٻڌي انھن کي حل ڪيو آھي کلي ڪچھري ڪرڻ جو مقصد صارفين جون شڪايتون ۽ اھنج معلوم ڪرڻ ھيو، ھن چيو ته سيپڪو سب ڊويزن خانڳڙھه ۾ زبون حال تارون توڙي ٿنڀا نوان لڳرائڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، ھن چيو ته مون عملي کي تنبيھه ڪئي آھي ته صارفين سان ناجائزيون بند ڪري ساڻن بھتر ورتاء ڪيو وڃي.