خانپورمھـر)رپورٽ: شاد مهر) گورنر سنڌ عمران اسماعيل اڄ جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوھر مھر جي دعوت تي خانڳڙھ پھچي رھيو آهي، جتي علي گوھر مھر پاران ڏنل مانجھاندي جي دعوت ۾ شرڪت ڪندو. جنھن کان پوءِ سردار علي گوھر مھر جي سردارڳڙھ واري تار بنگلي تي روانو ٿيندو. ذريعن موجب گورنر سنڌ متحدہ عرب امارات جي تعليم واري وزير شيخ النھان المبارڪ سان ملاقات پڻ ڪندو.
پيپلز پارٽي 8 ضلعن تائين محدود ٿي وئي آهي:صفدر عباسي
عوام وڏيرن بدران انھن کي ووٽ ڏئي جيڪو سندن مسئلا حل ڪري:ناهيد خان
لاڙڪاڻو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران محترمه بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مقامي هال ۾ عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي کي يارنهن سال گذري چڪا آهن پر ائين پيو لڳي ته هو اڄ به اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته اڄ پيپلز پارٽي جي سياست 8 ضلعن تائين محدود ٿي وئي آهي جيڪا انهن جي تباهيءَ جي نشاني آهي،جي ڊي اي اڳواڻ ۽ ايم پي اي معظم علي عباسي چيو ته اڄ سياست فائدي لاءِ ٿي رهي آهي ۽ هر طرف اين آر او جي گونج ٻڌي رهيا آهيون جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ عوام مايوسي جو شڪار آهي. هن چيو ته شهيد محترمه پنهنجي مشن تي ڪم ڪندي شهيد ٿي وئي پر پيپلز پارٽي وارا شهيدن جي مشن کي ڇڏي صرف ڪرپشن جي پويان لڳا پيا آهن،ناهيد خان عباسي چيو ته جيڪو عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري عوام ان کي ووٽ ڏئي پنهنجي سوچ کي تبديل ڪري، عوام پاڻ بچائڻ لاءِ وڏيرن ۽ ڀوتارن وٽ يرغمال ٿيڻ بجاءِ پنهنجي مستقبل جي لاءِ سوچن ته هو جن وڏيرن کي ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ آڻن ٿا بعد ۾ اهي ئي عوام جي ووٽ کي اسيمبلين اندر پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪندا آهن. عوامي ميڙاڪ کي عمران شاهه، همٿ علي ڪلهوڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
لاڙڪاڻي ۾ فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف نوجوان جو احتجاج
لاڙڪاڻو (رپورٽر)لاڙڪاڻي ۾ فوتي ملازم جا ٻار روزگارلاءِ دربدر، پريس ڪلب اڳيان نوڪري لاءِ نوجوان ڪيو، تفصيل موجب لاڙڪاڻي ۾ شهر جي رحمت پور پاڙي جي رهواسي نوجوان سعيد احمد ڏيٿو فوتي ڪوٽا تي نوڪري نه ڏيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيو ته منهنجو والد محمد صالح ڏيٿو هاءِ اسڪول سنگل سيڪشن شهدادڪوٽ ۾ استاد هو جيڪو 23 سال اڳ اسڪول ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿيو جنهن کان بعد مون فوتي ڪوٽا جي نوڪري لاءِ تعليم کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي درخواستون ڏنيون پر ان جي باوجود مون کي پنهنجي حق کان محروم رکيو ويو آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي ۾ فوتي ڪوٽا تحت نوڪري ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
ڀٽ شاهه ۾ يارهين شريف جي محفل، نعت خوانن حضور ڪريم صه جي شان ۾ نعتون پڙهيون
ڀٽ شاهه (ن پ ا) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاهه ۾ يارهين شريف جي سلسلي ۾ محفل منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ حضرت پير سيد گل احمد شاهه جيلاني آف درگاهه سوهو شريف خيرپور خاص مهمان طور شريڪ ٿيو. نعت خوانن اختر حسين عطاري، علاما نالي مٺو، سيد ظهير حسين شاهه، محمد زمان عطاري ۽ ٻين نعتون ٻڌائي محفل ۾ آيل جو ايمان تازو ڪيو.محفل ۾ درگاهه ڀٽائي جي پيش امام سيد ڪاظم علي شاهه، حافظ محمد توفيق عطاري، مختيار احمد پنهور، مستقيم احمد سمون، مولوي رستم بليدي، اشفاق احمد بليدي، لالا خير محمد راهو، ڊاڪٽر ڪامران ٿهيم سميت ٻين چيو ته جيڪڏهن سچي دل سان محبوب کي ياد ڪنداسين تـ ٻيڙا پار ٿي ويندا.
اسين سڀ ڀٽو آهيون،مرڻ قبول ڪنداسين پر جهڪنداسين نه:اعتزاز احسن
محترمه هجي ها ته هي حالتون ڏسڻيون نه پون ها:يوسف رضا گيلاني،ڪائرھ ۽ نثار کھڙو جو خطاب
لاڙڪاڻو:اعتزاز احسن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڇا ڏوهه ڪيو ان جو ڏوهه اِهو هو ته هن غريبن کي مٽيءَ مان ڪڍي انهن کي چُمي ڏئي سڌي طريقي سان بيهڻ جو طريقو ڏنو ۽ غريبن جي اندر احساس محڪومي کي ختم ڪيو، شهيد ڀٽو وڏن جاگيرن کي ختم ڪيو، 1972 ۽ 1977 ۾ غريبن ماڻهن ۽ هارين کي مفت زمينون ۽ گهر ڏنا جيڪو ڪم شهيد ڀٽو ڪيو، شهيد ڀٽو آمريڪي استعمال خلاف اسلامي بلاڪ لاءِ لاهور ۾ ڪانفرنس سڏائي اسلامي ملڪن کي گڏ ڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن جون عزتون محفوظ بڻائي کين مستقبل ۽ تعليم ڏيڻ چاهيندي هئي، ، هاڻي ٽئين نسل بلاول ڀٽو زرداري جي هٿ ۾ انقلاب جو جهنڊو آهي جنهن ۾ اقليت، روزگار ۽ خوشحالي جو رنگ آهي، بلاول ان جهنڊي کي کڻي اڳتي وڌندو ۽ اسان ان جي پويان هونداسين ۽ اسان سڀ ڀٽو آهيون.مرڻ قبول ڪنداسيم پر جهڪنداسين نه،
اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته اڄ ان هستي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج پيش ڪرڻ آيا آهيون جنهن هن ملڪ، جمهوريت، هارين، عورتن ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، پاڪستان جي لاءِ ڀٽو خاندان جو بي انتها قربانيون آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ کي آئين ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ڏنو جيڪي تاريخي ڪم آهن، جيڪڏهن اهي شيون نه هجن ها ته شايد هن ملڪ کي قائم ڪرڻ مشڪل بڻجي ها. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو بين الاقوامي طور تي پنهنجا واسطا استعمال ڪري ڊڪٽيٽر کان وردي لهرائي جنهن ڪري اڄ ملڪ ۾ انڌي ۽ ٻوڙي جمهوريت آهي. جيڪڏهن نوجوانن جو ڪو ليڊر آهي ته اهو بلاول ڀٽو زرداري آهي. هن چيو ته اڄ جيڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو هجي ها ته شايد هي حالتون اسان کي ڏسڻيون نه پون ها ۽ ملڪ معاشي طور بهتر حالتن ۾ هجي ها.
قمرالزمان قائره چيو ته اڄ اسين ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شريڪ آهيون، هتان اسين حوصلو، همٿ حاصل ڪري ان فلسفي جو عزم ورجائيندا آهيون جنهن تي هلي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قربانيون ڏنيون جيڪو سفر اڄ به جاري آهي عوام کي جيسيتائين پنهنجا حق نه ملندا اِهو سفر جاري رهندو، هي آسان سفر نه آهي، هن ملڪ اندر ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ٺاهيون ويون ۽ ڪيتريون ئي پارٽيون رات جي وقت ۾ ٺاهيون ويون جيڪي اقتدار جا بکيا آهن ۽ اهي اقتدار ۾ اچي موجون ڪري هليا ويندا آهن پر پيپلز پارٽي ان کي ذميواري سمجهي عوام جي خدمت ڪندي آهي. هن چيو ته هي جعلي اڪائونٽن جو حساب نه پر بلاول کان سندس جي والد ۽ ناني جي ورتل واٽ جي سزا طور حساب ورتو پيو وڃي. هن چيو ته اسان رت ڏينداسين پر شهيدن جو رستو نه ڇڏينداسين، هي تڪليفون نيون تڪليفون نه آهن، اسان ماضي ۾ به ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جو علم کڻي نڪتو آهي عوام ان جو ساٿ ڏئي ان کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي ۽ رستي ۾ صرف روشني ئي روشني آهي.
پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته هنن سوچيو ته پيپلز پارٽي کي ڪيئن ختم ڪريون ۽ ضياءَ الحق به سوچيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ختم ڪنداسين ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي پر پارٽي ڪارڪنن جيل ويا، ڪوڙا کاڌا، تڪليفون سٺيون ۽ محترمه پارٽي جون واڳون سنڀاليون پر اسان کان محترمه کي به کسيو ويو، محترمه جي شهادت کي يارنهن سال ٿي ويا آهن پر هر سال اسان پنهنجي پارٽي کي مضبوط ڪندا رهندا آهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت مٿان الزام لڳائي اهي سوچن پيا ته عوام اسان کي ڇڏي ڏيندو پر عوام جلسن جلوسن ۾ ايندا ۽ جيلن ۾ به ويندا پر بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ نڀائيندا. هن چيو ته وزيراعظم کي سندس گهر واري ياد ڏياريندو آهي ته هو وزيراعظم آهي هو جڏهن کان آيو آهي هو اسان کان اسان جي ماني کسي رهيو آهي ۽ مهانگائي جي چڪي ۾ پيسائي رهيو آهي، هن گئس، بجلي ۽ زندگي مهانگي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان چيو ته ٿا ته بي آءِ ايس پي پروگرام کي وڌايو ته هو ڪڪڙن ۽ ڪڪڙين ۽ انڊن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ چوي پيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ بهتر ڳالهه آهي اهڙو وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڇا مقابلو ڪندو،
پريالوءِ ۾ تقريب ڪوٺائي سرمد سنڌي 22 ورسي ملهائي وئي
سنڌي ادبي سنگت ۽ جسقم اڳواڻن سرمد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري
سرمد سنڌ ۽ سنڌ واسين جو آواز هو، هن نوجوانن ۾ جاڳرتا آندي: سجاد، ايوب ۽ ٻين جو خطاب
پيرجوڳوٺ (رپورٽر) پير جو ڳوٽ ڀرسان تقريب ڪوٺائي سنڌي جي قومي ۽ البيلي راڳي سرمد سنڌ جي 22 هين ورسي سادگي سان ملهائي وئي.
پريالوءِ ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ جسقم اڳواڻن امجد مهيسر، سجاد ميراڻي، مخدوم شمس جي اڳواڻي ۾ سنڌ ڌرتي جي ناليواري ۽ ٻيجل راڳي سرمد سنڌي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا پڻ گهري.
ان موقعي تي سجاد ميراڻي، ايوب لاشاري، هاشم راهوجو ۽ مختيار ڀٽي سميت ٻين جو چوڻ هو ته ته سرمد سنڌي پنهنجي ڪلا وسيلي سنڌ جي نوجوانن ۾ جاڳرتا ۽ شعور آندو ۽ سدائين سنڌ جي ڳالھه ڪئي.
هنن چيو ته سرمد جو آواز سنڌ ۽ سنڌ واسين جو آواز هو، پر اڄ سرمد سنڌي جي سرڪاري سطح تي ورسي به نه پئي ملهائي وڃي.
لاڏلي جي ڦاٽل دهلن للڪاريو آھي، مقابلو ڪبو:آصف زرداري
بلاول منهنجو ۽ بينظير جو پٽ آهي، انکي ڪيئن ڊيڄاريندئو؟ : ڳڙهي خدا بخش ۾ خطاب
ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ( رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته لاڏلي جي ڦاٽل دهلن ٻيهر للڪاريو آهي، سازشن جو مقابلو ڪنداسين، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان ڪيسن کان نه اڳ ڊناسين نه هاڻي ڊڄنداسين، اڄ لاڏلي جي ڦاٽل دهلن اسان کي ٻيهر للڪاريو آهي، هن چيو ته جمهور ي طريقي سان اليڪشن کٽي ٻيهر واپس اينداسين، حڪومت ۾ اچي پاڪستان ۽ معيشت کي سنڀالينداسين، هن چيو ته بلاول منهنجو ۽ بينظير جو پٽ آهي، انکي ڪيئن ڊيڄاريندئو، اسان پهرين به سازشن جو مقابلو ڪيو ۽ هاڻي به ڪنداسين، جيالا لاڏلي جي ظلمن کي منهن ڏيڻ جي طاقت رکن ٿا، هن حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪو ڪم ڪرڻ ڄاڻيندو آهي ان لاءِ 100 ڏينهن گهڻا آهن، اسان 100 ڏينهن ۾ مشرف کي گهر پهچايو، هنن حڪمرانن کي ٽي وي تي بڪواس ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو، پاڙيسري ملڪن کان تمام گهڻي مدد ملڻ باوجود هنن کان ملڪ نٿو سنڀالجي، هو نه ڏسي سگهن ٿا، نه ٻڌن ٿا، هن چيو ته هو جيڪو عمل ڪندا انهن کي اهڙلو ئي جواب ڏينداسين.
ڪٺ پتلي ون يونٽ لاءِ آيو، آمريتي قوتن سان ويڙهه ڪنداسين ۽ 18هين ترميم تي هر قسم جي حملي کي روڪينداسين: بلاول
آصف زرداري جو وڏو گناهه اهو اهي ته هن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو: پ پ چيئرمين
ڪٺ پتلي کي حڪومت ڏيڻي هئي ته کيس پريڪٽس ڪرايو ها: ڳڙهي خدا بخش ۾ خطاب

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آءِ ٽي رپورٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ون يونٽ لڳائڻ لاءِ ڪٺ پتلي کي آندو ويو، هن ويڙهه ۾ اڳئين مورچي تي هوندس، سليڪٽيڊ وزيراعظم کي اندازو ئي ناهي ملڪ هٿن مان نڪري پيو، جيڪڏهن حڪومت ڪٺپلي کي ڏيڻي هئي ته ٿوري ان کي پريڪٽس ڪرايو ها، ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي روسي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نام نهاد ٺيڪدار نشي ۾ گم آهي، وفاق ڪمزور ٿيندو پيو وڃي، اچو غيرجمهوري قوتن خلاف پاڻ کي نئين جنگ لاءِ تيار ڪيون، مان اڳئين مورچي تي ٿيندس، هي اها ئي جنگ آهي جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو وڙهي، اسان سڀ ڀٽو آهيون، ويڙهه لاءِ تيار آهيون، بلاول ڀٽو چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي منهنجي امڙ ۽ اوهان جي ليڊر کي کسيو ويو. شهيد بينظير ڀٽو جي خواب کي پورو ڪرڻو آهي، اسان جيلون ڏٺيون، آمرن جو مقابلو ڪيو، تون ڪهڙي باغ جي موري آهين؟، ڳڙهي خدابخش: هي ڪهڙو احتساب آهي، جنهن جو نشانو رڳو اپوزيشن آهي، ماضي وانگر اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ظلم ڪيو پيو وڃي، اسين ڄمي مقابلو ڪنداسين، آصف زرداري جو وڏو گناهه اهو اهي ته هن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، پاڪ، ايران گيس لائين منصوبو ڏنو، اڄ اهو مڪمل ٿئي ها ته گيس بحران نه هجي ها،آصف زرداري 18 هين ترميم کي آئين جي اصل روح ۾ بحال ڪيو، 18هين ترميم تي هر حملو روڪينداسين، هي ڪٺ پتلي اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن کي ملندڙ حصو کسڻ چاهي ٿو، پر اسان ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، سڀني يزيدن کي چوان ٿو منهنجي جسم ۾ شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جو رت آهي، غيرجمهوري قوتن جو مقابلو ڪنداسين، جلد ملڪ کي ڪٺ پتلي کان به آجو ڪرائينداسين، هن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، مني لانڊرنگ کان ڳالهه ناشتي جي بلن تائين پهتي، عدالت کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ استعال ڪيو پيو وڃي، اميد آهي معزز جج صاحب رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائيندا، هن چيو ته جيڪڏهن اوهان ۾همٿ آهي ته بي نامي وزيراعظم ۾ هٿ وجهي ڏيکاريو، اوهان کان ايس ايس پي ظاهر جا قاتل نٿا ملن، باقي منهنجي ناشتي جو بل ملي ويو، هن چيو ته هي ڪهڙو وزيراعظم آهي جنهن کي رپئي جو ملهه گهٽجڻ جي خبر ناهي،هنن کان بلوچستان جي مائرن جو آواز به برداشت نٿو ٿئي، نوازشريف جي سزا کانپوءِ پنجاب ۾ جيڪي نعرا لڳا انهن جو تصوير به نه ڪيو هو، هن حڪمرانن کان سوال ڪندي چيو ته ٻڌايو بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو؟سندس خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو، بلاول ڀٽو جذباتي تقرير ڪئي، شعر پڙهي ماحول گرمائي ڇڏيو.
شهيد راڻي جي ورسي،جلسي کي آصف ۽ بلاول خطاب ڪندا
ڳڙهي خدابخش ۾ جلسي لاءِ اسٽيج تيار، سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، قافلن جي آمد جاري
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ماڻهو پهتل، مزارن تي حاضري، نعرن تي ڪارڪن جذباتي ٿي ويا، هر آک آلي

نئون ديرو (رپورٽر) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 11 ورهيه وهامي ويا. شهيد راڻيءَ کي ياد ڪري اڄ به هر اک آلي نظر آئي. شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو آھي، جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ وڏي انگ ۾ عام ماڻهن جي ڳڙهي خدابخش آمد جو سلسلو جاري آهي، جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل آهن. جڏهن ته پري کان ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪئمپون تيار ڪيون ويون آهن. ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، شهيد راڻيءَ جون نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ نئون ديرو هائوس ۾ موجود آهن. ورسي تقريبن جي شروعات ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خوانيءَ سان ڪئي وئي، ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي ايندڙ ڪارڪن قرآن خواني ڪري پنهنجي شهيد قائدين کي لڙڪن، سڏڪن، ۽ دانهن سان ڀيٽا پيش ڪندا. قرآن خوانيءَ بعد لنگر تقسيم ڪيو ويندو، جڏهن ته 1 وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ پاران مشاعري جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. بعد شام جو ساڍي ٽين وڳي جلسي عام ٿيندو، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اعتزاز احسن، سيد خورشيد شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو سميت پيپلز پارٽيءَ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا. مزار تي پهچندڙ ڪارڪن جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، “بيبي ھم شرمنده ھين تيري قاتل زندھ ھين” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. ٻاهران ايندڙ ڪارڪن پنهنجي محبوب ليڊرن جي مزارن تي پهچڻ بعد جذباتي ٿي وڃن ٿا، مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، نئون ديرو هائوس توڙي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، ٽريفڪ، رينجرز، سي ٽي ڊي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو ڪمانڊو کي مقرر ڪيو ويو آهي. مزار جي گيٽ نمبر 8، 9 ۽ 10 تي 25 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته مزار اندر پڻ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جتي ايندڙ ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد کين مزار طرف ڇڏيو پيو وڃي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پارٽي جهنڊن، قائدين جي خوبصورت تصويرن ۽ بينر سان سينگاريو ويو آهي.
“قرض جا پيسا ڇو گھريا” فيض گنج ۾ پورهيت جي گهر تي حملو، 4 ڄڻا زخمي
جلال جي چودڳي وٽ جوابدارن اعجاز سولنگي جي گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو
حملي ۾ پيرسن عورتن سوڌو 4 ڄڻا زخمي، شر برادري جي ماڻهن حملو ڪيو: زخمي عورت
فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ڀرسان پورهيت جي گهر تي حملو، عورتن تي تشدد، پيرسن سميت 4 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل. تفصيل موجب، ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد جلال جي چو دڳي وٽ جوابدارن پورهيت اعجاز سولنگي جي گهر تي ڪاهه ڪري گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو. حملي جَي نتيجي ۾ پيرسن زليخان سولنگي، اعجاز، نثار ۽ گدا حسين زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب زخمين جي فرياد تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن زخمين پنهنجي اخبار کي ٻڌائي ته شر برداري جي بااثر کان قرض واپس گهرڻ تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ ورسي، مک جلسي جون تياريون مڪمل،قافلن جي آمد شروع

نئون ديرو (رپورٽر) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 11 ورهيه وهامي ويا. شهيد راڻيءَ کي ياد ڪري اڄ به هر اک آلي نظر آئي. شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو آھي جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويو آهي جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل آهن. جڏهن ته ٻاهران ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪئمپون تيار ڪيون ويون آهن. ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، شهيد راڻيءَ جو ٻه نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ نئون ديرو هائوس ۾ پهچي ويا آهن. ورسي تقريبن جي شروعات صبح جو 9 وڳي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خوانيءَ سان ڪئي ويندي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي ايندڙ ڪارڪن قرآن خواني ڪري پنهنجي شهيد قائدين کي لڙڪن، سڏڪن، ۽ دانهن سان ڀيٽا پيش ڪندا. قرآن خوانيءَ بعد لنگر تقسيم ڪيو ويندو. جڏهن ته 1 وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ پاران مشاعري جي محفل ٿيندي جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. بعد شام جو ساڍي ٽين وڳي جلسي عام ٿيندو جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اعتزاز احسن، سيد خورشيد شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو سميت پيپلز پارٽيءَ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا. ھوڏانھن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪن ۽ جيالا قافلن جي صورت ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچڻ شروع ٿي ويا آهن. مزار تي پهچندڙ ڪارڪن جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، “بيبي ھم شرمنده ھين تيري قاتل زندھ ھين” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. ٻاهران ايندڙ ڪارڪن پنهنجي محبوب ليڊرن جي مزارن تي پهچڻ بعد جذباتي ٿي وڃن ٿا، مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. نئون ديرو هائوس توڙي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، ٽريفڪ، رينجرز، سي ٽي ڊي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو ڪمانڊو کي مقرر ڪيو ويو آهي. مزار جي گيٽ نمبر 8، 9 ۽ 10 تي 25 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته مزار اندر پڻ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جتي ايندڙ ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد کين مزار طرف ڇڏيو پيو وڃي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پارٽي جهنڊن، قائدين جي قدآور تصويرن ۽ بينر سان سينگاريو ويو آهي. ٻئي پاسي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي شيري رحمان، نويد قمر، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، اعجاز جکراڻي، صوبائي وزير ناصر شاهه، پ پ ورڪرز جي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، ناهيد خان عباسي پڻ ڪارڪنن جي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري دعائون گهريون ۽ گلن جي ورکا پڻ ڪئي.
زرداري جي سياست بلاول جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي:صفدر عباسي ۽ ناھيد خان

نئون ديرو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي ناهيد خان ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي ڪارڪنن جي وڏي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن جذباتي انداز ۾ “زندهه هي بي بي زندهه هي”، “تيري قاتل زندهه هين – بي بي هم شرمنده هين”. مزار تي حاضري کانپوءِ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي شهيد بي بي جي جمهوري جدوجهد کي ياد ڪرڻ گهرجي ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪا کيس سياسي سوچ ڏني ان تي 30 سالن تائين ثابت قدم رهي. زندگيءَ کي خطرو هئڻ باوجود هڪ ڏينهن لاءِ به پوئتي نه هٽي. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي سياست بلاول ڀٽو زرداريءَ جي مستقبل کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي دعا آهي ته ان جي راهن ۾ جيڪي به پٿر آهن انهن کان بچي اڳتي قدم وڌائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ناهيد خان چيو ته شهيد بي بي اسان جي ليڊر، استاد ۽ سڀ ڪجهه هئي جيڪا اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي. پر جيڪا ان جي سوچ ۽ فلسفو هو اهو اڄ به زندهه آهي. اڄ جهڙيءَ طرح غربت وڌي رهي آهي ۽ سياسي فضا آلوده ٿيندي پئي وڃي ۽ جهڙيءَ طرح ڌرتي سياستدانن لاءِ تنگ ٿيندي پئي وڃي، مان سمجهان ٿي ته اڄ هن دور ۾ شهيد محترمه جهڙي ليڊر جي ملڪ کي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته هن ملڪ کي اڄ نيشنل ليڊر جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ۽ جيڪي به ليڊر هن وقت آهن اهي فقط پنهنجي تڪن يا علائقن جا ليڊر نظر اچن ٿا چئني صوبن جي زنجير واري علامت ڪنهن ۾ به نظر نٿي اچي. جيڪا به ملڪ ۾ جمهوريت آهي اها شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري ئي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو گهڻو وقت اڳ ۾ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي تنقيد ڪئي وئي ۽ اڄ آمريڪا جي چوڻ تي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
بنگلديري ڀرسان تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت
رتوديرو (ن پ ا)رتوديرو ڀرسان بنگلديرو وٽ روڊ ڪراس ڪندي 12 ورهين جو نينگر محمد بخش پٽ محمد اسماعيل تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو،ان ڏس ۾رتوديرو ڀرسان بنگلديرو اسٽاپ وٽ لاڙڪاڻي روڊ تي روڊ ڪراس ڪندڙ ٻارهن ورهين جي نينگر محمد بخش پٽ محمد اسماعيل چهواڻ کي تيز رفتار ڪار ٽڪر هنيو، جنهن بعد هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جو لاش تعلقه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ڪار ڊرائيور سميت پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته فوتي نيگر جو تعلق رتوديرو جي يوسي بنگلديرو جي ڳوٺ مصري خان چهواڻ سان آھي،
شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي، مک جلسي جون تياريون مڪمل، قافلن جي آمد شروع

نئون ديرو (رپورٽر) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 11 ورهيه وهامي ويا. شهيد راڻيءَ کي ياد ڪري اڄ به هر اک آلي نظر آئي. شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو آھي جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويو آهي جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل آهن. جڏهن ته ٻاهران ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪئمپون تيار ڪيون ويون آهن. ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، شهيد راڻيءَ جو ٻه نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ نئون ديرو هائوس ۾ پهچي ويا آهن. ورسي تقريبن جي شروعات صبح جو 9 وڳي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خوانيءَ سان ڪئي ويندي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي ايندڙ ڪارڪن قرآن خواني ڪري پنهنجي شهيد قائدين کي لڙڪن، سڏڪن، ۽ دانهن سان ڀيٽا پيش ڪندا. قرآن خوانيءَ بعد لنگر تقسيم ڪيو ويندو. جڏهن ته 1 وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ پاران مشاعري جي محفل ٿيندي جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. بعد شام جو ساڍي ٽين وڳي جلسو ٿيندو جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اعتزاز احسن، سيد خورشيد شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو سميت پيپلز پارٽيءَ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا، مزار تي پهچندڙ ڪارڪن جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، “بيبي ھم شرمنده ھين تيري قاتل زندھ ھين” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. ٻاهران ايندڙ ڪارڪن پنهنجي محبوب ليڊرن جي مزارن تي پهچڻ بعد جذباتي ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي اکين جا بند ٽٽي پون ٿا جيڪي پنهنجي قائدين کي لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪندي نظر اچن ٿا. مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. نئون ديرو هائوس توڙي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، ٽريفڪ، رينجرز، سي ٽي ڊي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو ڪمانڊو کي مقرر ڪيو ويو آهي. مزار جي گيٽ نمبر 8، 9 ۽ 10 تي 25 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته مزار اندر پڻ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جتي ايندڙ ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد کين مزار طرف ڇڏيو پيو وڃي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پارٽي جهنڊن، قائدين جي قدآور تصويرن ۽ بينر سان سينگاريو ويو آهي. ٻئي پاسي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي شيري رحمان، نويد قمر، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، اعجاز جکراڻي، صوبائي وزير ناصر شاهه، پ پ ورڪرز جي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، ناهيد خان عباسي پڻ ڪارڪنن جي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري دعائون گهريون ۽ گلن جي ورکا پڻ ڪئي.
جي آءِ ٽي رپورٽ رد: آصف گرفتار ٿيو ته نتيجا اڳرا نڪرندا: پ پ
بلاول ۽ آصف زرداري جي صدارت ۾ سي اي سي جو اجلاس: ڪجهه ادارا حدون اورانگھين پيا: فرحت الله بابر

نئون ديرو (رپورٽر) پيپلزپارٽي آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ جي صورت ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، سي اِي سي اجلاس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي به ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو ويو، پيپلزپارٽي اڳواڻن چيو آهي ته انتقام جا خراب نتيجا نڪرندا، ڪجهه ادارا آئيني حدون اورانگهي رهيا رهيا آهن، نئون ديرو هائوس تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري جي گڏيل صدارت هيٺ پ پ جي سي اِي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ سميت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فرحت الله بابر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ بابت قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو، ڪجهه ادارا پنهنجون آئيني حدون اورانگهي رهيا آهن، انتقامي ڪاررواين جا خراب نتيجا نڪرندا، پ پ اڳواڻ ڌمڪي ڏيندي چيو ته اسان حڪومت ۽ سمورن ادارن کي خبردار ڪري رهيا آهيون، آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ته نتيجا سٺا نه نڪرندا ۽ ان جي ذميوار حڪومت هوندي، هن چيو ته ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، لڳي ٿو ته ملڪ صدارتي نظام طرف وڌي رهيوآهي، ادارن جو احترام ڪريون ٿا، ڪنهن سان جهيڙو نٿا ڪريون، ان موقعي قمرالزمان ڪائرا جو چوڻ هو ته پ پ ادارن سان ٽڪراءَ جي پاليسي تي يقين نٿي رکي، رڳو ادارن جي آئيني حدن جي ڳالهه ڪريون ٿا، تاثر ڏنو پيو وڃي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سڀ سچ آهي، حڪومت اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، عمران خان ته سڀني کي جيل ۾ وجهڻ چاهي ٿو، شيري الرحمان ڳالهائيندي چيو ته احتساب کان انڪار ناهي، انتقام برداشت نه ڪنداسين، اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آصفه ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري، لطيف کوسا ۽ ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي.