fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪوهستان مان ايتري لڏپلاڻ ناهي ٿي: ڊي سي جي دعويٰ

ڄامشورو: ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪوهستان مان ايتري لڏپلاڻ ناهي ٿي برساتون نه پوڻ ڪري ڏڪار پيدا ٿيو آھي پر اڪثر علائقن ۾ سولر ٽيوب ويل لڳل آھن اسان دراوت ڊيم مان ست ڳوٺن لاء واٽر سپلا جي اسڪيم لاء پي سي ون تيار ڪئي آھي ان کان علاو ڪوهستان جي ڏڪار سبب متاثر ڳوٺن ۾ سولر ٽيوب ويل لڳرائڻ لاء سنڌ سرڪار کي لکيو آھي، هن چيو ته 29 هزار ماڻهن کي ڪڻڪ ڏينداسين في الحال 10 هزار ماڻهن کي ڏني آھي.

سنڌ جي حڪمران پارٽي جي ايم پي اي انساني الميي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڄامشورو: ٿاڻي بولا خان جي تڪ تان جنرل سيٽ تان ڪامياب ٿيل ايم پي اي گيانچند ايسراڻيءَ جو چوڻ آهي ته ڪوهستان ۾ برساتون نه پوڻ ڪري وڏي انساني الميي جي جنم وٺڻ جو انديشو آهي. روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان لکت ۾ توڙي زباني سنڌ جي وڏي وزير کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جڏھن ته آئون سنڌ اسميبليءَ ۾ پڻ آواز اٿاري چڪو آهيان ۽ هاڻ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي حڪومت آڏو ڪوهستان ۾ ڏڪار واري صورتحال کان آگاهي ڏئي ڪوهستان لاءِ خاص پئڪيج ڏيڻ لاءِ قرارداد پيش ڪندس.

سيارو اچڻ باوجود ڪوهستان ۾ هر طرف سڃ ئي سڃ، سرندن جا آواز ختم، مچ ڪچهرين جي پڻ پڄاڻي

ڄامشورو: ڪوهستان جي سياسي، سماجي اڳواڻ محمد بخش لهراڻي، خادم خاصخيلي، اللھ بخش شيهڻو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جو ڪٽو ڏئي ڪوهستان واسين سان جٺ ڪئي وئي مال جو چارو ڪيڏانهن ويو اسان سان واعدا ڪيا ويا ته موبائل اسپتال شروع ڪنداسين گهر گهر ڪڻڪ ڏينداسين پر ٿيو ائين ڪو نه. ڪڻڪ جو سينٽر بولاخان ۾ هو پري پري جا ماڻهو ڀاڙو نه هجڻ ڪري ڪڻڪ لاء پهتا ئي ڪونه، ڪيترن جا نالا لسٽن ۾ ئي نه هئا . ڏڪار سٽيل قرار ڏئي ڪوهستان واسين جي واهر نه ڪري خالي پنهنجا پيٽ ڀريا ويا. هنن چيو ته هر سياري ۾ ڪوهستان ۾ مچ ڪچهريون ٿينديون هيون مورا، سرندا ۽ ٻيا ساز ٻڌبا هئا پر هاڻ ته ڏڪاريل ڏيھ ۾ سڃ پئي واڪا ڪري .هنن مطالبو ڪيو ته ڪوهستان جي ماڻهن جي واهر ڪئي وڃي.

ڄامشوري ضلعي جي ڪوهستان ۾ ڏڪار سبب حالتون خراب، هزارين ماڻهو لڏي ويا، 40 سيڪڙو مال مري ويو

ڄامشورو: برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار سٽيل ڏيھ ڪوهستان واسين جي سرڪار ڪابه پرگهور نه لڌي آهي. علائقي جي هڪ لک 45 هزار جي آبادي مان هزارين ماڻهو لڏي ويا آهن. ڪوهستان جا 40 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن پر انتظاميه صرف 10 هزار ماڻھن کي پنجاھ ڪلو ڪڻڪ ڏئي وڌيڪ امداد بند ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته چوپائي مال جو چارو اڻ لڀ ٿي ويو آهي ۽ اندازي موجب ڪوهستان واسين جو 40 سيڪڙو چوپايو مال بک سبب مري چڪو آهي. تعلقي ٿاڻي بولاخان جون 28 ديهون رني ڪوٽ، ديھ ڀال، ديھ ڪوه تراش، ديھ پوکڻ، ديھ مول، ديھ عارب خان، ديھ باني، ٻٻر بند، اٺ پلاڻ، ٽڪو ٻاڙائي، تونگ، ٻيلي ٺپ، کئيجي، ٻٽاڙو ڪرچات، ديھ ڌماچ ۽ ٻين ديهن سميت مختلف علائقن جا ڏڪار سٽيل ڪوهستاني ڏڪار سبب سخت متاثر آهن. سوين خاندان لڏپلاڻ ڪري دريائي علائقن ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. جڏهن ته ديھ ٻيلي ٺٺ، ديھ ٽڪو بارائڻ مان گبول، باريجا، ڇٽا، سهتا ۽ ٻين برادرين سان تعلق رکندڙ ڪوهستان واسي بلوچستان جي تعلقي دريجي، لسٻيلي ۽ ڪراچي ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هليا ويا آهن. ڪوهستان ۾ سخت ڏڪار بعد سنڌ سرڪار جي هدايتن تي ضلعي انتظاميه ڄامشورو پاران ڪوهستان جي متاثر علائقن جي سروي جو ڪم ڪوهستان جي 7 يونين ڪائونسلن ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ يوسي تونگ، يوسي موندر خان، يوسي مول، يوسي عارب خان، يوسي سري، يوسي ڌماچ ۽ يوسي احمد خان شامل آهن، سروي مطابق متاثر قرار ڏنل 75 هزار ماڻھن واري رپورٽ به رد ڪري ضلع انتظاميه نادرا جي رپورٽ جي آڌار 10هزار ماڻھن کي متاثر قرار ڏنو. جنهن کانپوءِ ڪوٽڙي جي ڪڻڪ گودام مان 10 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون گهرائيون ويون. هيل تائين 9 هزار 8 سو 80 ماڻهن کي ڪڻڪ جا پنجاھ ڪلو وارا ڪٽا ڏنا ويا آهن، باقي 120ڪڻڪ جا ڪٽا ٿاڻي بولاخان جي گودام ۾ پيل آھن. ڪوهستان جي تعلقي ٿاڻي بولاخان کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيڻ باوجود انتظاميه متاثر علائقن ۾ هيلٿ موبائل سروس شروع نه ڪئي ۽ نه وري غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن کي ڪا طبي امداد ڏني وئي. نه ئي وري ڳورهارين عورتن لاء ڪوهستان ۾ ڪو ويم گهر جڙي سگهيو. بيسڪ هيلٿ سينٽر تونگ، هيلٿ ڊسپينسري ريڪ، هيلٿ ڊيسپينسري مول سميت ڪوهستاني علائقي ٽڪوبارڻ جي هيلٿ سينٽرن ۾ عورتن لاء ليڊي ڊاڪٽرياڻي ۽ ايل ايچ وي به مقرر ناهي ٿي سگهي. جنهن ڪري ڪوهستان جون عورتون ڊليوري دوران مختلف تڪليفن کي منھن ڏئي رهيون آھن. ڪوهستان جي ديھ ٻيلي ٺپ ، ديھ ڀال ، ديھ پوکڻ جي جر جو پاڻي سڪي ويو آھي، جڏهن ته ديھ ٻيلي ۾ جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري پيئڻ جي لائق ناهي جنهن سبب ديھ ٻيلي ٺپ مان 70 سيڪڙو رهواسي لڏپلاڻ ڪري ويا آھن، جڏهن ته ڪوهستان جي جبلن، ويرو جبل، ڪانڀو جبل، کيرٿر جبل، سجاتي جبل، سورجهاڻ جبل، دنبار جبل ۽ ٻين بٺين مان مال جو چارو مڪمل ختم ٿي ويو آھي جنهن جو وڏو سبب 10 سالن کان برسات نه پوڻ آهي.گاھ ختم ٿيڻ ڪري ڪوهستانين جو مال بکن سبب ڏٻرو ٿي ويو آھي گاھ جي کوٽ سبب مالوند ماڻهو چوپايو مال، ٻڪريون، رڍون ۽ ڳئون پاڻ سان گڏڪاهي ويا آهن.

سنڌ مان لٽ مار ڪندڙ هاڻي بچي نه سگهندا: جلال محمود شاهه

اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي

ڪوٽڙي)ن پ ا)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراھ سيد جلال محمود شاھ چيو آھي ته سنڌ مان ڪرپشن جو خاتمو چاهيون ٿا جن ماڻهن به پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري سنڌ جي ادارن مان ڪرپشن ڪئي آھي انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي هن اهڙو اظهار ڪوٽڙي ۾ سينئر صحافي دلدار جانوري جي امڙ جي لاڏاڻي بعد ڳالهائيندي چيو،سيد جلال محمود شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وسيلن تي لٽ مارڪندڙ جو احتساب ٿيڻ لازمي آھي،اقتدار عوام جي حقن جي ترجماني ڪرڻ لاء ملندو آھي لٽ مار لاءِ نه، پر هتي سدائين ڪرپشن ڪندڙ بچيو وڃن پر هاڻ لڳي پيو ته ڪير ڪرپشن ڪرڻ کان پوءِ آساني سان نه بچندو، هن چيو ته اهل علم ،دانشورتوڙي سياسي اڳواڻ هاڻ سياست کي صاف ۽ شفاف ڪرڻ لاء ڪردار ادا ڪن ته جيئن نيڪ صالح عوام دوست سٺا ماڻهو اڳيان اچي سگهن .

سنڌ ۾ پ پ خلاف جوڙيل اتحاد ڀورا ٿي ويا، عوام شهيدن سان گڏ آهي: ملڪ اسد

ڪوٽڙي (ن پ ا) پ پ ايم پي اي ملڪ اسد چيو آهي ته سنڌ ۾پ پ خلاف جوڙيل اتحاد ٽٽي ڀورا ٿي ويا آهن، شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ جان قربان ڪري ڇڏي، عوام شهيدن جي پارٽي سان گڏ آهي. ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي سان واسطو رکندڙ ضلعي ڪائونسل ميمبر حسين بخش ڇڇر ملڪ اسد سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ملڪ اسد چيو ته ڄامشورو ۾ پ پ خلاف ٺهندڙ اتحاد ڀورا ٿي ويو، مخالفن وٽ عوامي منصوبو ناهي، ايس يو پي ۽ ڄامشورو اتحاد جي تڏا ويڙھ ٿي رهي آھي.

ڪوٽڙي مان نوجوان ناري گم،پيءُ اغوا جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي جي خدا جي بستي مان 22 ورهيه ثنا مرزا پر اسرار نموني گم ٿي وئي، ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي خدا جي بستي جي رهواسڻ 22 ورهيه ثنا مرزا ولد سهيل مرزا پراسرار نموني گم ٿي وئي،سندس وارثن پاران ناري جو پيءُ سھيل مرزا ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي تي ناري جي اغوا ڪرڻ واري اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي،سندس والد موجب ثنا کي ٻه ڄڻا اغوا ڪري ويا آهن ، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سائيٽ آدم ابڙو موجب ناري جي والد سهيل مرزا جي پاران ثنا کي اغوا ڪرڻ جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي،جاچ ڪري رهيا آهيون.

ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل، ڪي پي ۽ پنجاب فاتح

ڪوٽڙي بلائنڊ ڪرڪيٽرز جو گروپ ڦوٽو

ڪوٽڙي (رپورٽ: ڌڻي بخش باريجو )ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ٽي 20 ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، ڪي پي ۽ پنجاب ميچون کٽي ورتيون.
پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ هلندڙ بلائيند ڪرڪيٽ سپر ليگ جي چوٿين ڏينهن ڪي پي 7 وڪيٽن تان بلوچستان ۽ پنجاب وڪيٽن تان سنڌکي شڪست ڏني. پهرين ميچ ۾ بلوچستان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي بلوچستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون، بلوچستان جي بيٽسمين بدر علي 43 بالن تي 99 رنسون ٺاهيون، اڪرم خان 43 بالن تي 71 رنسون ٺاهيون. ڪي پي جي بالرن مجيب 2 وڪيٽون ورتيون، گڀر، شاهزيب ۽ آصف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته رانديگر رن-آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ خيبر پختونخوا ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوورن هدف ماڻي ميچ کٽي، بيٽسمين اعجاز علي89، ايوب خان 61 رنسون ٺاهيون بلوچستان طرفان بالر اڪرم 2 وڪيٽون ورتيون.
ٻي ميچ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سنڌ ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسون ٺاهيون، سنڌ جي بيٽسمين راشد علي 55،ثناء الله 37 ۽ هارون 30 رنسون ٺاهيون.
پنجاب طرفان محسن علي، ڪامران ۽ ياسر هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پنجاب ٽيم 19 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ کٽي. نثار علي 46بالن تي 14چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. جڏهن ته اڪمل به 36 رنسون ٺاهيون. سنڌ طرفان انيس جاويد هڪ وڪيٽ ورتي.

ڄامشوري ۾ ريجنل پاسپورٽ آفيس بند،شهرين جو احتجاج

ڄامشورو (رپورٽر) نواز حڪومت ۾ قائم ڄامشورو ريجنل پاسپورٽ آفيس کي وفاق پاران بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ،ڄامشورو پاسپورٽ آفيس آڏو شھرين دربان عالماڻي وسعت الله تيوڻو .حافظ جميل احمد لغاري .حاجي مير حسن بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج آفيس بند ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پاسپورٽ آفيس بند ڪرڻ سان ضلعي جا ماڻھو جن ۾ عورتون، ضعيف،نوجوان دربدر ٿي ويندا، ھتي نوري آباد، ڪوٽڙي، ڄامشورو، ٿاڻو بولا خان، مانجهند، سيوهڻ ۽ ڀان شهرن جا ماڻھو ويجهو هجڻ ڪري سهولت حاصل ڪري رهيا آهن. پاسپورٽ سنڌيونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو ۾ روزانو 50 کان 60 پاسپورٽ ٺهرائڻ لاء ماڻهو اچن ٿا جنهن ۾ عوامي ماڻھن جي سهولت سميت وفاقي حڪومت به ڪمائي ٿي پوء به وفاقي حڪومت ريجنل پاسپورٽ آفيس کي بلاجواز بند ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي پاسپورٽ آفيس کي بند ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

ڄامشورو واسڻ جو اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج

ڪوٽڙي)رپورٽر)سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سوسائٽي فيز 2 جي رهواسڻ عورت فاطمه لنڊ پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏجي اڳوڻي مڙس حسن علي لنڊ پاران موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ گهر خالي ڪرڻ ۽ ڄامشورو پوليس جي زيادتي خلاف احتجاج ڪيو، ڄامشورو واسڻ فاطمه ڪوٽڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته مون سعودي عرب ۾ حسن لنڊ سان 2007 شادي ڪئي هئي جيڪو مسلسل مونکي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري وحشياڻو تشدد ڪري مونکي 2017 سيپٽمبر تي سعودي عرب ۾ طلاق ڏئي پاڪستان موڪلي ڇڏيو آهي، ان باوجود منهنجو اڳوڻو مڙس حسن لنڊ ۽ ان جو ڀاءُ غلام حسين لنڊ ،فواز لنڊ مونکي ۽ منهنجي ما۽ ڀائرن ۽ پيءُ کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، انهن مان جان جو خطرو آهي ،فاطمه لنڊ وڌيڪ چيو ته هي گهر مون 2015 ۾ خريد ڪيو ھو منهنجي گهر تي منهنجي اڳوڻو مڙس حسن علي لنڊ هٿياربند مقرر ڪري ڇڏيا هئا ، مان جڏهن ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم سان ملياسين ته ان وقت ايس ايس پي ڄامشورو اسان کي گهر جو قبضو وٺي اسان جي حوالي ڪيو ويو هن، سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته اڳوڻي مڙس حسن لنڊ خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ مان پاڻ کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

ڪوٽڙي ۾ چور سرگرم،مهيني ۾ 20 موٽرسائيڪلون چوري

ڪوٽڙي(ن پ ا)ڪوٽڙي ۾ چور سرگرم،هڪ مهيني اندر 20 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون، ڪوٽڙي ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ چورن تر تپائي ڇڏيو آھي درياءَ بند تان منظور احمد يوسفزئي جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي،تعلقه اسپتال لڳ هڪ بئنڪ ڀرسان علي حيدر ڪانڌڙو جي موٽر سائيڪل چور چوري ڪري ويا،درياء بند تان قاضي محلي ۾ اويس عالم جي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا،مهاجر ڪالوني لڳ محمدي مسجد مرزا رضوان بيگ جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي
مريم گارڊن مان رضوان جوڻيجو جي موٽر سائيڪل چور چوري ڪري ويا،سبحان الله ڪالوني مان رفيق جوڻيجو جو چور موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا،هڏي مل ڀرسان بلوچ ڪالوني مان عبدالحميد مگسي کان هٿياربند رڪشا ڦر ڪري ويا،مريم گارڊن مان منصور بلوچ جي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا ،ملڪ گرائونڊ مان ماستر وجود علي شر جي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا،پٽاڻ ڪالوني مان آصف انصاري جي موٽر سائيڪل چور چوري ڪري ويا ,المدينه اليڪٽرڪ جي مالڪ فهيم عباسي جا چار وڏا ايڪو سائونڊ چوري ڪري ويا
پريس ڪلب ڀرسان حيدر ميڊيڪل اسٽور جا تالا ڀڃي پنجاھ هزار ڪيش ۽ 30 هزار جو سامان چور چوري ڪري ويا,ٿاڻي جي سامهون شاهجان نالي شهري جي گهر ۾ هٿياربندن داخل ٿي روڪ رقم ۽ سون جي چين ڦر ڪري ويا ،ڄاڻايل ڏوهن جي رپورٽ به ڪوٽڙي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي پر پوليس واقعن کي روڪڻ ۽ چورن جو گهيرو تنگ ناهي ڪري سگهي جنهن سبب ڪوٽڙي ۾ ڏوهي سرگرميون وڌي رهيون آھن ،متاثر شهرين رفيق احمد ،علي حيدر،رضوان جوڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي ۾ موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙن شايد پنهنجي طريقو مٽائي ڇڏيو آھي جو موٽر سائيڪلون گهرن،دڪانن،هوٽلن سامهون بيهڻ شرط چوري ڪري وڃن ٿا.
رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڪوٽڙي طارق خانزاده ٻڌايو ته منهنجي علم ۾ 6 موٽر سائيڪلون چوري ٿيون آھن ان تي ڪم ڪريون پيا نشاندهي ٿي آھي چور هتي جا آھن جلد گرفتار ڪري چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرائينداسين.

سنڌ يونيورسٽي پاران 2017ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

ڄامشورو (پڌرائي)سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 2017ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ججن جي ڏنل فيصلي موجب تاريخ جي موضوع تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب “باقياتِ از احوال ڪلهوڙا”، تحقيق جي موضوع تي ڊاڪٽر شازيه سفير جي ڪتاب “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لساني اڀياس”، سوانحي ادب/سفرنامي جي موضوع تي منصور ٿلهي جي ڪتاب “سوکي بندر ۽ سامونڊي سوز”، ناول تي اڪبر سومري جي ناول “کماچ”، ٻاراڻي ادب تي ياسر قاضيءَ جي ڪتاب“لولو ڏنم ڪانوَ کي”، شاعريءَ تي ادل سومري جي ڪتاب “نيروليءَ جو خواب” ۽ ترجمي ۾ جوهر بروهيءَ جي جديد سنڌي شاعريءَ جي بروهي زبان ۾ ڪيل منظوم ترجمي واري ڪتاب “سنڌ رنگ” کي انعامن لاءِ چونڊيو ويو آهي. جڏهن ته ڪهاڻيءَ جي صنف تي جهان آرا سومرو جي ڪتاب“ماءُ منهنجو جندڙو” ۽ ابراهيم کرل جي ڪتاب “موٽي ايندس مان” هڪ جيتريون مارڪون کنيون، جنهن سبب ايوارڊ جي رقم ٻنهي ليکڪن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي ليکڪن کي ايوارڊ پڻ ڏنو ويندو. ياد رهي ته سنڌالاجي هرهڪ ڪتاب تي ٽن ٽن ججن کان لکت ۾ ورتل راءِ جي آڌار تي ڄاڻايل نتيجن جو اعلان ڪيو آهي. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجي سمورن ايوارڊ ماڻيندڙ ليکڪن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته سنڌالاجي کي اميد آهي ته هن ايوارڊ ملڻ بعد ڄاڻايل ليکڪ پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي وڌيڪ معياري تخليقن ۽ ڪتابن سان ڀريندا ۽ سنڌالاجي سان پنهنجو علمي تعاون جاري رکندا. ڊاڪٽر اسحاق سميجي سمورن اشاعتي ادارن ۽ ليکڪن کي گذارش ڪئي آهي ته اهي 2018ع ۾ ڇپيل پنهنجن ڪتابن جون چار چار ڪاپيون انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ڏس پتي تي ڏياري موڪلين، ته جيئن انهن کي ايندڙ ايوارڊن واري مرحلي جو حصو بڻائي سگهجي.

“ڪوٽڙي ۾ انتظاميا جي نااھلي” ڊرينيج سسٽم ناڪارا ھجڻ ڪري گندو پاڻي گھرن ۽ دڪانن ۾ داخل، شھري پريشان

ڊرينيج لائين بند ٿيڻ سبب شاهه لطيف چوڪ ،دريا آباد ڪالوني ۾ گٽر جو پاڻي گهرن ۾ داخل

باريچا چوڪ ،جهاجر ڪالوني ، پٺان ڪالوني واسي به گٽر جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب پريشان
ڪوٽڙي گندو پاڻي جمع ٿيل آھي

ڪوٽڙي(ن پ ا ) ڪوٽڙي جي مختلف علائقن، شاھ لطيف چونڪ، باريچا چونڪ ، ڀٽي پاڙي، دريا آباد ڪالوني ، جهاجر ڪالوني، پٽاڻ ڪالوني سميت ٻين ڪالونين ۾ گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشان آهن .هنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن گهن مان گندي پاڻي جو نيڪال ڪرايو وڃي . علائقي واسين سلمان جوکيو ، شڪيل رضا صديقي ، ڪاشف حسين ڏاوچ ۽ ٻين ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي جي 2 ڪروڙ 25 لک روپيه مهينو بجيٽ هئڻ باوجود ڪوٽڙي واسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن . هن وقت ڪوٽڙي جون مختلف ڪالونيون گٽرن جي گندي پاڻي جي هيٺ اچي ويون آهن ۔ڪيترائي ڀيرا ڊي سي ڄامشورو، ميونسپل ڪميٽي چيئرمين، چيف ميونسپل آفيسر اڳيان دانهيون آهي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي.هنن چيو ته گندي پاڻي جي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ۽ روڊن تي بيهڻ سبب ڪيترن ئي بيمارين منهن ڪڍيو .هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي چيف ميونسپل آفيسر ڪوٽڙي اشوڪ ڪمار ٻڌايو ته 20 سال پراڻي ڊرينيج لائين آهي ، لائين چوڪ ٿيڻ سبب اهڙو مسئلو ٿيو آهي، ڪم جاري آهي جلد ئي ڊرينيج لائين بحال ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو.

ڪوٽڙي ۾ دوستن مذاق ۾ دوست مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏئي ڇڏي

ڪوٽڙي سڙيل نوجوان فرمان عباسي

ڪوٽڙي(ن پ ا)ڪوٽڙي جي راسوا موري ڀرسان فرمان عباسي کي مبينا طور باھ لڳي وئي ،جنهن کي ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو،ڊاڪٽرن موجب فرمان عباسي جو جسم 40 سيڪڙو متاثر ٿيو آھي کيس بنيادي امداد ڏئي حيدرآباد جي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو،فرمان عباسي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي،فرمان عباسي موجب منهنجو راسواموري ڀرسان موٽر سائيڪل جي اسپيئر پارٽس جو دڪان آھي، جتي دوستن سان گڏ ويٺو هوس ته دوست عاطف آرائين پئٽرول دڪان ۾ اڇلايو ته ٻئي دوست حاجي عمراڻي مذاق ۾ چيو ته لائيٽر ٻاريان،ايتري ۾ هن مذاق ۾ لائيٽر ٻاريو ته مون کي باھ وڪوڙي وئي منهنجي جسم سڙي ويو آھي.

گذريل سال جا ٽينڊر جاري نه ٿيا، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل پاران 18 ڪروڙ جون نيون اسڪيمون منظور

ڪوٽڙي تعلقي لاءِ 4 ڪروڙ 76، لک، ٿاڻي بولا خان لاءِ 4 ڪروڙ 69 لک، مانجھند لاءِ 4 ڪروڙ 88 لک منظور

ٽن سالن ۾ اسان جون اسڪيمون سرڪار منظور نه ڪيون جنهن ڪري اسڪيمن تي ڪم ٿي نه سگهيو: چيئرمين ملڪ شاههنواز

ڪوٽڙي(رپورٽ: ڌڻي بخش باريجو) گذريل سال جا ٽينڊر جاري نه ٿي سگھيا آهن، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل پاران 18 ڪروڙ جون نيون اسڪيمون منظورڪيون ويون آهن. ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ضلع چئيرمين ملڪ شاهنواز جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو آھي، اجلاس ۾ 27 ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جو وائيس چئيرمين صادق شورو پهچي نه سگهيو. اجلاس ۾ گذريل سال جي اجلاس جي ڪاروائي جي بحالي، هلندڙ مالي سال 2018.19 ۾ ميمبرن پاران ڏنل اسڪيمن جي بحالي ۽ ٻين مسئلن بابت ڏنل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ اسڪيمن تي خرچ جو ڪاٿو 18 ڪروڙ 36 لک 79 هزار رکيو ويو آھي اجلاس ۾ ضلع ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاهنواز ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪيمن ۾ ضلعي جي سڀني ميمبرن کي برابري جي بنياد تي اسڪيمون ڏنيون آھن ٿاڻي بولاخان تعلقي لاء 4 ڪروڙ ،69.لک،63 هزار رکيا آھن اهڙي طرح ڪوٽڙي تعلقي لاء 4 ڪروڙ 76 لک 29 هزار ،مانجهند تعلقي لاء 4 ڪروڙ 88 لک ،78 هزار،سيوهڻ تعلقي لاء 4 ڪروڙ ،2 لک ،80 هزار مختص ڪيا آھن ميمبرن اسڪيمون فائنل ڪري ڏنيون آھن انهن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو،اجلاس ۾،ميمبرن سلطانه گنڀير،پير بخش ڇڇر،سسئي راجپر،زمان کوسو ،۽ ٻين ميمبرن اجلاس ۾ گذريل ٽن سالن ۾ ڪم ڪار نه ٿيڻ توڙي پنهنجي تڪن ۾ پيئڻ پاڻي جي کوٽ،اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ،گندگي توڙي ترقياتي اسڪيمون نه ڏيڻ ۽ آفيسرن پاران نظر انداز ڪرڻ جون دانهون ڪيون ويون ،اجلاس ۾ ميمبرن آفيسرن جي غيرموجودگي تي دانهيدي چيو ته جڏهن اجلاس ۾ آفيسر ناهن ته پنهنجا مسئلا ڪنهن آڏو پيش ڪيو آفيسر ضلعي ۾ پنهنجي من ماني هلائن پيا خالي پنهنجا ڪم ڪن ٿا باقي عوام جو ڪجھ به نٿو ٿئي. اجلاس ۾ ميمبرن سلطان کنڀير،سسئي راجپر،پير بخش ڇڇر،زمان کوسو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو گذريل ٽن سالن جو اسڪيمون اسان جو ڪيڏانهن ويون ان تي توج ڇو نه ڏني وئي اسان کي عوام ووٽ ڏئي ڪائونسل ۾ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاء موڪليو آھي اسان هڪ به عوام جو هن نظام ذريعي ڪم ناهي ڪيو ووٽرن کي ڪهڙو جواب ڏينداسين ،اجلاس ۾ ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل اسڪيمون نه ملڻ واري معامري تي ايوان جي ميمبرن کي آگاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄاڻايل ميمبرن ڊاڪٽر ڀون مل کي مداخلت ڪرڻ کان روڪيندي ضلع چئيرمين کان اسڪيمون نه ملڻ تي جواب گهريو ، اجلاس ۾ ميمبرن پاران گذريل سال واري اسڪيمن جا ٽينڊر نه ٿيڻ تي دانهون پڻ ڪيون. ميمبر نبي بخش بوزدار ڳالهائيندي چيو ته چار سال مڪمل ٿيڻ وارا آھن اڳ به اسڪميون ورتيون ويون پر انهن تي عمل نه ٿيو . هن چيو ته گذريل وقت ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، سال کان پوء عوام ڏانهن وڃڻو آهي، هن دفي ٽينڊر نه ٿيا ته استعفا ڏئي ڇڏيندس. ،جنهن بعد ضلع ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاهنواز ايوان کي ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن ۾ اسان جو اسڪيمون سرڪار منظور نه ڪيون جنهن ڪري اسڪيمن تي ڪم ٿي نه سگهيو اسان جي ڪائونسل کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ اسان ترقياتي اسڪيمن لاء 18.ڪروڙ ،36لک،79 هزار منظور ڪيا آھن ايندڙ اجلاس ۾ هيلٿ لاء رکيل بجٽ به خرچ ڪري ضلع ڪائونسل جي ماتحت هلندڙ ڊسپينسرين کي دوائون فراهم ڪنداسين.
سنڌ حڪومت ۾ اسڪيمون نه ملڻ ڪري مشڪلاتون پيدا ٿيون: ميمبر
ڪوٽڙي: ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل،محمد علي سمون ،محسن عاقلاڻي،جوجي خاصخيلي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ضلع ڪائونسل جي چئيرمين جي ڪارڪردگي مان مطمن آھيون اسان کي جيڪي اسڪيمون مليون آھن ان جي سروي ڪري ضلع ڪائونسل جي چئيرمين حوالي ڪئي آھي اميد ته جلد انهن اسڪيمن تي ڪم ٿيندو ميمبرن چيو ته اسان جي ڪائونسل کي اڳوڻي سنڌ حڪومت ۾ اسڪيمون نه ملڻ ڪري مشڪلاتون پيدا ٿيون پر هاڻ اميد آھي ته هن ڀيري ڪم ٿيندا.