fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

“ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڊيرا الهيار ۾ جوابدار غلام رسول فائرنگ ڪري مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کي قتل ڪيو

لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿيو

صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. واردات بعد جوابدار فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ڊيرا الهيار جي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار غلام رسول کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

جيڪب آباد ۾ رند برادري جي گهرن تي هٿياربندن جو حملو، 2 عورتن سوڌو 8 زخمي

متاثر ڌر جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، پوليس خلاف نعريبازي

رند برادري جا ماڻھو احتجاج ڪري رھيا آھن

جيڪب آباد)ن پ ا)صدر ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن جي مبينا حملي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثرن احتجاج ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.
صدر ٿاڻي جي حد بقاپل لڳ جوابدارن مبينا طور رند برادري جي گهر تي ڪاهه ڪري حملو ڪيو، جنهن دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نظيران، بشيران، مھيم رند، رفيق احمد ، علي دوست، خالد حسين، حاجي محبت ۽ الھداد رند شامل آهن.
متاثر رند برادري جي ماڻھن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانھيو ته حملي ۾ مرھٽا برادري جا ماڻهو ملوث آهن، جوابدار بااثر هئڻ سبب صدر پوليس ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي ۽ ويتر پوليس اسان کي گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.
واضح رھي ته گذريل ڏينهن به ٻنھي ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالھه تان جھيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا

شاهپور جهانيان ۾ ڪرڪيٽ مئچ: علي بابا ٽيم المهراڻ کي هارائي ڇڏيو

علي بابا اليون پهرين بئٽنگ ڪندي المهراڻ کي 183 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو

المهراڻ ٽيم جا سمورا رانديگر 167 رنس تي ڍير، ڪپتان به ٽيم کي نه کٽرائي سگهيو
المھراڻ ۽ علي بابا ٽيم جا رانديگر

شاهپور جهانيان (ن پ ا) شاهپورجهانيان ۾ علي بابا اليون ڪرڪيٽ ٽيم المهراڻ اليون کي شڪست ڏئي “شھيد صدام حسين ڏاهري ميموريل ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ ” جو فائنل کٽي ورتو. شاهپورجهانيان جي النور ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شھيد صدام حسين ڏاهري جي ياد ۾ ڪرايل ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ علي بابا اليون ۽ المهراڻ اليون وچ ۾ ٿي. علي بابا ٽيم ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ ڪئي ۽ مقرر 10 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي المهراڻ ٽيم کي 183 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو. مليل ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ربنواز گُل مسلسل 3 چوڪا هڻي هيٽرڪ ڪئي پر مجموعي طور تي ٽيم ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي. اهڙي ريت المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم جا سمورا رانديگر 167 رنسن تي پويلين ڀيڙا ٿي ويا. ٽورنامينٽ ڪميٽي طرفان ڪامياب ٽيم جي ڪپتان فداحسين ڏاهري ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان ربنواز گل ڏاهري کي انعامن سان نوازيو، اهڙي ريت ٻين رانديگرن کي به بهترين راند کيڏڻ تي انعام ڏنا ويا.

ملير: عيدو ڳوٺ ۾ عوام جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪميونٽي سينٽر تي پوليس جو قبضو برقرار، اسڪول لاءِ به عمارت نه ملي

ضلعي مان چوڪيون ختم ٿيڻ باوجود پوليس ڪميونٽي سينيٽر تان قبضو ختم نه ڪيو: سماجي اڳواڻ

ڪميونٽي سينٽر تان ختم ڪرائڻ سان گڏ اسڪول لاءِ به عمارت ڏني وڃي: سُڄاڻ ۽ سماجي ڌريون

ملير(ن پ ا) ملير ضلعي مان پوليس چوڪيون ختم ٿيڻ باوجود اسٽيل ٽائون موڙ ويجهو عيدو ڳوٺ ۾ عوام جي سهولت خاطر 1988ع ۾ قائم ٿيل ڪميونٽي سينٽر تي بن قاسم ٿاڻي جي پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اڳوڻي ايس ايس پي ملير شيراز نذير عباسي پاران سڄي ملير ضلعي مان پوليس چوڪيون ختم ڪرڻ باوجود ڄاڻايل ڪميونٽي سينٽر تان پوليس اڃا قبضو ختم نه ڪيو.
مقامي سماجي اڳواڻن ” روزاني پنهنجي اخبار ” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن آڏو پوليس چوڪي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ ته ايندا آهن پر جائز ڪمن لاءِ عوام کي سندن درن جا چڪر ڪاٽڻا پوندا،هنن چيو ته ڪميونٽي سينٽر تي سالن کان پوليس جو قبضو آھي، ضلعي مان ٻيون پوليس چوڪيون ختم ٿي وڃڻ باوجود پوليس ڪميونٽي سينٽر تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته ڪميونٽي سينٽر تان پوليس جو قبضو ختم ڪرائي عمارت اسڪول حوالي ڪئي وڃي.

پنوعاقل: تعلقي اسپتال ۾ مختلف ويڪسين سميت سهولتن جي کوٽ

اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجون ڪلينڪس هلائي پيسا ڪمائڻ ۾ رڌل

مهانگيون دوائون غريب مريضن کي نه پيون ملن، غريب ماڻهو دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور

پنوعاقل ( ن پ ا) تعلقي اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ ۽ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين اڻ لڀ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب مريض ۽ وارث دربدر ٿيڻ تي مجبور آهن، اسپتال جي ايمرجنسي لاءِ مقرر ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ بدران ڪلينڪون هلائي ٻنهي هٿن سان رڳو پيسا ڪمائڻ ۾ رڌل آهن.
تعلقي اسپتال ۾ مهانگو دوائون غريبن کي ڏيڻ بدران کين خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، صفائي سٿرائي جو نظام به ناقص هئڻ ڪري مريض توڙي وارث سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، الٽرا سائونڊ لاءِ گائنوڪولاجسٽ به مقرر ڪرڻ بدران سيکڙاٽ ڊاڪٽر مقرر ڪري عوام جي جانين سان کيڏڻ جو سلسلو جاري آهي، سيڪيورٽي مسئلن سبب ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون اسپتال مان چوري ٿي چڪيون آهن.
ايم ايس اسماعيل عباسي چيو ته ڪتي جي چڪ کان بچاءُ سميت ٻين انجيڪشن جي فراهمي لاءِ اختيارين کي لکيو ويو آهي، سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مريضن کي بهتر سهولتون نه ڏنيون ويون ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

خيرپور مان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت بازياب

خيرپور)رپورٽر)15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گودو شاپ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مبينه طور اغوا ڪيل شادي شده ناري مسمات بختيار پٺاڻ کي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خيرپور شهر ڀرسان ڦول باغ وٽان کيس بازياب ڪرائي ورتو آهي جنهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پھچي وئي آهي واضح رهي ته 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت جي ڀاءُ اظهر حسين ڪلهوڙو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس چئن جوابدارن سعيد بروهي، وسيم بروهي، حقنواز ڪلهوڙو ۽ محمد نواز ڪلهوڙو مٿان داخل ڪرايو ھو

پي سي بي ھيڊڪوچ مڪي آرٿر جي دفاع ۾ ميدان ۾ اچي وئي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ٽيم جو مينيجر طلعت علي سينيئر رانديگرن کي گٿا لفظ ڳالهائيندڙ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي دفاع لاءِ ميدان تي اچي ويو.
پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته سنچورين ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن راند ختم ٿيڻ تي مڪي آرٿر جي مينجمينٽ ۽ رانديگرن سان ملاقات ٿي هئي، پر ان ۾ ڪا ڳالهه معمول کان هٽيل نه هئي.
قومي ٽيم جي مينيجر طلعت علي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم جي مينجمينٽ ۽ رانديگر متحد ۽ هاڪاري نتيجا ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن.
ياد رهي ته سنچورين ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن ختم ٿيڻ تي ميڊيا ۾ اهي اطلاع هئا ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر غيرذميواراڻي بيٽنگ تي سينيئر رانديگرن سان ڏند چڪ ڏنا هئا، ۽ ڊريسنگ روم ۾ پڻ ٽوڙ ڦوڙ به ڪئي.

شهبازشريف نواز دور جي آڊٽ اعتراضن کان ڌار، معاملو ذيلي ڪاميٽين حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور حڪومت جي آڊٽ اعتراضن کان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪندي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي آڊٽ اعتراضن کي ڏسڻ لاءِ 3 سب ڪميٽيون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پبلڪ ڪائونٽس ڪميٽي جو پهريون اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سيد نويد قمر، شيري رحمان، حنا رباني کر، رانا تنوير، فخر امام، شيخ روحيل اصغر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سيڪريٽريٽ پاران ڪميٽي کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي دائري ۽ ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته چوڌري نثار علي خان جي دوري ۾ 9 آڊٽ رپورٽون قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويون. چوڌري نثار علي خان جي دور ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا 404 اجلاس ٿيا، ان جي دور ۾ 117 ارب 89 ڪروڙ 40 لک روپين جون وصوليون ڪيون ويون جڏهن ته نديم افضل چن جي سربراهي دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا 174 اجلاس ٿيا ۽ 30 ارب 90 ڪروڙ 30 لک روپين جون وصوليون ڪيون ويون. نديم افضل چن جي سربراهي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ نيب کي 33 ۽ ايف آءِ اي کي 13 مامرا انڪوائري لاءِ موڪليا. سيد خورشيد احمد شاهه جي دوري ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 456 اجلاس ڪيا، ان دور ۾ 355 ارب 60 ڪروڙ روپيا وصول ڪيا ويا. سيد خورشيد احمد شاهه جي دور ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 168 مامرا نيب ۽ 56 مامرا ايف آءِ اي کي جاچ لاءِ اماڻيا. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نيب کان سومر يا اڱاري تي انهن ڪيسن بابت ٿيل اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته اجلاس ۾ ايف آءِ اي جون گريڊ 19 کان گهٽ گريڊ 18 جو آفيسر شريڪ ٿيڻ تي پبلڪ اڪائونٽس جي ميمبرن سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي هدايت ڪئي ته آئينده اجلاس ۾ ڪنهن به وزارت جو گريڊ 19 جو گهٽ آفيسر شرڪت لاءِ نه اچي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ (ن) جي دور حڪومت جي آڊٽ اعتراضن جي جائزي لاءِ 3 کان 4 سب ڪميٽيون ٺاهيون وينديون. شهباز شريف جو چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن) جي دور جي آڊٽ اعتراضن کي مان نه ڏسندس جيڪو طئه ٿيو آهي ته ان تي عمل ڪنداسين اسان جي دور جي آڊٽ پيرائن جي جائزي لاءِ سب ڪميٽيون ٺاهيون وينديون. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهي ويندي، جڏهن ته عوامي نوعيت جي شڪايتن توڙي معامرن تي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ڪارروائي ڪندي. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي سومر ڏينهن آڊٽ پيرائن بابت آڊيٽر جنرل کان بريفنگ طلب ڪري ورتي آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف چيو ته اسان جو مشن بنا فرق جي احتساب هوندو، ڪنهن جي به طرفداري نه ڪنداسين. ماضي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ هي ڪميٽي به غير معمولي اهميت جوڳي آهي. مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ تمام ميمبرن جي آجيان ڪيان ٿو. ڪميٽي جو ڪم قانون مطابق ٽيم ورڪ جي ذريعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ميڊيا ۾ خبرون هلائڻ جو فورم نه آهي. اجلاس دوران پي اي سي جي ميمبر فخر امام چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي جانچ لاءِ ڪيس موڪلڻ جو طريقيڪار ڇا آهي. تنهن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سيڪريٽري کيس ٻڌايو ته اهو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي صوابديد تي آهي. (ن) ليگ جي روحيل اصغر چيو ته مان اڳ واري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ميمبر به هوس جيڪي ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي کي موڪليا ويا هئا ان جو نتيجو ڇا نڪتو. جنهن تي سيڪريٽريءَ ڪميٽي کي ٻڌايو ته هن وقت نيب ۾ 11 ڪيسن جي جانچ ۽ 17 جي انڪوائريون هلندڙ آهن. حنا رباني کر چيو ته گلف ڪلب جا مجرم اڃان تائين گرفتار نه ٿيا آهن نيب ۽ ايف آءِ اي اڄڪلهه گهڻا سرگرم آهن. روحيل اصغر چيو ته ڇا نيب سومر ڏينهن مڪمل رپورٽ ڏيندي يا بھانو بنايو ويندو. جنهن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين اڱاري تي نيب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. اهڙي ريت ان بعد ايف آءِ اي کي به بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چوڌري نثار ۽ سيد خورشيد شاهه جي دوري ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ڪم بابت تعريف ڪئي.

”فريال سنڌ بينڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪياڻي ھئي“: جي آءِ ٽي رپورٽ

سنڌ بينڪ جا فيصلا فريال ٽالپر ڪندي آهي، هن 4 من پسند آفيسر ڀرتي ڪرايا

من پسند آفيسرن ذريعي جعلي اڪائونٽ کولرايا ويا، فريال وڏي وزير جا اختيار بھ استعمال ڪيا

ڪراچي (م ڊ) فريال ٽالپر سنڌ بينڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪياڻي نڪتي، جي آءِ ٽي رپورٽ پول پڌرو ڪري ڇڏيو، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ جو فريال ٽالپر کي لکيل خط جي آءِ ٽي رپورٽ جو حصو بڻايو ويو، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته فريال ٽالپر سنڌ بينڪ جا فيصلا ڪندي آهي، فريال ٽالپر بينڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪياڻي هئي ۽ سمورن معاملن جي منظوري ڏيندي رهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ بينڪ ۾ فريال ٽالر 4 اهم من پسند آفيسر ڀرتي ڪرايا، نور زهري، مختيار حيدر، وسيم حيدر ۽ بدرالدين شامل آهن، نور زهري کي نوابشاهه برانچ جو مينيجر مقرر ڪرايو،فريال ٽالپر من پسند آفيسر ذريعي بينڪ ۾ جعلي اڪائونٽ کولرائيندي هئي، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪو ٻيو وڏا فيصلا ڪرڻ واري فريال ٽالپر آهي، مراد علي شاهه ناڻي واري وزير طور سنڌ بينڪ جون سمريون منطور ڪندو هو.

ڀٽائي گهوٽ بعد شيخ ايازوڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو، هن نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪيو:ساڃاهه وند

شيخ اياز سنڌ جي ماڻھن ۾ شعور پکيڙيو، کيس صدين تائين ياد ڪيو ويندو

شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ به تقريبون ڪوٺائي، مھا ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ڪراچي(نمائندن وٽان)مها ڪوي شيخ اياز جي 21هين ورسي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي،ساڃاهه وندن شيخ اياز کي ڀٽائي کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر قرار ڏنو آهي، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ قاسم سراج سومرو ڀٽ شاهه پهچي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي 21 هين ورسي جي موقعي تي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ـ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو تـ احتساب جي نالي تي انتقام نه ورتو وڃي، احتساب ۽ انتقام ۾ فرق آهي، اي سي ايل ۾ احتساب جي نالي تي نالا ڏنا وڃن ٿا ته وفاقي وزيرن جا نالا بـ شامل ڪيا وڃن، جيڪي عمران خان سان گڏ ويٺل آهن هن چيو تـ پيپلزپارٽي لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي پارٽي خلاف هميشا سازشون ٿينديون رهيون آهن ،لاول ڀٽو جو ڪهڙو قصور آهي،انڪوائري ڀلي ٿئي پر انڪوائري جي بنياد تي ڪير بـ استعيفا نٿو ڏيئي سگهي. وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه کان استعيفا جي گهر ڪندڙ وزير اعظم عمران خان استعيفا وٺن ، سيد سردار شاهه چيو تـ جيستائين ڪنهن تي جرم ثابت نٿو ٿئي اهو استعيفا نٿو ڏيئي سگهي، غير جمهوري حرڪتون ڪيون پيون سنڌ جو عوام اهڙو ڪو بـ غير جمهوري عمل برداشت نـ ڪندو ، هن چيو تـ پيپلزپارٽي غير جمهوري حرڪتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو تـ شيخ اياز جي شاعري ۾ پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ عشق سمايل هو، شيخ اياز پنهنجي دور ۾ نوجوان نسل کي سنڌ ڌرتي سان محبت جو سبق ڏنو، ان جهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ـ هن چيو تـ شيخ اياز اڄ اسان وٽ موجود نـه آهي پر ان جي شاعري ۽ ڪلام اڄ بـه اسان جي دلين تي راڄ ڪن ٿا ،ڀٽائي گهوٽ جي شاعري بعد شيخ اياز جو نالو تمام وڏو ليکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ـ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تـ شيخ اياز جو ميلو ڪٿي بـه لڳائي سگهجي ٿو ان سان ڪو بـه فرق نٿو پوي، ان موقعي تي ثقافت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر ،غلام مجتبا ، اياز علي ڏيرو ۽ ٻيا بـ ه موجود هئا ـ هوڏانهن شھدادڪوٽ ۾ مھا ڪوي شاعر شيخ اياز جي21 ورسي آزد فورم پاران پريس ڪلب ۾ ورسي ملھائي وئي، ـ ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ پير بخش ڀٽي، ليکڪ محمد صديق ابڙو،قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت،سماجي اڳواڻ وھاب پندراڻي، پيرل ادبي سنگت جي عبدالله شاھ اطھر ، زيب سنڌي ۽ ٻين تصوير آڏو گل نڇاور ڪري ميڻ بتيون ٻاري شيخ اياز کي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته شيخ اياز گذريل صدي جو تمام وڏو شاعر، مفڪر۽ عالم ھو، جنھن وقت جي نزاڪتن کي سمجھندي جيڪي تحقيقون ارپيون اھي تاريخي آھن، اياز جي سوچ غلامي کان نفرت پيار ۽ آزادي جي سپنن جي سانڀيا جو گس آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اياز جي شاعري ۾ شاعراڻي رمز بدران فڪر جي تمام گھڻي اھميت سمايل آهي. شڪارپور ۾سنڌي ادبي سنگت پاران شيخ اياز 21هين ورسي جي تقريب پريس ڪلب شڪارپور ۾ زاھد سنڌو جي صدارت هيٺ ٿي گذري، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ممتاز منگي چيو ته اياز ماضي ۽ حال جو عظيم شاعر آهي، اياز فطرت مطابق شاعري ڪئي، هن کان علاوه ماڻهن دلين ۾ حب الوطني موجود آهي پر ان کي ٻڌائيندو ڪير؟؟ مهمان خاص زاھد سنڌو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اياز جي شاعري ماڻهن جي روح کي گرمائي ٿي اياز سنڌ جو شعور آهي سندس شاعري مان اثر ورتو وڃي، اياز جي سموري شاعري ۾ هڪ اميد نظر اچي ٿي ۽ ڪٿي به مايوسي نظر نه ٿي اچي، ھمير چانڊيو ،عبدالستار ڪلادي ، آپا صفيه عباسي ،آغا سعيد پٺاڻ ، اقبال ڏيٿو، سيد نسيم شاھ بخاري، سميع بلالي، عديل مهر، نادر بلوچ، زاھد ڀنڀرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

نوابشاھ جي فوتي زميندار مومن ڏاھري جو نالو مني لانڊرنگ جي اي سي ايل لسٽ ۾ شامل!!

فوتي زميندار مومن ڏاھري ۽ فوتگي جو سرٽيفڪيٽ

نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاھري) وفاقي سرڪار مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڄاڻايل نوابشاھ جي فوتي زميندار مومن ڏاھري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو، اومني گروپ کي ٻانڌي شوگر ملز لاءِ پنهنجي زمين ڏيندڙ مومن ڏاهري 10 ڊسمبر تي وفات ڪري ويو ھو، اي سي ايل لسٽ ۾ نالو ڏسي سندس وارث حيرت ۾ اچي ويا.
فوتي مومن ڏاهري جي ڀاءُ رئيس عبدالغفار ڏاهري پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو تھ منهنجي ڀاءُ مومن ڏاهري اومني گروپ کي 145 ايڪڙ زمين خريد ڪري ڏني هئي، جنهن جي اومني گروپ ڪجهه ادائيگي ڪئي هئي، جڏھن تھ ڪجهه رقم اڃا رھيل آهي. ھن چيو تھ منهنجي ڀاءُ جي 14 ايڪڙ زمين پڻ شوگر ملز جي قبضي هيٺ آهي، جنھن جي رجسٽري پڻ ٿيل ناھي، هن چيو ته اسين پهريان ئي ڏکايل آهيون پر مرحوم ڀاءُ جو نالو اي سي ايل لسٽ ۾ ڏسي وڌيڪ ڏک ٿيو آهي، اسان خانداني زميندار آهيون، اسان پنهنجي پراپرٽي وڪرو ڪئي آھي ڪا ڪرپشن نه ڪئي آهي.

سنڌ ۾ ڪارنهن جي ڪهاڙي 120 ڪنڌ لاھي ڇڏيا،143 ٻارن سان بدفعلي ٿي:ايڇ آر سي پي

جنسي زيادتي جا 195 ڪيس رپورٽ ٿيا، 89 اجتماعي زيادتي ۽7 بدفعلي جا ڪيس ٿيا : رپورٽ

حيدرآباد (رپورٽ:فيض کوسو) سال 2018ع دوران سنڌ ۾ 120 ڄڻن کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو، جنهن ۾ 78 عورتون ۽ 37 مرد شامل آهن، جڏهن ته قتل ٿيلن ۾ 18 سالن جي عمر کان گهٽ عمر جا پنج ٻار به شامل آهن. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سنڌ چيپٽر جي هڪ رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ عورتون سيپٽمبر مهيني ۾ قتل ٿيون ۽ قتل ٿيل اهڙين عورتن جو انگ 10 آهي، جڏهن ته اپريل 2018ع دوران 8 عورتون ۽ 7 مرد ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيا، انگن اکرن موجب جنوري 2018 ۾ 4 عورتون، ٽي مرد، فبيروري دوران 9 عورتون ٽي مرد، مارچ دوران 4 عورتون ٻه مرد ۽ ٻه ٻار، اپريل دوران 8 عورتون، 7 مرد ۽ ٽي ٻار، مئي دوران 8 عورتون، چار مرد، جون دوران پنج عورتون چار مرد، جولاءِ دوران 8 عورتون چار مرد، آگسٽ دوران چار عورتون ٽي مرد، سيپٽمبر دوران 10 عورتون، آڪٽوبر دوران 8 عورتون چار مرد، نومبر دوران 7 عورتون هڪ مرد ۽ ڊسمبر دوران 3 عورتون ۽ ٻه مرد ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيا ويا، ايڇ آر سي پي جا هي انگ اکر صرف ٻهراڙي سنڌ جا آهن، جڏهن ته انهن انگن اکرن ۾ ڪراچي ڊويزن شامل ناهي، رپورٽ موجب جنوري 2018ع کان ڊسمبر 2018ع تائين مجموعي طور 349 ماڻهن خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ 191 مرد، 125 عورتون ۽ 33 ٻار شامل آهن، اهڙي ريت 717 ماڻهو مختلف واقعن جي ڪري قتل ٿي ويا، جنهن ۾ 486 عورتون، 91 مرد ۽ 59 ٻار شامل آهن، انگن اکرن موجب جنوري 2018 دوران 24 مرد 16 عورتون ۽ ٻه ٻار قتل ٿي ويا، فيبروري دوران 30 مرد، 18 عورتون ۽ ٽي ٻار، مارچ دوران 36 مرد 19 عورتون ۽ 6 ٻار، اپريل دوران 44 مرد، 13 عورتون ۽ چار ٻار، مئي دوران 54 مرد 16 عورتون 6 ٻار، جون دوران 46 مرد، 18 عورتون، 6 ٻار، جولاءِ دوران 33 مرد ، 19 عورتون ۽ ٻه ٻار، آگسٽ دوران 67 مرد 13 عورتون 8 ٻار، سيپٽمبر دوران 58 مرد 21 عورتون 8 ٻار، آڪٽوبر دوران 30 مرد 8 عورتون چار ٻار، نومبر دوران 42 مرد 6 عورتون پنج ٻار، ڊسمبر دوران 22 مرد 5 عورتون ۽ پنج ٻار مختلف سببن جي ڪري قتل ٿي ويا.
سال 2018ع دوران جنسي زيادتي جا مجموعي طور 195 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 89 ڪيس اجتماعي زيادتي ۽ 106 جنسي زياتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا، مجموعي طور 45 عورتون، 7 مرد ۽ 143 ٻار جنسي زيادتي ۽ اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿيا. ايڇ آر سي پي جي انگن اکرن موجب ڪراچي کانسواءِ ٻهراڙي سنڌ ۾ جنوري دوران اجتماعي زيادتي جا 9 واقعا ۽ جنسي زيادتي جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 4 عورتون ٻه مرد ۽ 12 ٻار جنسي زيادتي جو نشانو بڻيا، اهڙي ريت فيبروري ۾ گنيگ ريپ جا 7 ۽ ريپ جا 7 ڪيس رپورٽ ٿيا، هن مهيني دوران صرف ٻار ئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻيا، اهو انگ 14 آهي، مارچ ۾ گينگ ريپ جا 12 ۽ ريپ جا 8 ڪيس ٿيا، 3 عورتون هڪ مرد ۽ 16 ٻار متاثر ٿيا، اپريل ۾ گينگ ريپ جا 10 ۽ ريپ جا 18 ڪيس سامهون آيا، 7 عورتون هڪ مرد ۽ 20 نشانو بڻيا، مئي ۾ گينگ ريپ جا 2 ۽ ريپ جا 14 ڪيس ظاهر ٿيا، مجموعي طور 16 جنسي زيادتي جو نشانو بڻيا، جن ۾ 4 عورتون ۽ هڪ مرد سميت 11 ٻار شامل هئا، جون دوران گينگ ريپ جا 6 ۽ ريپ جا 16، جولاءِ دوران گينگ ريپ جا 5 ۽ ريپ جا 4، آگسٽ دوران گينگ ريپ جا 16 ۽ ريپ جا 10، سيپٽمبر دوران گينگ ريپ جا 9 ۽ ريپ جا 7، آڪٽوبر دوران گينگ جا 8 ۽ ريپ جا 6، نومبر دوران گينگ ريپ ۽ ريپ جا 4-4 ۽ ڊسمبر دوران گينگ جو هڪ ۽ ريپ جا ٽي ڪيس رپورٽ ٿيا. زيادتي جو شڪار ٿيلن ۾ هڪ خواجا سراءِ به شامل آهي.

"انڊي" وارا ته "ڏنڊي" وارن جا محتاج آھن: حافظ حسين

جيڪب آباد (رپورٽر) جميعت علماء اسلام جي مرڪزي ترجمان اڳوڻو سينيٽر حافظ حسين احمد چيو آهي ته احتساب “ڏنڊي” وارا ڪري رھيا آھن، “انڊي” وارا ته “ڏنڊي” وارن جا محتاج آھن، مسلم ليگ وارا رستن تي نڪرڻ نه ٿا چاھين ان لاءِ ته ھائوس بدلائڻ جون ڳالهيون ڪن پيا، بي بي ۽ پنجاب جو ميان حقيقي اپوزيشن جو ساٿ ڏي ھا ته اڄ انھن جو اھو حشر نه ھجي ھا، حافظ حسين احمد پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته احتساب “ڏنڊي” وارا ڪري رھيا آھن “انڊي” وارا ته “انڊي” وارا ئي آهن، ڇو ته “ڏنڊي” وارن کي سڌو نه ٿو چئي سگھجي ان لاءِ توپن جو رخ “انڊي” وارن جي طرف آهي ھي ڳالھ طئي ٿيل آهي ته “انڊي” وارا “ڏنڊي” وارن جا محتاج آهن، ان چيو ته اِن ھائوس تبديلي جون ڳالهيون ھلي رھيون آهن در اصل مسلم ليگ وارا رستن تي نڪرڻ نه ٿا چاهين بلڪ معاملن کي ماضي وانگي ڳالھيون ڪري ڊيل ڪرڻ چاھين ٿا، ان لاءِ ورڪرن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اِن ھائوس تبديلي جو ڳالھيون ڪيون پيو وڃن .هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ پارلياماني تاريخ ۾ اِن ھائوس تبديلي جا امڪان گھٽ ھوندا آھن جڏھن ته ھن وقت مختلف جماعتن جا پکي آکيرا بدلائي ڪري حڪومتي ڪيمپ ۾ وڃڻ جو سوچي رھيا آھن، ان چيو ته زرداري جو چوڻ آهي ته ھو اڪيلو سڀ ڪجھ ڪندو ھُو اڪيلو ڪجھ به نه ڪري سگھندو ھي سڀ اڪيلا ٿي ڪري اڪيلا ئي نقصان کائيندا،هن چيو ته زرداري کي اپوزيشن جي طرف واپس اچڻو پوندو اگر ھو ڪلھ اسان جي ڳالھ مڃي وٺن ھا ته اڄ ان طريقي سان سان پريشان نه ھجن ھا.

حيدرآباد ۾ 2000 خاندان ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪاري: انتظاميه ناڪام

ضلعي انتظاميه والدين کي راضي ڪرڻ مختلف ادارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

نئين سال ۾ ڦڙا پيارڻ جي حدف ۾ به گهٽتائي، ايڊريس مٽائيندڙ ٻار به ڦڙن کان محروم
پوليو جا ڦڙا پيئندڙ ٻارڙو

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو)حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا سال 2018ع ۾به پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري 2هزار خاندانن کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ڦڙا پيئڻ کان قاصر ٻارن جي والدين کي راضي ڪرڻ لاءِ نئين سال ۾ نئين حڪمت عملي جوڙي مخلتف ادارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو، هدف ۾ به ٽي هزار ٻارن جي گهٽتائي. حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا پاران سال 2018ع جي دوران ٽي لک 36 هزار ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سال 2019ع جي لاءِ گهٽتائي آڻي اهو هدف 3 لک 32 هزار 263 مقرر ڪيو ويو آهي. گذريل سال دوران 3 هزار ٻارن کي پوليو جون ٽيمون ڳولڻ ۾ ناڪام رهيون، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جون ٽيمون پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري 2 هزار خاندانن کي سڄي سال دوران راضي ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام رهيون، ان سلسلي ۾ضلعي انتظاميا اهڙن خاندانن کي راضي ڪرڻ لاءِ چئمبر آف ڪامرس، پوليس ۽ ٻين ادارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ضلعي انتظاميا پاران پوليو مهم جي لاءِ ضلعي جي 54 يونين ڪائونسلن ۾ هڪ هزار موبائيل ٽيمون، 117 فڪسڊ ٽيمون ۽ 23 ٽرانزٽ ٽيمون جوڙيون آهن، جنهن ۾ 890 ليڊي هيلٿ ورڪرس به شامل هونديون. پوليو مهم لاءِ 11 تعلقا سپروائيزر ۽ 83 يونين ڪائونسل ميڊيڪل آفيسر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سيد اعجاز علي شاه جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال 21 جنوري کان پوليو مهم شروع ٿيندي، جنهن ۾ مقرر ڪيل حدف وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته ايندڙ مهم دوران سو سيڪڙو نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين کي راضي ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ چيمبر آف ڪامرس جي نمائندي کي اپيل ڪئي وئي ته سندن ادارو پوليو جي خاتمي جي لاءِ ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪري. پوليو جي ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ضلعي پوليس جي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي ته شهر جي ٽرانزٽ پوائنٽس تي مستقل طور پوليس مقرر ڪئي وڃي، ته جيئن شهر مان ايندڙ ويندڙ ٻارن کي به پوليو جا ڦڙا پياري سگهجن، ٻئي طرف ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر نسرين ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل سال جي حدف ۾ ٽي هزار ٻار اهڙا هئا، جيڪي پنهنجي مستقل پتي تي نه پئي رهيا، ان ڪري هو پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا، جڏهن ته 2000 ٻار اهڙن خاندانن جا آهن، جن پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا نه پيتا، هاڻي انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.

آمريڪي رانديگر اڪيلي سر انٽارڪٽيڪا پار ڪري ورتو

آمريڪي مھم جو ڪولن او بريڊي

انٽار ڪٽيڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪي رانديگر ۽ مهم جُو ڪولن او بريڊي سرد خطي انٽارڪٽيڪا پار ڪري هڪ نئون اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
آمريڪي ميڊيا موجب ڪولن پنهنجي سفر ۾ 932 ڪلوميٽر جو تمام ڏکيو فاصلو 54 ڏينهن ۾ طئي ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ ٽرالي سان ٻڌل 170 ڪلوگرام سامان کي به گهليو.
اهڙي ڪارنامي تي سڄي دنيا ۾ کيس پذيرائي ملي رهي آهي ۽ ماڻهو ڪولن جي وڏي همت مان تمام گهڻو متاثر ٿيا.
ڪولن سمهڻ بنا آخري ڀيرو لڳاتار 32 ڪلاڪن تائين سفر ڪيو ۽ تازو 125 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪيو، جنهن کي انٽارڪٽيڪ جي ميراٿن ڊوڙ قرار ڏنو. ڪارنامو سرانجام ڏيڻ بعد ڪولن پنهنجي وارثن کي روئيندي پيغام ڏنو ته هو هڪ ڪمري ۾ بند ٿي ان مهم تي سوچيندو رهيو ۽ ڪم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

1 2 3 12