fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

وفاقي ڪابينا کي ڪراچي ۾ متحده ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن کي سيڪيورٽي نه ملڻ تي ڳڻتي

اسلام آباد: ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي چونڊيل ميمبرن کي سنڌ حڪوت پاران سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي چونڊيل ميمبرن کي سنڌ حڪومت پاران سيڪيورٽي نه ملڻ جي شڪايت آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان گھرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت سان ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته اگر سنڌ حڪومت سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي ته وفاقي حڪومت رينجرز کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي.

اخباري پنو سستو ٿي ويو، ڊيوٽي 5 مان گھٽائي ھڪ سيڪڙو ڪئي وئي

اسلام آباد: سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پرنٽ ميڊيا صنعت لاءِ خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت اخباري پني تي ڊيوٽي 5 سيڪڙو مان گھٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اهو فيصلو ميڊيا جي صنعت کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اميد ته ان جو صحافين کي فائدو ٿيندو.

افغانستان ۾ صدارتي چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

افغانستان (انٽرنيشنل ڊيسڪ) افغان اليڪشن ڪميشن ايندڙ سال ٿيندڙ صدارتي چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
افغان اختيارين موجب ملڪي الڪيشن ڪميشن چيو آهي ته اپريل ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن کي ڪجهه مهينن لاءِ ملتوي ڪرڻ گهرجي ته جيئن تياريون مڪمل ڪري سگهجن.
افغان اختيارين صدارتي چونڊون ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪئي، پر اهو نه ٻڌايو ويو ته چونڊون ڪيتري وقت تائين ملتوي هونديون.
هوڏانهن مقامي ميڊيا موجب اختيارين کي اهو خدشو هو ته صدارتي چونڊن ۾ ساڳيا ئي فني ۽ انتظامي مسئلا سامهون نه اچن، جيڪي آڪتوبر جي پارلياماني اليڪشن ۾ ٿيا هئا.

پيپلزپارٽي شڪارپور ۾ اختلاف،2 گروپ ٺھي ويا

ضلعي صدر عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ ۾ يوٿ ونگ جي عهدن تان اختلاف

محترمه جي ورسي تي اختلاف ظاهر، عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ الڳ ڪمپيون لڳايون
عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) پيپلزپارٽي شڪارپور ضلعي ۾ اختلاف، ڌڙابندي جو شڪار، پ پ ضلعي صدر ايم اين اي مير عابد ڀيو ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ وچ ۾ پ پ يوٿ ونگ ۾ من پسند ماڻهن کي عهدا ڏيڻ تان اختلاف شروع ٿيا جڏهن ته آغا سراج دراني ۽ ڪماريو ڀائرن ۾ اليڪشن ۾ مڪمل طور مدد نه ڪرڻ ڪري اختلافن جا چئوٻول پڻ هلندڙ هئا جيڪي هن ڀيري شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ دوران پڌرا ٿي چڪا آهن، ٻنهي اڳواڻن پاران ڌار ڌار ڪيمپون قائم ڪيون ويون جيڪي سڄو ڏينهن جيالن کان خالي رهيون، جڏهن ته امتياز احمد شيخ ۽ عابد ڀيو ڌار ڌار پينافيلڪس ٺهرايا جن تي هنن رڳو پنهنجون پنهنجون الڳ تصويرون لڳايون، جنهن بعد ٻئي اڳواڻ الڳ گاڏيون سجائي پنهنجي بنگلن تان جٿن جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ويا، ٻئي پاسي شڪارپور پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو پڻ شڪارپور هائوس تي پهچي امتياز شيخ سان گڏ ڪيمپ تي پهتو هو جڏهن ته آغا سراج دراني ڳڙهي ياسين مان جيالن جي جٿي سان الڳ ڳڙهي خدا بخش لاءِ روانو ٿيو، شڪارپور ضلعي اندر پ پ اڳواڻن ۾ عام عام چونڊن کان اڳ ٽڪيٽن ۽ چونڊن کان بعد هڪٻئي جي تڪن تي مدد نه ڪرڻ ۽ تازو يوٿ چونڊن ۾ من پسند ماڻهن کي سليڪٽ ڪرڻ تان اختلاف شروع ٿيا هئا، ياد رهي ته هڪ سال اڳ امتياز شيخ جي پ پ ۾ اچڻ ۽ کيس ٽڪيٽ ڏيڻ تان آغا تيمور پٺاڻ پ پ ڇڏي چڪو آهي.

ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل، ڪي پي ۽ پنجاب فاتح

ڪوٽڙي بلائنڊ ڪرڪيٽرز جو گروپ ڦوٽو

ڪوٽڙي (رپورٽ: ڌڻي بخش باريجو )ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ٽي 20 ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، ڪي پي ۽ پنجاب ميچون کٽي ورتيون.
پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ هلندڙ بلائيند ڪرڪيٽ سپر ليگ جي چوٿين ڏينهن ڪي پي 7 وڪيٽن تان بلوچستان ۽ پنجاب وڪيٽن تان سنڌکي شڪست ڏني. پهرين ميچ ۾ بلوچستان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي بلوچستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون، بلوچستان جي بيٽسمين بدر علي 43 بالن تي 99 رنسون ٺاهيون، اڪرم خان 43 بالن تي 71 رنسون ٺاهيون. ڪي پي جي بالرن مجيب 2 وڪيٽون ورتيون، گڀر، شاهزيب ۽ آصف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته رانديگر رن-آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ خيبر پختونخوا ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوورن هدف ماڻي ميچ کٽي، بيٽسمين اعجاز علي89، ايوب خان 61 رنسون ٺاهيون بلوچستان طرفان بالر اڪرم 2 وڪيٽون ورتيون.
ٻي ميچ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سنڌ ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسون ٺاهيون، سنڌ جي بيٽسمين راشد علي 55،ثناء الله 37 ۽ هارون 30 رنسون ٺاهيون.
پنجاب طرفان محسن علي، ڪامران ۽ ياسر هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پنجاب ٽيم 19 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ کٽي. نثار علي 46بالن تي 14چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. جڏهن ته اڪمل به 36 رنسون ٺاهيون. سنڌ طرفان انيس جاويد هڪ وڪيٽ ورتي.

ڄامشوري ۾ ريجنل پاسپورٽ آفيس بند،شهرين جو احتجاج

ڄامشورو (رپورٽر) نواز حڪومت ۾ قائم ڄامشورو ريجنل پاسپورٽ آفيس کي وفاق پاران بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ،ڄامشورو پاسپورٽ آفيس آڏو شھرين دربان عالماڻي وسعت الله تيوڻو .حافظ جميل احمد لغاري .حاجي مير حسن بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج آفيس بند ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پاسپورٽ آفيس بند ڪرڻ سان ضلعي جا ماڻھو جن ۾ عورتون، ضعيف،نوجوان دربدر ٿي ويندا، ھتي نوري آباد، ڪوٽڙي، ڄامشورو، ٿاڻو بولا خان، مانجهند، سيوهڻ ۽ ڀان شهرن جا ماڻھو ويجهو هجڻ ڪري سهولت حاصل ڪري رهيا آهن. پاسپورٽ سنڌيونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو ۾ روزانو 50 کان 60 پاسپورٽ ٺهرائڻ لاء ماڻهو اچن ٿا جنهن ۾ عوامي ماڻھن جي سهولت سميت وفاقي حڪومت به ڪمائي ٿي پوء به وفاقي حڪومت ريجنل پاسپورٽ آفيس کي بلاجواز بند ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي پاسپورٽ آفيس کي بند ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

پنوعاقل مان 2 معصوم ٻارڙا لاوارث حالت ۾ هٿ

پنوعاقل )ن پ ا )مهراڻ اسڪول وٽان ٻه ٻار لاوارث حالت ۾ هٿ آيا آهن،شهري علي گوهر چنو پاران پوليس حوالي ايس ايڇ او حڪيم لانگاه چيو ته ٻارڙا ڳالهائڻ جهڙا به ناهن،مسلسل روئندا رهن ٿا،شهر ۾ اعلان به ڪرايون ٿا ،پر هن وقت تائين سندن وارث هٿ اچي نه سگهيا آهن.

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: پوجارا جي سينچري، ڀارت 443 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي

آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان تي ٻي ڏينهن جي پڄاڻي تي 8 رنسون ٺاهي ورتيون

پهرين اننگز ۾ ورات ڪوهلي 82 رنسون ٺاهيون، پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻي ڏينهن ورات ڪوهلي پاران 443 رنسن تي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جواب ۾ آسٽريليا ڏينهن جي پڄاڻي تي بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ڀارت طرفان ٻي ڏينهن جي شروعات ورات ڪوهلي ۽ چتيشور پوجارا ڪئي ۽ اسڪور کي 295 تائين پهچايو.
ورات ڪوهلي غلط شاٽ کيڏندي 82 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پوجارا 102 رنسون ٺاهي ويو. رشي پانٽ 39 اسڪور ڪيو، جڏهن ته روهت شرما 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ورات ڪوهلي پاران ڏينهن جي پڄاڻي کان ٿوري دير پهريان اننگز 443 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي.
آسٽريليا طرفان پيٽر ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ٻي اننگز ۾ ڏينهن جي پڄاڻي تائين ڪينگروز بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

ڪنڌڪوٽ پوليس بيوس! عورت پٽ سوڌي ڏوهارين جي قيدياڻي، وارث سراپا احتجاج

گذريل ڏينهن هٿياربندن اربيلي کي پٽ سوڌو اغوا ڪيو، پيءُ کي هٿ پير ٻڌي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو

وارثن رستم شيخ، شاهنواز، علي نواز، خير خاتون، وزيران، حڪيمان ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو

ڪنڌڪوٽ (ن پنهنجي اخبار) ڪنڌڪوٽ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل، هٿياربندن هٿان پٽ سوڌو اغوا ٿيل عورت بازياب نه ٿي، سندس وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن. نور شاهه واري علائقي ۾ هٿياربندن رستي ويندڙ پورهيت تي حملو ڪري سندس نياڻي اربيلي شيخ کي 2 سالن جي پٽ عجيب شيخ سوڌو اغوا ڪيو. وارثن رستم شيخ، شاهنواز، علي نواز، خير خاتون، وزيران، حڪيمان ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو. مغوي عورت جي پيءُ رستم شيخ ٻڌايو ته هٿياربندن منهنجا هٿ پير ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته نياڻي کي گهلي سندس تذليل ڪئي وئي. متاثر دانهيو ته ايس ايس پي آفيس سوڌو مختلف ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته مغوي عورت کي پٽ سوڌو بازياب ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي بندش ختم نه ٿي، ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

نواب شاهه، جيڪب آباد، ڪوٽڙي، ڪنڌڪوٽ ۽ مٺياڻي ۾گهريلو واهپيدار پريشان

مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا، نواب شاهه ۾ گئس بندش ختم نه ٿيڻ تي احتجاجي مارچ ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(نمائندن وٽان) سياري جي مُند ۾ به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي بندش ختم نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري گهرن ۾ رڌ پچاءُ دوران ماڻهن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. مٺياڻي شھر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سياري ۾عوام جي زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آھي. شھرين موجب شڪايتن جي باوجود اختياريون خاموش آھن. جيڪب آباد ۾ به گئس جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ڪيتري ئي دير تائين ٽريفڪ بند رهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته گئس جي بندش ختم ڪري گهريلو واهپيدارن کي گئس بحال ڪئي وڃي. نوابشاھ ۾ ساڃاھ وندن پاران گئس جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران ساڃاهه وندن گئس بحران ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ مارچ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

اردو جي عظيم شاعر مرزا غالب جي 222 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

ڪراچي (م ڊ) اردو ٻولي کي نئون ساهه ڦوڪيندڙ ۽ ننڍي کند جي عظيم شاعر مرزا غالب جو اڄ 222 هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي. مرزا غالب جو اصل نالو اسد الله بيگ هو، هو ۲۷ ڊسمبر ۱۷۹۷ع تي ڀارت جي شهر آگره ۾ ڄائو، مرزا غالب پنهنجي شاعري سان اردو ٻولي ۾ تازگي بخشي، سندس نالو وڏن شاعرن ۾ لکيو وڃي ٿو، هو ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويو هو، جنهن بعد کيس پنهنجي چاچي نصرالله بيگ پاليو، جڏهن مرزا غالب ۸ سالن جو ٿيو ته سندس چاچو به لاڏاڻو ڪري ويو، ۱۳ سالن جي عمر ۾ مرزا غالب جي شادي ٿي، شادي کان پوءِ غالب پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي دلي لڏي ويو، مرزا غالب جي شاعريءَ ۾ انسان ۽ ڪائنات جي مسئلن سان گڏ محبت ۽ زندگي سان پيار ڪرڻ جو پيغام ملي ٿو. مرزا غالب 1869ع ۾ لاڏاڻو ڪيو، جڏهن ته مغل بادشاهت جو زوال هن پنهنجي اکين سان ڏٺو. مرزا غالب جي زندگي تي شاعر گلزار پاران بهترين ڊرامو پڻ ٺاهيو، جنهن ۾ ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه غالب جو ڪردار ادا ڪري وڏو داد حاصل ڪيو.

بالي ووڊ سلطان سلمان خان 53 ورهين جو ٿي ويو

سلمان خان بالي ووڊ باڪس آفيس جو به سلطان، تڪراري به رهيو

سلو ڀائي درجنين بالي ووڊ جون مشهور ۽ ڪامياب فلمون ڪري چڪو
بالي ووڊ سلطان سلمان خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو سلطان سلمان خان 53 ورهين جو ٿي ويو آهي. سلمان خان 27 ڊسمبر 1965ع ۾ سليم خان جي گهر ڄائو. هن بيوي هو تو ايسي سان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي پر سندس پهرين ڪامياب فلم جنهن ۾ هن هيرو طور ڪم ڪيو اها ميني پيار ڪيا” هئي جيڪا 1989ع ۾ ريليز ٿي هئي. ميني پيار ڪيا، ڀارت سان گڏ عالمي سطح تي ڪامياب ٿي. ان کانپوءِ سلمان خان باغي، صنم بيوفا ۽ ٻيون فلمون ڪري بالي ووڊ ۾ پير ڄمايو. انداز اپنا اپنا باڪس آفيس تي ناڪام ٿي پر نقادن پاران سلمان جي ان فلم ۾ اداڪاري جي ساراهه ٿي. سلمان خان 2009ع کانپوءِ وڏيون ڪاميابيون ماڻيندو رهيو آهي، جنهن جي شروعات وانٽڊ سان ٿي. سلمان خان دبنگ فلم پڻ ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙيا. سلمان جي ايندڙ فلم ڀارت جلد ريليز ٿيندي، جڏهن ته هو پنهنجي ڪيريئر ۾ جيل ڪاٽي چڪو آهي، جڏهن ته مختلف اداڪارائن سان سندس لاڳاپا پڻ خبرن ۾ رهيا آهن.

ڀارت ۾ ڪوئا مرغي کان مهانگا وڪرو ٿيڻ لڳا

ڀارت جي هڪ علائقي ۾ ماڻهو ڪوئا شوق سان کائين ٿا

آسام جي علائقي ۾ ماڻهو ڪوئي جو گوشت وڌيڪ وٺن ٿا
هڪ شھري ڪوئن جو گوشت خريد ڪندي

دسپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي رياست آسام ۾ هڪ اهڙو علائقو آهي، جتي ماڻهو ڪوئي جو گوشت وڏي شوق سان کائن ٿا ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي رش لڳل رهي ٿي. آسام جي شهر ڪماري ڪاٽا ۾ علائقي واسي ڪوئي جو گوشت وٺڻ اچن ٿا، جيڪو مرغي کان وڌيڪ وڪرو ٿئي ٿو. دڪاندار سوين تازو پڪڙيل ڪوئا ڳوٺن مان خريد ڪري اچن ٿا، جيڪي هٿو هٿ بازار ۾ وڪرو ٿي وڃن ٿا. ڪماري ڪاٽا ڀوٽان جي سرحد ڀرسان وارو علائقو آهي، جتي تازن ڪوئن سان گڏ ڪوئن جو پڪل گوشت پڻ ملي ٿو. سياري ۾ خاص ڪري ڪوئن جي گوشت جي ڊمانڊ وڌي وڃي ٿي. ڪوئي جي گوشت جو گلو 400 پاڪستاني روپين ۾ وڪرو ٿئي ٿو، جيڪو مرغي کان ٻين تي مهانگو آهي. ڳوٺاڻا رات جي وقت ڪوئن کي پڪڙن جي ڪوشش ڪن ٿا.

“گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار” مٺياڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گهريلو واهپيدار پريشان

مختلف علائقن ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ 8 ڪلاڪ گئس بند ڪئي وڃي ٿي

شهرن ۽ سياسي سماجي ڌُرين طرفان گئس بحال نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو چتاءُ

مٺياڻي ) ن پ ا) شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ روزانو 8 ڪلاڪ گئس جي بندش عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، شهرين گئس جي لاڳيتي فراهمي يقيني نه بڻائڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.
مٺياڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ روزانو صبح کان 8 ڪلاڪ گئس جي اڻ اعلانيل بندش سبب گهرن ۾ رڌ پچاءُ سميت مختلف ڪاروباري سرگرميون متاثر رهيون، جنهن سبب گهريلو واهپيدارن ۽ دڪاندارن سخت پريشانين کي منهن ڏنو.
شھرين گئس جي بندش تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته هر روز صبح جو ڪلاڪن تائين گئس جي بندش سياري ۾ عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي، ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪنهن به اهم مسئلي تي ڌيان نه ڏنو، هنن چتاءُ ڏنو ته گئس جي اڻ اعلانيل بندش جو سلسلو بند نه ٿيو ته سخت احتجاج شروع ڪيو ويندو.

ڳڙهي خيرو: ”لاکي پير“ نالي قدرتي چشمي تي وڏي انگ ۾ ماڻهن جي آمد، مريض به اچن ٿا

قدم قدرتي چشمي مان پهاڙين جو پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو، خارش جا مريض چشمي جو پاڻي پيئن ٿا

چشمي تي سياح يا مريض 3 کان 4 ڏينهن رهي پوءِ واپس ويندا آهن، پيچرا پٿريلا آهن

ڳڙهي خيرو ( رپورٽ: ساگر ڀٽي) ڳڙهي خيرو ڀرسان بلوچستان جي علائقي باريجا جي جابلو پٽي ۾ ”لاکو پير “ جي نالي سان مشهور گرم پاڻي جا قدرتي چشمي کي خارش جي مريضن لاءِ مفيد سمجهيو وڃي ٿو. انهي عقيدي ۾ پري پري جا ماڻهو خارش جي مريضن کي وٺي اچي چشمي جو پاڻي پيارين ٿا. ان کانسواءِ سياحت لاءِ پڻ بهترين جڳهه هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ اچن ٿا. پٿريلو رستو هجڻ ڪري منزل تائين پهچڻ ۾ ماڻهن کي انتهائي سخت ڏکيائين مان گذرڻو پوندو آهي. ماڻهو جڏهن اتي پهچن ٿا ته سڪون محسوس ڪن ٿا انهن پهاڙن جي وچ ۾ سوين سال قديم ” پير لاکو ” جي نالي سان بزرگ جو روزو پڻ ٺهيل آهي جيڪو عقيدت مندن لاءِ مقدس آهي جتي عقيدت مند اچي زيارت ڪرڻ سان گڏ باس باسن ٿا ۽ مراد پوري ٿيڻ تي سکان پڻ کڻي اچن ٿا. آڳاٽي وقت ۾ هتي هندو برادري طرفان ميلو لڳندو هو مگر بد امني وڌي وڃڻ ڪري هندن ميلو لڳائڻ ۽ درگاه تي اچڻ بند ڪري ڇڏيو . درگاه جي دروازي تي هڪ وڏو گهنڊ بہ لڳل آهي جنهن کي وڄائي عقيدت مند اندر داخل ٿيندا آهن ۽ دعا گهرندا آهن، مگر روزي اندر مزار بجاءِ هڪ کٽ پيل آهي جنهن تي مختلف قسمن جون سوين چادرون وڇايل آهن. روايتن موجب ” لاکي پير ” جون ٽي درگاهون آهن ان ڪري سندس مزار نه ٺاهي وئي آهي. درگاھ جي ڀرسان پهاڙن مان نڪرندڙ گرم پاڻي جا چشما خارش جي تمام مرضن لاء شفا جو زريعو بڻيل آهن جتي پوري ملڪ مان خارش جا مريض وهنجڻ اچن ٿا ۽ پاڻي ڀري کڻي وڃن ٿا. خارش ۾ مبتلا مريض گرم پاڻي مان وهنجڻ بعد سڪون محسوس ڪن ٿا. درگاھ جي ڀرسان مسافرن جي رهڻ لاءِ قديم گھر به آهن جيڪي قديم پٿرن مان ٺاھيا ويا آهن.شهري علائقن کان تمام پري هجڻ ڪري هتي ايندڙ مريض ۽ سياح پنهنجي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان ۽ ٿاءُ پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٿا . خارش ۾ مبتلا مريض هتي 3 کان 4 ڏينهن رهندا آهن. درگاھ تائين پهچڻ ۾ مسافرن کي انتهائي ڏکيو سفر طئه ڪرڻو پوندو آهي روڊ جي سهولت نه هجڻ ۽ جبل مٿان چڙهي ان کي پار ڪري درگاھ تي پهچن ٿا. باريجه ڳوٺ کان اڳتي درگاه تائي صرف موٽر سائيڪل تي وڃي سگهجي ٿو ٻي ڪنهن گاڏي جو رستو ڪونهي.پوءِ به عقيدت مند ۽ خارش جا مريض ڏکيو رستو پار ڪري ھتي پھچن ٿا، گرم پاڻي تي ٻارن سان وهنجڻ آيل مولوي امان الله ٻڌيو ته خارش جي مريضن لاءِ هتي گرم پاڻي جا چشما آهن ، مريض جڏهن علاج ڪرائڻ بعد ٺيڪ نٿا ٿين ته هتي اچي وهنجڻ بعد صحتياب ٿيندا آهن، گرم پاڻي جا چشما خارش جي تمام مرضن لاءِ انتهائي مفيد آهن. ماڻهو هتي اچي نه صرف وهنجن ٿا پر ٻين خارش جي مريضن لاءِ هتان پاڻي به ڀري کڻي وڃن ٿا. لاکو پير تي گهمڻ آيل غلام مصطفيٰ جمالي، خليل احمد ٻٻر، سلطان احمد بروهي ۽ ٻين ٻڌايو ته جابلو علائقن سان چاه رکندڙ ماڻهن لاءِ هي تمام خوبصورت ۽ سستو پڪنڪ پوائنٽ آهي، هتي گرم ۽ ٿڌي پاڻي جا چشما، جبل ۽ خوبصورت ٻوٽا تفريح جو ذريعو بڻيل آهن. هتي نه صرف خارش جا مريض اچن ٿا پر پهاڙن جا شوقين تفريح لاءِ پڻ اچن ٿا. مگر هتي بلوچستان حڪومت طرفان ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪا به سهولت ميسر ڪونهي هتي رهائش توڙي پيئڻ جي پاڻي جي به سهولت ڪونهي جنهن ڪري سخت رستن کي پار ڪري هتي ايندڙ سياحن کي ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيئڻو پوي ٿو حڪومت کي گهرجي ته باريجه ڳوٺ کان درگاھ تائين روڊ ٺهرائي ايندڙ سياحن لاءِ سھولتون ميسر ڪيون وڃن اگر حڪومتي سطح تي اپاءَ ورتا وڃن ته ھن مقام کي بھترين پڪنڪ پوائنٽ بڻائي حڪومت ناڻو ڪمائي سگهي ٿي..