ميرپورماٿيلو : ميرپورماٿيلو ڀرپاسي گذريل ٻن مھينن ۾ ڪاري ڪامڻ وگھي 10 کان وڌيڪ ماڻھو مري ويا آھن جنھن ڳوٺ دريا گبول جو 20 سالن جو نوجوان صدام گبول ـ ڳوٺ گلاب بوزدار جو 22 ورھين جو نديم بوزدار ـ جروار جو رھواسي نانڪ رام ـ وارث علي گبول ـ محمد گبول ۽ ٻيا شامل آھن.ميرپورماٿيلو سول اسپتال ۾ ڪاري ڪامڻ جي چڪاس ۽ مرض جي مقدار چيڪ ڪرڻ لاء ٿيندڙ پي سي آر ٽيسٽ پڻ نومبر 2017 کان بند ڪئي وئي آھي ٽيسٽ مھانگي ھجڻ جي ڪري سوين مريض ٽيسٽ ڪرائڻ کان رھجي ويا آھن جڏھن ته مرض جي تشخيص ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آھي.
ٻن مهينن دوران بيماري ورتل 10 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا
چڪاس واري ٽيسٽ جي سهولت ختم هجڻ سبب رهواسي پريشان
گهوٽڪي ۾ 24 هزار ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ،4 مهينن کان سرڪاري دوائون بند
ضلعي اندر ميرپورماٿيلو، گهوٽڪي ،اوٻاوڙ جي اسپتالن ۾ هيپاٽائيٽس سينٽرز قائم ٿيل ،24 هزار مريض رجسٽرڊ ٿيل
سمورن سينٽرز تي گذريل چار مهينن کان سرڪاري دوائون نه آيون ،اڳ ٿيل ڪورس به اثر وڃائڻ لڳو ، مريض پريشان

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ برڪت ميراڻي ) گھوٽڪي ضلعي اندر ھيپاٽائيٽس بي ـ سي ـ ڊي جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي آهي ، سرڪاري انگن اکرن موجب ضلعي ۾ 20 هزار ماڻهو هن مرض ۾ بتلا آهن ، سرڪار طرفان انهن کي ملندڙ دوائون گذريل 4 مهينن کان بند آهن جن سبب انهن ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن . ميرپورماٿيلو، ڏھرڪي ، اوٻاوڙو سول اسپتال ۾ قائم ھيپاٽائيٽس سينٽر تي مرض ۾ مبتلا مرد توڙي عورت رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 24000 کان مٿي آھي. ميرپورماٿيلو 17500 مريض سي ۾ مبتلا آھي بي جي مريضن جو تعداد 1400 آھي جن مان 2058 مريض اھڙا آھن جن پنھنجو علاج مڪمل نه ڪرايو آھي ھن مھل ميرپورماٿيلو سينٽر تي ھيپاٽائيٽس سي جا 230 مريض علاج ھيٺ آھن جڏھن ته بي جا 430 مريض آھن جن جو علاج ھلندڙ آھي ان کان علاوه ھڪ ھزار کان مٿي اھڙا مريض آھن جيڪي بچاء وارو ڪورس ڪرائڻ جي انتظار ۾ آھن پر چار مھينن کان سنڌ حڪومت طرفان علاج بند ڪيو ويو آھي جنھن جي ڪري انھن مريضن جون زندگيون داء تي لڳل آھن ضلعي گھوٽڪي جي سول اسپتال گھوٽڪي ۾ قائم سينٽر تي پڻ رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 3500 آھي گذريل 6 مھينن ۾ انھن رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 1800 کان مٿي آھي ھن مھل تايئين سي جي 777 ۽ بي جي 352 مريضن پنھنجو علاج مڪمل ڪرايو آھي جڏھن ته سوين اھڙا مريض آھن جيڪي ان مرض ۾ مبتلا ھجڻ باوجود ڪورس نه ملڻ ڪري زندگي ۽ موت سان جنگ ڪري رھيا آھن اوٻاوڙو تعلقي ۾ ھيپاٽائيٽس ۾ مبتلا مريضن جو تعداد 620 بي جي مريضن جو تعداد 95 آھي ان سينٽر تي پڻ چارمھينن کان علاج نه ملڻ ڪري سوين مريض علاج لاء رلي رھيا آھن.
يو اي اي پاران اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ جو اعلان
رقم جمع ڪرائڻ جو مقصد پاڪستان جي مالي صورتحال ۾ بهتري آڻڻ آهي: يو اي اي
ڏکي گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ تي يو اي اي سرڪار جا ٿورائتا آهيون: عمران خان
ڪراچي ( م ڊ ) گڏيل عرب امارتن پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ڏکي گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ تي يو اي اي سرڪار جا ٿورا مڃيا، ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 ارب ڊالر جمع ڪرايا ويندا، جنهن جو مقصد پاڪستان جي مالي صورتحال ۾ بهتر آڻڻ آهي، يو اي اي طرفان 3 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ بعد اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 11 ارب ڊالر کان وڌي ويندا، واضح رهي ته ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ پاڪستان ۾ پهريان ئي 8 منصوبن جي فنڊنگ ڪري رهيو آهي، جن جي مجموعي لاڳت ڏيڍ ارب درهم آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ ذريعي يو اي اي سرڪار جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته يو اي اي ڏکي گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اهو قدم اسان جي عزم ۽ دوستي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو سالن کان قائم آهي
شاگردياڻين ۾ منشيات جو واهپو 75 سيڪڙو وڌي ويو: وفاقي وزير شيرين مزاري

اسلام آباد ( م ڊ ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسلام آباد جي نجي اسڪولن ۾ شاگردياڻين طرفان منشيات جي استعمال ۾ 75 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته اسلام آباد جي نجي اسڪولن ۾ شاگردياڻين طرفان منشيات جو استعمال ڪرڻ تمام اهم مسئلو آهي، ائين ته نه ٿا ڪري سگهون ته سڀ ڪجهه ڏسون ۽ پوءِ لڪائي ڇڏيون، وفاقي وزير چيو ته هڪ غلط فهمي پيدا ٿي هئي ته 75 سيڪڙو شاگردياڻيون منشيات استعمال ڪري رهيون آهن، ائين بلڪل ناهي، سروي ۾ اهو ظاهر ٿيو آهي ته شاگردياڻين طرفان منشيات جي استعمال ۾ 75 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ اهو مسئلو تمام وڏو آهي، حل ٿيڻ گهرجي.
سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ متروڪ ملڪيتن تي قبضا فوري ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي،عدالت پاران تاريخي ملڪيتن تان قبضا ختم نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ ظاھر
قبضا ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي جو حڪم، قبضن وقت حڪومت ڇا پئي ڪيو؟ عدالت

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڇڏيل عمارتن تان قبضا ختم نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهي قبضا فوري طور تي ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي .سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ورهاڱي وقت هندون پاران ڇڏيل تاريخي ملڪيتن تي قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي . عدالت چيو ته جنهن وقت انهن ملڪيتن تي قبضا ٿي رهيا هئا ته حڪومت ڇا ڪري رهي هئي ..؟؟ رڳو لياري اندر 17 اهڙين عمارتن تي قبضا ڪري اهي وڪرو ڪيا ويا ،. عدالت حڪم ڏنو ته شهر اندر جن به ڇڏيل ملڪيتن تي قبضا ٿيل آهن اهي فوري طور تي ختم ڪرايا وڃن ۽ انهن قبضن ۾ جيڪي ڪامورا ملوث آهن انهن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ، عدالت چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڪرپٽ ڪامورا به ان ۾ ملوث اهن انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي . ان موقعي تي عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته لياري ۾ گينگ وار دوران انهن ملڪيتن تي قبضا مافيا قبضو ڪري انهن ملڪيتن کي وڪرو ڪري ڇڏيو .هاڻ اتي ڪيترائي خاندان آباد اهن ،جنهن تي عدالت چيو ته ڪنهن به صورت ۾ قبضن کي برداشت نه ڪبو ،اهي قبضا ختم ڪرايا ُڇن ۽ اتي جيڪي ماڻهو آباد آهن انهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي .
”ڀاڳ کُلي ويو“ حيدرآباد ۾ قتل ڪيس عمر قيد جي سزا ڀوڳيندڙ شخص جي 8 سالن کانپوءِ ضمانت ٿي وئي
حيدرآباد: قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڀوڳيندڙ شخص جي 8 سالن بعد ضمانت ٿي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ الهه ڏتو کوسو جي سزا خلاف اپيل تي 6 سالن بعد ٻڌڻي ڪئي، عدالت هڪ لک رپين عيوض سندس ضمانت منظور ڪري ورتي، قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ماڻيندڙ شخص جي اپيل تي 6 سالن کانپوءِ ٻڌڻي ٿي، سامارو ۾ 2011ع ۾ ممتاز نالي شخص جي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار الهه ڏتو کوسو کي عمر قيد جي سزا ڏني هئي
ٺل:ٻارڙو تلاءُ ۾ ڪري فوت ٿي ويو
ڳوٺ خاوند ڏنو مھر ۾3 سالن جو رازق ڏنوراند ڪندي تلاءُ ۾ ڪري پيو
ٺل(رپورٽر)ٺل ويجهو ڳوٺ خاوند ڏنو مهر ۾ ٽن سالن جو ٻارڙو رازق ڏنو پٽ سعيد مهر ڳوٺ جي تلاءُ ۾ ٻڏي ويو.لاش ملڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو.نينگر جي وارثن موجب نينگر راند ڪندي تلاء ۾ڪرڻ سبب فوت ٿيو. نينگر جو لاش مقامي قبرستان ۾دفنايو ويو.
شهباز شريف پي اي سي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو، ميمبرز جون شهباز شريف کي واڌايون
اميد ته جڏهن به اوهان جي خاندان جو نالو ايندو، منصب ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪندئو: پي ٽي آءِ
مان اهڙو موقعو ئي نه ڏيندس: شهبازشريف جو نور علي خان کي مرڪندي جواب
اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهبازشريف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو، اسپيڪر اسد قيصر شهبازشريف کي واڌايون ڏنيون، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس دوران شيخ روحيل اصغر چيئرمين لاءِ شهبازشريف جو نالو تجويز ڪيو، جڏهن ته مشاهد حسين سيد ان جي حمايت ڪئي، شهبازشريف کانسواءِ ڪنهن جو به نالو سامهون نه آيو، جنهن بعد کيس بنا مقابلي چيئرمين چونڊيو ويو، شهبازشريف بنا مقابلي چيئرمين چونڊجڻ تي پي اي سي جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سڀني کي گڏ کڻي هلندس، احتساب جو عمل شفاف هوندو ۽ احتساب جي عمل کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ پي اي سي هڪ اثرائتو فورم آهي، پي ٽي آءِ جي شبلي فراز چيو ته سمورن اختلافن باوجود متحد ٿيڻ تي واڌايون ڏيان ٿو، پارليامينٽ کي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻو آهي، اميد آهي ته ڪميٽي عوام جي اميدن تي پورو لهندي، ان اموقعي تي پي ٽي آءِ ايم اين اي نور علي خان چيو ته جمهوريت لاءِ ميثاقِ جمهوريت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ ٿيو، جمهوري روايتن کي برقرار رکندي تحريڪ انصاف اوهان کي چونڊيو، اميد آهي ته جڏهن اوهان جي خاندان جو نالو ايندو، اوهان اهو منصب ڪنهن ٻئي حوالي ڪندئو، جنهن تي شهبازشريف مرڪندي کيس جواب ڏنو ته مان اهڙو موقعو ئي نه ڏيندس، اختر مينگل چيو ته پي اي سي اهم فورم آهي، اسان جو واسطو جنهن به جماعت سان هجي، پر احتساب شفاف ٿيڻ گهرجي، پ پ جي راجا پرويز اشرف چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر سٺي روايت قائم ٿي آهي، پي اي سي جو چيئرمين اپوزيشن ليڊر آهي، اسان کي سياست کان مٿانهون ٿي احتسابي عمل کي اڳتي وڌائڻو آهي، شهبازشريف جي قيادت ۾ پي اي سي مثالي ڪارڪردگي ڏيکاريندي
اسٽيٽ بينڪ پاران ڊيٽا هيڪ ڪري رقم ڪڍڻ واريون رپورٽس رد
ڪنهن به بينڪ ڊيٽا هيڪ ٿيڻ بابت رپورٽ ناهي ڪيو : سينيٽ ۾ جواب جمع
اسٽيٽ بينڪ سيڪيورٽي ڪنٽرول روڊ ميپ تيار ڪري ورتو،بينڪن کي سائيبر حملن کان بچڻ جي هدايت
اسلام آباد (رپورٽر) سينيٽ جي اجلاس دوران ناڻي واري وزارت سوالن جوابن دوران ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪنهن به بينڪ جي ڊيٽا هيڪ ناهي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن جي اڪائونٽ مان پئسا چوري ٿيا آهن ، اسٽيٽ بينڪ اهڙين نرپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي .ناڻي واري وزارت لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ته ڪنهن به بينڪ اسٽيت بينڪ يا ملڪ جي ڪنهن به اداري وٽ ڊيٽا چوري ٿيڻ يا وري اڪائونٽ مان پئسا نڪري وڃڻ جي حوالي سان ڪا شڪايت ناهي ڪئي ،هنن ٻڌايو ته اسٽيت بينڪ ڊيٽا کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ مناسب سيڪيورٽي ڪنٽرول روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آهي ۽ بينڪن کي به اهڙيون هدايتون ڪيون ويون آهن .اجلاس دوران اهو به ٻڌايو ويو ته اسلامي بينڪ جي 4 هزار اڪائونٽ جي ڊيٽا چوري ٿي پر پئسا نه نڪتا ۽ اهو ڪمرشل بينڪ ۽ هڪ انشورنس ڪمپني جو پنهنجو مامرو هو .ناڻي واري وزارت چيو ته بينڪن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو سائيبر حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي اپاءُ وٺن .
”دلي دور آهي“ پ پ اڳواڻن طرفان ويجهاڻي ۾ آصف جي گرفتاري وارو امڪان رد
ڪس زماني ڪي بات ڪرتي هو، دل جلاني ڪي بات ڪرتي هو: لطيف کوسه
ميڊيا معاملي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو (سعيد غني) ڪارڪن محبت ۾ آيا آهن: قائم شاهه
ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته آصف زرداري گرفتار نه ٿيندو، ميڊيا عدالتي معاملي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پيشيءَ وقت پ پ جي مرڪزي اڳواڻن سوڌو سنڌ حڪومت جا وزير به بئنڪنگ ڪورٽ ڪراچي پهچي ويا. بئڪنگ ڪورٽ ٻاهران صحافين پاران آصف زرداري جي گرفتاري بابت پُڇيل سوال جو دلچسپ جواب ڏنو ۽ چيو ته دلي دور است، ڪِس زماني ڪي بات ڪرتي هو، دل جلاني ڪي بات ڪرتي هو.
لطيف کوسه چيو ته آصف زرداري گرفتار نه ٿيندو. مڪاني کاتن جي وزير سعيد غني ڪارڪنن جي پهچڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته عدالتي معاملي کي ميڊيا وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي، پيپلز پارٽي هائيپ ڪريئيٽ نه ڪئي آهي. اسان کي به ميڊيا ذريعي ئي خبر پئي ته اڄ احتجاج ڪيو ويندو. اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن توڙي وڪيل آصف زرداري سان محبت ۾ آيا آهن. قائم علي شاهه صحافين پاران وڪيلن کي ڪمانڊو سڏڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته وڪيلن کي توهان ڪمانڊو ٿا سڏيو، شابس هجي توهان کي.
خاشقجي قتل کانپوءِ سعودي ڳجهي ادارن ۾ سڌارا آڻيندو
سعودي بادشاهه پاران انٽيليجنس ادارن ۾ وڏين تبديلين جو حڪم
جمال خاشقجي قتل کانپوءِ محمد سلمان جي اڳواڻي ۾ ڳجهي ادارن ۾سڌارا آندو ويندا

رياض (ا ڊ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي قتل جي الزام هيٺ سخت تنقيد کي منهن ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي ڳجهن ادارن ۾ سڌارا آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي ميڊيا موجب خاشقجي قتل کانپوءِ ڳجهن ادارن جي ڪم ڪرڻ جي انداز کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. سعودي بادشاهه شاهه سلمان جمال خاشقجي کي استنبول ۾ سعودي قونصل خاني ۾ قتل ڪرڻ واري معاملي کي مڃيندي انٽيليجنس جي ساخت ۾ تبديلي آندي ويندي. سعودي بادشاهه پاران ولي عهد محمد بن سلمان جي سربراهي هيٺ ڳجهي اداري کي ٻيهر جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي. سعودي عرب جي سرڪاري ميڊيا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي بادشاهه ترجيحي بنيادن تي ڳجهي اداري کي قومي سلامتي ۽ عالمي انساني حقن کي نظر ۾ رکندي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي.
بئڪنگ ڪورٽ ٻاهران آصف جي حمايت ۾ نعريبازي، جج ڪاوڙجي پيو
عدالتي احاطو جلسي جو ڏيک ڏيڻ لڳو، گوڙ ختم ڪرايو، جوابدارن کي اندر اچڻ ڏيو: جج
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پيشيءَ دوران پيپلز پارٽي جا وڏي تعداد ۾ ڪارڪن توڙي حامي وڪيل عدالت ٻاهران پهچي ويا. عدالتي احاطي ٻاهران ڪارڪنن “زنده هي بيبي زنده هي، آصف تيري جان نثار بي مثال” جي نعريبازي ڪندا رهيا. وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن جي پهچڻ سبب بئنڪنگ ڪورٽ جي احاطي جلسي جا منظر اچي رهيا هئا. عدالتي احاطي ۾ گوڙ ٿيڻ تي بئنڪنگ ڪورٽ جي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عدالت ۾ گوڙ ختم ڪرايو وڃي. جج چيو ته جوابدارن کي اندر اچڻ ڏنو وڃي، جنهن بعد آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر اندر اچي حاضري لڳائي.
عدالت لياقت جتوئي کي هڪ ڀيرو دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
لياقت جتوئي جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي
لياقت جتوئي جي ڌيءُ بيمار آهي، کيس دبئي وڃڻو آهي: وڪيل

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياقت جتوئي کي هڪ ڀيرو دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ محمود عالم چيو ته لياقت جتوئي خلاف نيب راولپنڊي ۾ ريفرنس هلي رهيو آهي، کانئس متبادل توانائي لاءِ بشارت حسن جي ڪنسلٽنٽ طور مقرري بابت تفصيل گهريا ويا هئا، هن چيو ته ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اختيارين لياقت جتوئي کي دبئي وڃڻ کان روڪيو ۽ کيس چيو ويو ته سندس نالو اي سي ايل ۾ آهي، وڪيل چيو ته لياقت جتوئي جي ڌيءُ بيمار آهي، کيس دبئي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، اهڙي استدعا تي عدالت لياقت جتوئي کي هڪ ڀيرو دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
سٺا ۽ خراب ڏينهن ڏٺا آهن، اسان تيار آهيون: خورشيد شاهه
جي آءِ ٽي وٽ ثبوت ناهن، رڳو غلط ڳالهيون گهڙيون ويون آهن: پ پ اڳواڻ
عدالتي ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ويندو آهي: خورشيد شاهه
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جي آءِ ٽي وٽ ڪي به ثبوت ناهن، رڳو غلط ڳالهيون گهڙيون پيون وڃن، عدالتي ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ ميڊيا ٽرائل عدالتي ٽرائل کي ٽيڪ اوور ڪري ويندو آهي پر پيمرا خاموش تماشائي بڻيل آهي، مختلف وقتن تي جي آءِ ٽي رپورٽ ليڪ ٿيندي رهي آهي، ڪراچي ۾ آصف زرداري جي پيشي جي موقعي تي بينڪنگ ڪورٽ آيل خورشيد شاهه ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پ پ اڳواڻ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اسان ناهي ڏٺي، پر پيپلزپارٽي لاءِ هي سڀ ڪجهه نئون ناهي، اسان آمرن جا تجربا ڪيا، فردِ واحد جي تجربن مان به گذريا آهيون ۽ جسٽس منير کان وٺي جسٽس ثاقب نثار تائين سمورن ججز کي ڏٺو آهي، عدليه جا سٺا ۽ خراب فيصلا به ڏٺا آهن، افتخار چوڌري کي به ڏسي چڪا آهيون، جنهن وردي ۾ ڊڪٽيٽر کي آئين ۾ ترميم جي اجازت ڏني، خپرشيد شاهه چيو ته ميڊيا ٽرائل اسان جي وڏي بدقسمتي آهي، جيڪو ماڻهن جو ذهن ٺاهي ڇڏيندو آهي ۽ ميڊيا ٽرائل عدالتي ٽرائل کي ٽيڪ اوور ڪري ڇڏيندو آهي، پر پيمرا خاموش تماشائي بڻيل آهي، خورشيد شاهه چيو ته عدالتي ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ويندو آهي، پابندي باوجود هلندڙ ڪيسز تي تبصرا ٿيندا آهن
اين آءِ سي ايل ڪرپشن: اڳوڻي چيئرمين سوڌو 11 جوابدارن جي ضمانت منظور
سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن کي 10-10 لک رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي
جوابدارن اين آءِ سي ايل کي ڪروڙن جو نقصان ڏنو، احتساب عدالت ۾ ريفرنس هلندڙ آهي: نيب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي ايل اسڪينڊل ۾ اڳوڻي چيئرمين سوڌو 11 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن اسڪينڊل ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران نيب اختيارين چيو ته ڄاڻايل جوابدارن جي دور ۾ اين آءِ سي ايل دائود ڪريسنٽ انويسٽمينٽ ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي، جنهن سان اداري کي ڪروڙين رُپين جو نقصان ٿيو. جوابدارن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس هلندڙ آهي. عدالت اين آءِ سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين اياز خان نيازي سوڌو 11 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جڏهن ته جوابدارن کي 10-10 لک رُپين جا مُچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.