fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، مراد شاهه، انور مجيد ۽ ملڪ رياض سميت 172 بااثر شخصيتن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل

وفاقي ڪابينا پاران جي آءِ ٽي طرفان مني لانڊرنگ معاملن ۾ شامل ڄاڻايل ماڻهن جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي جي منظوري

جي آءِ ٽي کي غيرسنجيدا وٺندڙ آصف زرداري کي جلد احساس ٿيندو، هي پراڻو پاڪستان ناهي: فواد چوڌري
مراد علي شاھ،فريال ۽ آصف زرداري

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي ڪابينا پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو، اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپور، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ انور مجيد سوڌو مني لانڊرنگ بابت جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ڄڻن جا نالا اِي سي ايل ۾ شامل ڪري سندس پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ خميس ڏينهن ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ 20 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ علي رضا عابدي جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي، جڏهن ته وفاقي وزير نورالحق قادري جي والد جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ هوش اڏائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن ته پوري صوبي کي يرغمال بڻائي سنڌ حڪومت کي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا ان تي غور ڪرڻ بعد آصف زرداري، فريال ٽالپور، مراد علي شاھ سميت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ جن 172 ڄڻن جا نالا شامل آهن، انهن جا نالا اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آصف زرداري چيو هو ته مان جي آءِ ٽي کي سنجيدگي سان نه ٿو وٺان. اميد آهي ته هاڻي جي آءِ ٽي کي سنجيده وٺندو. هي پراڻو پاڪستان نه آهي جو سوديبازي ٿئي، هي نئون پاڪستان آهي هت قومي خزاني جي هڪ هڪ روپئي جو حساب ٿيندو. ملڪ ۾ احتساب بنا خوف ۽ خطري جي جاري رهندو. جن کي احتساب بابت سنجيدگيءَ جو احساس نه ٿو ٿئي اهو ڪجهه ڏينهن اندر ٿي ويندو. ڪجهه ماڻهن کي ته احساس ٿي ويو آهي، هو ظاهري طور کلي رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ايف آءِ جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. وزيراعظم جي آءِ ٽي ۽ ٻين معاملن ۾ ايف آءِ اي پاران ڏيکاريل ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. هن پيپلز پارٽيءَ جي احتجاج ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته حيران آهيان ته سنڌ جا پئسا انور مجيد ۽ هنن لٽيا، انهن پئسن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي انهن ماڻهن کي روڊن تي نڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهن جن جو پئسو هنن لٽيو آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي جو آصف زرداري جي پيپلز پارٽي سان ڪو تعلق نه آهي. 1970 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ته غريبن کي حق ڏيارڻ لاءِ پارٽي ٺاهي هئي، هاڻي آصف زرداري جي پارٽي ۾ ته عجيب ۽ غريب ماڻهو آهن. آصف زرداري جي پارٽي وارا ته هارين کي ٽريڪٽر ۽ ڀاڻ تي مليل سبسڊي جا پئسا به کائي ويا. هنن جو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي پارٽي سان سطحي تعلق آهي. ڇا 31 ڊسمبر تي آصف زرداري گرفتار ٿيندو جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته الله ڪري ائين ئي ٿئي، پر اسان ڇا چئي سگھون ٿا، اسان کي ڪهڙي خبر آهي. هن سنڌ ۾ گورنر راڄ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ هجي يا پنجاب، بلوچستان هجي يا ڪي پي ڪي جي حڪومت اسان سڀ آئين جا پابند آهيون ۽ ڪابه حڪومت آئين جي خلاف ورزي نه ٿي ڪري سگھي. اميد آهي ته اهڙو موقعو نه ايندو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. ڪراچي ۾ اچانڪ صورتحال خراب ٿي آهي. علي رضا عابدي قتل ٿيو ۽ اهڙا واقعا ٿيا آهن جن مان لڳي ٿو ته گينگ ٻيهر سرگرم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي جو امن معيشت سان واڳيل آهي. ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته الطاف حسين برطانيا ۾ ويهي هت ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ جهڙيون تقريرون ڪيون، پر برطانيا حڪومت سندس خلاف ڪاروائي نه ڪئي آهي جنهن تي وفاقي ڪابينا ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. فيصلو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت برطانيا جي حڪومت اڳيان اهو مامرو اٿاريندي. وفاقي وزير چيو ته ڏکڻ آفريڪا جا گينگ ڪراچي ۾ متحرڪ آهن، ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت اڳيان معاملو اٿارڻ لاءِ وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت کي حڪم ڏنو آهي. انهي ملڪ جي زمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. وفاقي ڪابينا ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ لڳل سيڪيورٽي ڪئمرائن واري معاملي تي غور ڪيو. ڪراچي ۾ اڪثر ڪئمرائون ڪم نه ڪري رهيو آهن. ٻنهي شهرن ۾ ان مد ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ٿيا آهن. وفاقي ڪابينا گھرو وزارت کي جانچ جو حڪم ڏنو آهي. وفاقي ڪابينا 15 جنوري بعد به موبائل رجسٽريشن ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي، پر 15 جنوري بعد موبائل رجسٽريشن ڪرائيندڙن کي 10 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان موبائل امپورٽ ڪرڻ جي دلشڪني ڪرڻ چاهيون ٿا. وفاقي ڪابينا اتر وزيرستان ۽ مڪران ۾ موبائل سروس فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. ڪابينا نيپرا چيئرمين جي سروس اسٽرڪچر جي به منظوري ڏني آهي. وفاقي ڪابينا چين جي مارڪيٽ ۾ بانڊ جاري ڪرڻ، فرخ سبزواري کي ايس اِي سي پي جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ، اسٽيل مل ۽ ايف آءِ اي کي ضمني بجيٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني آهي. هن چيو ته اسٽيل مل جون 2019 تائين جون رهتون ادا ڪيون وينديون. گذريل حڪومتن اسٽيل مل جو ٻيڙو ٻوڙيو، هاڻي اسٽيل مل هلندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پارليامينٽ ۾ اسان اڪثريت ۾ آهيون. قانونسازي ۾ ڪا ڏکيائي ڪانهي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جا ميمبر به اسان جي سپورٽ ڪندا ڇو جو اهي ڪنهن جي لٽ مار ۾ ڇو حصو ٿيندا.

نوازشريف خلاف پاڪ پتن زمين ڪيس: جي آءِ ٽي جو سربراهه تبديل

سپريم ڪورٽ ۾ ڊي جي نيڪٽا خالد داد جي آءِ ٽي جي سربراهي کان معذرت ڪئي

لاهور( م ڊ ) سپريم ڪورٽ نوازشريف خلاف پاڪ پتن زمين ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو سربراهه تبديل ڪري ڇڏيو، نئين سربراهه کي 10 ڏينهن اندر ٽي او آرز ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پاڪ پتن زمين ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جي آءِ ٽي سربراهه ڊي جي نيڪٽا سربراهي کان معذرت ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته خالق داد لڪ جي معذرت جا ڪارڻ حقيقتن تي ٻڌل آهن، تنهنڪري مٿس دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهون.
ڊي جي نيڪٽا جي معذرت بعد چيف جسٽس ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ڊاڪٽر حسين اصغر کي جي آءِ ٽي جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، عدالت جي آءِ ٽي جي نئين سربراهه کي 10 ڏينهن ۾ ٽي او آرز ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا 223 رنسن تي ڍير، پاڪستان مٿان 43 رنسن جي برتري

پهرين اننگز ۾ پروٽيز 223 رنسون ٺاهي پاڪستان مٿان 42 رنسن جي برتري حاصل ڪئي

محمد عامر ۽ شاهين شاهه آفريدي جا 4- 4 شڪار، حسن علي جون 2 وڪيٽون
پاڪستان جي ميچ ۾ واپسي

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ پهرين باڪسنگ ٽيسٽ جاري آهي، ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگز ۾ 223 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان مٿان 42 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان طرفان محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شاندار بالنگ ڪندي چار چار وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته حسن علي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ڏکڻ آفريڪا پاران بوما 53 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته ڊي ڪاڪ 45 رنسون ٺاهي ڏکڻ آفريڪا کي برتري ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان پهرين اننگز ۾ 181 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا پهرين ڏينهن پنج وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون هيون. ٻي ڏينهن جي شروعات ۾ ڏکڻ آفريڪا شروع ۾ ئي ڏکيائين جو شڪار رهي هئي پر ڊي ڪاڪ 45 ۽ رباڊا 19 رنسون ٺاهي برتري حاصل ڪئي. پاڪستان کي ٻي اننگز ۾ هدف کان پهريان 43 رنسن جو خسارو ختم ڪرڻو پوندو.

پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ٿي ويو

پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ٿي ويو

ٻنهي ملڪن ۾ قيد شهري رهيل سزا پنهنجي ملڪ ۾ ڪاٽيندا: پڌرنامو

اسلام آباد ( ن پ ا) پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو، ٻنهي ملڪن ۾ قيد شهري پنهنجي رهيل سزا پنهنجي ملڪ ۾ ڪاٽيندا.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرنامي موجب پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا وارو معاهدو مڪمل ٿي ويو، جنهن تي برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ۽ پاڪستان جي گهرو سيڪريٽري اعظم سليمان صحيحيون ڪيون.
معاهدي جي پڌرنامي موجب معاهدي جي منظوري برطانوي گهرو وزير جي سيپٽمبر واري دوري دوران ڏني وئي هئي، جنهن تحت ٻنهي ملڪن جي قيدين کي هڪٻئي حوالي ڪيو ويندو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ قيد شهري پنهنجي رهيل سزا پنهنجي ملڪ ۾ ڪاٽيندا.
برطانوي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان قيدين جي مٽاسٽا جو وارو معاهدو ٻنهي ملڪن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.

ٺل: نينگر کي گاڏيءَ جو ٽڪر هڻي فرار ٿيندڙ ايڪسيئين سوگهو، ايم پي اي سهراب سرڪي جي ڀاءُ ايڪسيئن کي ڇڏائي ورتو

گاڏي روڪڻ تي ايڪسيئن جي گارڊز ۽ پوليس اهلڪار شهرين کي داٻا ڏيندا رهيا

ٿاڻي تي شهرين ۽ ايڪسيئن ۾ ڳالهيون، آبپاشي انجنيئر لياقت سرڪي ايڪسيئن کي ڇڏايو

ٺل (ن پ ا) ڊيرا مراد جمالي جو ايڪسيئن نذير لاکٽي ٺل ۾ نوجوان کي گاڏيءُ جو ٽڪر هڻڻ بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته شهرين کيس سوگهو ڪري ورتو. شهرين طرفان گاڏي روڪڻ کانپوءِ ايڪسيئن جا گارڊز توڙي سندس سيڪيورٽي اسڪواڊ ۾ شامل پوليس اهلڪار شهرين سان وڙهي پيا. ايڪسيئن جي گارڊز، پوليس اهلڪارن ۽ شهرين وچ ۾ ڪيتري ئي دير تائين جهيڙو هلندو رهيو، جنهن بعد ڌُريون ٺل ٿاڻي تي پهتيون. ايڪسيئن ۽ سندس گارڊز موقف هو ته گاڏيءَ غلطي مان لڳي آهي، پر اسان فرار نه ٿي رهيا هئاسين. جڏهن ته شهرين جو چوڻ هو ته ايڪسيئن ڄاڻي واڻي وچ شهر ۾ تيز رفتاري سان گاڏي هلائي ۽ نينگر کي ٽڪر لڳڻ بعد کيس اسپتال منتقل ڪرڻ بدران پاڻ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اُن دوران ايم پي اي سهراب سرڪي جو ڀاءُ ۽ آبپاشي انجنيئر لياقت سرڪي پهچي نينگر کي ٽڪر هڻندڙ ايڪسيئن جي جان ڇڏائي. جڏهن ته شهرين کي خالي دلاسا ڏئي خاموش ڪرايو ويو.

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي: سنڌ جي 23 ايس ايس پيز ۽ 57 ڊي ايس پيز کي ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو

ڳڙھي خدابخش

حيدرآباد ( ن پ ا) شهيد بينطير ڀٽو جي ورسي جي سڪيورٽي لاءِ سنڌ جا 23 ايس ايس پيز، 57 ڊي ايس پيز ۽ 8 اي ايس پيز مقرر
شهيد بينظير ڀٽو جي 11 هين ورسي جي موقعي تي هزارين پوليس اهلڪارن کي سڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ سنڌ جا 23 ايس ايس پيز، 57 ڊي ايس پيز ۽ 7 اي ايس پيز به ورسي جي سڪيورٽي لاءِ ڊيوٽي ڏئي رهي رهيا آهن.
ڊيوٽي چارٽ موجب ايس ايس پي دادو پرويز احمد عمراڻي، ايس پي عمرڪوٽ، اعجاز احمد شيخ، ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ذوالفقار علي مهر، ايس ايس پي شڪارپور ساجد حسين سبدزوئي، نوشهروفيروز جو ايس ايس پي طارق ولايت، ايس پي سجاول امير سعود مگسي، ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق صديقي، اڪيلي عورت ايس پي نسيم آرا پنهور، ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ حيدر رضا، ايس پي حيدرآباد سرفراز نواز شيخ، ايس پي جيڪب آباد عبدالقيوم پتافي، ايس پي مٽياري عمران رياض، ايس پي بدين حسن سردار نيازي، ايس پي خيرپور عمر طفيل، ايس ايس پي شهيدبينظير آباد تنوير حسين تنيو، ايس پي جامشورو توقير محمد نعيم، ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر اسد اعجاز ملهي، ايس پي ميرپورخاص عابد بلوچ، ايس پي ٽنڊو محمد خان ذوالفقار ٽالپر، مسعود بنگش، ڪامران نواز پنجوٺا، امداد شاه ۽ شاهجهان خان کي ڳڙهي خدابخش ۽ نئون ديرو هائوس سميت مختلف هنڌن تي ڊيوٽي لاءِ مقرر آهن.
ساڳي ريت 8 اي ايس پيز به ڳڙهي خدابخش سميت مختلف هنڌن تي ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي تي مقرر آهن، جن ۾ شڪارپور جو فاروق احمد، گمبٽ جو عمران خان نيازي، ٺٽي جو سرفرازورڪ، سانگهڙ جو اظهر خان، سکر جو محمد سميع ملڪ، حيدرآباد جو عبدالله لڪ، خيرپور جو مظهراقبال ۽ ميرپورخاص جو اي ايس پي عمران مرزا شامل آهن، سنڌ جي مختلف ضلعن جي 57 ڊي ايس پيز کي پڻ ٽن ڏينهن لاءِ ورسي جي ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل پوليس آفيسر 26 ڊسمبر کان 28 ڊسمبر تائين ورسي جي سڪيورٽي لاءِ ڊيوٽي ادا ڪرڻ بعد واپس پنهنجن ضلعن ڏانهن ويندا.

“هزارين شاگرد پريشان” لطيف يونيورسٽي جو سپلا سان ڳالهين بعد نئون امتحاني شيڊول جاري ڪرڻ جو فيصلو

انتظام پورا ڪري ورتا هئا، سپلا جي احتجاج سبب امتحان ملتوي ڪرڻا پيا: يونيورسٽي ترجمان

آن لائين فارم گم ڪرڻ کانپوءِ ڪاليج ڏانهن خالي فارم ڪاليجز ڏانهن موڪليا ويا آهن: سپلا
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي

سکر (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي اختيارين ڪاليج سائيڊ جي ملتوي ٿيل امتحاني پيپر جو نئون شيڊول سپلا سان ڳالهين بعد جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررز ائسوسيئيشن طرفان ڪاليج سائيڊ جي امتحانن لاءِ انتظام اڻپورا هجڻ ڪري ڪاليج سائيڊ جي امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو هو. يونيورسٽي انتظاميا ۽ سپلاءِ وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪرڻ بعد يونيورسٽي انتظاميا سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 28 ڊسمبر تي رٿيل ڪاليج سائيڊ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا. ذريعن موجب يونيورسٽي انتظاميا چيو آهي ته سپلا اڳواڻن سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڪاليج سائيڊ جي امتحانن نئون شيڊول جاري ڪيو ويندو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪاليج سائيڊ جي امتحانن لاءِ سمورا انتظام مڪمل آهن، پر سپلا جي احتجاج سبب امتحان ملتوي ڪرڻا پيا. سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر اصغر علي شاهه ۽ سيڪريٽري مشتاق ڦلپوٽو جو چون آهي ته جن شاگردن آن لائين فارم ڀريا هئا، يونيورسٽي انتظاميا انهن شاگردن جا فارم گُم ڪري ڇڏيا ۽ هاڻ ڪاليجن ڏانهن خالي فارم موڪلي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته شاگردن کان جلد فارم ڀرايا وڃن. واضح رهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ سپلا وچ ۾ تڪرار سبب سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي 85 کان وڌيڪ ڪاليجن جا 60 هزار شاگرد رُلي ويا آهن. شاگردن ٻُڏتر ۾ آهن ته کين امتحانن لاءِ سلپون ڪڏهن ملنديون ۽ نئون شيڊول ڪڏهن جاري ٿيندو.

”سائل رُلي ويا“ ملير ۾ قانون جا محافظ ۽ قانوندان آمهون سامهون، ايس ايس پي ملير جي نگراني ۾ ڌُرين وچ ۾ اڄ ڳالھيون ڪرائڻ جو فيصلو

ملير بار طرفان ايس ايڇ او کي نه هٽائڻ جي صورت ۾عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو چتاءُ

شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او زيادتي ڪئي آهي: وڪيل سڪندر شر

ملير (ن پ ا) ملير جي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او طرفان ملير بار جي نائب صدر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ کانپوءِ پوليس ۽ وڪيلن ۾ پيدا ٿيل تڪرار شدت اختيار ڪري ويو. ملير بار ڪائونسل ايس ايڇ او معطل نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ به عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو ملير بار جي نائب صدر ۽ سينيئر وڪيل سڪندر شر خلاف شراب نوشي جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو. ملير بعد ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ڇاپو هڻي پوليس طرفان باندي بڻايل وڪيل کي ڇڏائي ورتو. روزاني ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي وڪيل سڪندر شر چيو آهي ته ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون کيس انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمر ماروي ڳوٺ ۽ گرين سٽي سوڌو ملير جي مختلف علائقن مان ڦر ٿيل گاڏين جي حوالي سان ڊي ايس پي کي اطلاع ڏيڻ تي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو مڇرجي پيو، جنهن بعد مون تي شراب نوشي جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ايس ايس پي پوليس توڙي وڪيلن کي معاملي تي ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو آهي ته اڄ ڌُرين وچ ۾ ڳالهيون ڪري معاملو نبيريو ويندو. وڪيل سڪندر شر چيو آهي ته ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون کي عهدي تان هٽائڻ تائين هڙتال ۽ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ختم نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به وڪيلن طرفان پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن وڪيلن طرفان عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ سبب ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي ۽ سائل ٻڌڻين جي انتظار ۾ رُلي ويا. ذريعن چيو آهي ته اڄ به جيڪڏهن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جاري رهيو ته ملير ڊسٽرڪٽ ڪورٽ سوڌو ضلعي جي ٻين عدالتن ۾ به ڪيترائي ڪيس التوا جو شڪار ٿي ويندا.

ريلوي جي زمين تي هائوسنگ سوسائٽيز ٺاهڻ تي پابندي لاڳو

سپريم ڪورٽ رائل پام ڪلب لاهور جي انتظاميا کي ٽوڙي ڇڏيو

رائل پام وارا ايترا بااثر آهن جو اڌ ملڪ انهن جي ڳالهه مڃندو آهي: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري

لاهور( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمين تي هائوسنگ سوسائٽيز ٺاهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، لاهور جي رائل پام ڪلب جي انتظاميه کي ٽوڙي سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ريلوي جي زمين ليز تي ڏيڻ خلاف پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت رائل پام بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي سمورن حڪمن کي غير اثرائتو ڪندي حڪم ڏنو ته ريلوي بابت ڪو به رڪارڊ پام ڪلب مان ٻاهر نه ويندو.
سپريم ڪورٽ رائل پام لاهور جي انتظاميه کي ٽوڙي فرگوسن چارٽرڊ ڪمپني کي ڪلب جي نئين انتظاميه قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ان کي سمورو ريڪارڊ فوري طور پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو.

علي رضا عابدي جي قتل جي جاچ لاءِ پوليس جي 7 رڪني ٽيم قائم

ڪراچي( م ڊ ) اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل جي جاچ لاءِ پوليس جي 7 رڪني ٽيم جوڙي وئي، سربراهي پير محمد شاهه ڪندو.
2 ڏينهن اڳ ڊفينس فيز 5 ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل ڪيس جي جاچ جاري آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍو قتل ڪيس جي جاچ لاءِ 7 رڪني ٽيم جوڙي ڇڏي، ايس ايس پي ڏکڻ پير محمد شاهه کي ٽيم جو سربراهه بڻايو ويو، ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر، طارق ڌاريجو، مختيار خاصخيلي، راجا اظهر محمود به ٽيم جو حصو هوندا.
پوليس ذريعن موجب علي رضا عابدي جي قتل جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ هيل تائين ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي.

ڄامشورو ڀرسان مزدا ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا.

سيوھڻ ( ن پ ا ) ٽول پلازه وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪار هڪ مزدا سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صوبو لغاري نالي هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مشتاق، فدا حسين، محبوب لغاري ۽ اصغر شامل آهن، جن کي ڄامشورو اسپتال پهچايو ويو.
پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل ڪار سوار ماڻهو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدابخش وڃي رهيا هئا

ميان صاحب: 220 وولٽ جون تارون باھ لڳڻ سبب ٽٽي پيون

ھوٽلن تي ويٺل ماڻھن ۾ ڀاڄ. ٽانوري سيد ۽ راجپوت پاڙي جي بجلي بند ٿي وئي

ميان صاحب(ن پ ا) ٽانوري محلي ۾ اڄ صبح بجلي جي 220 وولٽ جي تارن کي اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب صبح دڪانن ۽ هوٽلن تي چانھھ پيئندڙ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي تارن کي باھ لڳڻ سبب 220 وولٽ جون ٽيئي تارون ٽٽي هيٺ ڪري پيون پر صبح جو سويل ماڻهن جي گهر هجڻ ڪري ڪو بھ نقصان نھ ٿيو جڏهن تھ تارن جي ٽٽي ڪرڻ سبب ٽانوري سيد ۽ راجپوت پاڙن جي بجلي بند ٿي وئي.اطلاع باوجود سيپڪو وارا آخري اطلاع تائين اڃان نھ پھتا ھئا

ڪوٽ لال: پورهيت جي گهر تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي، هڪ جوابدار گرفتار

ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو پوليس پورهيت جي گهر تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو.
جلالجي چودڳي لڳ پوليس هڪ گهر تي چڙهائي ڪري شر برادري سان واسطو رکندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته پورهيت جي گهر تي حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏيبهن اڳ جوابدارن پورهيت اعجاز ونگي جي گهر تي حملو ڪري عورتن سميت گهرڀاتين کي زخمي ڪري وڌو هو

ٽرمپ آمريڪي فوجين سان ڪرسمس ملهائڻ لاءِ عراق پهچي ويو

آمريڪي صدر ۽ ميلانيا ٽرمپ ڪرسمس ملهائڻ اوچتو عراق پهتا

بغداد (ا ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پهريون ڀيرو اوچتي دوري تي عراق پهچي ويو، جتي هن ڪرسمس عراق ۾ مقرر آمريڪي فوجين سان ملهائي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ميلانيا الاسد ايئربيس ڪرسمس ملهائي ۽ آمريڪي فوجين کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي فوجين سان خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته هو عراق مان فوجون واپس نه پيا گهرائن. اسان نٿا چاهيون ته ٻيا ملڪ آمريڪا کي استعمال ڪري فائدو حاصل ڪن ۽ آمريڪي فوجي انهن جي حفاظت ڪن. آمريڪي صدر چيو ته شام ۾ ڪارروائي پئي ته عراق وارو ايئر بيس استعمال ڪري سگهجي ٿو.

برساتن جي مند ۾ نئين گاج جو 30 کان 50 فوٽ وهڪرو

لياقت جتوئي رڳو افتتاح ڪيو، فنڊ ۽ ڪم پ پ حڪومت ڪرايو: پ پ اڳواڻ عرفان لغاري

علائقي واسين ۾ ڊيم جي مخالفت به موجود، گهوٻين جي اطلاعن جو نيب نوٽيس وٺي چڪو

ميهڙ (رپورٽر) نئين گاج اونهاري توڙي سياري ۾ بلوچستان توڙي کير ٿر جبلن ۾ پوندڙ برساتن کان پوء وهندي آھي جنهن ۾ پاڻي 30کان 50 فوٽن تائين وهندو آھي ۽ جنهن هنڌ تي گاج ڊيم ٺاهيو وڃي پيو ان هنڌ کان اولهه توڙي اوڀر کان هزارين فوٽ اوچا جبل آھن جتان پاڻي تيز رفتاري سان لهندوآهي. پاڻي انگريزن جي دور جي ڏنل تير ڀت سان ٽڪرا ئجي جوهي تعلقي جي ڪاڇي جي ميداني علائقي مان گذرندو وڃي يوسي ساڙو ڇني جي بهاول جي گنڍي کان ٿيندوروهل واري علائقي کان منڇر ۾ ڇوڙڪندو آھي جيڪو تير ڀت جتي گاج ڊيم ٺھي پيو ان کان 54 ڪلو ميٽر مفاصلي تي آھي. گاج ڊيم ٺھڻ کان پوء پائيپ وڇائي روز 50 ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو. ڊيم مان 34 ڪلو ميٽر ڊگهو 12 فوٽ ويڪرو ڪئنال ڪڍيو ويو آھي. اهو جوهي، خير پور ناٿن شاه ۽ ميهڙتعلقي تائين يوسي منگواڻي قمبر ڇوڙ ماڏي واري علائقي يوسي مٺوٻٻر يوسي ڪڪڙ ڳوٺ مزار ڀرڳڙي قصبو راڃو ديرو ڊگه بالا ڳوٺ پٽ گل محمد ڳوٺ حاجي خان ڳو ٺ ڇڪلڻي ڳوٺ ڪرڪلي يوسي ڇني يوسي ساڙو واهي پانڌي گاجي شاه لنڊن لغارين ۽ ڪلوئي برادري جي ڪيترن وڏن ننڍن ڳوٺن جي لڳ ڀڳ 4لک ايڪڙزمين کي سيراب ڪندو، گاج ڊيم جي منصوبي جي حوالي سان پ پ پ جي ميهڙ ۽ خير پور ناٿن شاه مان چونڊيل ايم اين اي عرفان لغاري، ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو چيو ته گاج ڊيم جي لاء فنڊ ۽ ڪم اسان جي وفاقي حڪومت ۾ ٿيو جڏهن 2013ع جي چونڊن کان پوء وفاق ۾ مسلم ليگ نون جي حڪومت ٺھي ۽ ميان نواز شريف وزير اعظم ٿيو ته هن گاج ڊيم لاء فنڊ روڪي ڇڏيا. فنڊ جاري نه ڪرڻ ڪري 2018ع ۾ مڪمل ٿيندڙ ڱاج ڊيم هن وقت تائين مڪمل ٿي نه سگهيو آھي.هنن چيو ته پرويز مشرف جي حڪومت ۾ لياقت جتوئي رڳو تختي لڳائي افتتاح ڪيو هو پاڻي ۽ بجلي جو وزير هوندي به فنڊ نه رکرايا ۽ نه ڪم شروع ٿيو هو. هاڻي وفاق ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آھي لياقت جتوئي دادو ضلعي جي عوام سان سچو آھي ته فنڊ جاري ڪرائي ڪم شروع ڪرائي پ پ پ جي سنڌ حڪومت تعاون ڪندي، ميهڙ:ڪاڇي جي يوسي ساڙو يوسي ڇني جي رهواسين روهل خان لغاري، محمد نواز، دوست محمد رودناڻي۽ ٻين رابطي ڪرڻ تي نئين گاج تي ڊيم اڏڻ کي منڇر لاء ۽ يوسي ڇني ساڙو جي لاء خطرناڪ قرار ڏيندي ڇيو ته نئين گاج ڊيم ٺھڻ سان قدرتي وهڪرا بند ٿيندا، منڇر۾ پاڻي نه ايندو جنهن سان ماحولياتي مسئلو پيڍا ٿيندوگاج نئين جي قدرتي وهڪرن سان جيڪا سندن هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آھي اها غير آباد ٿي ويندي سندن جرکارو ٿي ويندو جر جي پاڻي جي سطح ھيٺ ٿي ويندي انڪري اسان کي گاج ڊيم جي اڏاوتي منصوبي تي تحفظات آھن ان لاء منڇر۾ پاڻي ۽ ڊيم مان اسان جي علائقي ۾ پاڻي زرعي آبادي لا ء پاڻي ڪيئن ايندو اعتماد ۾ ورتو وڃي، نئين گاج منصوبي جي فنڊن ۾ گهوٻين جي اطلاعن جو نيب نوٽيس ورتو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جاچ لاءِ حڪومت کان رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.