لاهور ( م ڊ ) پاڪستان جي مشهور اداڪار علي اعجاز 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، علي اعجاز ڪافي عرصي کان دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار علي اعجاز لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، علي اعجاز 1961ع ۾ فلم “ انسانيت” سان فني دنيا ۾ پهريون قدم رکيو، سندس مشهور فلمن ۾ “سالا صاحب”، دبئي چلو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن، هو مزاحيه اداڪار طور گهڻو مشهور ٿيو، اداڪار علي اعجاز فلمن کانسواءِ ٽي وي ڊرامن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، “ خواجا اينڊ سنز”، “کوجي” ۽ “ شيدا ٽلي” ڊرامن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو، علي اعجاز جي لاڏاڻي سان فني دنيا ۾ سوڳ پکڙجي ويو
لاهور (شوبز ڊيسڪ) نامياري ٽي وي اداڪار ۽ ڊرامي ”الف نون“ جي آفاقي ڪردار علڻ سان شهرت ماڻيندڙ ڪمال احمد رضوي کي مداحن کان وڇڙي 3 ورهيه وهامي ويا. مشهور مزاحيه فنڪار ڪمال احمد رضوي 1930 ۾ ڀارت ۾پيدا ٿيو، هن اداڪاري سان گڏ ڪيترائي يادگار ڊراما لکيا، هدايتڪاري ۾ پاڻ مڃايو ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ لکيل ڪتابن جا ترجما ڪيا، ڪمال احمد رضوي فلم انڊسٽري ڏانهن به ويو پر اتي سندس دل نه لڳي. ڪامل رضوي ٻارڙن جو ادب به لکيو ۽ بي بي سي اردو سروس سان به سلهاڙيل رهيو. ان سان گڏ هو مشهور رسالي ۾ايڊيٽر به رهيو. ڪمال احمد رضوي 17 ڊسمبر 2015 تي دل بيهڻ سبب مداحن کان وڇڙي ويو، سندس لاڏاڻي بعد ادب ۽ مزاح نگاري جو هڪ باب بند ٿي ويو.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان چيو آهي ته جيڪڏهن آريان خان چاهي ٿو ته هو ضرور اداڪاري ڪري. ڀارتي ميڊيا موجب فلمساز ڪرن جوهر طرفان شاهه رخ جي پٽ آريان خان کي فلم انڊسٽري ۾ متعارف ڪرائڻ واري بيان تي ڳالهائيندي اداڪار شاهه رخ خان چيو ته ڪرن جوهر تمام سٺو ماڻهو آهي، کيس حق آهي ته هو ائين ڪري، ڇو ته هو سٺو دوست آهي پر جيڪڏهن آريان چاهي ته ضرور ائين ٿئي. هن چيو ته آريان فلمساز ٿيڻ چاهي ٿو، پر فلمساز ٿيڻ لاءِ به کيس سکڻ ۽ تعليم پرائڻ لاءِ 5 کان 6 سال جو وقت گهربل هوندو. شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“ هلندڙ مهيني 21 تي ريليز ڪئي ويندي.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا جي فلم ”ڪيسري“ جي ڪردار جون پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي. ڀاتي ميڊيا موجب اداڪاره پرنيتي چوپڙا ٽوئيٽر تي فلم ”ڪيسري“ جي پنهنجي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري ڪندي چيو ته ان فلم جو حصو بڻجڻ فخر جهڙي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ اداڪار اڪشي ڪمار، ڪرن جوهر ۽ انوراگ باسو جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته فلمي شوقين ايندڙ سال 21 مارچ تي اها فلم ڏسڻ نه وساريندا. فلم جي عڪسبندي مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پرنيتي چوپڙا پنجاب جي ناري ۽ اڪشي سک جنگجو جو ڪردار نڀائي رهيا آهن.
جڏهن به زويا اختر سان ملي آهيان ته کيس سدائين اها ڳالهه چئي آهي
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ادڪاره ڪترينه ڪيف چيو آهي ته فلم ”زندگي نه ملي گي دوباره“ جو سيڪيوئل ٺهڻ گهرجي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره ڪترينه ڪيف فلم ”زيرو“ جي مشهوري دوران هدايتڪاره زويا اختر جي فلم ”زندگي نه ملي گي دوباره“ جي امڪاني سيڪيوئل تي ڪيل سوال جي جواب ۾چيو ته جڏهن به زويا اختر سان ملي آهيان ته کيس سدائين اها ڳالهه چئي آهي ته فلم ”زندگي نه ملي گي دوباره“ جو سيڪيوئل ٺهڻ گهرجي.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي ڌيءُ ساره علي خان چيو آهي ته اداڪار بنا منهنجي زندگي اڻپوري ناهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره ساره علي خان جو چوڻ هو ته اداڪاري جو مقصد حقيقت پسندي ۽ ان سان سلهاڙيل رهڻ آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته شوقينن منهنجي حقيقت پسندي جي واکاڻ ڪئي پر اداڪاري ۾ جتي داد مليو اتي تنقيد به ٿيندي آهي ۽ اهي ٻئي شيون گڏ هلڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته اداڪاري پسند آهي ۽ اداڪاري بنا منهنجي زندگي اڻپوري آهي، مان اهڙن ڪردارن کي اوليت ڏيندي آهيان، جيڪي دلچسپي جو سبب هوندا آهن. ساره علي خان فلم ”سمبا“ ۾ ادڪار رنوير سنگهه سان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي، جيڪا 28 ڊسمبر تي ريليز ٿيندي.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) مشهور بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي انڪشاف ڪيو آهي ته تعيلم دوران ڪاپي ڪري 75 سيڪڙو مارڪن سان پاس ٿيو هئس، پر اڄ تائين ان عمل تي وڏي شرمندگي آهي. پنهنجي نئين فلم ”چيٽ انڊيا“ جي مشهوري ۾ مصروف اداڪار عمران هاشمي هڪ انٽرويو دوران پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته زندگي ۾ هڪ ڀيرو ڪاپي ڪري پاس ٿيو هئس. هن چيو ته معاشيات جي پرچن جي تياري بلڪل به نه ڪئي هئي، جن ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿيس. اهڙي عمل تي ڳڻتي ڏيکاريندي عمران هاشمي چيو ته اڄ مون کي اهو ٻڌائيندي شرم اچي رهيو آهي، مون کي خبر آهي ته ڪاپي بلڪل به سٺو عمل ناهي، آئون اهو چوندس ته ڪنهن کي به نقل نه ڪرڻ گهرجي.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته هو شادي بعد به پنهنجي شخصيت نه مٽائيندو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار جو چوڻ هو ته شادي بعد به هو پنهنجي شخصيت کي تبديل نه ڪندو ۽ نه ئي هو چاهي ٿو ته سندس گهرواري دپيڪا به پنهنجي شخصيت تبديل ڪري. رنوير سنگهه چيو ته شادي هڪ بهترين شيءِ آهي، جنهن بعد هڪ زبردست طاقت محسوس ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ مونکي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. رنوير نوجوانن کي به جلد شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو.