fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سمبا جو هيرو سنگهم کان مختلف آهي: روهت شيٽي

سمبا جو مرڪزي ڪردار هيرو مخالف آهي، سنگهم جهڙو ناهي

ڀارتي ميڊيا ۾ سمبا ۽ سنگهم جي هڪجهڙائي جي خبرن تي هدايتڪار جو جواب
روھت شيٽي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ايڪشن ۽ ڪاميڊي فلمون ٺاهڻ ڪري مشهور روهت شيٽي پنهنجي نئين فلم سمبا بابت کلي پيو آهي. ڀارتي ميڊيا ۾ سمبا ۽ سنگهم جي مرڪزي ڪردار جي هڪجهڙائي تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وئي، جنهن تي روهت شيٽي خاموشي ٽوڙيندي سمبا جي ڪردار کي هيرو مخالف ۽ سنگهم کان بلڪل الڳ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو پوليس تي ڪا فلم ٺاهيندو آهي ته اها سنگهم جهڙي ڪردار جيان هوندي ڇاڪاڻ ته اها فلم تمام گهڻي مشهور آهي. روهت شيٽي موجب سمبا جو ڪردار هيرو مخالف آهي، جيڪو بي ايمان، ڪرپٽ ۽ رشوت وٺندڙ آهي پر کيس حالتون تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

ايشا امباني کي ساهرن پاران اربين روپين جو تحفو

مڪيش امباني جي نياڻي کي سندس ساهرن محل نما گهر ڏنو

ارب پتي جي ڌيءُ جي شادي سال جي بهترين شادي قرار
ايشا امباني کي ساهرن پاران تحفي م ڏنل محل نم گھر

ممبئي (اينٽرٽينمينٽ) هلندڙ سال جي بهترين شادي قرار ڏني ويندڙ ڀارت جي امير ترين شخص مڪيش امباني جي ڌيءُ کي سندس ساهرن پارن ارب روپين جو محل نما گهر تحفي ۾ ڏنو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشا امباني کي خوبصورت ۽ مهانگي علائقي ۾ پنجاهه هزار فوٽن کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل محل نما گهر ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي وَر آنند پيرامل سان گڏ منتقل ٿيندي. ممبئي ۾ موجود ان گهر جي خاص ڳالهه اها آهي ته اتان ممبئي جو خوبصورت منظر نظر اچي ٿو. ارب روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيل محل کي شيشي توڙي اسٽيل سان تيار ڪيو ويو آهي. ايشا امباني جي گذريل 35 سالن ۾ ٿيندڙ سڀ کان مهانگي شادي قرار ڏني پئي وڃي.

محرومين جي چڪر ۾ اسان جيئڻ وساري ڇڏيندا آهيون: شاهه رخ خان

ڪجهه جهلڪيون کانپوءِ پنهنجون فلمون ڪڏهن به ناهيان ڏسندو: ڪنگ خان

زيرو ظاهري طور محروم پر ڀرپور طريقي سان جيئڻ سيکاريندڙ ڪردارن جي ڪهاڻي آهي: شاهه رخ
شاھ رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آ هي ته سندس نئين فلم زيرو اهڙن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي جيڪي ظاهري طور ته محرومين جو شڪار آهن پر هو زندگي کي ڀرپور طريقي سان جيئڻ سيکارين ٿا. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي بالي ڪنگ خان چيو ته شاهه رخ خان چيو ته فلم جي ڪهاڻي تمام گهڻي منفرد آهي. هن چيو ته هو پنهنجو فلمون ڪڏهن به ناهي ڏسندو، فلم جون ڪجهه جهلڪيون فلم يونٽ سان ڏسندو آهيان، ان کانپوءِ فلم ڪڏهن به ناهيان ڏسندو. زيرو ابتدا کان شروع ڪرڻ جي ڳالهه آهي.

پريانڪا-نڪ جي شادي جو ٻيو وليمو، تصويرون وائرل

مداحن وليمي جون تصويرون پسند ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون

پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جونس جي ٻئي آجياڻي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي گلوڪار نڪ جونس جي ٻئي آجياڻي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جهڙي طرح جوڙو پنهنجي شادي ۽ پهرين آجياڻي جي موقعي تي خوبصورت نظر آيو.ساڳي ريت ٻئي آجياڻي ۾ پڻ پريانڪا ۽ نڪ جونس خوبصورت نظر آيا. تقريب ۾ نڪتل سندن تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي.

پاڪستاني ڄائي نارويئن عورت جي فلم آسڪر لاءِ نامزد

ارم حق جي فلم ”ماڻهو ڇا چوندا“ پرڏيهي ٻولين واري ڪيٽيگري ۾ چونڊي وئي

پاڪستاني ڄائي نارويئن فلمساز ارم حق

ڪراچي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) شرمين عبيد چنائي بعد هڪ ٻي پاڪستاني عورت جي فلم آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي وئي. پاڪستاني ڄائي نارويئن فلمساز ارم حق جي فلم ”ماڻهو ڇا چوندا“ کي 91هين اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ پرڏيهي ٻولين جي فلم جي ڪيٽيگري ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ان فلم ۾ 16 ورهين نِشا جو مرڪزي ڪردار ماريه موزدا نڀايو آهي. فلم جي ڪهاڻي هڪ ناري جي چوڌاري ڦري ٿي جنهن کي ناروي ۾ رهندي ثقافتي ٽڪراءَ جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ والدين جي دٻاءَ تي کيس پنهنجو گهر ڇڏي پاڪستان ۾ خاندان وارن سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ ان ناري کي پنهنجي ثقافت اختيار ڪرڻ جو چيو ويندو آهي. فلم ۾ ڀارتي اداڪارن عادل حسين ۽ شيبا چڍا سميت روهت صراف ۽ اڪائولي کنه به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن. ارم حق جو چوڻ آهي ته فلم جي ڪهاڻي سندس پنهنجي ڪهاڻي آهي. سندس والدين پاڪستان مان آهن، جن کين اغوا ڪري پاڪستان ۾ هڪ سال تائين رهڻ تي مجبور ڪيو. فلم جي اسڪريننگ جو انتظام ممبئي ۾ رائل نارويجيئن قونصل خاني ڪيو هو.

ميرا خلاف نڪاح مٿان نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي 5 جنوري تائين ملتوي

لالي ووڊ اداڪارا ميرا

لاهور (شوبز ڊيسڪ) اداڪاره مير خلاف نڪاح مٿان نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 5 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. جوڊيشل مئجسٽريٽ عظمت الله اعواڻ جي وڃڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي بحث لاءِ طلب ڪيو هو. فيملي عدالت اڳ ئي اداڪاره ميرا کي عتيق الرحمان جي گهرواري قرار ڏئي چڪي آهي. درخواست ڏيندڙ عتيق الرحمان جو موقف آهي ته اداڪاره مير ڪپيٽن رٽائرڊ نويد سان نڪاح مٿان نڪاح ڪيو. عدالت ميرا خلاف فوجداري ايڪٽ جي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏي.

سلمان خان هن ڀيري سالگره منفرد طور ملهائيندو

بالي ووڊ سلطان سلمان خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان هر سال جيان هن ڀيري به سالگره کي منفرد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان 27 ڊسمبر تي 53 ورهين جو ٿيندو، سلمان خان سالگره کي منفرد بڻائڻ لاءِ هن ڀيري فارم هائوس جي چونڊ ڪئي آهي، جتي سالگره تقريب 26 ڊسمبر کان شروع ٿيندي ۽ 28 ڊسمبر تي ختم ٿيندي. سالگره ۾ سلمان خان جا ويجها دوست ۽ ڀائر ارباز خان ۽ سهيل خان سميت ٻيا خاندان جا ماڻهو شريڪ ٿيندا.

ڀارت ۾ پنهنجي ٻارن لاءِ تمام گهڻو پريشان آهيان: نصيرالدين شاهه

ٻارن جو ڪو مذهب ناهي، چڱائي ۽ برائي جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهي: نصيرالدين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي پريشان آهي، سندس چوڻ آهي ته هو ڀارت ۾ پنهنجي ٻارن جي حوالي سان پريشان آهي، سڀاڻي ڪنهن هجوم ٻارن کي روڪي پڇيو ته توهان مسلمان آهيو يا هندو ته هو ڇا جواب ڏيندا. هڪ انٽرويو ۾ هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هن پنهنجي ٻارن کي مذهبي تعليم ناهي ڏني، ڇاڪاڻ ته منهنجو خيال آهي ته چڱائي ۽ برائي جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن انتهاپسند کين روڪي مذهب جي حوالي سان سوال ڪيو ته هو ڪو جواب نه ڏئي سگهندا. ڀارت ۾ انتهاپسندي جو زهر پکڙجي چڪو آهي، جنهن کي قابو ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، هن ملڪ ۾ ڳئون ڪٽڻ تي ردعمل اچي ٿو پر انسان جي قتل تي ڪو به ردعمل نٿو ٿئي.

سارا علي خان جي خواهش پوري ٿي وئي

سارا علي خان آريان ڪارتڪ سان ملڻ جي خواهش ڪئي هئي

رنوير سنگهه سندس خواهش پوري ڪندي آريان کي سارا سان ملايو
سارا خان ۽ ڪارتڪ آريان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي نياڻي سارا علي خان بالي ۾ نالو ڪمائي ورتو آهي، پر ويجهڙ ۾ هن ڪافي وٿ ڪرن دوران هڪ خواهش جو اظهار ڪيو هو، جيڪا خواهش سندس پوري ٿي وئي آهي. سمبا جي مشهوري دوران رنوير سنگهه سارا علي خان کي آريان ڪارتڪ سان ملايو ته هوءَ خوش ٿي وئي. سارا علي خان فلم ڪيدرناٿ ذريعي بالي ۾ پير پاتو هو، جنهن کانپوءِ سندس ايندڙ فلم سمبا 28 جنوري تي ريليز ڪئي ويندي.

راڳ سکڻ لاءِ ڏهه سالن تائين شمن ميرالي جي اوطاق تي ٻهاري ڏني: اختيارعلي دايو

16 سالن جي عمر ۾ شمن ميرالي کان راڳ ڪي سکيا حاصل ڪئي: پنهنجي اخبار سان ڳالهيون

ڪيسٽ جو دور ختم ٿي ويو آهي پر پوءِ به سنڌي گيت شوق سان ٻڌجن ٿا: اختيار علي دايو

ميان صاحب ( ڳالهه ٻولهه: زبير شيخ ) سنڌ جي ناليواري راڳي اختيار علي دايو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ ڪيسيٽ جو دور ختم ٿي چڪو آهي پر ان جي باوجود ماڻهو سنڌي گيتن کي شوق سان ٻڌن ٿا. هن چيو ته مون 16 سالن جي عمر ۾ شڪارپور پهچي ان وقت هاڻوڪي سنڌ جي مشهور راڳي استاد شمن علي ميرالي وٽ راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ پهتو هوس جتي مون استاد شمن ميرالي جي اوطاق تي مسلسل 10 سالن کان وڌيڪ ٻهاري ڏني ۽ سندس گهر جو سودو وٺندو هيس. هن چيو ته راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، پر اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا ۽ چينلز وڌيڪ هجڻ ڪري هر ماڻهو ڳائي رهيو آهي، جنهن سان سٺو آواز ۽ سٺي شاعري ٻڌڻ ۾ نه پئي اچي. اختيار دايو چيو ته هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪري چڪو آهيان، جڏهن ته سنڌ جي مشهور شاعرن قاصر نواز، وحيد هڪڙو، منظور شاهه، گهايل سومرو، اختيار شاهه، مختيار شاهه، ساگر شاهه ۽ ذوالفقار منگي سميت ٻين جي شاعري ڳائي آهي ۽ عوام پاران ڀرپور موٽ پڻ ملي آهي. هن چيو ته هن وقت اڪثر ماڻهو سٺي شاعري ۽ سٺي آواز کي پسند ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو وري ولگر (غير روايتي) فنڪارن کي پسند ڪن ٿا، جيڪو نه هجڻ گهرجي. اختيار دايو چيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فنڪارن جي سار سنڀال لهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا کوڙ فنڪار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا پر وٽن علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي هوندي.

مودي جي بالي ووڊ انڊسٽري اڳواڻن سان ملاقات، عورتون غائب

مودي بالي ووڊ انڊسٽري جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ هڪ عورت کي به دعوت نه ڏني

مودي بالي ووڊ انڊسٽري اڳواڻن سان ملاقات ڪري رھيو آھي

ممبئي (شوبز نيوز) ممبئي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران بالي ووڊ انڊسٽري جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن دوران هن انڊسٽري ۾ ايندڙ ڏکيائين کي حل ڪرڻ ۾ بالي ووڊ ستارن جي مدد ڪرڻ جي پيش ڪش ڪئي، پر حيراني طور ان ملاقات ۾ سڄي بالي ووڊ انڊسٽري مان هڪ به عورت شامل نه هئي. ان گڏجاڻي کانپوءِ نريندر مودي کي توڙي بالي ووڊ جي مرد اداڪارن توڙي هدايتڪارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. اداڪارا ديا مرزا پاران اڪشي ڪمار ۽ نريندر مودي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سڄي بالي ووڊ انڊسٽري مان هڪ به عورت کي گڏجاڻي ۾ گهرائڻ جو سبب ڇا هو؟ مودي ۽ بالي ووڊ انڊسٽري جي ماڻهن جي ملاقات ۾ ڪنهن به عورت جي شامل نه هجڻ تي ماڻهن پاران مٿن سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته اڪشي ڪمار توڙي ٻين بالي ووڊ اسٽارن رد عمل ۾ ڪو به جواب ناهي ڏنو.

ڪنگنا رناوت هدايتڪاري بدران ادڪاري کي ملازمت سمجهي ٿي

راڻي لڪشمي ٻائي جو ڪردار نڀائڻ مون لاءِ فخر جو سبب آهي

بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت هدايتڪاري جي ڀيٽ ۾ اداڪاري کي ملازمت قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب ادڪاره ڪنگنا رناوت فلم “مانيڪر نيڪا: دي ڪوئين آف جهانسي” جو ٽريلر جاري ٿيڻ مهل ڳالهائيندي چيو ته ڪو به اداڪار سج جي تتل اس ۾ نڪرڻ ناهي چاهيندو پر مون کي ٻين اداڪارن جي ابتڙ ٻي ڪا به شيءِ ڪرڻ کان وڌيڪ هدايتڪاري ڪرڻ گهڻو پسند آهي. هن چيو خبر ناهي ماڻهو ڇو هدايتڪاري کي ملازمت سمجهن ٿا، مون کي ته اداڪاري ملازمت وانگر لڳندي آهي. ڪنگنا رناوت جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلم ۾ ڪم ڪرڻ ۽ راڻي لڪشمي ٻائي جو ڪردار نڀائڻ مون لاءِ فخر جو سبب آهي، يقين آهي ته فلم شوقينن کي پسند ايندي.

اداڪاري ڏکي نه پر شوبز لاءِ في الحال وقت ناهي: اداڪاره صوبيه خان

لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره صوبيه خان چيو آهي ته شادي بعد اداڪاري ڏکيو ڪم نه پر شوبز لاءِ في الحال وقت ناهي، هاڻوڪي دور ۾ پرڻيل ادڪارائون پهرين صف ۾ شامل آهن. صوبيه خان چيو ته اداڪاري جو فن خوش قسمت ماڻهن کي ملندو آهي، پنهنجي ڪم ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن. هن چيو ته پاڻ کي ڪڏهن پهرين نمبر اداڪاره تصور ناهي ڪيو، سدائين سکڻ جو عمل جار رهندو آهي. سندس چوڻ هو ته ذاتي مصروفيتن سبب اسڪرين تي نظر نٿي اچان، لڳاتار ڪم سبب ٿڪجي پئي هيس، ان ڪري ڪجهه وقت لاءِ خاندان سان گڏ گذارڻ چاهيان ٿي.

ڪپل شرما جي واپسي، ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ شو شروع ٿيندو

ان کان اڳ به شو جون جهلڪيون جاري ڪيون ويون هيون

ڪپل شرما جي ٻيهر واپسي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ)ناليواري مزاحيه اداڪار ڪپل شرما جو شو 29 ڊسمبر کان شروع ٿي رهيو آهي. شو جي پهرين قسط جون جهلڪيون به جاري ڪيون ويون آهن. شو جي افتتاحي قسط ۾ فلم ”سمبا“ جي مرڪزي اداڪار رنوير سنگهه ۽ ساره علي خان سان گڏ ڊائريڪٽر روهت شيٽي به شريڪ هوندو. ان کان اڳ به شو جون جهلڪيون جاري ڪيون ويون هيون، جن ۾ سلمان خان، ارباز خان، سهيل خان، سليم خان، رنوير سنگهه ۽ ساره علي خان کي وڏا ٽهڪ ڏيندي ڏٺو ويو هو. شام ۾

سونم ڪپور کي به سياري جي مند پسند آهي

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور آهوجا سياري جي موسم کي پسنديده موسم قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره سونم ڪپور آهوجا سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير جاري ڪندي چيو ته سردين ۾ نڪ ٿڌو ٿيڻ، گرم جرسي ۽ گرم چاڪليٽ پيئڻ سبب سياري جي موسم تمام گهڻي پسند آهي. تصوير ۾ ٿڌ سبب سونم ڪپور جو نڪ ڳاڙهو ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽ ۽ ڳلي ۾ اسڪارف ۽ چشمو پاتل اٿس. سونم ڪپور فلم “ اِڪ لڙڪي جو ديکا تو ايسا لگا” ۾ پنهنجي پيءُ انيل ڪپور ۽ جوهي چاولا سان گڏ نظر ايندي.

1 3 4 5 6 7 9