fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سونم ڪپور کي به سياري جي مند پسند آهي

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور آهوجا سياري جي موسم کي پسنديده موسم قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره سونم ڪپور آهوجا سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير جاري ڪندي چيو ته سردين ۾ نڪ ٿڌو ٿيڻ، گرم جرسي ۽ گرم چاڪليٽ پيئڻ سبب سياري جي موسم تمام گهڻي پسند آهي. تصوير ۾ ٿڌ سبب سونم ڪپور جو نڪ ڳاڙهو ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽ ۽ ڳلي ۾ اسڪارف ۽ چشمو پاتل اٿس. سونم ڪپور فلم “ اِڪ لڙڪي جو ديکا تو ايسا لگا” ۾ پنهنجي پيءُ انيل ڪپور ۽ جوهي چاولا سان گڏ نظر ايندي.

نرگس فخري جي بالي ووڊ ۾ واپسي، فلم ٽريلر جاري

سچن جوشي ۽ نرگس فخري جي فلم ايندڙ سال 11 جنوري تي ريليز ٿيندي

فلم اماوس جو پوسٽر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا نرگس فخري بالي ۾ ڪيتري عرصي کان ڪا به فلم نه ڪئي آهي، جڏهن ته هاڻي هوءَ خوف ۽ دهشت سان ڀرپور فلم اماوس ۾ ڪم ڪندي، جنهن جو ٽريلر جار ڪيو ويو آهي. اماوس ۾ نرگس فخري سان گڏ سچن جوشي مک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. خوفناڪ فلمون ڊائريڪٽ ڪندڙ ڀوشن پٽيل جي نئين فلم کي ايندڙ سال جنوري تي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو، سندس ان کان اڳ راگني ايم ايم ايس، اَلون، 1920 ايول ريٽرنس جهڙيون فلمون ڏئي چڪو آهي.

پاڪستاني فلم “ڪيڪ” آسڪر  ڊوڙ مان ٻاهر

پاڪستاني فلم “ڪيڪ”

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) فلمي دنيا جي سڀ کان ناليواري ۽ اهم ايوارڊ آسڪر ڏيندڙ اداري پرڏيهي ٻولين جي ڪيٽيگرين سميت 9 مختلف ڪيٽيگرين جي فلمن کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو، پاڪستاني فلم پرڏيهي ٻولي واري ڪيٽيگري ۾ نه چونڊجي سگهي. پاڪستان جي آسڪر اڪيڊمي هلندڙ سال 18 سيپٽمبر تي فلم “ڪيڪ” کي پرڏيهي ٻولي جي ڪيٽيگري لاءِ اماڻيو هو. پاڪستاني فلم جو مقابلو دنيا جي 93 ملڪن جي فلمن سان هو. ان ڪيٽيگري ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيائي، يورپي، آفريقي، ۽ وچ اوڀر ۽ آمريڪي ملڪن مان فلمون اماڻيون ويون هيون. جنهن ۾ رڳو پاڪستاني پر ڀارتي فلم به شارٽ لسٽ نه ٿي سگهي. آسڪر اڪيڊمي پرڏيهي ٻولي جي ڪيٽيگري لاءِ مجموعي طور 9 فلمن کي شارٽ لسٽ ڪيو، جن ۾ ڏکڻ ايشيا جي ملڪ جي ڪا به فلم شامل ناهي.

فواد چوڌري جي اداڪار علي اعجاز جي لاڏاڻي تي تعزيت

اسلام آباد (شوبز ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد هسين فلم ۽ ٽي وي جي نامياري اداڪار اعجاز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ورسٽائل فنڪار کان محروم ٿي ويو، فن جي دنيا ۾ سندس کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي. هن چيو ته علي اعجاز باصلاحيت اداڪار هو، جنهن مزاحيه ۽ سنجيده ڪردار نهايت خوبصورتي سان نڀايا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علي اعجاز مزاح کي هڪ نئون رنگ ڏنو، جڏهن ٽريجڊي ڪردار ڪيا ته ڪيترائي سال گذرڻ بعد به ماڻهو ان کي نه وساري سگهيا. چوڌاري فواد حسين دعا ڪئي ته مرحوم کي الله تعاليٰ جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر ڏي.

اداڪار علي اعجاز77ورهين جي ڄمار۾لاڏاڻو ڪري ويو

اداڪار علي اعجاز

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان جي مشهور اداڪار علي اعجاز 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، علي اعجاز ڪافي عرصي کان دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار علي اعجاز لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، علي اعجاز 1961ع ۾ فلم “ انسانيت” سان فني دنيا ۾ پهريون قدم رکيو، سندس مشهور فلمن ۾ “سالا صاحب”، دبئي چلو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن، هو مزاحيه اداڪار طور گهڻو مشهور ٿيو، اداڪار علي اعجاز فلمن کانسواءِ ٽي وي ڊرامن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، “ خواجا اينڊ سنز”، “کوجي” ۽ “ شيدا ٽلي” ڊرامن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو، علي اعجاز جي لاڏاڻي سان فني دنيا ۾ سوڳ پکڙجي ويو

اداڪار ڪمال احمد رضوي کي مداحن کان وڇڙي 3 ورهيه ٿي ويا

ناميارو ٽي وي اداڪار ڪمال احمد رضوي

لاهور (شوبز ڊيسڪ) نامياري ٽي وي اداڪار ۽ ڊرامي ”الف نون“ جي آفاقي ڪردار علڻ سان شهرت ماڻيندڙ ڪمال احمد رضوي کي مداحن کان وڇڙي 3 ورهيه وهامي ويا. مشهور مزاحيه فنڪار ڪمال احمد رضوي 1930 ۾ ڀارت ۾پيدا ٿيو، هن اداڪاري سان گڏ ڪيترائي يادگار ڊراما لکيا، هدايتڪاري ۾ پاڻ مڃايو ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ لکيل ڪتابن جا ترجما ڪيا، ڪمال احمد رضوي فلم انڊسٽري ڏانهن به ويو پر اتي سندس دل نه لڳي. ڪامل رضوي ٻارڙن جو ادب به لکيو ۽ بي بي سي اردو سروس سان به سلهاڙيل رهيو. ان سان گڏ هو مشهور رسالي ۾ايڊيٽر به رهيو. ڪمال احمد رضوي 17 ڊسمبر 2015 تي دل بيهڻ سبب مداحن کان وڇڙي ويو، سندس لاڏاڻي بعد ادب ۽ مزاح نگاري جو هڪ باب بند ٿي ويو.

 

پرنيتي ۽ اڪشي جي ”ڪيسري“ جي جهلڪ جاري

پرنيتي ۽ اڪشي جي فلم ”ڪيسري“ جو پوسٽر

 

 

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا جي فلم ”ڪيسري“ جي ڪردار جون پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي. ڀاتي ميڊيا موجب اداڪاره پرنيتي چوپڙا ٽوئيٽر تي فلم ”ڪيسري“ جي پنهنجي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري ڪندي چيو ته ان فلم جو حصو بڻجڻ فخر جهڙي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ اداڪار اڪشي ڪمار، ڪرن جوهر ۽ انوراگ باسو جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته فلمي شوقين ايندڙ سال 21 مارچ تي اها فلم ڏسڻ نه وساريندا. فلم جي عڪسبندي مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پرنيتي چوپڙا پنجاب جي ناري ۽ اڪشي سک جنگجو جو ڪردار نڀائي رهيا آهن.

 

اداڪاري سوڌو ٻين شعبن لاءِ تربيتي ادارا ناهن: حسنه ڀٽي

لاھور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره حسنه ڀٽي چيو آهي ته فلن ڪنهن جي ميراث ناهي، نه ئي ڪا ڊگري شوبز انڊسٽري ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهي. حسنه ڀٽي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اداڪاري سميت ٻين شعبن ۾ تربيت ڏيڻ لاءِ ڪو به ادارو ناهي. هن چيو ته هاڻي ڪجهه سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اداڪاري ۽ فلمسازي پڙهائي پئي وڃي، اهو هڪ سٺو قدم آهي، جنهن سان شوبز ۾ ايندڙ نون ماڻهن کي مدد ملندي.

شادي بعد شخصيت تبديل نه ڪندس: رنوير سنگهه

بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته هو شادي بعد به پنهنجي شخصيت نه مٽائيندو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار جو چوڻ هو ته شادي بعد به هو پنهنجي شخصيت کي تبديل نه ڪندو ۽ نه ئي هو چاهي ٿو ته سندس گهرواري دپيڪا به پنهنجي شخصيت تبديل ڪري. رنوير سنگهه چيو ته شادي هڪ بهترين شيءِ آهي، جنهن بعد هڪ زبردست طاقت محسوس ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ مونکي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. رنوير نوجوانن کي به جلد شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

 

”گاڊزيلا: ڪنگ آف دي مونسٽرز“ جون نيون جهلڪيون جاري

لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) بلاڪ بسٽر گاڊزيلا سيريز جي نئين ايڪشن ڊرامه فلم ”گاڊزيلا؛ ڪنگ آف دي مونسٽرز“ جون نيون جهلڪيون جاري ڪيون ويون. هدايتڪار مائيڪل ڊائوٽري جي هن فلم ۾ اداڪار بريڊلي، وائٽ فورڊ، ملي بوبي برائون، وارا فرميگا، ڪيلي شينڊلر ۽ چارلس ڊينس اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا. فلم جي ڪهاڻي گاڊزيلا نالي ڏندڪٿائي مونسٽر تي ٻڌل آهي، جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر انساني دنيا مان تباهي آڻڻ پهچي ٿو. فلم ايندڙ مارچ مهيني ۾ سينما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

بالي ووڊ شهزادين ڪترينا ۽ دپيڪا پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ورتو

ڪترينا ڪيف ۽ دپيڪا پڊوڪون

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي وڏين اداڪارائن دپيڪا پڊوڪون ۽ ڪترينا ڪيف پاڻ ۾ هلندڙ اختلاف وساري ماضي جو حصو بڻائي ڇڏيا آهن. دپيڪا ۽ ڪترينا وچ ۾ رنبير ڪپور جي معاملي تان اختلاف هلندڙ هئا، پر دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه پاران شادي کانپوءِ اهي سڀ معاملا ماضي جو حصو بڻجي ويا آهن. ڪترينا پاران دپيڪا ۽ رنوير سنگهه جي شادي دعوت ۾ شرڪت پڻ ڪئي، جنهن دوران ڪترينا دپيڪا ۽ رنوير کي مبارڪون ڏنيون. گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي دپيڪا پڊوڪون چيو ته هن ڪترينا سان امن قائم ڪري ورتو آهي، ڪترينا لاءِ هڪ اداڪاره طور وڏي عزت آهي، ڪترينا منهنجي ۽ رنوير جي شادي جي دعوت ۾آئي جنهن لاءِ اسان سندس ٿورائتا آهيون. دپيڪا پڊوڪون ۽ ڪترينا وچ ۾ اختلاف رنبير ڪپور جي معاملي تان هئا، رنبير ڪپور دپيڪا پڊوڪون سان لاڳاپا رکيا هئا، جنهن دوران اوچتو هن ڪترينا ڪيف سان رهڻ شروع ڪري ڏنو، جڏهن ته گذريل سال ڪترينا ۽ رنبير ڪپور وچ ۾ به عليحدگي ٿي وئي.

 

ڀائي جان، شادي ڪڏهن ڪندين؟ شاهه رخ جو سلمان خان کان سوال

بگ باس شو جي قسط دوران شاهه رخ اهڙو سوال ڪرڻ تي ”ڪالر آف دي ويڪ“ بڻيو

 

نئي دهلي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڪنگ شاه رخ خان ريئلٽي شو بگ باس جي ميزبان کي فون ڪري سادي بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي ”ڪالر آف دي ويڪ“ بڻجي ويو. ڀارت جي مشهور ٽي وي پروگرام بگ باس جي سيزن 12 جي قسط ”ويڪ اينڊ ڪا وار“ ۾ ڪنگ خان مهمان طورخاص شرڪت ڪئي. شو جي جهلڪين ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاهه رخ خان پروگرام جي ميزبان دبنگ خان کي فون ڪري ڪجهه وقت اڳ آيل شادي جي صلاح تي ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا.

 

ليجنڊ اداڪار راج ڪپور جي 94هين سالگره ملهائي پئي وڃي

مشهور اداڪار راج ڪپور

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار راج ڪپور جا مداح اڄ سندس 94هين سالگره ملهائي رهيا آهن. 14 ڊسمبر 1924 تي پشاور ۾ جنم وٺندڙ راج ڪپور جو اصل نالو رنبير راج ڪپور هو، سندس والد پرٿوي راج ڪپور مشهور اداڪار ۽ فلمساز هو. 1935 ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور فلم نگري ۾ پير رکندڙ راج ڪپور نه رڳو اداڪاري پر فلمسازي ۽ هدايتڪاري جي ميدان ۾ به پاڻ مڃايو. سندس فلمون ”آواره ۽ بوٽ پالش“ ڪينز فلم فيسٽيول ۾ گولڊن پام ايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيون ويون. ليجنڊ اداڪار راج ڪپور کي 2 نيشنل فلم ايوارڊ ۽ 9 فلم فيئر ايوارڊ مليا. 1988 ۾ راج ڪپور کي فلمسازي بابت هندستان جو وڏي ۾ وڏو اعزاز دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو. راج ڪپور 2 جون 1988 تي دهلي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. راج ڪپور جي هدايتڪار طور آخري فلم ”حنا“ هئي، جيڪا سندس لاڏاڻي بعد ريليز ڪئي وئي، ۽ اها فلم به هٽ وئي.