ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عامر خان سلمان خان کي 53هين سالگرهه تي واڌايون ڏنيون. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار عامر خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي سلمان خان کي جنم ڏهاڙي جون واڌيون ڏيندي نيڪ خواهشن جو پيغام جاري ڪيو.
پيغام ۾ عامر خان لکيو ته ”سلمان سالگره جون تمام گهڻيون واڌايون، هي سال تو لاءِ گذريل سالن کان وڌيڪ بهتري گذري“.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي هن سال جي آخري فلم “سمبا” ريليز ڪئي وئي، فلم ڊسٽريبيوٽرن ۽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته فلم 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي ويندي.
ڪرن جوهر جي پراڊڪشن ۽ روهت شيٽي جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم سمبا ۾ رنوير سنگهه سان گڏ سيف علي خان جي ڌيءُ ساره علي خان مرڪزي ڪردار نڀايو آهي. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب فلم ڊسٽري بيوٽر اڪشي راٿي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سمبا 3 کان 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري بلاڪ بسٽر ثابت ٿيندي.
هن چيو ته سمبا رڪارڊ ٽوڙ ڪمائي ڪري ڪاميابي جي حوالي سان ”چنائي ايڪسپريس“ کي به مات ڏيندي.
هوڏانهن فلمي پنڊت ترن آدرش فلم کي هر حوالي سان فاتح قرار ڏيندي رنوير سنگهه ۽ روهيت شيٽي جي به واکاڻ ڪئي آهي.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان به سلمان خان جي فلمن جي چونڊ جو نڪتو.
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته سلمان خان کي فلمن ۽ جذبن جي سٺي سمجهه آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته فلم ۾ ماڻهو ڇا ڏسڻ پسندا ڪندا. هن چيو ته هڪ دوست طور مون کان پڇندو آهي ته فلم ۾ ڇا آهي؟ ماڻهن کي پسند ايندي يا نه.
ڪنگ خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سلمان کي فلمن جي تمام گهڻي سمجهه آهي.
هوڏانهن تازو ريليز ٿيل شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“۾ سلمان مختصر ڪردار نڀايو.
لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ ماهره خان جي نئين فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جون جهلڪيون جاري ٿيندي ئي فلم تمام گهڻو پسند ڪئي وئي. نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به فلم جي واکاڻ جاري آهي.
فلم جي ڀارتي سليبريٽيز به واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا، سڌارت ملهوترا، ڪرن جوهر ۽ انو راگ ڪيشپ ته جهلڪيون ڏسي فلم بابت خيالن جو اظهار ڪيو، پر هاڻي بالي ووڊ اسٽارز عاليه ڀٽ ۽ سونم ڪپور به فواد خان جي فلم جي واکاڻ ڪندي ٽوئيٽر ڪندي لکيو ته شاندار ٽريلر آهي.
بلال لاشاري جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪاسٽ ۾ فواد خان، ماهره خان، حمائمه ملڪ، حمزه علي عباسي، گوهر رشيد، فارس شفيع، شفقت چيما، نيئر اعجاز ۽ صائمه بلوچ به شامل آهن.
“ايڪس مين ڊارڪ فيونڪس” ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ٿيندي
لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور فلم ايڪس مين سيريز جي نئين فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. “ ايڪسمين، ڊارڪس فيونڪس” جي هدايتڪاري سائمن ڪينبرگ ڏني آهي، جڏهن ته فلم ۾ اداڪاري جا جوهر جيمز ميڪوئي، جينيفر لارينس، نڪولس هالٽ، سوفي ٽرنر ۽ ٻيا هالي ووڊ اسٽارز شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي غير معمولي طاقتن ۽ صلاحيتن جي مالڪ هڪ ٽيم طرف آهي، جيڪا برائي جو رستو اختيار ڪري ٿي، جڏهن ته فلم ۾ ٻي ٽيم سٺائي لاءِ وڙهندي نظر اچي ٿي. مارول اينٽرٽينمينٽ جي فينٽسي ۽ ايڪشن سان ڀرپور ايندڙ سال پيار جي ڏينهن تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) هالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر ايڪش ڪاميڊي سائنس فڪشن فلم سيريز “مين اِن بليڪ” جي ايندڙ فلم “مين اِن بليڪ 4” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون.
هدايتڪاري ايف گيري جي ان نئين فلم جي ڪاسٽ ۾ مرڪزي ڪردار ڪرِس هيمسورٿ ۽ ليام نيسن نڀائي رهيا آهن، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ٽيسا ٿامسپن، ربيڪا فرگيوسن، ايماٿامپسن، سرتاج گريول، مائيڪل برهان ۽ اسٽيفن سميت ٻيا شامل آهن.
فلم جي ڪهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ مخلوق جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن کان دنيا کي بچائڻ لاءِ خلائي مخلوق خلاف ڪارروايون ڪندڙ ايجنسي ميدان تي لهندي آهي.
مداح ان فلم جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن، فلم ايندڙ سال جون مهيني ۾ ڪوليمبيا پڪچرز تحت سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
فيصل آباد (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني فلمي صنعت جي نامياري گلوڪاره ۽ اداڪاره ملڪه ترنم نورجهان جي 18هين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي. ورسي جي موقعي تي ملڪ جي نگار خانن ۽ آرٽس ڪائونسلز ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺايون وينديون ۽ مداحن به کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ خاص تقريبون ڪوٺائيندا.
ملڪه ترنم نورجهان 21 سيٽمپبر 1926 تي قصور ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو الله وسائي هو، نورجهان سندس فلمي نالو هو. هن فلمي ڪيريئر جي شروعات 1935 ۾ “پنڊي دي ڪڙي” سان ڪيو. پاڪستان ٺهڻ بعد هو پنهنجي دور شوڪت حسين رضوي سان گڏ ممبئي کان ڪراچي منتقل ٿي. 1957 ۾ کيس شاندار پرفارمنس سبب صدارتي ايوارڊ، تغمه امتياز۽ بعد ۾ پرائڊ آف پرفارمنس سان به نوازيو ويو.
نورجهان مجموعي طور 10 هزار کان وڌيڪ غزل ۽ گيت ڳايا، جن مان سڀ کان پهريون گانو “ مجهه سي پهلي سي محبت نه مانگ” تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ملڪه ترنم کي ڪاميابي جي نئين سفر تي آندو. ملڪه ترنم ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪامياب اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جن ۾ “ايماندار، پيام حق، سجني ۽ يملا جٽ سميت ٻيون فلمون شامل آهن.
ملڪه ترنم نورجهان 23 ڊسمبر 2000 تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
ڪراچي (شوبز ڊيسڪ)پاڪستان فلمي صنعت لاءِ سال 2108 ڪاروبار ۽ معيار جي حوالي سان سدائين رکيو ويندو. هن سال سڀني پاڪستاني فلمن 150 اسڪرينز ذريعي 250 ڪرڙو رپين کان وڌيڪ ڪمائي جو رڪارڊ جوڙيو.
“جواني ڦر نهي آني 2” سال جي ئي نه پر تاريخ جي سڀ کان ڪامياب فلم ثابت ٿي. ان فلم پهريون ڀيرو 50 ڪروڙ رپين تائين پهتي ۽ سڄي دنيا ۾ 65 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو.
هن سال علي ظفر فلم “طيفا اِن ٽربل” سان پنهنجي پهرين پاڪستاني فلم ڏني، فلم گانن ۽ ايڪشن کان بنا عيد ۽ موڪلن جي مدد جي ڪاميابي نوان رڪارڊ جوڙيا.
پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب اينٽيميٽيڊ فلم “ڊونڪي ڪنگ” نه رڳو باڪس آفيس تي رڪارڊ جوڙيا پر مارڪيٽنگ، نيوز ۽ يوٽيوب تي به پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. فلم سڄي ملڪ ۾ 24 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو.
ٻارن جو ڪو مذهب ناهي، چڱائي ۽ برائي جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهي: نصيرالدين
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي پريشان آهي، سندس چوڻ آهي ته هو ڀارت ۾ پنهنجي ٻارن جي حوالي سان پريشان آهي، سڀاڻي ڪنهن هجوم ٻارن کي روڪي پڇيو ته توهان مسلمان آهيو يا هندو ته هو ڇا جواب ڏيندا. هڪ انٽرويو ۾ هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هن پنهنجي ٻارن کي مذهبي تعليم ناهي ڏني، ڇاڪاڻ ته منهنجو خيال آهي ته چڱائي ۽ برائي جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن انتهاپسند کين روڪي مذهب جي حوالي سان سوال ڪيو ته هو ڪو جواب نه ڏئي سگهندا. ڀارت ۾ انتهاپسندي جو زهر پکڙجي چڪو آهي، جنهن کي قابو ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، هن ملڪ ۾ ڳئون ڪٽڻ تي ردعمل اچي ٿو پر انسان جي قتل تي ڪو به ردعمل نٿو ٿئي.