نئي دهلي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪاميڊين راجپال ياديو جيل ۾ به قيدين کي کلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب راجپال ياديو جيل ۾ هجڻ باوجود پاڻ کي مزاحيه پرفارمنس ڏيڻ کان روڪي نه سگهيو، نئي دهلي جي تهار جيل ۾ هڪ ويهڪ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڀارت جي ڪيترن ئي شاعرن کي گهرايو ويو، شاعرن سان ملاقات دوران راجپال ياديو اسٽيج تي مزاحيه اداڪاري ڪئي، جنهن کي ڏسندي اتي موجود قيدين ۽ جيل اختياريون به کلڻ کي روڪي نه سگهيون. جيل اختيارين جو چوڻ هو ته تهار جيل ۾ وڏي عرصي بعد ڪو مشهور چهرو نظر آيو آهي، اسٽيج تي بالي ووڊ اداڪار کي پرفارم ڪندي ڏسي اتي موجود ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا. هنن چيو ته تهار جيل ۾ سياستدانن، ڪرڪيٽرن، گينگسٽرن ۽ دهشتگردن سميت ڪيتريون ئي شخصيتون قيد ڪاٽي چڪيون آهن، پر گذريل 10 سالن ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو جيل ۾ هڪ مزاحيه اداڪار جي انٽري ٿي آهي.
نالي وارن بالي ووڊ ستارن جي فلم “گلي بواءِ” برلن فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي
ممبئي (شوبز نيوز) نالي وارن بالي ووڊ اسٽارز عاليا ڀٽ ۽ رنوير سنگهه جي ايندڙ فلم گلي بواءِ ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي اعزاز ماڻي ورتو آهي. گلي بواءِ کي برلن انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاريو ويندو. فلم جي هيرو رنوير سنگهه فلم جي حوالي سان خبر کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي چيو ته 69 هين برلن فلم فيسٽيول م گلي بواءِ کي چونڊيو ويو آهي، زبردست. برلن انٽرنيشنل فلم فيسٽيول 7 فيبروري کان 17 فيبروري تائين جاري رهندو. عالمي سطح جي ان سالياني فلم فيسٽيول ۾ هر سال سڄي دنيا مان بهترين چونڊ فلمون ڏيکاريون وينديون. گلي بواءِ کي اڃان تاِن ريليز ناهي ڪيو ويو، فلم مڪمل طور تي تيار آهي ۽ ايندڙ سال فلم کي 14 فيبروري تي ريليز ڪيو ويندو. فلم جي هدايتڪاري زويا اختر ڏني آهي.
بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڌيءُ جو سٺو مستقبل ڏسي رهيو آهيان: سيف علي خان
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان پنهنجي ڌيءُ سارا علي خان جي پهرين فلم ڪيدرناٿ جي ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي ۽ سندس ڪاميابي تي هر هنڌ تعريف ڪري رهيو آهي. سارا علي خان کي فلم انڊسٽري جو نئون اسٽار ڪوٺيو پيو وڃي. سيف علي خان ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سارا ڪيدرناٿ ۾ سندس اميد کان وڌيڪ سٺي اداڪاري ڪئي آهي، مان پنهنجي ڌيءُ لاءِ ڏاڍو خوش آهيان. سندس چوڻ هو ته فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو سارا جو هو ۽ ان پنهنجي پرفارمنس ذريعي فيصلو صحي ثابت ڪيو آهي، سندس بالي ووڊ ۾ روشن مستقبل ڏسي رهيو آهيان. سيف علي خان چيو ته ماڻهن سارا جي اداڪاري جي تعريف ڪري بالي ووڊ سندس آجيان ڪئي آهي. سارا علي خان جي اداڪاري جي سندس ماٽيلي ماءُ ڪرينا ڪپور ۽ سوها علي خان به تعريف ڪئي هئي.