صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. واردات بعد جوابدار فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ڊيرا الهيار جي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار غلام رسول کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
“ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
ڊيرا الهيار ۾ جوابدار غلام رسول فائرنگ ڪري مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کي قتل ڪيو
لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿيو
منهنجو امتحان شروع ٿي چڪو، نتيجو رٽائر ٿيڻ بعد ايندو: چيف جسٽس
عوام فيصلو ڪندو ته ڪيترن واعدن تي عمل ڪيو اٿم: چيف جسٽس ثاقب نثار
ڪي پي جي هيلٿ سسٽم ۾ بهتري ناهي آهي: لاهور ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب

لاهور ( م ڊ ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته منهنجو امتحان شروع ٿي چڪو آهي، جنهن جو نتيجو رٽائرمينٽ کانپوءِ نڪرندو، عوام جي خدمت لاءِ ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ ناهيان ڪندو، چيف جسٽس جي حيثيت ۾ ڪيل وعدن مان ڪيترن تي عمل ڪيو، اهو عوام تي ڇڏيان ٿو.
لاهور ۾ سروسز انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته مان پنهنجي پوري زندگي ۾ انصاف جي حصول لاءِ ڪم ڪيو ۽ زندگي جو مقصد به پنهنجي پيشي سان سچو رهڻ آهي.
چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته پيشوراڻي زندگي ۾ سچي نيت سان ذميواري نڀائڻ به اصل خدمت آهي، منهنجو امتحان شروع ٿي چڪو آهي، جنهن جو نتيجو منهنجي رٽائرمينٽ کانپوءِ نڪرندو.
عبدالغني ۽ انور مجيد جي آءِ ٽي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو
جي آءِ ٽي 294 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا، رپورٽ ۾ انهن جا نالا نه آهن: سُپريم ڪورٽ ۾ جواب
رڪارڊ به رپوٽ ۾ شامل نه آهي، جي آءِ ٽي جي سفارش منظور ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي هوندي: جواب
اسلام آباد (رپورٽر) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار اومني گروپ جي عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي جي آءِ ٽي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. جواب ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪيو وڃي، جي آءِ ٽي وٽ اهڙو ڪوبه بنيادي اختيار نه آهي جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪري، تنهن ڪري جي آءِ ٽي جي ڪنهن به سفارش جي منظوري ڏيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي هوندو. جواب ۾ عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد چيو ته جي آءِ ٽي جن 294 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا، اُنهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جنهن رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو، اُن کي به رپورٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. اسان بيڏوهي آهيون.
بدقسمتي سان ترقي ۾ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون: شاهه محمود قريشي
اسلام آباد (رپورٽر) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ کان هينئر تائين 42 سرمائيداري جا معاهدا ٿيا آهن، بدقسمتي سان اسان ترقي جي ميدان ۾ ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون. اسلام آباد ۾ سفرا جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته غير مستحڪم داخلي صورتحال عوامي سطح تي پاڪستان جي منفي سڃاڻپ جو سبب بڻي، داخلي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اثرائتي پرڏيهي پاليسي جوڙي نه ٿي سگهجي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي رڪارڊ واپاري خسارو ورثي ۾ مليو آهي، قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض گهربل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته 21 هين صدي ايشيا جي صدي آهي، ايشيا ۾ هر سال 476 ارب ڊالرن جي سرمائيداري ٿي رهي آهي. هن چيو ته بدقسمتي اسان اسان ترقي جي ميدان ۾ ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون، اسان پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ هينئر تائين 42 سرمائيداري جا معاهدا ڪيا آهن، گلوبل ٽريڊ ۾ پاڪستان جو شيئر 0.12 سيڪڙو آهي.
پي اي سي اجلاس ۾سياسي گرما گرمي نه رهي، شهباز شريف جي ساڄي شيري رحمان ۽ کاٻي پاسي کان پي ٽي آءِ اڳواڻ ويٺل هو
اسلام آباد: ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ٿيل اجلاس دوران سياسي اختلاف پري پري تائين نظر نه اچي رهيا هئا. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرمين جي شهباز شريف جي ساڄي پاسي کان پيپلز پيارٽي جي شيري رحمان ۽ کاٻي پاسي کان پي ٽي آءِ جي رياض فتيانه ويٺل هو. اجلاس دوران ڪنهن به ميمبر هڪٻئي تي سياسي جملي بازي نه ڪئي ۽ بهتر ماحول ۾ اجلاس مڪمل ٿيو.
ملڪي تاريخ ۾ هن وقت تائين 15 پي اي سي ڪميٽيون قائم ٿي چڪيون
اسلام آباد: ملڪي تاريخ ۾ هن وقت تائين 15 پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيون قائم ٿي چڪيون آهن. شهباز شريف جي سربراهي ۾ قائم ٿيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 15هين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي هوندي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سيڪريٽري ڪميٽي جي تاريخ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ پهرين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 20 مئي 1948ع ۾ قائم ڪئي وئي جيڪا آخري وقت تائين غير موثر رهي. ٻي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي اپريل 1951ع ۾ قائم ٿي جنهن جو چيئرمين ناڻي جو مملڪتي وزير غياث الدين پٺاڻ هيو. ٽين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اپريل 1953ع ۾ قائم ٿي جنهن جو چيئرمين ناڻي جو وزير محمد علي هو، چوٿين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اپريل 1956ع ۾ قائم ٿي جنهن جو چيئرمين ناڻي وارو وزير سيد امجد علي هو. جڏهن ته مارچ 1960ع ۾ ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين ناڻي جو وزير محمد شعيب هو، پنجين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جولاءِ 1965ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين قومي اسيمبلي جو ميمبر نورالامين هو. ٻي ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نومبر 1965ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو به چيئرمين نورالامين هو، ٽئين ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جون 1970ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين ناڻي جو وزير مظفر علي قزلباش هو، ڇهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آگسٽ 1972ع ۾ ٺاهي وئي جنهنجو چيئرمين پهريان ناڻي جو وزير مبشر حسن ۽ بعد ۾ راڻا محمد حنيف خان ٿيو، چوٿين ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مارچ 1978ع ۾ ٺاهي وئي جنهنجو چيئرمين گورنر اسٽيٽ بئنڪ اي جي اين قاضي هو، پنجين ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آگسٽ 1982 ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين غلام اسحاق خان هو، ستين پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي آگسٽ 1985ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين قومي اسيمبلي جو ميمبر صاحبزاده محمد علي شاهه هو. اٺين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مارچ 1989ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين حاڪم علي زرداري هو، نائين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مئي 1991ع م ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين قومي اسيمبلي جو ميمبر حمزه هو، ڏهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آگسٽ 1995ع ۾ ٺاهي وئي ۽ ان جو چيئرمين قومي اسيمبلي ميمبر رائو محمد هاشم خان هو. يارهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مئي 1997ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين حمزه هو. ڇهين ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي آگسٽ 2000ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين ايڇ يو بيگ هو. ٻارهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نومبر 2003ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين ملڪ الهيار خان هو، تيرهين پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي اپريل 2008ع ۾ ٺاهي وئي جنهنجو چيئرمين ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ چوڌري نثار علي خان ٿيو جيڪو 14 ڊسمبر 2011ع تائين چيئرمين رهيو جنهن بعد نديد افضل چن مارچ 2013ع تائين چيئرمين هو. جڏهن ته چوڏهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڊسمبر 2013ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه هو. هي ٻيو ڀيرو هو ته اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ سيد خورشيد شاهه پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو چيئرمين ٿيو. پندرهين پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي تازو ڊسمبر 2018ع جي آخري ڏهاڪي ۾ قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو چيئرمين شهباز شريف ٿيو آهي جنهن ڪالهه پنهنجو ڪم باضابطا طور شروع ڪري ڏنو آهي.
گذريل 8 سالن جا 18 هزار 42 آڊٽ اعتراض التوا ۾ هجڻ جو انڪشاف
اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي پهرئين اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ گذريل 8 سالن جا 18 هزار 43 آڊٽ اعتراض التوا ۾ پيل آهن جن کي موجوده پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي اڪلائڻو پوندو. اجلاس دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گذريل 8 سالن جا آڊٽ اعتراض التوا ۾ پيل آهن جن جو مجموعي تعداد 18 هزار 43 آهي، جن ۾ سال 2010-11 ۾ 937 سال 2011-12 ۾ 2 هزار 403 سال 2012-13 ۾ 2 هزار 729، 2013-14 ۾ 893، سال 2014-15 2 هزار 564، 2015-16 ۾ 2 هزار 484، سال 2016-17 ۾ 2 هزار 935 جڏهن ته 2017-18ع جون 3 هزار 98 آڊٽ پيرائون التوا ۾ آهن.
نئين گاج ڊيم جي اڏاوت: سُپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو
اسلام آباد ( ن پ ا ) سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ فيصل واوڊا پيش ٿيا، چيف جسٽس چيو ته اوهان کي افتتاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، اسان کي ڊيم جي اڏاوت جو ٽائيم فريم ڏيو. وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته پاڻي وسيلن کي خاص اهميت ڏئي رهيا آهيون، ڀاشا ۽ مهمند ڊيم به اسان جي ترجيح ۾ شامل آهن، سنڌ سرڪار کي منڇر ڍنڍ سبب منصوبي تي خدشا آهن، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن. وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته نئن گاج ڊيم لاءِ ناڻي ۽ پاڻي بجلي وارين وزارتن سان رابطو ڪري رهيا آهيون، چيف جسٽس چيو ته ڪابينا ڇا جي هوندي آهي، اوهان پنهنجي ساٿي وزير سان سڌي ڳالهه ڪري سگهو ٿا، پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪيو ويندو، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلو. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته بيوروڪريسي جي معاملن جي ڪري معاملو رولڙي جو شڪار نه ٿئي.
پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن دهشتگرد تنظيم قرار
اسلام آباد (رپورٽر) پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن دهشتگرد تنظيم قرار، سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏي، جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن معاملو تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو يو آهي ته حڪومت فتح الله ۽ ٻين تنظيمن کي به دهشتگرد قرار ڏئي، ترڪي به پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اسلامي سربراهي ڪانفرنس به ان کي دهشتگرد قرار ڏنو، پاڪستان جا ترڪي سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اڪائونٽ منجمند ڪيا وڃن،پاڪستان عالمي سفارتي معاهدن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تنظيم جون سموريون اين او سيز رد ٿيل آهن، تنظيم جا 28 اسڪول ترڪ حڪومت جي سهڪار سان هلندا رهيا.
جي آءِ ٽي رپورٽ، سپريم ڪورٽ جو آصف زرداري ۽ فريال کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم
لاهور (م ڊ) سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ 24 ڊسمبر تي ٿيندڙ جعلي بينڪ اڪائونٽس جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو جنهن موجب عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ذڪر ڪيل ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري تي حڪم امتناع جاري ڪيو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پارڪ لين، پارٿينون ملڪيتن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿي سگهندو، اهڙي ڪنهن به ملڪيت جو خريد ۽ وڪرو نه ٿيندو جنهن ۾ ڪمپنين جو بينيفيشل انٽرسٽ هجي، رپورٽ ۾ ذڪر ڪيل شخصيتن پنهنجو پاڻ کي ملڪيتن کان الڳ ناهن ڪري سگهنديون. سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي جي آءِ ٽي رپورٽ تي جواب جمع ڪرائڻ جو به چيو ويو آهي. حڪم نامي موجب جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ذڪر ڪيل سمورن بينڪ اڪائونٽس جي مانيٽرنگ ٿيندي، سموريون بينڪون ذڪر ڪيل اڪائونٽس جو رڪارڊ محفوظ رکنديون.
مختلف بينڪن ۽ گروپس سان واسطو رکندڙ ماڻهن جا نالا به فهرست ۾ شامل
اسلام آباد: بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد، چيف آفيسر خواجا سلمان يونس سميت اومني گروپ سان واسطو رکندڙ علي ڪمال مجيد، انور ماجد خواجا، نازلي مجيد، نمر مجيد خواجا، محمد عارف خان، حسن بروهي، مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد جا نالا به اي سي ايل ۾ وڌيا ويا. سمٽ بينڪ جي اڳوڻي سربراهه حسين لوائي، ساڳي بينڪ جي موجوده صدر احسن رضا دراني، آپريشن مينيجر ناصر شيخ، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، صدر بلال شيخ، مينيجر ثروت عظيم، مينيجر مختيار احمد، گروپ هيڊ ڪريڊٽ نديم الطاف، نيشنل بينڪ جي هيڊڪارپوريٽ مسعود ڪريم خواجا، نديم الياس، نيشنل بينڪ جي صدر سيد علي رضا، ڪمرشل اينڊ ريٽيل سربراهه عامر صديقي، حوالا ڊيلر بشارت محمود، گئليڪسي ڪنسٽرڪشن ڪي ڊاڪٽر دنشا، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، سي اي او پاڪ ايٿنل طاهر محمود، بلڊر محمد وسيم، پارڪ لين لميٽڊ جي محمد يونس، بلڊر نعيم احمد خان ۽ ٻين جا نالا شامل ڪيا ويا
سنڌ جي موجوده توڙي اڳوڻن ڪامورن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل
اسلام آباد: مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ سُپريم ڪورٽ طرفان جُڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ آڌار وفاقي سرڪار طرفان اي سي ايل ۾ شامل ڪيل نالن جي فهرست سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪامورن جا نالا به شامل آهن. توانائي شعبي جي سيڪريٽري آغا واصف، سنڌ بئنڪ جي صدر احسن طارق، ايس اي سي پي جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، سنڌ بئنڪ جو صدر محمد بلال شيخ ۽ ايس ٽي ڊي سي جي سي اي او حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اُن کانسواءِ ايم اي ڪسلنٽنٽ جي سي اي او خورشيد جمالي ۽ پروڪيورڪميٽي جي ميمبر مقصود نقوي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.
جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد ( ن پ ا ) سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ايندڙ سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت نوٽيس جاري ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 31 ڊسمبر سومر ڏينهن ڪندي. سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، زين ملڪ، انور مجيد، عبدالغني مجيد، نمر مجيد ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اٽارني جنرل، جي آءِ ٽي سربراهه ۽ ميمبرن، پراسيڪيوٽر جنرل نيب، آءِ جي سنڌ، آءِ جي جيلز کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا.
سنڌ جي 6 ايم پي ايز جيملڪ ڇڏڻ تي پابندي
اسلام آباد : سنڌ جي موجوده ۽ اڳوڻن وڏن وزيرن کانسواءِ صوبائي وزير ۽ ايم پي ايز به مني لانڊرنگ ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي زد ۾ اچي ويا، سندن نالا به ايل سي ايل ۾ وڌا ويا. وفاقي سرڪار پاران اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 ڄڻن جي فهرست ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، توانائي جي وزير امتياز شيخ، ايم پي اي فريال ٽالپر، علي نواز مهر، مڪيش چاولا جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل سمورن ماڻهن تي پرڏيهه وڃڻ جي پابندي لڳائيندي سندن نالن جي فهرست ملڪ جي سمورن ايئرپورٽ اختيارين ڏانهن اماڻي وئي آهي
ملڪ رياض، قائم علي شاهه، امتياز شيخ، سهيل سيال، مڪيش چاولا، ڊاڪٽر ڊنشا، علي حسن زرداري جي به ملڪ ڇڏڻ تي پابندي
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مني لانڊرنگ بابت جاچ جندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تحت وفاقي سرڪار جن 72 اهم شخصيتن جي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن. اُهي هيٺين ريت ترتيبوار ڏنا ويا آهن. عبدالغني انصاري، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد، پنڪ ريزيڊنسي جي عبدالجبار، سنڌ واسي عبدالمومن ڏاهري، چاچڙ اينڊ سنسز جي عبدالقدوس چاچڙ، ابوبڪر، عديل شاهه راشدي، آفتاب حسين پٺاڻ، توانائي جي سيڪريٽري آغا واصف، احسن احسن، سمٽ بينڪ جي صدر احسن رضا دراني، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، ايس اِي سي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، اومني گروپ جي علي ڪمال مجيد، ايم پي اي علي نواز مهر، عامر پٽ محمد الياس، ڪمرشل اينڊ ريٽيل جي سربراهه عامر صديقي، امجد آفتاب ۽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد خواجا جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا. اشفاق احمد لغاري، ٿڌاڻي انٽرپرائيزز جي اشوڪ چتر ٿڌاڻي، اشرف ڊي بلوچ ڪنسٽرڪشن جي شهزاد جتوئي، اڳوڻي صدر ۽ ايم اين اي آصف علي زرداري، حوالا ڊيلر بشارت محمود، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ، پ پ چيئرمين ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري، دائود خان، دائود مورڪس، احسان علي چوڌري، احسن الاهي، سيد عامر شهزاد، فهد حسين، فهد سلطان احمد، فرمان علي، ايم پي اي فريال ٽالپر، غلام حسين، غلام مصطفيٰ ميمڻ، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل، غلام قادر، غلام النبي، حافظ ربنواز اينڊ ڪمپني جي حافظ ربنواز، حاجي مريد اڪبر، حاجي سراج دين سومرو، حماد شاهد، حارس اينڊ ڪمپني جي حارس ۽ سي اي او ايس ٽي ڊي سي حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا. چيئرمين پي ڊي ايس آءِ ڊي حسن ميمڻ، سمٽ بينڪ جي سربراهه حسين لوائي، عمران حيدر، عمران خان پٽ ظهير خان، عمران منصور علي جيواڻي، سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ، مدني ٽي وي جي اقبال احمد خان، عرفان سليمان، جگديش جڳديش، نياز محمد خان اينڊ برادرس جي جهانزيب خان، جسوت ڪمار، ڪامران علي، ڪنول ڪمار، ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد، خالد حسين، خالد مسعود چنا، اومني گروپ جي چيف آفيسر خواجا ايم سلمان يونس، خدا بخش ڪرٽيو، خرم نياز، سي اي سي ايم اي ڪنسلسٽنٽ خورشيد جمالي، پنڪ ريزيڊنسي جي اسلم قريشي، ايم عمير، گئليڪسي ڪسنٽرڪشن جي ڊاڪٽر ڊنشا ايڇ انڪلسريا، مه جبين فاطمه، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، ڊي جي ايس بي سي اَي منظور قادر ڪاڪا، مسعود نقوي، مسعود الحسن، نيشنل بينڪ جي هيڊ ڪارپوريٽيڊ مسعود ڪريم شيخ، مئراج، محمد منعاف، سنڌ بينڪ جي مينيجر ثروت عظيم، محمد افضل، محمد احسن، محمد اعجاز هارون، محمد اڪمل، ايم اي سي انجنيئرنگ محمد علي چنا جا نالا اي سي ايل جي فهرست ۾ شامل آهن. اومني گروپ جو محمد عارف خان، محمد اسد علي، نور محمد مغل جو پُٽ محمد اشرف مغل، محمد آصف، محمد فيصل پُٽ عبدالحبيب، محمد حنيف پُٽ شڪور، اومني جو ملازم محمد حسن بروهي، محمد عمران، محمد اقبال، ودود انجنيئرنگ جو محمد طيب اقبال، اوسز ڊرلنگ ڪارپوريشن جو محمد جهانگير يوسف، محمد جلال، محمد جاويد علوي، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر محمد اختر احمد، محمد مشتاق پُٽ عبدالعزيز، محمد نعيم، سمٽ بئنڪ جو آپريشن مئنيجر محمد ناصر شيخ، محمد قدير، محمد رديف قريشي، محمد رفيق قريشي، محمد رشيد، محمد ساجد، محمد شبير، محمد شهزاد عالم، محمد سهيل، محمد طاهر محمود، محمد يوسف، وسيم بلڊرز جو محمد وسيم، محمد ياسين، پارڪ لين پرائيويٽ لميٽيڊ جو محمد يونس ڪدوائي، محمد يوسف، محمد يوسف عباسي پُٽ فجو خان عباسي، پنڪ ريزيڊنسي جو محمد يوسف ايڌي، ايم پي اي مڪيش چاولا، اومني گروپ مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد، پيرامائونٽ بلڊرز جو نديم احمد خان، سنڌ بئنڪ جو گروپ هيڊ ڪريڊٽ نعيم الطاف ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو سربراهه نديم انور الياس جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. نديم حاڪم الدين مانڊوي والا، رياض لالجي، نويد اقبال، اومني گروپ جي نازلي مجيد، اومني گروپ جو نمر مجيد خواجه، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس نثار احمد شيخ، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، رائو محمد خالد، صاحبزاده ذيشان رحمان، سيف الدين، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽڊ جو سيد آصف محمود، سجاول خان، ساجد حسين، ساجد عباسي، سلمان سلمان، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومرو، سردار احمد، سعد سُمير، شبير وزير خان، شاهد علي، شاهد علي پُٽ محمد سلطان، شهزاده ڪامران انصاري، شيخ فيض الرحمان پُٽ شيخ منصور الحق، سراج شاهد پُٽ محمد شاهد، ايم پي اي سهيل انور سيال، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت، نيشنل بئنڪ جو صدر سيد علي رضا، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽيڊ سيد عارف علي، سيد اسد عباس زيدي پُٽ توقير حسين زيدي، سيد ڪاشف رضا پُٽ سيد علي نقي اعجاز، وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد نصرت علي پُٽ سيد ثروت علي، علي حسن زرداري پُٽ مير خان زرداري، ايس ٽي ڊي سي ڊائريڪٽر سيد شاهنواز نادر، سيڪريٽري انڊسٽريز سيد ضمير حيدر، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس اومني جو سيد زيشان علي وارسي، طٰحه رضا پُٽ نقي رضا، ايس اي سي پي جو وقت چيئرمين طاهر محمود، ايم بي سي اينڊ سنز جو طارق عزيز چنا، طارق بيگ پُٽ مرزا رب بخش، اي ون انٽرنيشنل جو طارق سلطان، ووڊ انجنيئرنگ جو سي اي او عذير تحسين، سمٽ بئنڪ جو ظهير اسماعيل، ذيشان احمد پُٽ محمد اقبال ۽ ميمبر آر اينڊ ايس (بي او آر) ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايس اي سي پي عابد حسين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.