fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

لاڙڪاڻي ضلعي جي چونڊ رانديگرن جي ٽيم ٺاهي وئي

لاڙڪاڻو: ڊي سي رانديگرن کي ڪٽس ڏيندي

لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ راند کي هٿي وٺرائيندڙ پوليس انسپيڪٽر حق نواز بلوچ طرفان لاڙڪاڻي جي مختلف ڪرڪيٽ ڪلبن جي مڃيل رانديگرن جي چونڊ ڪري لاڙڪاڻو اسٽارز جي نالي سان ڪرڪيٽ ٽيم جوڙي ورتي آهي.
شيخ زيد ڪالوني جي پي سي بي گرائونڊ ۾ تقريب ڪوٺائي چونڊيل رانديگرن ۾ ڪرڪيٽ ڪٽس ورهايون ويون. ان موقعي تي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد نعمان صديق، پريس ڪلب جي صدر ايس اقبال بابو ۽ ٻين طرفان لاڙڪاڻه اسٽارز ٽيم جي رانديگرن محمد صديق ابڙو، عبدالرحيم ابڙو ۽ عبدالستار نوناري سميت ٻين کي ڪرڪيٽ ڪٽس ڏنيون.
تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي محمد نعمان چيو ته لاڙڪاڻي ۾ راندين جي حوالي سان کوڙ مسئلا آهن، مون کي آئي 2 مهينا ٿيا آهن پر ان باوجود گرائونڊن جا رڪيل ترقياتي ڪم شروع ڪرائڻ سان گڏ ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

لاڙڪاڻي ۾ يوم قائد تي ووشو ڪنگفو چيمپئن شپ ڪرائي وئي

لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ قائداعظم ڏهاڙي جي موقعي تي قائداعظم انٽر ووشو ڪنگفو چئمپين شپ ڪرائي وئي. سنڌ جي راندين واري کاتي جي سهڪار سان ڊسٽرڪٽ ووشو ڪنگفو ايسوسئيشن پاران نيو بس ٽرمينل اسپورٽس هال ۾ ڪرايل چيمپئن شپ ۾ لاڙڪاڻي، رتوديرو، لالورائنڪ، گاجي کهاوڙ، ميروخان سميت ٻين شهرن جي رانديگرن حصو ورتو.
چيمپئن شپ ۾ محمد انيس جمالي، عاشق بليدي، آصف لاشاري ۽ توقير حسين لغاري سميت ٻين ڪاميابي ماڻي.
خاص مهمان عبدالجبار ٻگهيو، ووشو ڪوچ مقبول احمد سومرو ۽ ٻين ڪامياب رانديگرن ۾ ٽرافيون، انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، صحتمند سرگرمين ۽ رانديون ڪرائڻ سان راندين جا ميدان آباد ۽ اسپتال ويران ٿينديون آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مستقبل ۾ به اهڙي قسم جا پروگرام ڪرائي جنهن سان نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي.

ڪوٽڙي ۾ آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا مقابلا

پنجاب 7 وڪيٽن تان سنڌ ۽ بلوچستان 9 وڪيٽن تان ڪي پي کي مات ڏني، بلوچستان جي بدر سنچري ٺاهي، سنڌ جي ثناءُ الله 96 رنسون ٺاھيون

ڪرڪيٽ سپر ليگ جا شاندار مقابلا جاري

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا شاندار مقابلا جاري آهن، ڪي پي سنڌ ۽ بلوچستان پنجاب ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڪرايل ٽي ٽوئنٽي سپر ليگ جي ٻئين ڏينهن 2 ميچون کيڏيون ويون. پهرين ميچ ۾ سنڌ ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو، سنڌ مقرر 20 اوررن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 246 رنسون ٺاهيون، جن ۾ثناءُ الله شاندار 96 رنسون ٺاهيون،ڪي پي جي بالرن شاهزيب 2، مطيع الله هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته سنڌ ٽيم جا 3 بيٽسمين رن- آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ ڪي پي جي بيٽسمينن 3 وڪيٽن جي نقصان تي 19 اوررن ۾ 247 رنسن جو هدف ماڻي ميچ کٽي. ايوب خان 47 بالن تي 84 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مطيع الله 21بالن تي 47 رنسون اسڪور ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. سنڌ جي بالرن ظفر اقبال 2 ۽ شفيع الله هڪ وڪيٽ ورتي.
هوڏانهن ٻي ميچ ۾ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ مقابلو ٿيو. پنجاپ ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پنجاب مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنسون ٺاهيون، جن ۾ بيٽسمين رياست علي 44 بالن تي 88 ۽ ڪامران خان 34 بالن تي 54 رنسون ٺاهيون. بلوچستان جي بالرن شاهزيب 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪاشف ۽ اڪرم هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. 2 بيٽسمين رن-آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ بلوچستان ٽيم گهربل هدف 16 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ماڻي ميچ کٽي. بلوچستان جي بيٽسمين بدر منير شاندار سنچري هڻي 120 رنسون ٺاهيون، ڪي پي ڪي جي بالر محسن هڪ وڪيٽ ورتي.

جيڪب آباد ۾ فٽبال رانديگرن جو مظاهرو

فٽبالر سهراب کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رانديگرن مظاهرو ڪيو، شڪايت باوجود گرائونڊ مان گندو پاڻي نه ڪڍيو ويو، 4 ڏينهن کان راند بند آهي: رانديگر

فٽبال گرائونڊ مان پاڻي نه ڪڍڻ خلاف مظاهرو

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ رانديگرن پاران فٽبال گرائونڊ مان نيڪال جو پاڻي نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
فٽبالر سھراب کوسو، ڪليم الله، نذر محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رانديگرن شاهه عبدالطيف ڀٽائي فٽبال گرائونڊ مان نيڪال جو پاڻي نه ڪڍڻ خلاف مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. مظاهري دوران پي ٽي آءِ ايم پي ايم اسلم ابڙو پهچي گرائونڊ مان پاڻي نيڪالي لاءِ خاطري ڪرائي.
رانديگرن جو چوڻ هو ته فٽبال گرائونڊ مان نيڪال جو پاڻي اڃان تائين ناھي ڪڍيو ويو، جنھن سبب چئن ڏينهن کان راند بند آهي. هن چيو ته شڪايت باوجود فيفا جي فٽبال گرائونڊ مان گندو پاڻي نه ڪڍڻ سبب بدبو پکڙجي وئي آهي، ضلعي انتظاميا جو رويو مذمت جوڳو آهي.
رانديگرن راندين واري صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته گرائونڊ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ميونسپل انتظاميه کي حڪم جاري ڪري ته جيئن پنهنجي راند جاري رکي سگهون.
مظاهري دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي اسلم ابڙو رانديگرن سان ڳالهيون ڪيون، پاڻي نيڪال لاءِ اپاءُ وٺڻ لاءِ ڊي سي عمران علي سان رابطو ڪيو، جنهن بعد اسلم ابڙو چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين شھر ۾ صفائي بدران شھرين کي ڏکيايون ڏئي رهيو آهي، فٽبالرن جي شڪايت باوجود ميونسپل عملي جو رويو ڳڻتي جوڳو آهي.

خيرپور ۾ راندين جو هفتو ملهايو ويو، جناح هائوس ٽيم فاتح

مختلف مقابلن ۾ جناح هائوس پهرين، ٽيپو هائوس ٻئين ۽ اقبال هائوس ٽئين پوزيشن ماڻي، ڪاليج جي پرنسيپال احسان علي فاتح ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافي ۽ انعام ورهايا

خيرپور: فاتح ٽيم جون رانديگرياڻيون انعام وٺندي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ راندين جو هفتو شاندار مقابلن سان پڄاڻي تي پهتو. بحريه فائونڊيشن ڪاليج ۾ ڪرايل راندين جي هفتي جي پڄاڻي واري ڏينهن ڇوڪرين جي ٽيمن ۾ ٿرو بال جي فائنل مقابلي جناح هائوس ٽيم 1-2 تان ٽيپو هائوس کي شڪست ڏني.
راندين واري هفتي دوران ڇوڪرن جي ڊوڙ واري مقابلي ۾ ٽيپو هائوس جي آصف گوپانگ پهرين ۽ اميد کنڊ ٻين پوزيشن ماڻي.
مختلف مقابلن بعد پڄاڻي واري تقريب رکي وئي، جنهن ۾ جناح هائوس پهرين، ٽيپو هائوس ٻين ۽ اقبال هائوس ٽئين پوزيشن جو اعلان ڪيو ويو. خاص مهمان ڪاليج جي پرنسيپال احسان علي سھتو ٽيمن ۾ ٽرافي، شيلڊ ۽ ميڊل ورهايا.

شهدادپور ۾ سپرليگ جاري، عباس ۽ الحسيني ٽيمون ڪامياب

عباس اليون حيدري اليون ۽ الحسيني شهباز اليون کي شڪست ڏني، عباس اليون جي زاهد سروري ۽ الحسيني ٽيم جي احمد بروهي بهترين رانديگر جا ايوارڊ ماڻيا

شهداد پور (رپورٽر) شهدادپور ۾ مقصودو محب علي سپر ليگ ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن، کيڏيل ٻن ميچن ۾ عباس اليون ۽ حسيني اليون ٽيمن ڪاميابي ماڻي.
پهرين ميچ ۾ حيدري اليون ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 47 رنسون ٺاهي سگهي، جواب ۾ بيٽسمين زاهد سروري جي30 رنسن جي مدد سان عباس اليون 5 اوورن ۾ هدف ماڻي ميچ کٽي.
ٻي ميچ ۾ شهباز اليون پهرين بيٽگ ڪندي پوري ٽيم 88 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي، جواب ۾بيٽسمين احمد بروهي 45 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم الحسيني کي ڪامياب ڪيو.
حسيني اليون نائين اوور ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري 6 وڪيٽن تان ميچ کٽي. ٻنهي ميچن جي رانديگرن زاهد سروري ۽ احمد بروهي کي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي خاص مهمان حاجي خان رند ۽ محب علي فاتح ٽيمن جي بهترين قرار ڏنل رانديگرن ۾ ميڊل ورهايا. جڏهن ته ٽونامينٽ جون وڌيڪ ميچون خميس ڏهاڙي کيڏيون وينديون.

خيرپور ۾ يوم قائد تي رسا ڪشي جا مقابلا ڪرايا ويا

خيرپور: رسا ڪشي مقابلو کٽيندڙ ٽيم ٽرافي وٺندي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگره جي موقعي تي رسي ڪشي جا مقابلا ڪرايا ويا.
سکر ڊويزن ٽگ آف وار ايسوسيئيشن پاران ڪرايل مقابلن جو فائنل خيرپور ۽ سکر جي ٽيمن جي ۾ ٿيو، سخت مقابلي بعد خيرپور 1-2 تان مقابلو کٽي ورتو.
رسه ڪشي جي مقابلن ۾ سکر ٻئين ۽ گھوٽڪي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ان موقعي تي خاص مهمانن شفقت علي مھيسر ۽ شھمير عباسي کٽندڙ ٽيمن کي ٽرافي ۽ شيلڊ ڏنا.

ڀارت ،آسٽريليا سان باڪسنگ ڊي مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهنديون

ڀارتي ٽيم جا ٻئي اوپنر ٻاهر، جديجا، اگروال ۽ روهت شرما ٽيم ۾ شامل

سٽيو سمتھ ۽ورات ڪوھلي

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ ٽئين باڪسنگ ڊي ٽيسٽ سڀاڻي کيڏي ويندي. ميلبورن ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ڪرسمس جي مناسبت سان باڪسنگ ڊي ٽيسٽ آهي. پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارت آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ۾ ڪينگروز ڀارت کان بدلو ورتو هو. ڀارت ٽئين ٽيسٽ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي تبديليون ڪيون وينديون. اوپنرن مرلي وجي، ڪي ايل راهول ۽ فاسٽ بالر کي کي ٽيم مان ٻاهر ڪري آل رائونڊر رويندرا جديجا کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن هت ميانڪ اگروال پڻ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪندو. روهت شرما صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پڻ ٽيم جو حصو بڻجي ويو آهي. آسٽريليا طرفان پيٽرهينڊزڪمب جي جڳهه تي مچل مارش کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ٽيم ۾ ورات ڪوهلي، اجنڪيا راهاني، ميانڪ اگروال، هنوما وهاري، چتيشور پوجارا، رشڀ پانٽ، رويندرا جديجا، محمد شامي، اشانت شرما ۽ جسپريت ڀمرا شامل آهن. ڪينگروز جي ٽيم ۾ ايرون فنچ، مارڪس هيرس، ڪپتان ٽم پين، عثمان خواجه، شان مارش، مچل مارش، ٽريوس هيڊ، پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، نيٿن ليون، جوش هيزل ووڊ شامل آهن.

مالي بحران سبب پاڪستان هاڪي سپر ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ايندڙ سال 12 کان 19جنوري تائين ليگ ٿيڻي هئي، نئين تاريخ جو اعلان نه ٿيو

ليگ ۾ پرڏيهي رانديگرن شموليت جو يقين ڏيارڻ باوجود سپر ليگ جتي تاريخ تبديل

لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ )پاڪستان هالي فيڊريشن پاران ايندڙ سال رٿيل پاڪستان سپر هاڪي ليگ ملتوي ڪئي وئي آهي. هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر مشهور ڪرائڻ لاءِ فيڊريشن طرفان پي ايڇ ايس ايل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو پر پر هاڻ ان منصوبي کي ملتوي ڪيو ويو آهي، هاڪي ليگ 12 کان 19جنوري تائين رٿيل هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فنڊ نه هئڻ ڪري ليگ ڪرائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. پي ايڇ ايس ايل هاڻ لاهور ۾ مارچ ۾ ٿي سگهي ٿي پر ان حوالي سان حتمي تاريخ اڃان تائين ناهي آئي، ياد رهي ته 12 پرڏيهي رانديگرن پي ايڇ ايف کي ايونٽ ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي هئي.

ايشيا جون وڏيون ٽيمون پهريون ڀيرو هڪ ئي ڏينهن ٽيسٽ ميچون کيڏنديون

ڀارت، پاڪستان ۽ سريلنڪا 26 ڊسمبر تي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ حصو وٺنديون

پاڪستان ڏکڻ آفريڪا، ڀارت آسٽريليا ۽ سريلنڪا نيوزيلينڊ سان مقابلو لاءِ تيار
سر فراز احمد ۽ ورات ڪوھلي

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايشيا کنڊ جون ٽي وڏيون ڪرڪيٽ ٽيمون پهريون ڀيرو هڪ ئي ڏينهن ٻين ملڪن سان مقابلو ڪنديون. 26 ڊسمبر تي ڪرسمس جي حوالي سان تحفي طور باڪس ڏنو ويندو آهي، جنهنڪري 26 ڊسمبر کي باڪسنگ ڊي ڪوٺيو ويندو آهي، جڏهن ته آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ ۾ عيسائي آبادي هئڻ ڪري اتي باڪسنگ ڊي خاص ڏهاڙو آهي، ڪرڪيٽ ۾ به ان ٽيسٽ ميچ رکي ويندي آهي ته جيئن وڌ کان وڌ تماشائين کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ سميت ان کي يادگار بڻائي سگهجي. هلندڙ سال جي باڪسنگ ڊي تي پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا پهريون ڀيرو هڪ ئي ڏينهن ٻن گورن جي ٽيمن ۽ ڏکڻ آفريڪا جي اڌ گورن واري ٽيم سان مقابلو ڪنديون. پاڪستان ڏکڻ آفريڪا سان مقابلو ڪندو، ڀارت آسٽريليا خلاف ميدان ۾ لهي کيس دسڻ جي ڪوشش ڪندي، جڏهن ته سريلنڪا پڻ نيوزيلينڊ خلاف مقابلو ڪندي. اهو پهريون ڀيرو آهي جو ايشيائي ٽيمون هڪ ئي ڏينهن نه صرف ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيون آهن پر باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ پڻ سندن پهرين شرڪت هوندي.

پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي گهر ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا

باڪسنگ ٽيسٽ سينچورين ۾ سڀاڻي کيڏي ويندي، ٽيمن جي پريڪٽس

پاڪستان پهريون ڀيرو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ حصو وٺندو، ڪاميابي لاءِ پرعزم
پاڪستاني ٽيم جا رانديگر پريڪٽس ڪندي

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ سينچورين ۾ باڪسنگ ڊي کان شروع ٿيندي. پاڪستان پهريون ڀيرو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ حصو وٺندو. پاڪستان بينوني ۾ پريڪٽس ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ پراعتماد آهي، جڏهن ته محمد عباس ۽ شاداب خان جي زخمي ٿيڻ سبب پاڪستان ڏکيائين جو شڪار ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم ۾ شامل ٿي ويو آهي. پاڪستان پاران ٽي فاسٽ بالرن سان گڏ ياسر شاهه کي ميدان ۾ لاهيندو. ٻي پاسي ڏکڻ آفريڪا طرفان ويرون فلينڊر جي جڳهه تي ڊيني پيٽرسن کي شامل ڪيو ويو آهي. سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ پاڪستان پاران گذريل ٻن سيريز ۾ ٻه ٽيسٽ ميچ هارايا هئا، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو سپر اسپورٽس پارڪ ۾ رڪارڊ شاندار رهيو آهي، 23 ميچن ۾ 18 ٽيسٽ ميچن ۾ پروٽيز ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، کيس صرف ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست ملي آهي.

نوشهري فيروز ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ مقابلا جاري، يونس ٽيم ميچ کٽي ورتي

يونس ڪرڪيٽ ٽيم مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب کي 94 رنسن تي شڪست ڏني

يوسف قاضي 85 ۽ ڪامران 45 رنسون ٺاهيون، يوسف ميچ جو بهترين رانديگر قرار

نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا جاري آهن. يونس ڪرڪيٽ ڪلب 94 رنسن تان مهراڻ ڪرڪيٽ کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ڊگري ڪاليج جي ميدان تي جاري ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. دعوت ملڻ تي بيٽنگ ڪندي يونس ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي220 رنسون ٺاھيون. يوسف قاضي 48 بالن تي 85 رنسون ۽ ڪامران 22 بالن تي 45 رنسون ٺاھي نمايان رھيا.
220 رنسن جي جواب ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 16 اوورن ۾ 106 رنسن تي ڍير ٿي وئي. يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي آصف 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته احمد سراج ۽ ڪامران 2-2 وڪيٽون ورتيون.
يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين يوسف قاضي کي 85 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

سال 2018 فٽبال جو رھيو راندين ۾ اول نمبر

عالمي ڪپ ۾ دفاعي چيمپئن جرمني کي شڪست ۽ ڪروشيا جي ڪارڪردگي جو هُل رهيو

عالمي چيمپئن بڻجڻ تي فرانس ۾ ڀرپور جشن ملهايو ويو، لوڪا موڊرچ ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو اعزاز ماڻيو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) هونئن ته سموريون رانديون سڄي دنيا ۾ کيڏيون وڃن ٿيون، پر فٽبال کي عالمي سطح تي خاص مقبوليت حاصل آهي، ان راند سان ڪروڙين شوقينن جا دلي جذبا لاڳاپيل آهن.
سال 2018 ۾ به فٽبال سڀ کان گهڻي مشهور راند رهي، سڄي دنيا ۾ مداحن فٽبال راند جي وڏي واکاڻ ڪئي مزو ماڻيو.
2018 ۾ روس ۾ کيڏيل عالمي ڪپ جي فائنل ۾ فرانس ڪروشيا کي شڪست ڏئي عالمي چيمپئن بڻيو.
فيفا عالمي ڪپ 2018 جو فائنل ماسڪو ۾ کيڏيو ويو، جتي 1998 بعد فرانس پنهنجو ٻيون عالمي ڪپ ڪروشيا کي هارائي کٽيو.
ڪروشيا جي ٽيم ان عالمي ڪپ ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندي پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتي هئي، فرانس ۾ ٽيم جي ڪاميابي تي ڀرپور جشن ملهايو ويو.
ٽيم جي آجيان لاءِ روڊن تي ديوانن جا ميڙ هئا، ايونٽ ۾ 22 ڏينهن دوران عالمي ڪپ جون 64 ميچون روس جي 11 شهرن ۾ کيڏيون ويون.
ايونٽ جي شروعات هڪ وڏي اپ سيٽ سان ٿي، جنهن ۾ ميڪسيڪو دفاعي چيمپئن جرمني کي هارائي فٽبال شوقينن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون. ايونٽ سڀني جي فيوريٽ برازيل ڪوارٽر فائنل ۾ پويان پير ڪيا.
ڪروشيا جو لوڪا موڊرچ ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، انگلش ڪپتان هيرين ڪين سڀ کان وڌيڪ 6 گول ڪندڙ رانديگر رهيو، فرانس هاڻي 2022 ۾ قطر ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندو.

سيبسٽين گروسجين فرانس ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر

سيبسٽين گروسجين

پيرس (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻو فرانسيسي رانديگر سيبسٽين گروسجين ٻن سالن لاءِ فرانس ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿي ويو.
40 ورهين جو فرانسيسي رانديگر کي ڪيريئر دوران 4 اي ٽي پي ٽائٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ هن 2010 ۾ عالمي ٽينس تان رٽائرمينٽ ورتي هئي. گروسجين پنهنجي بيان ۾ چيو ته قومي ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿيڻ مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته آئون هر چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيان.
گروسجين 2001 ۾ ڊيوس ڪپ فاتح ٽيم جو حصو هو.

شهدادپور ۾ اسٽوڊنٽ ٽيم انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي

شھدادپور: اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽرافي سان گڏ گروپ فوٽو

سانگهڙ (رپورٽر) شهداد پور ۾ اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم رائل ڪرڪيٽ ٽيم کي شڪست ڏئي انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
عبدالسلام ٿهيم اسٽيڊيم ۾ قادر جوڻيجو جي ياد ۾ ڪرايل پهرين انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ جي 30 اوورن تي ٻڌل فائنل ۾ اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ڪلب پهرين بيٽنگ ڪندي 180 رنسون ٺاهيون.
رائل ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 24 اوررن ۾ 115 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ان موقعي تي خاص مهمان عبدالقادر جوڻيجو ۽ رضا وساڻ فاتح ٽيم جي ڪپتان کي ٽرافي ڏني. ميچ جو بهترين رانديگر ٽنڊو آدم جي ڪاشف پرويز کي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ رائل ڪرڪيٽ ڪلب شهدادپور جي قربان لاکو کي ڏنو ويو.