ساجد ناڊياوالا جي باغي سيريز ۾ ٽائگر شيروف ايڪشن ۾ نظر ايندو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار جيڪي شيروف جو پٽ ٽائيگر شيروف بالي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، سندس فلم باغي سيريز جي ٽئين فلم جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلم جي هدايتڪار ساجد ناڊيا والا پاران فلم کي 2020ع ۾ ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. باغي سيريز جون پهريون ٻه فلمون باڪس آفيس تي ڪامياب ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ باغي ٿري جو اعلان ڪيو ويو. فلم جي هيرو ٽائيگر پاران ٽوئٽر ذريعي فلم جو پوسٽر پڻ جاري ڪيو.
دبئي ۾ “زيرو” جي مشهوري لاءِ شاهه رخ خان مداحن لاءِ پروگرام ڪيو
شاهه رخ دبئي گلوبل وليج سان گڏ مسقط جي سٽي سينٽر به پهچي ويو
دبئي (شوبز نيوز) ڪنگ خان شاهه رخ پنهنجي نئين ايندڙ فلم “زيرو” جي مشهوري لاءِ دبئي پهتل آهي. ڪنگ خان گذريل فلم جي ناڪامي کانپوءِ پنهنجي نئين فلم جي ڪاميابي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ فلم جي مشهوري لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. شاهه رخ خان جي نئين فلم ڪرسمس جي موقعي تي ريليز ٿيندي، جنهن ۾ ڪترينا ڪيف ۽ انوشڪا شرما پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) فلمي دنيا جي سڀ کان ناليواري ۽ اهم ايوارڊ آسڪر ڏيندڙ اداري پرڏيهي ٻولين جي ڪيٽيگرين سميت 9 مختلف ڪيٽيگرين جي فلمن کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو، پاڪستاني فلم پرڏيهي ٻولي واري ڪيٽيگري ۾ نه چونڊجي سگهي. پاڪستان جي آسڪر اڪيڊمي هلندڙ سال 18 سيپٽمبر تي فلم “ڪيڪ” کي پرڏيهي ٻولي جي ڪيٽيگري لاءِ اماڻيو هو. پاڪستاني فلم جو مقابلو دنيا جي 93 ملڪن جي فلمن سان هو. ان ڪيٽيگري ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيائي، يورپي، آفريقي، ۽ وچ اوڀر ۽ آمريڪي ملڪن مان فلمون اماڻيون ويون هيون. جنهن ۾ رڳو پاڪستاني پر ڀارتي فلم به شارٽ لسٽ نه ٿي سگهي. آسڪر اڪيڊمي پرڏيهي ٻولي جي ڪيٽيگري لاءِ مجموعي طور 9 فلمن کي شارٽ لسٽ ڪيو، جن ۾ ڏکڻ ايشيا جي ملڪ جي ڪا به فلم شامل ناهي.
اسلام آباد (شوبز ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد هسين فلم ۽ ٽي وي جي نامياري اداڪار اعجاز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ورسٽائل فنڪار کان محروم ٿي ويو، فن جي دنيا ۾ سندس کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي. هن چيو ته علي اعجاز باصلاحيت اداڪار هو، جنهن مزاحيه ۽ سنجيده ڪردار نهايت خوبصورتي سان نڀايا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علي اعجاز مزاح کي هڪ نئون رنگ ڏنو، جڏهن ٽريجڊي ڪردار ڪيا ته ڪيترائي سال گذرڻ بعد به ماڻهو ان کي نه وساري سگهيا. چوڌاري فواد حسين دعا ڪئي ته مرحوم کي الله تعاليٰ جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر ڏي.
لاهور ( م ڊ ) پاڪستان جي مشهور اداڪار علي اعجاز 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، علي اعجاز ڪافي عرصي کان دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار علي اعجاز لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، علي اعجاز 1961ع ۾ فلم “ انسانيت” سان فني دنيا ۾ پهريون قدم رکيو، سندس مشهور فلمن ۾ “سالا صاحب”، دبئي چلو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن، هو مزاحيه اداڪار طور گهڻو مشهور ٿيو، اداڪار علي اعجاز فلمن کانسواءِ ٽي وي ڊرامن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، “ خواجا اينڊ سنز”، “کوجي” ۽ “ شيدا ٽلي” ڊرامن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو، علي اعجاز جي لاڏاڻي سان فني دنيا ۾ سوڳ پکڙجي ويو
لاهور (شوبز ڊيسڪ) نامياري ٽي وي اداڪار ۽ ڊرامي ”الف نون“ جي آفاقي ڪردار علڻ سان شهرت ماڻيندڙ ڪمال احمد رضوي کي مداحن کان وڇڙي 3 ورهيه وهامي ويا. مشهور مزاحيه فنڪار ڪمال احمد رضوي 1930 ۾ ڀارت ۾پيدا ٿيو، هن اداڪاري سان گڏ ڪيترائي يادگار ڊراما لکيا، هدايتڪاري ۾ پاڻ مڃايو ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ لکيل ڪتابن جا ترجما ڪيا، ڪمال احمد رضوي فلم انڊسٽري ڏانهن به ويو پر اتي سندس دل نه لڳي. ڪامل رضوي ٻارڙن جو ادب به لکيو ۽ بي بي سي اردو سروس سان به سلهاڙيل رهيو. ان سان گڏ هو مشهور رسالي ۾ايڊيٽر به رهيو. ڪمال احمد رضوي 17 ڊسمبر 2015 تي دل بيهڻ سبب مداحن کان وڇڙي ويو، سندس لاڏاڻي بعد ادب ۽ مزاح نگاري جو هڪ باب بند ٿي ويو.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا جي فلم ”ڪيسري“ جي ڪردار جون پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي. ڀاتي ميڊيا موجب اداڪاره پرنيتي چوپڙا ٽوئيٽر تي فلم ”ڪيسري“ جي پنهنجي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري ڪندي چيو ته ان فلم جو حصو بڻجڻ فخر جهڙي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ اداڪار اڪشي ڪمار، ڪرن جوهر ۽ انوراگ باسو جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته فلمي شوقين ايندڙ سال 21 مارچ تي اها فلم ڏسڻ نه وساريندا. فلم جي عڪسبندي مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پرنيتي چوپڙا پنجاب جي ناري ۽ اڪشي سک جنگجو جو ڪردار نڀائي رهيا آهن.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي ڌيءُ ساره علي خان چيو آهي ته اداڪار بنا منهنجي زندگي اڻپوري ناهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره ساره علي خان جو چوڻ هو ته اداڪاري جو مقصد حقيقت پسندي ۽ ان سان سلهاڙيل رهڻ آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته شوقينن منهنجي حقيقت پسندي جي واکاڻ ڪئي پر اداڪاري ۾ جتي داد مليو اتي تنقيد به ٿيندي آهي ۽ اهي ٻئي شيون گڏ هلڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته اداڪاري پسند آهي ۽ اداڪاري بنا منهنجي زندگي اڻپوري آهي، مان اهڙن ڪردارن کي اوليت ڏيندي آهيان، جيڪي دلچسپي جو سبب هوندا آهن. ساره علي خان فلم ”سمبا“ ۾ ادڪار رنوير سنگهه سان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي، جيڪا 28 ڊسمبر تي ريليز ٿيندي.