فيصل آباد (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني فلمي صنعت جي نامياري گلوڪاره ۽ اداڪاره ملڪه ترنم نورجهان جي 18هين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي. ورسي جي موقعي تي ملڪ جي نگار خانن ۽ آرٽس ڪائونسلز ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺايون وينديون ۽ مداحن به کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ خاص تقريبون ڪوٺائيندا.
ملڪه ترنم نورجهان 21 سيٽمپبر 1926 تي قصور ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو الله وسائي هو، نورجهان سندس فلمي نالو هو. هن فلمي ڪيريئر جي شروعات 1935 ۾ “پنڊي دي ڪڙي” سان ڪيو. پاڪستان ٺهڻ بعد هو پنهنجي دور شوڪت حسين رضوي سان گڏ ممبئي کان ڪراچي منتقل ٿي. 1957 ۾ کيس شاندار پرفارمنس سبب صدارتي ايوارڊ، تغمه امتياز۽ بعد ۾ پرائڊ آف پرفارمنس سان به نوازيو ويو.
نورجهان مجموعي طور 10 هزار کان وڌيڪ غزل ۽ گيت ڳايا، جن مان سڀ کان پهريون گانو “ مجهه سي پهلي سي محبت نه مانگ” تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ملڪه ترنم کي ڪاميابي جي نئين سفر تي آندو. ملڪه ترنم ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪامياب اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جن ۾ “ايماندار، پيام حق، سجني ۽ يملا جٽ سميت ٻيون فلمون شامل آهن.
ملڪه ترنم نورجهان 23 ڊسمبر 2000 تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
ڪراچي (شوبز ڊيسڪ)پاڪستان فلمي صنعت لاءِ سال 2108 ڪاروبار ۽ معيار جي حوالي سان سدائين رکيو ويندو. هن سال سڀني پاڪستاني فلمن 150 اسڪرينز ذريعي 250 ڪرڙو رپين کان وڌيڪ ڪمائي جو رڪارڊ جوڙيو.
“جواني ڦر نهي آني 2” سال جي ئي نه پر تاريخ جي سڀ کان ڪامياب فلم ثابت ٿي. ان فلم پهريون ڀيرو 50 ڪروڙ رپين تائين پهتي ۽ سڄي دنيا ۾ 65 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو.
هن سال علي ظفر فلم “طيفا اِن ٽربل” سان پنهنجي پهرين پاڪستاني فلم ڏني، فلم گانن ۽ ايڪشن کان بنا عيد ۽ موڪلن جي مدد جي ڪاميابي نوان رڪارڊ جوڙيا.
پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب اينٽيميٽيڊ فلم “ڊونڪي ڪنگ” نه رڳو باڪس آفيس تي رڪارڊ جوڙيا پر مارڪيٽنگ، نيوز ۽ يوٽيوب تي به پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. فلم سڄي ملڪ ۾ 24 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو.
اسلام آباد (شوبز ڊيسڪ) جهنگي جيوت تي ٻڌل ايني ميٽيڊ فلم “الهيار اينڊ دي ليجنڊ آف مارخور” ڏکڻ ايشيا عالمي فلم فيسٽيول ۾ بهترين فيچر فلم جو ايوارڊ کٽي ورتو.
پاڪستاني اينيميٽيڊ فلم اهو ٻيو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي، جيڪو ڏکڻ ايشيائي عالمي فلم فيسٽيول ۾ ڏسندڙن جي راءِ تي ڏنو ويو. ان کان اڳ ان فلم کي موضوع ۽ ٽيڪنالاجي تحت “مونو لٿ” ايوارڊ سان به نوازيو ويو هو.
فلم جي ٽيم سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جو اعلان ڪندي مداحن کي واڌاين جو پيغام ڏنو ته پاڪستان جي عزت ۾ اضافي سان اسان سڀ تمام گهڻو خوش آهيون.
شاهه رخ خان جي ڪردار جي تعريف به فلم کي بچائي نه سگهي
ايندڙ ٻه ڏينهن فلم جي ڪاميابي يا ناڪامي لاءِ اهم قرار
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان جي نئين ريليز ٿيل فلم زيرو متاثر ڪندڙ ڪاروبار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، فلم پهرين ڏينهن صرف 20 ڪروڙ روپين جو بزنس ڪري سگهي. فلمي نقادن پاران فلم جي ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي ٻوڙي ڇڏيو. فلمي نقادن موجب فلم جي ڪهاڻي ڪمزور آهي، جڏهن ته شاهه رخ خان ۽ ٻين اداڪارن جي جاندار اداڪاري به فلم کي سهارو نه ڏئي سگهي. ايندڙ ٻه ڏينهن فلم تمام گهڻو اهم هوندا، موڪلن هجڻ سبب فلم سٺو ڪاروبار ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ٻڌائي پئي وڃي. فلم جي سٺي مارڪيٽنگ ٿيڻ سبب مشهوري وڌيڪ ماڻي آهي پر اندازي موجب ڪاروبار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
مڪيش امباني جي نياڻي کي سندس ساهرن محل نما گهر ڏنو
ارب پتي جي ڌيءُ جي شادي سال جي بهترين شادي قرار
ممبئي (اينٽرٽينمينٽ) هلندڙ سال جي بهترين شادي قرار ڏني ويندڙ ڀارت جي امير ترين شخص مڪيش امباني جي ڌيءُ کي سندس ساهرن پارن ارب روپين جو محل نما گهر تحفي ۾ ڏنو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشا امباني کي خوبصورت ۽ مهانگي علائقي ۾ پنجاهه هزار فوٽن کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل محل نما گهر ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي وَر آنند پيرامل سان گڏ منتقل ٿيندي. ممبئي ۾ موجود ان گهر جي خاص ڳالهه اها آهي ته اتان ممبئي جو خوبصورت منظر نظر اچي ٿو. ارب روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيل محل کي شيشي توڙي اسٽيل سان تيار ڪيو ويو آهي. ايشا امباني جي گذريل 35 سالن ۾ ٿيندڙ سڀ کان مهانگي شادي قرار ڏني پئي وڃي.
انتهاپسندن نصير الدين شاهه کي غدار قرار ڏيندي ڌمڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو
ڀارتي شهر آهيان، ملڪ جي بهتري لاءِ جيڪو سٺو لڳو، اهو چئي ڏنو: نصير الدين شاهه
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارت ۾ انتهاپسندن نامياري اداڪار نصيرالدين شاهه کي غدار قرار ڏيندي ڌمڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب جڳ مشهور ڀارتي اداڪار نصير الدين شاهه کي انتهاپسند ڌڙن روايتي شدت پسندي جو منهن ڏيڻو پئي رهيو آهي.
اتنهاپسند ڌڙا اداڪار جي سچ تي ٻڌل بيان تي آپي مان نڪري ويا، نصير الدين شاهه کي غدار قرار ڏيندي ڌمڪين تي لهي آيا.
اداڪار نصر الدين شاهه انتهاپسندن جي جواب ۾ چيو ته آئون به ڀارتي شهري آهيان ۽ هڪ فڪرمند ڀارتي جي حيثيت سان مون کي پنهنجي ملڪ جي بهتر مستقبل بابت جيڪو بهتر لڳو اهو چئي ڏنو.
ان کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ نصير الدين شاهه چيو ته ڀارت ۾ رهي پنهنجي ٻارڙڻ لاءِ فڪرمند آهي، ڇاڪاڻ ته هتي ڳئون جي حياتي ڪنهن پوليس اهلڪار جي زندگي کان به وڌيڪ قيمتي آهي.