ممبئي (شوبز ڊيسڪ) مشهور بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي انڪشاف ڪيو آهي ته تعيلم دوران ڪاپي ڪري 75 سيڪڙو مارڪن سان پاس ٿيو هئس، پر اڄ تائين ان عمل تي وڏي شرمندگي آهي. پنهنجي نئين فلم ”چيٽ انڊيا“ جي مشهوري ۾ مصروف اداڪار عمران هاشمي هڪ انٽرويو دوران پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته زندگي ۾ هڪ ڀيرو ڪاپي ڪري پاس ٿيو هئس. هن چيو ته معاشيات جي پرچن جي تياري بلڪل به نه ڪئي هئي، جن ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿيس. اهڙي عمل تي ڳڻتي ڏيکاريندي عمران هاشمي چيو ته اڄ مون کي اهو ٻڌائيندي شرم اچي رهيو آهي، مون کي خبر آهي ته ڪاپي بلڪل به سٺو عمل ناهي، آئون اهو چوندس ته ڪنهن کي به نقل نه ڪرڻ گهرجي.
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته هو شادي بعد به پنهنجي شخصيت نه مٽائيندو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار جو چوڻ هو ته شادي بعد به هو پنهنجي شخصيت کي تبديل نه ڪندو ۽ نه ئي هو چاهي ٿو ته سندس گهرواري دپيڪا به پنهنجي شخصيت تبديل ڪري. رنوير سنگهه چيو ته شادي هڪ بهترين شيءِ آهي، جنهن بعد هڪ زبردست طاقت محسوس ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ مونکي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. رنوير نوجوانن کي به جلد شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اسٽار رنوير سنگهه ۽ سارا علي خان جي فلم “سمبا” جي رومانوي گيت ” تيري بن نهين لگدا دل ميرا “ ريليز ڪيو ويو آهي. سمبا ۾ رنوير سنگهه سان گڏ بالي ووڊ جي ننڍي نواب جي نياڻي سارا علي خان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي ۽ فلم 28 ڊسمبر تي سئنما گهرن جي سونهن بڻجندي. اهو گيت قوالي جي شنهشاهه راڳي استاد نصرت فتح علي خان جو مشهور گيت آهي جنهن کي فلم ۾ ريمڪس ٺاهي پيش ڪيو آهي. تيري بن نهين لگدا دل ميرا جو ريمڪس گيت 3 منٽ 35 سيڪنڊن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ راڳي راحت فتح علي خان پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳايو آهي. گيت کي سوئيزر لينڊ جي خوبصورت وادين ۾ عڪسبند ڪيو ويو آهي جنهن ۾ رنوير سنگهه ۽ سارا ٻئي دلڪش نظر اچي رهيا آهن. تيري بن نهين لگدا دل ميرا گيت کي ريليز ٿيڻ جي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ يوٽيوب تي ٻه لکن کان وڌيڪ مداح ڏسي چڪا آهن. فلم سمبا ۾ سارا ۽ رنوير جي جوڙي پهريون ڀيرو پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي جڏهن ته فلم ۾ سونو سود ۽ آشوتوش راڻا کانسواءِ اجي ديوگن مختصر ڪردار ۾ نظر ايندو. ڪرن جوهر جي پروڊڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم جي هدايتڪاري روهت شيٽي ڏنِي آهي.
فلمساز مڌر ڀنڊارڪرني فلم نالو ”تيمور“ رجسٽرڊ به ڪرائي ڇڏيو
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره ڪرينه ڪپور خان ۽ سيف علي خان جي پٽ جي نالي تي فلم ”تيمور“ ٺاهي ويندي. ڀارتي ميڊيا موجب فلمساز مڌر ڀنڊارڪرني سيف ۽ ڪرينه جي پٽ جي نالي سان فلم جو نالو به رجسٽرڊ ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته فلم جا وڌيڪ تفصيل سامهون نه ناهن آيا. تميور جي ڏاڏي ۽ ماضي جي مشهور اداڪاره شرميلا ٽئگور پنهنجي پوٽي جي وڌندڙ مقبوليت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن تيمور جي شهرت اهڙي طرح وڌندي رهي ته هو عام ٻارن وانگر پنهنجو ننڍپڻ نه جيئي سگهندو. ياد رهي ته اداڪار رنوير سنگهه به تيمور خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي، جڏهن ته اداڪار اجي ديوگن تيمور کي بالي ووڊ انڊسٽري جو سڀ کان مشهور ”خان“ جو لقب ڏنو آهي.
بگ باس شو جي قسط دوران شاهه رخ اهڙو سوال ڪرڻ تي ”ڪالر آف دي ويڪ“ بڻيو
نئي دهلي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڪنگ شاه رخ خان ريئلٽي شو بگ باس جي ميزبان کي فون ڪري سادي بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي ”ڪالر آف دي ويڪ“ بڻجي ويو. ڀارت جي مشهور ٽي وي پروگرام بگ باس جي سيزن 12 جي قسط ”ويڪ اينڊ ڪا وار“ ۾ ڪنگ خان مهمان طورخاص شرڪت ڪئي. شو جي جهلڪين ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاهه رخ خان پروگرام جي ميزبان دبنگ خان کي فون ڪري ڪجهه وقت اڳ آيل شادي جي صلاح تي ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا.