ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ سال 2018 دوران ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڳرا ڏنڊ لڳڻ باوجود ٽرئفڪ جو نظام صحيح نه ٿي سگھيو، شهر جي مک روڊن تي ٽرئفڪ جام معمول بڻيل رهيو، هلندڙ سال دوران حادثن ۾ به گھٽتائي نه آئي. پوليس پاران گھڻو زور ڏنڊ وصولي تي رهيو، سڄي سال دوران 62 ڪروڙ، 22 لک ڏنڊ وصول ڪيو ويو. سال 2018 دوران ڪراچي ۾ دعوائن باوجود ٽرئفڪ نظام ۾ سڌارو نه آيو، شهر جي مک روڊن تي صبح کان سانجھي ويل شديد ٽرئفڪ جام رهي، جنهن ۾ ماڻهن منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو. عام شاهراهون آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهراهه فيصل، ڪورنگي روڊ، ايم اي جناح ۽ يونيورسٽي روڊ سميت ٻين ننڍن وڏن روڊن تي ٽرئفڪ جو شديد دٻاءُ رهيو. ٽرئفڪ پوليس پاران گھڻو زور ڏنڊ جي وصولي تي رهيو، ڪراچي ٽرئفڪ پوليس پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2018 دوران ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي 62 ڪروڙ 22 لک، 50 هزار جو چالان عيوض ڏنڊ وصول ڪيو ويو. 2018 ۾ 25 لک، 66 هزار، 516 چالان ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون. جيڪي 2017 جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيون، اهڙي طرح ون وي ٽوڙڻ تي 8 لک، 22 هزار، 126 چالان ڪيا ويا. هيلمٽ بغير ڊرائيونگ ڪرڻ تي 5 لک، 15 هزار، 143 چالان، ڊرائيونگ لائسنس نه هجڻ تي 20 هزار، 569 چالان، سگنلز ٽوڙڻ تي 32 هزار، 893 چالان، ڊرائيونگ دوران موبائيل هلائڻ تي 13 هزا، 32 چالان ۽ لاپراهي سان ڊرائيونگ ڪرڻ تي 19 هزار 24 چالان ڪيا ويا. اهڙي طرح ڇتين تي ماڻهن کي ويهارڻ تي 8 هزار 352 بسن کي چالان ڪيو ويو، دونهون ڏيندڙ 15 سو 25 گاڏيون به چالان ڪيون ويون ۽ کانئن 62 ڪروڙ، 22 لک، 50 هزار ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه فينسي نمبر پليٽ، غيرقانوني چنگچي رڪشا، ون وي ٽوڙڻ ۽ غلط ڊرائيونگ ڪندڙ ماڻهن کي قلم 279 تحت گرفتار ڪيو ويو پر ان باوجود ٽرئفڪ جو نظام جيئن جو تيئن رهيو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ دعوا ڪئي آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ٽرئفڪ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي، هن چيو ته ميئر جي مدد سان شهر ۾ رڪشا ۽ ٽئڪسي اسٽينڊ به قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ايندڙ سال لاءِ هڪ بهترين ٽرئفڪ پلان جوڙيو ويندو ته جيئن ٽرئفڪ جي ظام ۾ اڃا به وڌيڪ بهتري اچي، شهر ۾ ٽرئفڪ جي بدترين نظام سبب هلندڙ سال دوران 182 وڏا حادثا ٿيا. هلندڙ سال دوران ٽرئفڪ جي بدترين نظام سبب وڏا روڊ حادثا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي معذور ٿيا. ٽرئفڪ پوليس جي رپورٽ موجب ضلعي سائوٿ ۾ 21 وڏا حادثا، سٽي ۾ 6، اوڀر ۾ 34، اولهه ۾ 49، سينٽرل ۾ 26، ڪورنگي ۾ 20، ۽ ملير ضلعي ۾ 26 وڏا روڊ حادثا ٿيا، شاهراهه فيصل تي موٽرسائيڪلن لاءِ الڳ لائين جو ڪو به فائدو نه ٿيو، قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ مقرر عملو اوٻاسيون ڏيندو رهيو. شاهراهه فيصل تي حادثن کي نظر ۾ رکندي موٽرسائيڪل وارن لاءِ الڳ لائين رکي وئي، ڪراچي پوليس چيف جي هدايتن تي موٽرسائيڪل وارن لاءِ الڳ لائين ته ٺهي وئي پر موٽرسائيڪلون مجال آهي ان لائين ۾ هلن، قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ 14 ڪرولا ڪارن ۽ 14 موٽرسائيڪلن تي تربيت يافته عملو مقرر ڪيو ويو پر پوءِ به ڪو فائدو نه ٿيو، موٽرسائيڪل وارا شاهراهه فيصل تي پنهنجي مرضي سان ڊرائيونگ ڪندا رهيا.
ڪراچي پوليس لاءِ ٽريفڪ نظام سڌارڻ وڏو چئلينج، هلندڙ سال چالان جي مد ۾ 62 ڪروڙ وصول
هلندڙ سال به پوليس ٽرئفڪ قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ بيوس نظر آئي، ڪارڪردگي رڳو چالان ڪرڻ تائين محدود
ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي شهرين کان مجموعي طور 62 ڪروڙ 22 لک 50 هزار ڏنڊ عيوض وصول ڪيا ويا
پنوعاقل: تعلقي اسپتال ۾ مختلف ويڪسين سميت سهولتن جي کوٽ
اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجون ڪلينڪس هلائي پيسا ڪمائڻ ۾ رڌل
مهانگيون دوائون غريب مريضن کي نه پيون ملن، غريب ماڻهو دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور
پنوعاقل ( ن پ ا) تعلقي اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ ۽ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين اڻ لڀ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب مريض ۽ وارث دربدر ٿيڻ تي مجبور آهن، اسپتال جي ايمرجنسي لاءِ مقرر ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ بدران ڪلينڪون هلائي ٻنهي هٿن سان رڳو پيسا ڪمائڻ ۾ رڌل آهن.
تعلقي اسپتال ۾ مهانگو دوائون غريبن کي ڏيڻ بدران کين خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، صفائي سٿرائي جو نظام به ناقص هئڻ ڪري مريض توڙي وارث سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، الٽرا سائونڊ لاءِ گائنوڪولاجسٽ به مقرر ڪرڻ بدران سيکڙاٽ ڊاڪٽر مقرر ڪري عوام جي جانين سان کيڏڻ جو سلسلو جاري آهي، سيڪيورٽي مسئلن سبب ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون اسپتال مان چوري ٿي چڪيون آهن.
ايم ايس اسماعيل عباسي چيو ته ڪتي جي چڪ کان بچاءُ سميت ٻين انجيڪشن جي فراهمي لاءِ اختيارين کي لکيو ويو آهي، سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مريضن کي بهتر سهولتون نه ڏنيون ويون ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
ٽنڊي محمد خان جا اڪثر اسڪول اوطاقن ۽ ديرن ۾ تبديل، زبون حال ۽ گهوسٽ اسڪول به موجود
ضلعي جي ٽن تعلقن ۾ ڪيترن ئي اسڪولن اندر ٻارڙا بنيادي سهولتن کان محروم
مختلف علائقن ۾ اسڪول بااثر ماڻهن جي اوطاقن ۽ فصلن جي اپت رکڻ لاءِ ڀانڊن ۾ تبديل
ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ضلعي هيل تائين سرڪار طرفان 840 اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 208 اسڪول رڳو اِن ڪري بند آهن جو اُتي استادن سوڌو ٻيو عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 142 اسڪول اهڙا آهن، جتي عمارت جي اڏاوت مڪلم ناهي ٿي ۽ ٻارڙا شيلٽر ليس اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. اُن کانسواءِ ضلعي ۾ 197 اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن. ضلعي جي سمورن تعلقن مان رڳو ٽنڊو محمد خان شهر ۾ هڪ بوائز ۽ هڪ گرلز اسڪول قائم ڪيل آهي، جتي بيچلر ۽ ماسٽرز جي ڊگري جا به ڪلاس ورتا وڃن ٿا. ضلعي ۾ 2 نينشل ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيل آهن، جتي بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت مستحق ٻارن کي هُنري سِکيا ڏني ويندي آهي. شهر جي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ۾ اٽڪل 800 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿييون، پر ڊگهي عرصي کان اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار هجڻ باوجود عملي سوڌو شاگردن ۾ هر وقت خوف پکڙيل هوندو آهي. هن اسڪول ۾ شفٽن جي حساب سان شاگردن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. سموري ضلعي ۾ رڳو 2 هاير سيڪنڊري اسڪول ۽ 40 سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيل آهن، پر ڳوٺ ڪوڙو خان لاشاري ۾ اهڙي جاءِ تي گرلز اسڪول قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ آبادي ناهي ۽ اُن ڪري ئي اسڪول ۾ ڪابه تعليم نٿي ڏني وڃي، اهڙي ريت يوسف خان چانگ جي گورنمينٽ گرلس ايليمينٽري اسڪول کي پڻ آبادي نه هئڻ سبب تالو لڳل آهي. آبادي کان پري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم ڪيل اسڪولن کي بااثر وڏيرن پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي. اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ضلعي ۾ اهڙا به اسڪول آهن، جتي بااثر وڏيرن جي زمينون آباد ٿيڻ بعد ڪڻڪ توڙي سارين جا ديرا قائم ڪيا ويندا آهن. ضلعي جي هيڊڪوارٽر ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ پرائمري اسڪول قائم نه ٿيل آهي ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ سرڪار هن انتهائي اهم پاسي تي هيل تائين ڌيان ڏنو آهي. نتيجي ۾ بوائز پرائمري اسڪولن ۾ ڇوڪرين کي شفٽن جي حساب سان تعليم ڏني ويندي آهي.، گذريل 13 سالن جي عرصي ۾ ضلعي جي 300 کان وڌيڪ اسڪولن لاءِ سرپ سرپ 1، سرپ 2 ۽ سرپ 3 جي نالي تي هر اسڪول جي چوديواري، باٿ روم، پانيءَ جي ٽينڪس ۽ ٻين سهولتن لاءِ 2 ارب رُپيا جاري ٿي چڪا آهن، پر حقيقت ۾ انهن اسڪولن ۾ اهڙي قسم جون شاگردن لاءِ ڪي به سهولتون نظر نه اچي رهيون آهن. ان حوالي سان ملندڙ ڄاڻ موجب ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقن جي مختلف ڳوٺن علي محمد مير بحر ، گاماڻي خاصخيلي ، لاکاٽ ، ملاڪاتيار ، علي محمد اعواڻ ، شيخ ڀرڪيو، گهرام وساڻ ۽ ستر موري سوڌو مختلف علائقن جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن. جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل ٽنڊو سائينداد جي ڳوٺ علي محمد اعواڻ ۾ تعليم جي حوالي سان ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي، پر اڃا تائين هن اسڪول ۾ مستقبل جا معمار فرنيچر کانسواءِ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اسڪول ۾ پڙهائي حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ رڳو هڪ استاد مقرر ٿيل آهي. جيڪو پنهنجي وِت ۽ وس آهر شاگردن کي سمورا نصاب مضمون پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، ضلعي جو ايجوڪيشن ورڪس کاتو گذريل 10 سالن دوران 6 سو ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻ باوجود تدريسي عمارتون مڪمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ميگا پروجيڪٽ پبلڪ اسڪول 13 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن تي هن وقت تائين 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي پر لاڳاپيل اختيارين جي مجرماڻي سستي ۽ لاپرواهين جي ڪري تعليم جي حوالي سان انتهائي غيرمعمولي منصوبو رولڙي جو شڪار آهي، جڏهن ته ڀٽ ڌڻي جي تڙ ڏاڏي حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي شهر ۾ بوائز ڪاليج جو ڪم به 13 سالن گذرڻ باوجود پورو ناهي ٿي سگهيو. ساڳي ريت ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ ايجوڪيشن ورڪس کاتي پاران تعمير ڪرايل گورنمينٽ بوائز ڪاليج جي بلڊنگ وارو ڪم تعليم کاتي جي بي ڌياني ۽ ڪرپشن سبب هيل تائين شروع ٿي نه سگهيو آهي، سنڌ جي تعليم کاتي سان لاڳاپيل ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ميان تسنيم آرائين جنهن تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪنري مرچ منڊي جي تعمير ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن کانپوءِ نيب ڪورٽ مان ضمانت تي هئڻ باوجود ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترن سالن کان سياسي پشت پناهي سبب مقرر ٿيل آهي، جنهن پنهنجي مخصوص ٺيڪيدار راشد انٽرپرائيز جي نالي تي مختلف اسڪولن جا ٺيڪا کڻي ڪروڙين روپين جي مبينا طور ڪرپشن ڪئي آهي. جڏهن ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر سنڌ سنواريو پروگرام تحت آيل 35 لک روپيه پنهنجي ٺيڪيدار کي گورنمينٽ پرائمري اسڪول نبي بخش پتافي جي تعمير لاءِ جاري ڪيا، جيڪو ڳوٺ زاهد پتافي جي نالي سان ماتلي باءِ پاس تي موجود آهي جو هڪ روپئي جو به ڪم نه ڪرايو آهي. 35 لک اسڪول جي تعمير لاءِ جاري ٿيڻ باوجود اسڪول جو بنياد به نه کنيو ويو آهي، ساڳي پروگرام تحت لائق نظاماڻي ۽ سيدپور جا اسڪول مڪمل ڪرايا ويا آهن، سنڌ سرڪار 2018 ۾ سي ايم اسڪيم تحت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي 82 اسڪولن کي ماڊل اسڪول بنائڻ لاءِ ڪروڙين روپيه جاري ڪيا، جنهن تحت هر اسڪول تي 1 کان 15 لک رُپين تائين خرچ ڪرڻا هئا، پر لاڳاپيل اختيارين عام ماڻهن کي فائدو نه ڏنو ۽ نتيجي ۾ پئسا خرچ نٿ ٿيڻ سبب 2018 ۾ رکيل فنڊز جون رقمون ليپس ٿي ويون. هن اسڪيم تحت 68 پرائمري اسڪول ۽ 14 سيڪنڊري اسڪول ماڊل اسڪول طور تيار ڪيا ويندا، جن ۾ 6 اهم نقطا شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ هر ماڊل اسڪول ۾ 6 ڪمرا، هر ڪلاس الڳ ، هر ڪلاس ۾ الڳ استاد هئڻ لازمي آهن. جڏهن ته ماڊل اسڪول جي بنيادي سهولت ۾ صاف پاڻي ، واش روم ، بائونڊري وال ۽ بجلي جون سهولتون موجود هونديون ، جڏهن ته ميڊيم وائيز هر ٻار کي سرڪاري ڪتاب مهيا ڪيا ويندا ۽ هر ماڊل اسڪول ۾ 17 گريڊ جو هڪ هيڊماسٽر مقرر ڪيو ويندو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري آپا رشيده سومرو چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ استادن جي حاضري وڌي آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مختلف اسڪولن جو پاڻ دورو ڪري سندن مشڪلاتون معلوم ڪريان ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺان، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سي ايم اسڪيم تحت 2018 ۾ ماڊل اسڪول بنائڻ وارو سيڪنڊري جي ڊي او جو ڪم آهي جنهن جي مون کي ڪا به ڄاڻ ناهي. تعليم کاتي ٽنڊو محمد خان جي بائيوميٽرڪ سسٽم جي چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالحليم لغاري ٻڌايو ته بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ اسڪولن ۾ حاضري 100 سيڪڙو آهي، سڄي ضلعي اندر بائيوميٽرڪ ڪندڙ مانيٽرز جو انگ 9 آهي، جيڪي روزاني بنياد تي اسڪولن جو سرپرائيزڊ وزٽ ڪندا آهن، ضلعي ۾ مقرر ڪيل بائيوميٽرڪ مانيٽرز کي سنڌ سيڪريٽريٽ هيڊآفيس مان سڌي ريت ميسيج اچڻ ۽ ڊائريڪشن ملڻ کانپوءِ مقامي سطح تي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته ان کان پهرين ضلعي سطح تي مانيٽرن کي اسڪول وزٽ ڪرڻ جو شيڊول ڏنو ويندو هو جيڪو هيڊآفيس جي مداخلت سبب ان ۾ دشواري پيش اچي رهي آهي.
سامونڊي پٽي تي سائيبيريا کان ڪهي آيل پکين جو شڪار جاري، ڪراچي ۾ پکين جو وڏي پئماني تي وڪرو
جاتي، لاڏيون، چوهڙ جمالي، سجاول، گولاڙچي، بدين، سيراڻي، ڪينجهر ۽ جهرڪ ۾ سودا

ٺٽو: (رپورٽ: غلام محي الدين سومرو ) ٺٽو سجاول ۽ بدين ضلعن جي ساحلي پٽي تي سائبيريا کان هجرت ڪري ايندڙ پرديسي پکين جا ولر پهچڻ شروع ٿي ويا پرڏيهي پکين جو غير قانوني شڪار جاري وائلڊ لائيف کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي، رپورٽ موجب ٺٽو سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقي ۾ وڏي پئماني تي پرڏيهي پکين جو غيرقانوني شڪار شروع ٿي ويو آهي سنڌ حڪومت پاران سياسي آشيرواد تحت مقرر ڪيل وائلڊ لائيف کاتي جا گيم وارڊن خاموش تماشائي بڻيل آهن، وائيلڊ لائف عملي ڏيتي ليتي جي بنياد تي شڪارين کي پکين جي شڪار جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، پکي وڪري لاءِ ڪراچي اماڻيا وڃن پيا ۽ مقامي سطح تي پڻ جاتي، لاڏيون، ڇڇ جهان خان، چوهڙ جمالي، سجاول، گولاڙچي، بدين، سيراڻي، ڪينجهر، جهرڪ، جهمپير، سونڊا ۾ پکين جو غير قانوني وڪرو جاري آهي، نيرڳي پکي 500 روپيا، سوراندو پکي 400 روپيا، چيکلو 150 روپيا، آڙي پکي 100 روپيا ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. رابطو ڪرڻ تي وائيلڊ لائيف کاتي ٺٽو جي ڊسٽرڪٽ سينچري وارڊن عدنان حامد خان ٻڌايو ته وائيلڊ لائيف کاتي وٽ وسلين جي کوٽ، سياسي مداخلت ۽ ڪمزور قانون سبب غيرقانوني شڪار کي روڪڻ مشڪل بڻيل آهي، ماضي ۾ سياسي گيم وارڊن جي ڪري وائيلڊ لائيف کي تمام گهڻو نقصان پهتو، اڪثر شڪاري ڍنڍن ۽ درياهه ۽ ڪچي جي علائقي ۾ شڪار ڪن ٿا اسان جي کاتي وٽ سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ نه فور بائي فور جون هيوي گاڏيون آهن ۽ نه وري ڪي ٻيڙيون موجود آهن جو شڪارين تائين پهچي غيرقانوني شڪار کي روڪي سگهون، ڪينجھر ڍنڍ ۾ پکين جي آمد وارو سلسلو شروع ٿيندي ئي شڪاري به سرگرم ٿي ويا آهن، وانجھار لڳائڻ توڙي ڪيسٽن ذريعي پکين کي ڦاسائڻ وارو سلسلو جاري آهي، جھمپير، ڪينجھر ڍنڍ جي رھواسين محمد ھاشم سولنگي، محمد امين، حبيب الله، يار محمد پينار ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪينجھر ڍنڍ تي سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان ايندڙ پکين جو ڍنڍ ۾ غير قانوني شڪار جاري آھي پکين جي ڍنڍ تي لھڻ شرط ئي شڪارين پاران پکين کي پڪڙڻ ۽ انھن جي نسل ڪشي ڪرڻ لاء اڳواٽ ئي وانجھار ھنئي ويندي آهي. علي بحر، سونڊا، جھمپير، ٺٽو ۾ پکين جو کلي عام وڪرو جاري آھي پر وائلڊ لائيف کاتو اگھور ننڊ ستل آھي ھنن الزام ھنيو ته شڪاري وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جي آشيرواد سان پکين جي نسل ڪشي ڪري رھيا آھن. ھنن وزير اعلي سنڌ، وائلڊ لائيف کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته فورن نوٽيس وٺي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ايندڙ مھمان پکين جو تحفظ ڪري، شڪارين خلاف ڪاروائي ڪري،ڍنڍ ۾ لڳل وانجھار ڪڍرائيون وڃن، سنڌ ۾ ناياب بازن جو غير قانوني شڪار جاري آهي ٺٽو سجاول ۽ بدين جي ساحلي ڪنارن تي ناياب بازن جي شڪار لاءِ 200 کان وڌيڪ شڪارين پنهنجون ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن، جتي باز جو شڪار جاري آهي جڏهن ته انهن شڪارين ڍنڍن تي شڪارين هزار کان وڌيڪ ڄار وڇائي ڇڏيا آهن، چرخ باز 50 لک کان هڪ ڪروڙ ۽ بحري باز 10 لک کان 20 لک روپين ۾ وڪرو ٿيندو آهي مقامي دلال گهٽ پئسن ۾ باز خريد ڪري ڪراچي ۾ وڏي قيمت تي عرب شهزادن کي وڪرو ڪندا آهن، وائيلڊ کاتو في شڪاري ڪيمپ جا 10 هزار روپيا وٺندو آهي باز جي جهلجڻ تي 50 هزار خرچي طور رشوت وٺندا آهن، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ انهن ناياب بازن جي شڪار تي پابندي آهي پر پوءِ به سنڌ جي وائيلڊ لائيف کاتي انهن حوالي سان ڪوبه قدم نه کنيو آهي جڏهن ته وائيلڊ لائيف کاتي جي قانون تحت اهڙي شڪار لاءِ لائسنس هجڻ ضروري آهي پر هي رسم به پوري ناهي ڪئي وئي ۽ سرعام شڪار جاري آهي.
ڪراچي جي ڊاڪس ٿاڻي جو منفرد رڪارڊ، ڪراچي کان ڀارت تائين 6 هزار ميل حد ۾ شامل
ڀارتي مهاڻن جي داخلا، مقامي مهاڻن پاران غيرقانوني شڪار ڪرڻ جا معاملا هٿ هيٺ
آبي جيوت جي نسل ڪشي، جھيڙا ۽ بتيون نه ٻاريندڙ مهاڻن خلاف ڪاروائي لاءِ به ٿاڻو ذميوار
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ڪراچي جو ڊاڪس پوليس ٿاڻو حدن جي حوالي سان سنڌ جي سمورن ٿاڻن کان وڏو ٿاڻو، اونهي سمنڊ ۾ ڀارتي بارڊر تائين 6 هزار مِيل حد ڊاڪس ٿاڻي ۾ اچي ٿي، ڀارتي مهاڻن جي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ، پاڪستان مهاڻن پاران غيرقانوني طور تي مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ، مڇيءَ جي شڪار دوران آبي جيوت جي نسل ڪشي، لانچن ۾ مهاڻن جا جھيڙا ۽ سج لهندي لانچن جون بتيون نه ٻاريندڙ مهاڻن خلاف ڪاروائي ڊاڪس ٿاڻي تي ئي ٿئي ٿي. وڏي حد رکندڙ ٿاڻي تي اهلڪارن جو تعداد ڪراچي جي عام ٿاڻن جيترو ئي آهي. ان سلسلي ۾ “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ته ڪراچي جي ضلعي سٽي جو ڊاڪس ٿاڻو سنڌ جي سمورن ضلعن جي ٿاڻن کان مليل حَدن جي حوالي سان منفرد آهي. ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ نه صرف 6 هزار ميل سمنڊ اندر حد آهي پر خشڪ پٽيءَ ۾ به ڊاڪس ٿاڻي جي حد انتهائي ڊگھي آهي. جيتوڻيڪ ڪياماڙيءَ، ابراهيم حيدري، ميرپور ساڪرو، ٺٽو سميت ٻيا سمنڊ جا ڪنارا ڀرپاسي جي ٿاڻن جي حدن ۾ ۾ ئي اچن ٿا. پر سمنڊ اونهو ٿيڻ شرط ئي ڊاڪس ٿاڻي جي حد شروع ٿي وڃي ٿي. جيڪا سمنڊ اندر ڀارتي دنگ تي ختم ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته سمنڊ اندر ٿاڻي جي حد لڳ ڀڳ 6 هزار مِيلن تائين پکڙيل آهي. پوليس موجب ته سمنڊ اندر لاش ملڻ، مهاڻن جا لانچن ۾ پاڻ ۾ جھيڙا ٿيڻ، ڀارتي مهاڻن جي پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني داخل ٿيڻ سميت ٻين مختلف نوعيتن جا ڪيس ڊاڪس ٿاڻي تي ئي داخل ڪيا وڃن ٿا. ڊاڪس ٿاڻي جي وڏي منشي ارشد چوڌري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سمنڊ اندر ٿيندڙ واقعن جي جاچ کان ويندي سمورا معاملا ڊاڪس پوليس ئي ڏسندي آهي. هن چيو ته سامونڊي فوج صرف واقعن ۾ ملوث ماڻهو اسان جي حوالي ڪندي آهي. پوءِ انهن واقعن جي جاچ، ڪيس داخل ڪرڻ سميت ڏوھ جا سمورا پاسا اسان ڏسندا آهيون. هن چيو ته اسان جي ٽيم ٺٽيءَ ضلعي جي علائقي ميرپور ساڪرو تائين به جاچ ڪرڻ وئي آهي. جتي ٻن هيروئني مهاڻن جو لانچ اندر جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ مهاڻو سمنڊ ۾ ڪِري پيو هو. ان معاملي جي جاچ به ڊاڪس پوليس ڪئي هئي. ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته ٿاڻي جي خشڪ پٽيءَ جا به ڪافي علائقا ڊاڪس جي حد ۾ اچن ٿا. پوليس موجب ته ڊاڪس ٿاڻي لڳ ڀڳ ٻين ٿاڻن کان مليل حدن جي حوالي سان وڏو ۽ منفرد ٿاڻي آهي جنهن جي سامونڊيءَ حد ۾ ڀارت سان لڳي ٿي، 10 سالن کان ڊاڪس پوليس جا پاڻي ۾ بيٺل “ٻيڙا موبائيل” پاڻي پوڻ سبب ڳري ويا، ڪيئي سالن کان پوليس سمنڊ اندر گشت ڪرڻ ڇڏي ڏنو، حدون پوليس جون هجڻ باوجود پوليس هاڻي سمنڊ اندر وڃڻ کان به لنوائي ٿي. رڳو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ تائين محدود پوليس هاڻي پنهنجي سامونڊي حد جو گشت ئي نه ٿي ڪري! ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته ڊاڪس پوليس وٽ سمنڊ ۾ گشت ڪرڻ لاءِ 2 وڏا ٻيڙا هئا. ۽ ان ٻيڙن تي گشت انچارج هڪ اي ايس آءِ ۽ 10 کان مٿي پوليس اهلڪار هوندا هئا. پر گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار “ٽوٻا” نه هجڻ ڪري ٻيڙن ۾ وڃڻ کان به لنوائيندا هئا. جنهن سبب پوليس آهستي آهستي سمنڊ جو گشت گھٽائي ڇڏيو. ۽ آخر ۾ پوليس سمنڊ ۾ بلڪل وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ گشتي ٻيڙا ڪناري تي بيهاري ڇڏيا جيڪي 10 سالن تائين بيٺل هجڻ سبب پاڻي پوڻ ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ سبب ڳري ويا، پورٽ گرينڊ، آمريڪن قونصليٽ سميت ٻيا اهم علائقا ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ هجڻ باوجود نفري عام ٿاڻن جيتري آهي. جنهن ڪري پوليس کي پريشاني به ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪس پوليس موجب ته ٿاڻي کي 7 سب انسپيڪٽر، 17 اي ايس آءِ، 11 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 93 ڪانسٽيبل مليل آهن. جيڪو انگ ٿاڻي جي حد جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي. وڏي منشي ٻڌايو ته آمريڪن قونصليٽ ۽ پورٽ گرينڊ اهم هنڌن آهن جتي سدائين چوڪس رهڻو پوي ٿو. جڏهن ته بيچ لگزري، نيٽي جيٽي پُل، سلطان آباد، ريلوي پٽڙي، ڪي پي ٽي هيڊ آفيس، مڇر ڪالوني، لالا زار ۽ آءِ سي آءِ آءِ پُل به سندن ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿي. ڄاڻايل علائقا بدامني ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان مشهور رهيا آهن. جنهن ڪري گھڻي نفري ڄاڻايل هنڌن تي گشت لاءِ مقرر ٿيل هوندي آهي، ڊاڪس ٿاڻي جي پوليس سال 2018ع ۾ پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني طور تي داخل ٿيندڙ 273 ڀارتي مهاڻن کي مختلف ڪارواين ۾ گرفتار ڪري مٿن مختلف نوعيت جا 19 ڪيس داخل ڪرڻ ۽ 44 لانچون تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. ان حوالي سان ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪستاني مهاڻن مٿان پڻ غيرقانوني قدم کڻڻ تي 1 ڪيس داخل ڪري 21 مهاڻن کي گرفتار ۽ سندن قبضي مان هڪ لانچ هٿ ڪئي وئي آهي.
تاريخي ٺاروشاھ ريلوي اسٽيشن تي قبضا، ڪوارٽرن بعد گرائونڊ تي والار، پٽڙيون چوري ٿي ويون
ريلوي جي بچيل پلاٽن تي قبضا خورن ديرا ڄمائي پڪيون اڏاوتون جوڙي ڇڏيون
مافيا جي سرگرمين سبب هريپور ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل، لکين رپين جو لوهه ۽ اثاثا غائب
ٺاور شاهه (رپورٽ: بشارت سومرو) ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ۽ نامياري راڳي ۽ شاعر ماسٽر چندر جي جنم ڀومي ٺاروشاهه جي تاريخي ريلوي اسٽيشن تي قبضا ٿي ويا آهن. پهريان ريلوي جي ڪواٽرن تي قبضا ڪيا ويا ۽ هاڻي ريلوي جي بچيل پلاٽن تي قبضا خورن ديرا ڄمائي پڪيون اڏاوتون جوڙي ڇڏيون آهن جڏهن ته ريلوي جي سرڪاري پلاٽ جيڪو راندين لاءِ ڇڏيو ويو هيو ان کي به نه بخشيو ويو اتي به بااثر قبضا مافيا هوٽلون ۽ مال جا واڙا قائم ڪري جنڪشن جي سونهن اجاڙي ڇڏي آهي قبضا مافيا جي سرگرمين سبب هريپور جي علائقي ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته ريلوي اسٽيشن جي مالڪي نه ٿيڻ ۽ ريلوي انتظاميا جي بي ڌياني سبب ريل جون قيمتي پٽڙيون ڪيترن ئي ميلن تائين چوري ٿي ويون آهن. سياسي سماجي اڳواڻن رضا محمد بهڻ، علي شير ڪيريو، ظفر چارڻ، مشتاق عباسي، ذاڪر عباسي، نصير ابڙو۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ساهتي پرڳڻي جي خوبصورت تاريخي شهر کي قبضا خور مافيائن بدصورت بڻائي ڇڏيو آهي خاص ڪري اسان جي تاريخي جنڪشن اسٽيشن کي جنهن جي سرڪاري پلاٽن توڙي سرڪاري ڪوارٽرن کي ريلوي پڊعيدن ۽ محرابپور جي عملدارن جي ملي ڀگت ڪري قبضا خورن کان ڳري رشوت ۽ ماهوار منٿلي عيوض قبضا مافيا سرڪاري پلاٽ ۽ سرڪاري ڪوارٽرن کي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو آهي سرڪاري پلاٽن تي ڏينهن ڏٺي جو قبضا ڪري اتي پڪا گهر ۽ هوٽلون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته راندين لاءِ ڇڏيل گرائونڊ ۾ مال جا واڙا ۽ مانڊڙيون رکي ريلوي اسٽيشن جي سونهن هٿ وٺي اجاڙي وئي آهي هنن چيو ته نه ڃاڻ اسان ڪيترائي دفعا احتجاج بک هڙتالون ڪرڻ سان گڏ لکت ۾ ريلوي انتظاميه ۽ پوليس کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪنهن به لڳاپيل انتظاميا بااثر قبضا خورن خلاف نالي ماتر شوڪاز نوٽيس ڪڍي خاموش تماشائي بڻيل آهي، جنڪشن اسٽيشن جيڪا انگريزن جي دور ۾ هلندي هئي، جنهن ۾ انڊيا کان ٺاروشاھ ڄائي نامياري راڳي ماسٽر چندر سن 1955ع سيپٽمبر ۾ سفر ڪري ٺاروشاھ پهتو هو، ٺاروشاھ ريلوي جي سرڪاري ڪاغذن ۾ هن سيڪشن جو آغاز آگسٽ 1929ع ٻڌايو ويو آهي. جيڪو 1991ع جي جولاءِ مهيني ۾ پڄاڻي تي پهتو. انگريز سرڪار طرفان علائقي جي عوام جي سهولت لاءِ ٺهرايل هي ٽريڪ محرابپور کان پڊعيدن 70 ڪلوميٽر، اهڙي ريت پڊعيدن کان ٽنڊوآدم 176 ڪلوميٽرن تي وڇايل هو. انهي جي وچ ۾ 26 ريلوي اسٽيشنون 5 جنڪشن، ٽنڊوآدم، سڪرنڊ، پڊعيدن، ٺاروشاهه ۽ محرابپور هيون. جيڪي 1991ع ۾ سرڪار جي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ٿي ويون. انهن جنڪشنن ۾ 3 ٽنڊوآدم، پڊعيدن ۽ محرابپور ته پنهنجي مين لائين تي هجڻ جي ڪري زندهه رهيون. باقي رهيل 2 ختم ٿي ويون، جنهن ۾ ٺاروشاهه به شامل آهي.
مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند، پنجاب مان ماڻهو گهرائي ڀرتي ڪيا ويا
پڪو ڪرڻ جون شڪايتون ڊي سي ۽ ليبر آفيسر پڻ نظرانداز ڪرڻ لڳا
ڇهن سالن کان ڪم ڪريون پيا پڪو ناهي ڪيو ويو: پورهيت
ڪوٽڙي: صنعتي زون ۾ مقامي ماڻھن لاء پڻ نوگو ايريا بڻيل آھي، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت پورھيتن جي پنجاب جي مختلف شھرن مان گھرايل پورھيتن جي ھجي ٿي جڏھن ته مقامي پورھيت لاء اڪثر ھتان جي ڪارخانن جا گيٽ بند ھجن ٿا. ھوڏانھن پنھنجي حقن جي حاصلات ۽ سالن کان ڪم ڪندڙ پورھيتن کي پڪو ڪرڻ لاء وڏي تعداد ۾ پورھيت ڊي سي ڄامشورو ۽ ليبر آفيسرن وٽ دانھيندا رھن ٿا پر سندن ڪو به داد رسي نه ٿي ٿئي، سائيٽ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ عورت پورھيت مختيار چهواڻ، آزاد قادر پنهور ، وفا بلوچ، شوڪت خاصخيلي ، ممتاز علي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل 6 سالن کان ھڪ ڪاٽن جي ڪارخاني ۾ ٺيڪيداري نظام ھيٺ ڪم ڪريون ٿا 8 کان 10 ڪلاڪ روزانو پورھيو ڪرڻ جي موٽ ۾ 500 روپيه ڏھاڙي ادا ڪئي وڃي ٿي. ھنن موجب ٺيڪيداري نظام تحت ٺيڪيدار ھر ھفتي پئسن جي ادائيگي ڪري ٿو جيڪڏھن بيماري سبب ھو موڪل ڪندا آھيون ته ڏھاڙي ڪٽي ويندي آھي ھنن جو چوڻ ھو ته ٺيڪيدار جڏھن به چاھي ڪم کان جواب ڏئي ڇڏي ٿو باقي سالانه بونس پڪو ٿيڻ علاج وغيره ڪرائڻ سميت ڪا به سھولت مھيسر نه آھي جيڪڏھن ڪو به پورھيت بيمار ٿي پوندو آھي ته ھو پنھنجي خرچ تي علاج ڪرائيندو آھي. مل جو ڪارڊ وغيره به نه ڏنو ويندو آھي، 18 سالن کان گھٽ عمر جي پورھيتن فرقان شيخ، علي رضا سومرو، سرمد سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته غربت سبب ڪارخانن ۾ ڪم ڪريون ٿاڦٽين جي ڪارخاني ۾ رنگ کاتي ۾ ڪم ڪريون ٿا جتي ٺيڪيدار 8 ڪلاڪ ڪم ڪرائي 500 روپيه ڏھاڙي ڏيندو آھي جڏھن ته 12 ڪلاڪ عيوض 750 روپيه ملندا آهن، ڪارخانن ۾ ڪم دوران معذور ٿيل پورھيت خالد پنهور، احسان احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندا هئاسين. رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪندي ھٿن جون آڳريون ۽ ھٿ اچانڪ مشين ۾ اچي ويا جنھن سبب معذور ٿي وياسون. ھنن جو چوڻ ھو ته مل انتظاميا رڳو نالي ماتر علاج ڪرايو پر ڪو به معاوضو ادا ڪرڻ بنا گھرن ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۔مهيني ۾ 1500 روپيه ڏنا ويندا آهن، پورھيت اڳواڻن اڪبر ميمڻ، امجد مستوئي، ظهير ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڪارخانن ۾ ليبر قانون تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. اڪثر ڪارخانن ۾ ٺيڪداري راڄ قائم آھي جنھن ڪري پورھيتن کي ڪو به قانوني حق نٿو ملي ھنن چيو ته ڪارخانن ۾ يونين سازي تي پابندي لڳل آھي 2012 جي نئين ليبر آرڊيننس تي به عمل نٿو ڪيو وڃي۔ جيڪڏھن ليبر قانون تي عمل ڪيو وڃي ته پورھيتن کي سمورا حق ملي سگھن ٿا، رابطي ڪرڻ تي وڪيل منصور احمد چنه ٻڌايو ته ڪارخانن ۾ ليبر قانون تي عمل نه ڪرڻ قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آھي ننڍي عمر جي ٻارن کان پورھيو وٺڻ پڻ قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آھي، ليبر ڊائريڪٽر ڄامشورو عبدالصمد سومرو جو چوڻ ھو ته جيڪو به پورھيت شڪايت کڻي اچي ٿو ان جي درخواست تي قانوني قدم کڻون ٿا، ٺيڪيداري نظام سميت ليبر قانون تي عمل ڪرائڻ لاء مل انتظاميا کي ليٽر لکيا آھن ۽ انھن کي ليبر قانون تي عمل ڪرڻ لاء سختي سان ھدايتون ڏنيون آھن، ڪوٽڙي ايسوسيئشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي چيئرمين خليل بلوچ ٻڌايو ته هي سنڌ جو ٻئي نمبر وڏو صنعتي زون آھي هزارين پورهيت ڪم ڪن ٿا، قانون موجب کين سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آھي، بجلي، گيس مهانگي هئڻ سبب ڪيترائي مسئلا پيش اچن ٿا، روڊ رستن سميت ٻيون سهولتون نه هئڻ ڪري ٻاهران انويسٽر نه ٿا اچن وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا لکيو آهي پر ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي پورهيتن کي مڪمل تحفظ ۽ حق ڏنا وڃن ٿا، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن (ر) فريد الدين مصطفيٰ رابطي ڪرڻ تي چيو ته ضلعي ڄامشورو ۾ قائم ڪارخانه ليبر قانون تي عمل ڪرڻ جا پابند آھن، جيڪو به ليبر قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.
”ٺيڪيداري نظام“ ڪوٽڙي سائيٽ جي فيڪٽريز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت بنيادي حقن کان محروم
150 ڪارخانن مان 130 اڃا به هلندڙ، ٺيڪيداري نظام سبب پورهيتن کي ڪي به حق ملي نه سگهيا
مختلف ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي سوشل سيڪيورٽي، اولڊ ايج بينيفٽ سميت ڪي سهولتون نه مليون

ڪوٽڙي )رپورٽ: مجيد پنهور( ڪوٽڙي سائيٽ 1962 ۾ ٻن فيز تي 2175 ايڪڙن تي مشتمل 150 مان ھن وقت 130 جي ننڊا وڏا ڪارخانه هلندڙ آهن ۔ جن ۾ 25 ھزار کان مٿي پورھيت ڪم ڪن ٿا قائم ٿيل انھن ڪارخانن ۾ اڪثريت ڦٽين، جيننگ، سگريٽ، چمڙو، سرف، تارون، بيٽريون، آئل، ڪاغذ، ٽرانسفارمر، هارڊ بورڊ، پکا، چانور، موٽرسائيڪل آئل ۽ اٽي جا ڪارخانا شامل آھن جن ۾ ڊيلي ويجز ۽ ٺيڪيداري نظام رائج ھجڻ سبب ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ پورھيت به پڪا ٿي نه سگھيا آھن جڏھن ته ليبر قانون موجب جيڪو به پورھيت ٽن مھينن تائين ڪنھن به ڪارخاني ۾ پورھيو ڪري ٿو ان کي پڪو ڪرڻ لازمي ھجي ٿو پر ھتي پڪو ڪرڻ ۽ ٻيا حق گھرڻ تي پورھيتن کي نوڪرين کان برطرف ڪيو ٿو وڃي. ليبر قانون تي عمل نه ٿيڻ ڪري پورھيت پڪو ٿيڻ سان گڏ رٽائرمينٽ، پينشن، گريجوئيٽي، سالانه بونس، موڪلن، علاج، تعليم، نياڻين جي شادي لاء ڏاج فنڊ ۽ ٻين بنيادي حقن کان مرحوم آھن. سنڌ حڪومت پورھيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگھار 16 ھزار روپيه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو پر ان تي به ڪٿي ڪٿي عمل ٿي نه سگھيو آھي. ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت ننڍن ٻارن ۽ عورتن جي ھجي ٿي جن کان گھٽ معاوضي تي ڪم ورتو پيو وڃي. ھڪ اندازي موجب ڪوٽڙي جي ڪارخانن ۾ ٽي کان چار هزار ننڍا ٻار ۽ ٻن ھزارن جي لڳ ڀڳ عورتون پورھيو ڪن ٿيون جيڪي دز سبب ٽي بي، ساھ ۽ گلي جي ڪينسر ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا جن جو علاج نالي ماتر ڪرائي کين نوڪرين کان جواب ڏنو وڃي ٿو. ٻئي پاسي ڪارخانن ۾ يونين سازي تي پابندي ھجڻ سبب پورھيت پنھنجن حقن لاء ڪو به آواز اٿاري نه ٿا سگھن. اڪثر ڪارخانن ۾ انتظاميان پاران پاڪيٽ يونين ٺاھيل ھجن ٿيون جيڪي پورھيتن بجاء مل مالڪن جي ترجماني ڪن ٿيون ۔ جڏهن ته ڦٽين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي پورھيتن جا ھٿ ۽ آڳريون ھٿ ۽ ٻانھن مشينن ۾ اچڻ سبب ڪٽجي وڃن ٿا اهڙن پورھيتن کي قانون مطابق مڪمل علاج ڪرائي معاوضو پڻ ادا ڪرڻو ھجي ٿو پر ھتي متاثر ٿيل پورھيتن جو نالي ماتر علاج ڪرائي کين بنا معاوضي گھرن ڏانھن روانو ڪيو وڃي ٿو سنڌ جي ھن ٻئي وڏي صنعتي زون ۾ ليبر ڊاريڪٽر ۔ ليبر آفيسر سميت ليبر عملدار مقرر ھجن ٿا پر اھي پورھيتن جي ڪا به داد رسي ڪرڻ بجاء مل مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري پورهيت لاء ڪو به قدم نه ٿا کڻن.
سنڌ اين ايف سي لاءِ ميمبر نامزد ڪيو آھي : اسد عمر
اسلام آباد )رپورٽر)آخرڪار سنڌ درڪار اين ايف سي ڪميشن لاءِ ميمبر نامزد ڪري ڇڏيو آھي سنڌ صوبي مان نامزدگي بعد وفاقي ناڻي وزارت اٺين اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ ڏھين اين ايف سي ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ سمري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اماڻي ڇڏي آھي ناڻي وزير اسد عمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌ صوبي مان نامزدگي ملي آھي اين ايف سي ڪميشن قائم ڪرڻ لاء سمري صدر کي اماڻي آھي جيئن صدر اين ايف سي ڪميشن قائم ڪري ٿو ،اين ايف سي ڪميشن جو فوري اجلاس طلب ڪيو ويندو هن چيو ته مان ارڙھين ترميم جي حق ۾ آھيان آئين تحت صوبن جو وسيلن ۾ موجود حصو گهٽ نٿا ڪري سگهون پر تمام وڏا خرچ هاڻي به وفاق جي ذمي آھن ارڙھين ترميم تحت جيڪي شعبا صوبن کي مليا آھن انهن تي صوبن کي خرچ ڪرڻ گهرجي ان حوالي سان اين ايف سي ڪميشن ۾ صوبن سان گالھ ٻول ٿيندي ياد رهي ته سنڌ صوبي کان سوا باقي ٽي صوبا اين ايف سي ڪميشن ۾ پهنجا ميمبر نامزد ڪري چڪا ھئا رڳو سنڌ صوبي مان نامزدگي باقي هئي جيڪا ٿي وئي آھي.
اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ ڪشمور پهچندو

ڪشمور)رپورٽر) ڪشمور اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ ڇنڇر ڏهاڙي ڪشمور مزاري هائوس پھچندو،ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان خان مزاري طرفان مانجھاندي جي ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪندو.
خيرپور مان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت بازياب
خيرپور)رپورٽر)15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گودو شاپ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مبينه طور اغوا ڪيل شادي شده ناري مسمات بختيار پٺاڻ کي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خيرپور شهر ڀرسان ڦول باغ وٽان کيس بازياب ڪرائي ورتو آهي جنهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پھچي وئي آهي واضح رهي ته 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت جي ڀاءُ اظهر حسين ڪلهوڙو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس چئن جوابدارن سعيد بروهي، وسيم بروهي، حقنواز ڪلهوڙو ۽ محمد نواز ڪلهوڙو مٿان داخل ڪرايو ھو
مٺي ۾ بک ۽ بدحالي وڌيڪ ٽن ٻارڙن کان حياتي کسي ورتي
مٺي(رپورٽر) سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا موت جو شڪار ٿي ويا آھن. جنهن کان پوءُ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 50 ٿي ويو ۽ هلندڙ سال ٻارن جي فوتگين جو انگ 620 تي پهچي ويو آهي. تازو فوت ٿيل 3 ٻارڙن ۾ 18 مهينن جو ڀيرجي، 17 مهينن جو مدن ۽ چار سالن جو سلمان ساهڙ شامل آھن. اسپتال ۾ وڌيڪ ٻ 40 ٻارڙن کي ميل نيوٽريشن ۽ نرسري وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو آھي . جنهن کان پوءُ اسپتال داخل ٻارن جو انگ 60 ٻڌايو وڃي ٿو.
اومني گروپ ۽ خانگي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڪيئن ملي؟: دلچسپ حقيقت پڌري
ڪراچي)رپورٽر)اومني گروپ ۽ ٻين نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڪيئن ملي،دلچسپ حقيقتون آڏو اچي ويون،پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ڪنهن ميمبر اومني گروپ ۽ ٻين پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو،ڪيپٽو پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ 16 مئي 2017ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو،ذريعن موجب صوبائي وزير ناصر شاهه سان اڪيلائي ۾ ملاقات کان پوءِ خرم شير زمان اهڙي قرارداد پيش ڪئي هئي، انهيءَ حوالي سان سوال اٿي رهيا آهن ته خرم شير زمان اومني گروپ ۽ پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيارڻ جي جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ ڇا ڪا ڊيل ڪئي هئي؟سنڌ اسيمبليءَ 3 جولاءِ 2017 ع تي نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو،14 جولاءِ تي ان وقت جي گورنر محمد زبير بل جي مخالفت ڪئي جنهن بعد 24 جولاءِ 2017 تي ساڳيو ئي ٺهراءُ ٻيهر منظور ڪيو ويو،پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان ڪنهن به مرحلي تي بل جي مخلافت نه ڪئي هئي
گئس بحران:ڪراچي جي صنعتڪارن پاران سومر کان صنعتون بند ڪرڻ جو اعلان
سومر تي هڪ به صنعت نه کلندي،اڱاري تي گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪبو: صنعتڪار

ڪراچي)رپورٽر)ڪراچي جي صنعتڪارن گئس بحران خلاف سومر تي صنعتون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪراچي سائيٽ ايريا صنعتڪار ايسوسيئيشن جي صدر جو چوڻ هو ته گئس بحران سبب صنعتڪارن کي روزانو ٻن کان پنجن ارب روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي،هن چيو ته سومر کان ڪراچيءَ ۾ سموريون صنعتون بند ڪيون وينديون،سومر تي هڪ به صنعت نه کلندي،هن چيو ته اڱاري تي گورنر هائوس ڪراچي آڏو احتجاج ڪيو ويندو،هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گئس جي بحران ڪري صنعتڪارن کي سخت نقصان ٿي رهيو آهي.
راجا خان مھر آصف زرداري کي 4 ڀلوڙ اٺ سوکڙي طور ڏنا

خانپور مھر: گھوٽڪي ضلعي جي ياترا تي آيل اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پ پ ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مھر 4 ڀلوڙ اٺ تحفي ۾ ڏنا. واضح رھي تھ مھر سردار وٽن ايندڙ مھمانن کي ڀلوڙ نسل جا اٺ، گھوڙا ۽ ڳئون تحفي طور ڏيندا رھندا آھن.