fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

امن سڀني جي مفاد ۾ آهي، دوستي جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه

آرمي چيف ڪراچي جي نيول اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي: آءِ ايس پي آر

پاڪستان اڻکٽ قربانين سان امن حاصل ڪيو آهي، دهشتگردن جو خاتمو اڃا باقي آهي

ڪراچي( رپورٽر) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته امن سڀني جي مفاد ۾ آهي ۽ پاڪستان جي دوستي جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪراچي جي نيول اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو.
ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان اڻکٽ قربانين کانپوءِ امن حاصل ڪيو آهي.
هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن امن جي بحالي لاءِ وڏي پئماني تي قربانيون ڏنيون آهن ۽ پنهنجا سر گهوري ملڪ ۾ امن قائم ڪرايو.
جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالاجي جنگ جو انداز تبديل ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ باقي آهي.
پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت ڀارت طرف به دوستي جو هٿ وڌايو آهي، ڳالهيون ئي سمورن مسئلن جو واحد حل آهن، جڏهن ته دوستي جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

سکر، نوشهرو فيروز، پير جوڳوٺ، قاضي احمد، ٽنڊي باگي ۾ ننڍي چونڊ جي تياري مڪمل

پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر، چونڊ سامان پرزائيڊنگ آفيسرن حوالي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، ان حوالي سان سکر، نوشهرو فيروز، پير جوڳوٺ، قاضي احمد، ٽنڊي باگي ۾ ننڍي چونڊ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. پولنگ جو سامان چونڊ عملي کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پولنگ اسٽيشنز ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو.
ان سلسلي ۾ سکر ۾ صرف هڪ يونين ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 4 تي اليڪشن ٿيندي، جنهن ۾ جنرل ڪائونسلر جي لاءِ 5 اميدوارن پيپلز پارٽي جي اميدوار گل محمد خان، تحريڪ انصاف جي اميدوار نعيم محمد خان ۽ آزاد اميدوارن بابر علي، شاهد حسين ۽ محمد فاروق اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
قاضي احمد جي پاڙيسري يونين ڪائونسل گھرام مري ۾ پڻ ھڪ سيٽ جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 3تي اليڪشن ٿيندي. جتي ايس يو پي جي نامزد اميدوار محمد موسي ا جوڻو ۽ پ پ جي نامزد اميدوار نياز حسين مھر ۾ اصل مقابلو آهي. ٽنڊوباگو جي يو سي خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر جي اڳوڻي چئرمين سيد عاقيل شاه بخاري جي وفات بعد خالي ٿيل چئرمين جي سيٽ تي سڀاڻي ضمني چونڊ ٿي رهي آھي. جتي جي ڊي اي جي اميدوار محمد موسي زنگيجو ۽ پ پ جي حاجي علي احمد نظاماڻي وچم مقابلو ٿي رهيو آھي.
نوشهروفيروز جي يونين ڪائونسل ڪوٽ ستابو جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊ ٿيندي،. اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار آصف علي عالماڻي جو مقابلو آزاد اميدوار مير محمد عالماڻي ۽ آزاد اميدوار اختر علي عالماڻي سان آهي. پ پ اميدوار آصف علي عالماڻي کي تير جو نشان، مير محمد عالماڻي کي ٻڪري جو نشان ۽ اختر علي عالماڻي رڍ جو نشان الاٽ ڪيا ويا آھن. جڏهن ته پولنگ جا انتظام سنڀالڻ لاءِ 3 ڊي ايس پيز 7 سب انسپيڪٽر 9 اي ايس آءِ ۽ 150 پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آھي. ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي ڪائونسلر ۽ يوسي راهوجه جي چيئرمين جي خالي سيٽن تي سڀاڻي چونڊون ٿينديون . وارڊ نمبر 4 جي خالي ٿيل ڪائونسلر ۽ يونين ڪائونسل راهوجه جي چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ جي ڊي اي جي سراج الدين کنڀڙو ۽ يوسي راهوجه ۾ پ پ جي ڌڻي بخش جاگيراڻي ۽ جي ڊي اي جي ڪريم الدين ملڪ وچ ۾ مقابلا ٿيندا.

شاھھ رخ خان جي فلم “زيرو” پھرئين ڏينھن ٻوٽو نھ ٻاريو

شاهه رخ خان جي ڪردار جي تعريف به فلم کي بچائي نه سگهي

ايندڙ ٻه ڏينهن فلم جي ڪاميابي يا ناڪامي لاءِ اهم قرار
فلم زيرو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان جي نئين ريليز ٿيل فلم زيرو متاثر ڪندڙ ڪاروبار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، فلم پهرين ڏينهن صرف 20 ڪروڙ روپين جو بزنس ڪري سگهي. فلمي نقادن پاران فلم جي ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي ٻوڙي ڇڏيو. فلمي نقادن موجب فلم جي ڪهاڻي ڪمزور آهي، جڏهن ته شاهه رخ خان ۽ ٻين اداڪارن جي جاندار اداڪاري به فلم کي سهارو نه ڏئي سگهي. ايندڙ ٻه ڏينهن فلم تمام گهڻو اهم هوندا، موڪلن هجڻ سبب فلم سٺو ڪاروبار ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ٻڌائي پئي وڃي. فلم جي سٺي مارڪيٽنگ ٿيڻ سبب مشهوري وڌيڪ ماڻي آهي پر اندازي موجب ڪاروبار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

“آ مولا ڪو بانڊ کلي!” سنڌ جي سياستدانن وٽ بانڊن جا ڀنڊار!

اويس شاھھ، ناصر شاھھ، بجاراڻي ۽ آغا سراج وٽ ڪروڙن جا بانڊز

بانڊ رکندڙ پارليمنٽيرينز

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ جي اڪثر ڪروڙ پتي سياستدانن ۾ انعامي بانڊ کلڻ جون خواهشون گھر ڪري ويون آهن، جنهن ڪري سياستدانن ۾ لکن نه پر ڪروڙن جا بانڊ رکڻ جو رجحان وڌي ويو آهي.
ڪنهن وٽ ڪيترا بانڊ؟ اليڪشن ڪميشن پاران تازو جاري ڪيل اثاثن جي تفصيلن موجب سکر مان چونڊيل صوبائي وزير سيد اويس شاھ وٽ 5 ڪروڙ، صوبائي وزير سيد ناصر شاھ وٽ 3 ڪروڙ 25 لک، اڳوڻي وزير شرجيل انعام ميمڻ وٽ 7 ڪروڙ رپين جا انعامي بانڊ ۽ روڪ رقم موجود آهي. مير شبير بجاراڻي وٽ 2 ڪروڙ اسي لک جا انعامي بانڊ آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد نويد قمر وٽ هڪ ڪروڙ ۽ ريٽا ايشور وٽ 1 ڪروڙ 15 لک جا بانڊ آهن.
سنڌ ۾ مخالف ڌر وٽ بانڊ: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم وٽ 79 لک روپيا انعامي بانڊ ۽ روڪ رقم جي صورت ۾ موجود آهن. سانگھڙ سان واسطو رکندڙ سياستدان حاجي خدابخش راڄڙ وٽ 2 ڪروڙ 75 لک جا انعامي بانڊ آهن. بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پاڻ وٽ 2 ڪروڙ 57 لکن جا انعامي بانڊ ۽ روڪ رقم ڄاڻايا آهن. گهوٽڪي جي سردار علي گوهر مهر ۽ نوشهري فيروز جي غلام مرتضيٰ جتوئي وٽ پنجاھ پنجاھ لکن جا بانڊ آهن. ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي وٽ 25 لک، ايم ڪيو ايم جي سيد وسيم وٽ 42 لک 40 هزار، ٽنڊو الهيار جي عبدالستار بچاڻي وٽ 25 لک 30 هزار جا بانڊ آهن. ڪراچي سان تعلق رکندڙ رشيد گوڊيل وٽ 28 لک، ايم ڪيو ايم جي اقبال محمد علي وٽ هڪ ڪروڙ 30 لک، ساجد احمد وٽ 28 لک، سمن سلطانه جعفري ۽ شازيه صوبيه وٽ پنج پنج لک، شڪارپور سان تعلق رکندڙ ايم پي اي شهريار مهر وٽ 40 لک جا انعامي بانڊآهن.
پيپلز پارٽي جا اڳواڻ به بانڊ رکڻ ۾ اڳڀرا: اهڙيءَ ريت قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاھ وٽ 35 لک، سکر سان واسطو رکندڙ نعمان اسلام شيخ روڪ رقم ۽ پاڻ وٽ موجود انعامي بانڊن جي ڪل رقم 33 لک 28 هزار ڄاڻائي آهي. لاڙڪاڻي جي نذير ٻگهيي وٽ 25 لک، نوابشاھ مان چونڊيل ڊاڪٽر عذرا پيچوهي وٽ 80 لک، نواب وساڻ وٽ 18 لک، پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر وٽ 52 لک، سانگھڙ مان قومي اسيمبلي جي ميمبر روشن جوڻيجي وٽ 21 لک، قومي اسيمبلي جي ميمبر شگفته جماڻي وٽ 73 لک 60 هزار، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو وٽ 25 لک، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني وٽ 1 ڪروڙ 48 لک، عابد ڀيي وٽ 18 لک 60 هزار، جيڪب آباد سان واسطو رکندڙ مير ممتاز جکراڻي وٽ 40 لک، عبدالرئوف کوسي وٽ 50 لک، عبدالستار راڄپر وٽ 18 لک، نواب شاھ جي سيد فصيح احمد شاھ وٽ 30 لک، اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ وٽ اڍائي لک، ايم پي اي نعيم کرل وٽ 5 لک، اڳوڻي صوبائي گھرو وزير سهيل انور سيال وٽ 45 لک، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ عزيز جتوئي وٽ 35 لک، قمبر شهدادڪوٽ مان چونڊيل سنڌاسيمبلي سردار خان چانڊيو وٽ 86 لک 50 هزار، ضياءَ عباس شاھ وٽ 5 لک رپين جا انعامي بانڊ آهن.

بدين ۾ سامونڊي پاڻي جر سان ملي ويو، صاف پاڻي اڻ لڀ، ماڻهن جا گردا فيل، زندگي عذاب

18 لک کان وڌيڪ آبادي کارو ۽ سنکيو مليل پاڻي واپرائڻ تي مجبور، رڳو ڇانوڻي ۾ صاف پاڻي جا پلانٽ لڳل

کارو پاڻي واپرائڻ سبب گردار خراب ٿين ٿا (انچارج ڊائلاسز سينٽر) شاخن ۽ واهن ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو: ايس ڊي او بدين

بدين (رپورٽ: حميد سومرو) بدين ضلعي جي واهن ۾ گندڪچرو موجود هجڻ ۽ صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ ڪري اڌ کان وڌيڪ آبادي جر جو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبورآهي. ضلعي جي 18 لک 25 هزار آبادي جر جو پاڻي واپرائي ٿي ۽ جر جو پاڻي زهريلن بيڪٽيرياز ۽ سنکيو مليل هجڻ ڪري ماڻهو گردا خراب ٿيڻ سوڌو ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. ڳوٺ گل محمد لغاري ۾ هينڊ پمپ مان ڀرپاسي جي علائقن جا ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريندا آهن. ڪينٽ انتظاميا طرفان اُنهي هينڊ پمپ جي پاڻيءَ جا سيمپل چڪاس لاءِ ڪراچي جي ليبارٽري موڪليا ويا، جنهن جي رپورٽ ۾ جر جي پاڻي کي انساني آبادي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو، اُن کانپوءِ بدين ضلعي جي ڪينٽ وارن علائقن ۾ فلٽر پلانٽ لڳايا ويا، پر بدين جا ڪيترائي سول علائقا اهڙا آهن، جتي عام ماڻهو اڃا تائين زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن.
جر زهريلو ٿيڻ جا سبب: ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ تائين ڇوڙ نه ٿيڻ سبب ساحلي پٽي جي ٻين علائقن سان گڏ بدين ضلعي جي جر سان به سمنڊ جو کارو پاڻي ملي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ لڳاتار چاڙهه ڪندو پيو اچي. سمنڊ جي اُنهي چاڙهه جا بدين ضلعي کي نه رڳو جاگرافيائي حوالي سان نقصان ٿي رهيو آهي، پر انساني آبادي به سڌي ريت تمام گهڻو متاثر ٿي رهي آهي.
گردا فيل ٿيڻ جا مريض: سول اسپتال بدين جي ڊائلاسز سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر عبدالسلام خاصخيلي ٻڌايو ته ضلعي جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ 60 اهڙا مريض رپورٽ ٿيا آهن، جن جا گردا جر جو پاڻي واپرائڻ سبب خراب ٿي ويا آهن. انهن 60 مريضن جو هفتي ۾ 2 ڀيرا ۽ڪجهه جو 3 ڀيرا ڊائلاسز ڪيو ويندو آهي. ماهرن موجب جر جو کارو پاڻي لڳاتار واپرائيندڙ ماڻهو کي پهرين هلڪو بُخار ٿئي ٿو، اُن کانپوءِ سندس جسم تي هلڪا نشان ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن، جيڪي وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري وڌي وڃن ٿا ۽ پوءِ آخري مرحلي ۾ اُن ماڻهو جا گردا خراب ٿي ويندا آهن. ڊاڪٽر عبدالسلام ٻڌايو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ ماڻهن کي گهڻو ڪري انهي بيماري يا اُن جي علامتن جي ڄاڻ نه هوندي آهي، تنهن ڪري بيمارين ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ وڪوڙجي وڃڻ بعد ٻهراڙي وارن علائقن جا ماڻهو ڊاڪٽرن جو رُخ ڪن ٿا، نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته اُن بيماري کي تڪڙي علاج سان ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي.
بدين انتظاميا جو موقف: ايس ڊي او بدين محمد اشرف کٽي روزاني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته بدين ضلعي جي ٻهراڙي وارن علائقن کي زرعي توڙي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ شاخن جو پاڻي مُنڍ جي بااثرن روڪي ڇڏيو آهي، مٿان وري شاخن ۾ گٽرن ۽ منڇر جو گدلو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو. ڳوٺاڻا جڏهن اهڙو پاڻي واپرائين ٿا ته لازمي طور اُن مان بيماريون ڪر کڻنديون آهن. گند مليل ۽ سائي رنگ وارو پاڻي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.

واهن تي ڪپڙا ڌوئڻ تي پابندي ۽ گٽر نالا ڍڪڻ وارا حڪم نظرانداز: واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم هڪ سال اڳ قاضيه واهه سوڌو بدين جي مختلف علائقن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ واهن تي ڪپڙا ڌوئڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. هڪ سال گذري ويو پر واٽر ڪميشن جي سربراهه جي حڪمن تي عمل نه ٿيو. انتظاميا جي مجرماڻي سستي سبب قاضيه واهه سوڌو بدين جي مختلف علائقن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ واهن تي ڪپڙن ڌوئڻ جو سلسلو جاري آهي. واٽر ڪميشن جي سربراهه گٽر نالن کي به فوري طور ڍڪڻ جو حڪم ڏنو، پر بدين جي ضلعي انتظاميا ڪن لاٽار ڪئي ۽ اڃا تائين گٽر نالن کي نه ڍڪيو ويو آهي.
بدين جي ڊائلاسز سينٽر ۾ داخل ماتلي واسي پيرسن حاجي حبيب الله نظاماڻي ٻڌايو ته 12 سالن کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا هجڻ باوجود خبر نه پئي، هڪ سال اڳ ڊاڪٽر جي مشوري سان ٽيسٽون ڪرائڻ بعد انڪشاف ٿيو ته منهنجا گردا خراب ٿي ويا آهن. حاجي حبيب الله موجب ڊاڪٽر گردا خراب ٿيڻ جو ڪارڻ جر جي کاري ۽ سنکيو مليل پاڻي جو واهپو ٻڌائي رهيا آهن.
تلهار واسي پيرسن حاجي محمد فاروق روزاني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته پنج سالن کان گردا خراب ٿيڻ واري بيماري سان جهيڙي رهيو آهيان، هفتي ۾ 2 ڀيرا بدين اچي علاج ڪرائيندو آهيان.
سيراڻي واسي 18 ورهين جي نوجوان سومار چانگ موجب جر جو هاڃيڪار پاڻي لڳاتار واپرائڻ سبب منهنجا به گردا خراب ٿي ويا، ڊاڪٽر چون ٿا ته خاندان جي ڪنهن به ڀاتي جو گردو مون سان ميچ نٿو ٿئي، اُهي مون کي گردو عطيو ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، پر گردو مئچ نه ٿيڻ ڪري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهيان. هنن چيو ته جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ کان بچايو وڃي، اسان کي مٺو واهن جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ته جيئن باقي ماڻهو انهن بيمارين کان بچي سگھن.

تحفظ وارو قانون موجود هجڻ باوجود سنڌ ۾ حوا ڄائيون سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ غيرمحفوظ

مڪاني ادارن واري کاتي جا 7، پرائيوٽ سيڪٽر جي ملازمن جا 110، پي آءِ اي ۽ ناڻي کاتي جا 2، 2 ڪيس رپورٽ ٿيا

صوبائي محتسب اعليٰ جو کاتو

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ مختلف وقتن تي قانون آڻڻ باوجود گهريلو تشدد سان گڏ سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جو رجحان گهٽجڻ بدران وڌي ويو، سڀ کان وڌيڪ صحت کاتي ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جون شڪايتون مليون، تعليم، صحت، مڪاني ادارن واري کاتي، ناڻي کاتي سميت ٻين خانگي ادارن ۾ مجموعي طور تي 385 واقعا رپورٽ، نجي ادارا ته عورتن کي حراسان ڪرڻ واري ورهين کان جاري روايت کي برقرار رکيو ويٺا آهن. عورتن کي حراسان ڪرڻ واري رجحان کي روڪي خانگي توڙي سرڪاري ۽ گھريلو ملازم عورتن کي تحفظ ڏيڻ واري اداري صوبائي محتسب ۾ مئي 2012ع کان ڊسمبر 2018ع تائين صحت کاتي، تعليم کاتي، مڪاني ادارن واري کاتي سميت گھريلو ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ وارا مجموعي طور تي 385 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. عورتن جي تحفظ بابت قائم صوبائي محتسب جي ذريعن وٽان مليل دستاويزن موجب سنڌ جي صحت کاتي جي ملازمن پاران ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ جا 85 واقعا، تعليم کاتي جي ملازمن پاران 73، سوشل ويلفيئر کاتي جا 4، روينيو کاتي جا 2، آبپاشي کاتي جو هڪ، مڪاني ادارن واري کاتي جا 7، پرائيوٽ سيڪٽر جي ملازمن جا 110، پي آءِ اي جا 2، ناڻي کاتي جا 2، ميڊيا هائوس جي ملازمن کي آفيسن اندر حراسان ڪرڻ جا 3، اين جي اوز ادارن ۾ 24، گھريلو ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ جا 66، توانائي واري کاتي جو هڪ، لائيو اسٽاڪ کاتي جا 2، بهبود آبادي واري کاتي جو هڪ، سيپڪو (سکر ) جو هڪ ۽ حبيب بئنڪ لمٽيڊ جو به هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ عورتن کي هر قسم جي جسماني ۽ ذهني تشدد کان بچائڻ لاءِ نوان نوان قانون ٺهندا رهيا آهن. پر عورتن کي ذهني تشدد وارن واقعن ۾ گھٽتائي ناهي اچي سگھي. ڪراچي: سنڌ جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن بابت ڪيس تڪڙي بنيادن تي نه اڪلائڻ سبب 40 ڪيس رولڙي جو شڪار ٿيل آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 سالن ۾ رپورٽ ٿيل 385 ڪيسن مان 345 ڪيسن بابت فيصلا ٻڌائي معاملو حل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 40 مختلف ڪيسن بابت ڄاڻايل اداري جي اختيارين پاران ڪو به فيصلو ناهي ٻڌايو ويو جنهن ڪري ڪيس رولڙي جو شڪار بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ صوبائي محستب جي ڪامورن جو چوڻ آهي ته جن سرڪاري ملازم جي اسان جي اداري پاران سزا طور نوڪري ختم ڪرڻ سميت ٻي سزا ڏني وئي آهي. انهن جا نالا ظاهر نه ٿا ڪري سگھون. ڪراچي: عورتن تي تشدد ۽ حراسمينٽ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ قائم ٿيل اداري کي سرڪاري ملازمن جون ترقيون روڪڻ ۽ جبري رٽائرڊ ڪرڻ جا به اختيار مليل آهن. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب صوبائي محتسب پاران عورتن سان خراب روِين سان پيش اچڻ، جسماني تشدد جو نشانو بڻائڻ، لکت يا زباني طور عورت کي حراسان ڪرڻ، عزت گھٽائڻ سميت حراسمينٽ تي ڪنهن ٻئي زمري ۾ ايندڙ سرڪاري ملازم جوابدارن جي نوڪرين ۾ ترقي روڪڻ، جبري طور رٽائرڊ ڪرڻ، خانگي ۽ سرڪاري اداري جو عارضي بنيادن تي ڪم روڪرائي ڇڏڻ، ڏنڊ جي رقم وٺي متاثر ڌُر کي ڏيڻ جا اختيار رکي ٿو. عورتن جي تحفظ وارِي صوبائي محتسب کي ڄاڻايل اختيار هئڻ باوجود ڪيتريون ئي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري عورتون به ڄاڻايل اداري بابت ڄاڻ نه ٿيون رکن. ڪراچي: نوابشاھ جي يونيورسٽي ۾ پروفيسر هٿان حراسمينٽ جو نشانو بڻجندڙ شاگردياڻي فرزانا جمالي جو ڪيس به صوبائي محتسب ۾ هلندڙ آهي. شاگردياڻي فرزانا جمالي جي چاچي اقبال جمالي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پروفيسر ارشد سليم پاران فرزانا کي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي محتسب پاران کنيل قدمن مان مطمئن ناهيون. ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ادارو سنڌ حڪومت جو قائم ڪيل آهي. هن چيو ته صوبائي محتسب پاران ٻيهر ٻڌڻي تي گھرايو ويو آهي. جنهن لاءِ اسان محتسب کي لکيو آهي ته نوابشاھ کان ڪراچي تائين سيڪيورٽي ڏني وڃي ته پوءِ اچي سگھون ٿا. اقبال جمالي چيو ته صوبائي محتسب سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي.

مٺياڻي: پسند جي شادي بعدمڙس هٿان قتل ٿيل ناري جي لاش جي ٽنڊي آدم ۾ قبر ڪُشائي

سول جج جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم ٽنڊي الهيار۾ قبر ڪُشائي ڪرڻ بعد ناريءَ جي لاش جا جُزا ورتا

جوابدار ڀورل مهر 10 مهينا اڳ زال عظيمان مستوئي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قبر ڪُشائي ڪئي وئي
مڙس ھٿان قتل ٿيل عورت

مٺياڻي (رپورٽر) پسند جي پرڻي لاءَ گهران نڪرڻ بعد قتل ڪيل شادي شده عورت جي قبرڪشائي ڪري جزا ورتا ويا .10 مهينا اڳ ڳوٺ رسول بخش مستوئي مان عظيمه مستوئي گهران نڪري پنهنجي چاهيندڙ سکر واسي ڀورل مهر وٽ پهتي، جنهن دوستن سان گڏجي کيس قتل ڪرڻ بعد سندس لاش سکر بيراج ۾ لوڙهي ڇڏيو .ناري جي گم ٿيڻ بعد ڪيل جاچ ۾ پوليس ڀورل مهر کي گرفتار ڪيو، جنهن ناري کي قتل ڪري لاش لوڙهڻ جو اعتراف ڪيو. مقتول عورت جو لاش ٽنڊي آدم ۾ هٿ آيو، پر سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاوارث حالت ۾ دفنايو ويو هو. سکر ھاء ڪورٽ جي حڪم تي اڄ ٽنڊو آدم ۾سول جج ڪامران ڪلھوڙو جي اڳواڻي ۾ قبر ڪشائي ڪئي وئي، ان موقعي تي مقتول ناري جي امڙ اميدان مستوئي، سندس پي ۽ ٻيا گھر ڀاتي اتي موجود هئا. ميڊيڪل ٽيم لاش جا جزا ورتا جيڪي ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن .

ملير جي صحافين ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو برقرار، 2 وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد

اسان مٿان غلط آهن، بار ڪائونسل ۾ اپيل ڪنداسين، جلد لائسنس بحال ٿيندا: ملير جا وڪيل ڀائر

2 وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد

ملير ( رپورٽ: دريا خان شر) سنڌ بار ڪائونسل جو وڏو فيصلو، ملير جي ٻن وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد، ان ڏس ۾ بار ڪائونسل جي ڊسيپلينري ڪاميٽي ملير جي ٻن وڪيل ڀائرن مظھر جوڻيجو ۽ شاھ زمان جوڻيجو خلاف مليل شڪايتن تي سندن ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي آهي. اهڙي فيصلي کان سڀني عدالتن ۽ ٽربيونلز کي آگاهي پڻ ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن کان ملير پريس ڪلب جي صحافين ۽ وڪيل ڀائرن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ هو، وڪيل ڀائرن درخواست ڏني ته ڪجهه صحافي سرڪاري ملازم هوندي صحافت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ صحافين وري ملير بار ايسوسيئيشن کان وٺي سنڌ بار ڪائونسل تائين سمورن ليگل فورمن کي درخواستون موڪلي ڄاڻايو هو ته ٻئي وڪيل قبضا مافيا سان تعلق رکن ٿا، جن خلاف ضلعي ۾ انيڪ شڪايتون موجود آهن. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي جوڻيجو وڪيل ڀائرن جو چوڻ هو ته اسان مٿان لڳايل الزام غلط آهن، اسان بار ڪائونسل سميت مختلف فورمن تي اپيل داخل ڪنداسين، اسان جي ميمبر شپ جلد بحال ٿي ويندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار جون چونڊون جاري، رڳو 905 وڪيل ووٽنگ لاءِ اهل قرار

ڪيترن ئي سينيئر وڪيلن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل ئي ناهن: جگديش مولاڻي صدارتي اميدوار

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار جون چونڊون

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار ايسوسيئيشن جي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، صدارتي عهدي لاءِ نثار دراني ۽ جگديش آر مولاڻي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، 2300 کان وڌيڪ وڪيلن مان رڳو 905 وڪيل ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا.
هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پولنگ صبح نائين وڳي شروع ٿيڻي هئي پر ووٽر لسٽ وقت سر نه ملڻ سبب وقت وڌايو ويو، جنهن بعد پولنگ 10 وڳي شروع ٿي، جيڪا شام 6 وڳي تائين جاري رهندي.
هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن لاءِ 2300 کان وڌيڪ وڪيلن مان 905 وڪيلن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي.
صدارتي اميدوار جگديش مولاڻي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سينيئر وڪيلن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل ئي ناهن، جڏهن ته اليڪشن رولز موجب ووٽر لسٽ 2 مهينا اڳ مڪمل ڪرڻي هئي پر هتي ته پولنگ کان رڳو 4 ڪلاڪ اڳ لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن کي معاملي بابت درخواست ڏيڻ باوجود ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.
هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي صدارتي عهدي تي نثار دراني ۽ جگديش آر مولاڻي وچ ۾ مقابلي جو امڪان آهي، جڏهن ته لائبريري سيڪريٽري لاءِ چار اميدوار ميدان تي لٿل آهن، خزانچي لاءِ بشير احمد عالماڻي ۽ محسن گوپانگ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، چونڊ جو حتمي نتيجو 24 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويندو.

پاڻي بحران برقرار، دريائي وهڪرن ۾ بهتري نه آئي، بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان واڌو پاڻي فراهم

تربيلا وٽ پاڻي جي سطح 1416۽ منگلا وٽ 1110فوٽ رهجي وئي، سنڌو، چناب ۽ جهلم جا وهڪرا بدستور گهٽيل

تربيلا مان پاڻي جي کڻت 5000ڪيوسڪ ۽ منگلا مان گهٽائي 21000 ڪيوسڪ ڪئي وئي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو پاڻي لاڳيتو بند

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي ٽنهي بيراجن وٽ لاڳيتو ٻن مهينن کان پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، جيڪا اڄ وڌي مجموعي طور 28.75 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته ڪنٽرول روم سکر پاران جاري ٿيل انگن اکرن موجب ارسا جي هدايتن تي 91ع ٺاهه جي ابتڙ نومبر مهيني جي ٻي هفتي کان بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان سکر ۽ گڊو بيراجن وٽان واڌو پاڻي ڏياريو پيو وڃي، جيڪو هاڻ وڌائي 33.55 سيڪڙو ٿي ويو آهي. سکر بيراج جي ڪنٽرول روم جي انچارج عزيز سومرو موجب پاڻي جي اها ايلوڪيشن ارسا پاران جاري ڪئي پئي وڃي. بلوچستان کي زيرو سيڪڙو کوٽ ڏبي، سنڌ جا انگ اکر غلط آهن، بلوچستان کي اڄ به 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي پيو ملي ٿو. سنڌ کي کوٽ 38 سيڪڙو کڻڻي آهي پر اهي 32 سيڪڙو کڻن پيا. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ارسا جي ترجمان خالد رانا “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرا گهٽجي وڃڻ بعد انهن مان پاڻي کڻت به گهٽائي وئي آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1416.4 فوٽ رهجي وئي آهي“ جتان کڻت 5 هزار ڪيوسڪ گهٽائي وئي آهي. منگلا ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ گهٽجي 16700 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، هيٺاهون وهڪرو 20000 مان گهٽائي 15000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. گڊو بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 26870 ۽ هيٺاهون وهڪرو 23376 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جتي پاڻي جي کوٽ 23.25 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گڊو وٽان بلوچستان کي 1320 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪو 91ع واري معاهدي کان 38.50 واڌو آهي. سکر بيراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 18240 ريڪارڊ ڪيو ويو ، جتي پاڻي کوٽ 33.30 ٿي وئي آهي، بلوچستان کي اتان کير ٿر ڪينال وسيلي 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪو سندن حصي کان 27.60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪوٽڙي بيراج وٽ به پاڻي جي کوٽ 29.70 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اتي پاڻي جي فراهمي 2760 ڪيوسڪ آهي. منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1110.85فوٽ رهجي وئي آهي جتي پاڻي جي آمد رڳو 5591 ڪيوسڪ آهي، اتان کڻت 21000 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. پنجاب ۾ مرالا وٽان به رڳو 5513 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي . ڪوٽڙي ۽ پنجند وٽ هيٺاهون وهڪرو بدستور ٻڙي آهي.

قاضي احمد:ڪاروباري مرڪزن جي بجلي بند ڪرڻ خلاف دڪاندارن پاران 12 وڳي احتجاج جو اعلان

قاضي احمد(رپوررٽر)قاضي احمد ۾ مختلف ڪاروباري مرڪزن پاران غير قانوني طور ڪنڊا هڻي استعمال جي مبينا الزام هيٺ بجلي بند هجڻ سبب شھر جي اهم ڪاروباري مارڪيٽ جي واپارين ۽ دڪاندارن سردار مارڪيٽ ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آھي. 12 وڳي دڪاندارن پاران عبدالرشد کوسي جي اڳواڻي ۾ روڊ تي اچي احتجاج ڪرڻ جو اعلان.

سچل ڳوٺ ۾ سگا ڪنوينشن ، سڀاڻي چونڊ ٿيندي

ڪنوينشن ۾ سنڌ ، لاهور ۽ اسلام آباد جي ميمبرن شرڪت ڪئي

سڀاڻي 18 رڪني نئين باڊي جي چونڊ ٿيندي ، 37 اميدوار ميدان ۾ لٿل

ملير (رپورٽر ) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو 39 هون ساليانو مرڪزي ڪنوينشن سچل ڳوٺ ۾ شروع ٿي ويو آهي ٻن ڏينهن واري ڪنوينشن ۾ پهرين ويهڪ جي صدارت مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪئي جنهن ۾ سڄي سنڌ کان سواء اسلام آباد ۽ لاهور جي برانچن جا وفدن شرڪت ڪئي پهرين نشت ڪاروباري اجلاس ۽ سالياني روپوٽ پيش ڪئي وئي . ه سڀاڻي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ارڙھن مرد ۽ 2 عورت ميمبرن لاء چيف اليڪشن ڪمشنر محمد اسلم شيخ جي نگراني ۾ چونڊون ٿينديون , سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ارڙھن ميمبرن جي چونڊ لاء 37 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آھي , اليڪشن ۾ سگا جي 115 برانچن مان 78 برانچن جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا جڏھن ته 39 برانچن جا عهديدار بقايائون هئڻ ڪري ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا , ووٽنگ جو عمل سڀاڻي ٽين بجي شروع ٿيندو جيڪو رات اٺين بجي تائين جاري رهندو , بعد ۾ نئين چونڊجي آيل سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي عهديدارن جي چونڊ ڪندي جيڪا هڪ هفتي بعد ٿيندي.

ڪراچي: ڦر ۽ پوليس مقابلي جا ڪيس، هڪ ڏوهي کي 20 سال قيد

ڏوهي جواد ساٿين سان گڏ موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي: پوليس

فرار ٿيڻ وقت دوران ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، هڪ ڦورو مارجي ويو: پوليس

ڪراچي ( رپورٽر ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڦر ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي مجموعي طور 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڦر ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار جواد پنهنجن ساٿين نعمان رشيد ۽ ڪامران رشيد سان گڏجي موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي رهيو هو ته پوليس سان سندن مقابلو ٿيو.
پوليس موجب مقابلي دوران پوليس جي فائرنگ ۾ جواد جو هڪ ساٿي حفيظ الدين مارجي ويو هو، جڏهن ته جواد کي گرفتار ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ ۾ به ڪرپٽ ماڻهن کي نه ڇڏينداسين: فياض الحسن چوهاڻ

تتر ۽ ٻٽير احتساب ٿيڻ تي پاڻ ۾ ٻک پائي رهيا آهن: صوبائي وزير

تتر ۽ ٻٽير کي گڏ جيل ۾ وجهنداسين: سڌ سماءَ وارو وزير فياض الحسن چوهاڻ

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ پي ٽي آءِ ۾ به ڪرپٽ ماڻهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي، صوبائي وزير چيو آهي ته تتر ۽ ٻٽير احتساب ٿيڻ تي ٻک پائي رهيا آهن پر اسان انهن کي گڏ جيل ۾ وجهنداسين
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن پنهنجو نالو 18 هين ترميم ۽ 19 هين ترميم رکي ڇڏيو آهي، تتر ۽ ٻٽير جيان جهيڙا ڪندڙ هاڻي احتساب ٿيڻ تي ٻک پائي رهيا آهن، اسان انهن کي گڏ جيل ۾ وجهنداسين.
هن چيو ته پارليامينٽ جي راهداري ۾ نوازشريف، شهبازشريف جي ڪن ۾ ڳالهائيندي آصف زرداري کان پاسو ڪرڻ ۽ سندس ڳالهين ۾ نه اچڻ جو چيو.
فياض الحسن چوهاڻ اعلان ڪيو ته تحريڪ انصاف ۾ به جيڪي ڪرپٽ ماڻهن آهن، انهن کي به عبرت جو نشان بڻائينداسين.

خواجا ڀائرن جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

قيصر امين بٽ بيان ڏنو ته خواجا ڀائر پيرا گون سٽي جا مالڪ آهن: جاچ آفيسر

خواجھ سعد رفيق

لاهور(رپورٽر ) احتساب عدالت پيرا گون ڪيس ۾ خواجا ڀائرن جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
نيب خواجا سعد رفيق کي اسلام آباد کان لاهور پهچائڻ بعد کيس ڀاءُ سلمان رفيق سوڌو لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.
احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته قيصر امين بٽ بيان ڏنو ته خواجا ڀائر پيرا گون سٽي جا مالڪ آهن، جاچ آفيسر موجب پيرا گون هائوسنگ سٽي واري منصوبي تحت 2 ارب رپين جا ڪمرشل پلاٽ غيرقانوني طور وڪرو ڪيا ويا.
جاچ آفيسر چيو ته تپيدارن ٻڌايو ته 40 ڪنال زمين به وڪرو ڪئي وئي، جن ماڻهن اها زمين خريد ڪئي، انهن جو بيان رڪارڊ ڪرڻو آهي.
نيب اختيارين احتساب عدالت کي خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جي جسماني ريمانڊ ۾ 15ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته خواجا ڀائرن جي وڪيلن ريمانڊ جي مخالف ڪئي.
احتساب عدالت فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌائيندي نيب جي استدعا منظور ڪئي ۽ خواجا ڀائرن جي جسماني ريمانڊ ۾15ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي، عدالت جوابدارن کي 5 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي