fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

خوشاب ۾سنگدل پيءُ معمولي جهيڙي تان معصوم ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

شڪرڪوٽ ۾ گهريلو جهيڙي ۾ پيءُ 5 ورهين جي ٻارڙي کي زمين تي اڇايو، جنهن ۾ هو فوت ٿي وئي

جوابدار باچا خان والد کان پئسا گهريا نه ڏيڻ تي هن ڪاوڙ ۾ اچي معصوم ٻارڙي کي پٽ تي اڇلايو

خوشاب (م ڊ)خوشاب ۾ پيءُ هٿان 5 ورهين جي معصوم ٻاڙي فوت ٿي وئي ، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي . پوليس موجب خوشاب جي شڪرڪوٽ واري علائقي ۾ افغان مهاجرن جي گهر ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ جوابدار پنهنجي 5 ورهين جي ڌي کي ڪاوڙ ۾ کڻي پٽ تي اڇلايو جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي ٿڏي تي فوت ٿي وئي . اطلاع تي پوليس پهچي فوتي ٻارڙي جي پيءَ باچا خان ۽ سندس ڏاڏي کي گرفتار ڪري ورتو . فوتي ٻارڙي جي ڏاڏي پوليس کي ٻڌايو ته سندس پٽ اڪثر گهر ۾ جهيڙا ڪندو آهي ۽ هن پئسا نه ڏيڻ تي ڌي کي ڪاوڙ ۾ اچي قتل ڪيو .هن ٻڌايو ته سندس پٽ نافرمان آهي ،هو اڪثر کيس به تشدد جو نشانو بڻائيندو آهي .

گڙھي خيرو:دڪان کي کاٽ.ھزارين رپيا چوري

ڳڙهي خيرو(رپورٽر)لعل شاھ بري ۾ اڻ ڄاتل چور درگاھ لعل شاھ بري جي فقير عبدالغفار شيخ جي منيارڪي دڪان کي کاٽ ھڻي ھزارين روپين جو سامان چوري ڪري ويا.دڪان جي سامھون ڪجھ فوٽن تي پوليس چوڪي ھجڻ باوجود چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا..

فرانس ۾ ٻلي برف باري ڏسي رقص ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو

سيزن ۾ پهريون ڀيرو ٻلي برف باري ڏٺي ته جهومڻ شروع ڪري ڇڏيو، وڊيو وائرل

فرانس جي ٻلي

پيرس (دلچسپ) فرانس ۾ ٻلي برف باري ڏسڻ کانپوءِ جهومڻ لڳي جنهن جي وڊيو انٽرنيٽ تي تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي. سڄي دنيا ۾ برف باري کي جتي ماڻهو لطف اندوز ڪن ٿا، اتي جانور به خوشي جو اظهار ڪرڻ کان رهي نٿا سهگهن، اهڙو ئي اظهار فرانس ۾ هڪ ٻلي ڪيو. فرانس جي ان ٻلي جڏهن پهريون ڀيرو برف ڏٺي ته جهومڻ لڳي، ٻلي کي پڪڙڻ لاءِ مالڪ به ڪوششون ڪرڻ لڳو، جنهن دوران ڏسڻ وارا به خوش ٿيندا رهيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار ايسوسيئيشن جون چونڊون جاري

صدارتي عهدي لاءِ نثار دراني ۽ جگديش آر مولاڻي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار جي چونڊ جو حتمي نتيجو 24 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويندو

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار ايسوسيئيشن جي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، صدارتي عهدي لاءِ نثار دراني ۽ جگديش آر مولاڻي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پولنگ صبح نائين وڳي شروع ٿيڻي هئي پر ووٽر لسٽ وقت سر نه ملڻ سبب وقت وڌايو ويو، جنهن بعد پولنگ 10 وڳي شروع ٿي، جيڪا شام 6 وڳي تائين جاري رهندي.
هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي صدارتي عهدي تي نثار دراني ۽ جگديش آر مولاڻي وچ ۾ مقابلي جو امڪان آهي، جڏهن ته لائبريري سيڪريٽري لاءِ چار اميدوار ميدان تي لٿل آهن، خزانچي لاءِ بشير احمد عالماڻي ۽ محسن گوپانگ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، چونڊ جو حتمي نتيجو 24 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويندو

ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت دورن هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو ذاتي دشمني ۾ قتل، پوليس 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

پي آءَ بي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماجد نالي شخص قتل،واقعو ذاتي دشمني قرار

ڪراسنگ تي ڦر مزاحمت دوران فائرنگ ۾ قاسم قتل ٿي ويو، جوابدار فرار

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي مختلف ڪيسن ۾ گهربل 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي .ڪورنگي جي پي آءَ بي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنف ۾ ماجد نالي هڪ شخص قتل ٿي ويو .پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو .جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ تي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قاسم قتل ٿي ويو ،جوابدار واقعي بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .بهادرآباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڀتي خور کي گرفتار ڪري ورتو .ملير سٽي واري علائقي ۾ به پوليس ڪارروائي ڪنديهڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو آهي .ڀينس ڪالوني ۾پوليس گرفتار گٽڪي جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو .

ماڊل ايان علي جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪسٽم عدالت غير حاضر ي سبب گرفتاري وارنٽ جاري 18 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي

ماڊل ايان علي (فائيل فوٽو)

راولپنڊي (شوبز ڊيسڪ) ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، لڳاتار غير حاضري تي ايان علي جي وڪيل سرفراز علي عدالت ۾ دليل ڏنا ته ڊاڪٽرن ايان علي کي فيبروري ۾ پاڪستان جي سفر جي اجازت ڏني آهي، ايان فيبروي ۾ عدالت پيش ٿي پنهنجي خلاف ڪيس کي منهن ڏيندي.
عدالت جوابدار ايان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪئي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدار ايان علي 3 سالن کان ڄاڻ واڻي غيرحاضر آهي. هاڻي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين گرفتار وارنٽ واپس نه ورتا ويندا ۽ 18 جنوري کان ڪا به التوا نه ٿيندي، ايان جي غيرموجودگي ۾ ٽرائل شروع ڪيو ويندو.

پڊعيدن ۾ خيرپور ميرس آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ جو فاتح

سائو وساڻ ٽيم راڻيپور جي حامد ٽڳڙ ٽيم کي هارائي ٽورنامينٽ کٽي

رانديون لاءِ ميدان نه هجڻ سبب ٽيلنٽ ضايع ٿئي ٿو، سرڪار قدم کڻي: رانديگر
ميرس آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ

پڊعيدن (رپورٽر) پڊ عيدن ۾ خيرپور ميرس جي سائو وساڻ ٽيم راڻيپور جي حامد ٽڳڙ ٽيم کي شڪست ڏئي ميموريل آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
وارڊ نمبر 6 ۾ سماجي اڳواڻ عبدالوحيد سومرو جي ياد ۾ ڪرايل ميموريل آل سنڌ لٽل والي بال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ خيرپور ميرس سخت مقابلي بعد راڻيپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي اعزاز ماڻيو. فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ انعامي رقم ڏني وئي.
ٽورنامينٽ ۾ قربان علي ٻرڙو والي بال ڪلب لاڙڪاڻو، سائو وساڻ والي بال ڪلب خيرپور ميرس، ڪرونڊي والي بال ڪلب، حامد ٽڳڙ والي بال ڪلب راڻيپور، دادو والي بال ڪلب، ڪوٽ لالو والي بال ڪلب ۽ مرحوم عبدالوحيد والي بال ڪلب پڊعيدن جي ٽيمن حصو ورتو.
ٽونامينٽ ۾ خاص مهمان پڊعيدن ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ عبدالوحيد سومرو هڪ سماجي اڳواڻ ھو، جنهن جي نالي سان هي والي بال ٽونامينٽ ڪرائي وئي آھي، راندين جا مقابلا ڪرائڻ تي انجنيئر صديق سومرو ۽ سومرا برادري کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو.
ٻئي پاسي يو سي ٻيلاواھ چيئرمين امداد حسين راڄپر ٻڌايو ته پڊعيدن ۽ ڀرپاسي ۾ راندين جا ميدان نه هجڻ ڪري نوجوان نسل کي ڏکياين کي منهن ڏئي رهيو آهي، راندين جا ميدان سرڪاري سطح تي ڏنا وڃن.

ڳڙهي خيري ۾ جيئي بخاري ٽيم ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ ۾ فاتح

فائنل ۾ جيئي بخاري 1-2 رائونڊن تان جيئي نورل شاهه ٽيم کي شڪست ڏني

ڪوڏي ڪوڏي ميچ جا منظر

ڳڙهي خيرو(ن پ ا)ڳڙهي خيري ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ڪوڏي ڪوڏي جا بهترين مقابلا ڪرايا ويا. مشهور درگاھ حيدر شاھ بخاري تي ٿيل هڪ ڏينهن واري ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جئي بخاري ڳڙهي خيرو ۽ جئي نورل شاھ ڏيئا وڏا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو.
جيئي بخاري ڳڙهي خيري جي ٽيم 1-2 رائونڊن تان نورل شاهه ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل کٽي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا.
جئي بخاري ڳڙهي خيرو ٽيم ۾ بابو بلوچ،رحمت الله عرف لالو بليدي،ظفر علي دستي،عبداللطيف بليدي،غلام شبير چهواڻ،محبوب علي چهواڻ،ڪوٽڙو ميرجت ۽ مدد علي چهواڻ شامل هئا، جڏهن ته جئي نورل شاھ ڏيئا وڏا ٽيم ۾ علي نواز سهتو،دشان ڏيئو،جانب سهتو،اختر علي کوسو،سيد جهان شاھ،غلام مصطفيٰ شر،دلشاد سهتو ۽ محمد نواز سهتو شامل هئا.
فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ انعامي رقم ڏني وئي، رانديگرن پنهنجي فتح تي شاندار جشن ملهايو.مئچ ڏسڻ لاءِ ڀرپاسي جي علائقن مان سوين شوقين پهچي رانديگرن کي داد ڏنو.

آصف زرداري 28 ڊسمبر تي مهرن جي دعوت تي خانڳڙهه پهچندو

اڳوڻو صدرآصف زرداري

گهوٽڪي(رپورٽر) پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري مهرن جي دعوت تي 28ڊسمبر تي خانڳڙه پهچندو،پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ محترمه بي نظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ28 ڊسمبر تي پي پي ايم اي علي نواز عرف راجا مهر ۽ صوبائي صلاحڪار محمد بخش مهر جي دعوت تي گهوٽڪي لڳ خانڳڙه پهچندو جنهن بعد مهرن ڀائرن پاران سندس مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شريڪ ٿيندو، آصف زرداري مهرن جي اتحادي ماڻهن سان ملاقات پڻ ڪندو.
ذريعن موجب عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوء راجا مهر صوبائي وزارت ماڻڻ لاء ڪافي لابنگ ڪئي صوبائي ڪابينا جي حلف کڻڻ دوران راجا مهر کي ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويو هو ان باوجود راجا مهر صوبائي وزير ٿيڻ لاء اڃا تائين ڪوششون ڪرڻ ۾ مصروف آهي ته پي پي قيادت کي راضي ڪري هڪ دفعو ٻيهر وزارت وارو منصب حاصل ڪري سگهجي.
ذريعن موجب آصف علي زرداري جي گهوٽڪي آمد ۽ مانجهاندي ۾ شرڪت بعد مهرن جي ڪوشش هوندي ته اڳوڻي صدر کي قائل ڪري راجا مهر کي صوبائي ڪابينا ۾ ٻيهر شامل ڪرايو وڃي.

قاضي احمد جا دڪاندار هڪ ٿي ويا،مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جو اعلان

قاضي احمد (ن پ ا ) قاضي احمد شھر جي مک بازارن ،ڪاروباري مرڪزن جي بجلي 5 ڏھاڙن کان بند ،دڪاندار هڪ ٿي ويا ،4 رڪني ڪاميٽي جو اعلان ، مسئلن جي حل لاء گڏيل طور جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
ان ڏس ۾قاضي احمد ۾ شھرجي دڪاندارن سان ٿيندڙ ناانصافين زيادتين،بجلي جي مسئلي،حددخلين سميت پيش آيل ٻين مسئلن جي حل لاءِ شھر جي سمورين مک ڪاروباري مرڪزن ,بازارن جي دڪاندارن جو هڪ گڏيل اجلاس رانا بابو سرفراز راجپوت جي اڳواڻي ۾ سندس رهائش گاھ تي ٿيو
جنهن دوران مٿي ڄاڻايل مسئلن جي فوري حل لاء ھڪ چار رڪني شھري دڪاندار اتحاد ڪاميٽي جوڙي ويئي جنهن ۾ سرپرست اعليٰ حرجي مل ٽڪر ,صدر رانا بابو سرفراز راجپوت ,جنرل سيڪريٽري علي خان جتوئي ,سينئر نائب صدر ملڪ شھزاد اختر چونڊيا ويا
ان موقعي تي آفتاب مارڪيٽ دڪاندار ايسوسيئيشن جي صدر هدايت الله چانڊيو مذڪوره چونڊيل باڊي بابت ڳالهائيندي چيو ته آفتاب مارڪيٽ جا مسئلا حل ٿي رهيا آھن دڪاندارن جا جيڪي به مسئلا آھن اهي ڄام آفتاب علي انڙ جي سهڪار ۽ مدد سان حل ٿي رهيا آھن انشاء الله دڪاندارن کي اڪيلو نه ڇڏبو.

ڏکڻ پنجاب صوبي واري اعلان تي عملدرآمد شروع، ڌار آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ الڳ بجيٽ رکي ويندي، پهرين جولاءِ کان انتظامي سيڪريٽريٽ ڪم شروع ڪندو

پنجاب ۾ 2 آءِ جي ۽ 2 چيف سيڪريٽري مقرر ڪيا ويندا، اعلان تي مڪمل عمل ڪبو: تحريڪ انصاف
پاڪستان تحريڪ انصاف

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ)وفاقي حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي واري اعلان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان هڪ پڌرائي جاري ڪئي آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرين جولاءِ کان انتظامي سيڪريٽريٽ ڪم شروع ڪندو.
تحريڪ انصاف موجب نئين مالي سال ۾ ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ الڳ بجيٽ رکي ويندي، جڏهن ته پنجاب ۾ 2 آءِ جيز ۽ 2 چيف سيڪريٽريز مقرر ڪيا ويندا، جن مان هڪ پنجاب ۽ ٻيو ڏکڻ پنجاب صوبي ۾ ڪم ڪندو.
پي ٽي آءِ جي پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت جيڪي عوام سان واعدا ڪيا هئا، اهي جلد پاڙيا ويندا، ڏکڻ پنجاب جي آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري جي مقرري جو جلد اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته پهرين جولاءِ کان انتظامي سيڪريٽريٽ ڪم به شروع ڪري ڇڏيندو.

چائلڊ پورن هٽائڻ ۾ ناڪامي تي واٽس ايپ تي تنقيد

واٽس ايپ تي تنقيد

بيت المقدس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) واٽس ايپ چائلڊ پورنوگرافي پيکڙڻ کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. ٻن اسرائيلي آئن لائن حفاظتي ڌڙڻ نيتوي رشيٽ ۽ اسڪرين سيورز پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس ايپ گروپ ڳولڻ بنهه سولو آهي، جن ۾ جنسي تشدد ۽ بدفعلي جو نشانو بڻايل ٻارڙن جا وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪيون وڃن ٿيون.
رپورٽ موجب ٽئين ڌر جو ايپس واٽس گروپن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ لنڪ مهيا ڪن ٿيون، جن ۾ فحش مواد لاءِ ڀاڱا ٺهيل آهن، جيڪي چائلڊ پورنوگرافي لاءِ استعمال ٿين ٿيون.
ان مسئلي جي حل لاءِ محققن فيس بوڪ سان رابطو ڪيو، پر فنانشل ٽائمز سميت ٻين خابرو ادارن انڪشاف ڪيو ته اڃا تائين ڪيترائي اهڙي قسم جا ڪيترائي واٽس گروپ متحرڪ آهن. چائلڊ پورنو گرافي جي هڪ گروپ ۾ آمريڪا سميت مختلف ملڪن جا 256 ميمبر آهن. جنهن بعد واٽس ايپ انهن گروپن ۾ شامل اڪائونٽن کي بلاڪ به ڪيو هو. هوڏانهن اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سياري دوران چائلڊ پورنو گرافي جي گروپن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ هڪ هاٽ لائين پڻ آهي.
ٻي پاسي واٽس ايپ ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ هو ته ٻارڙن جي بدفعلي تي زيرو ٽالرنس واري پاليسي ڪمپني رکي ٿي، اسان هٿرادو ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي اعتراض جوڳي مواد جي پروفائيل اڪائونٽن ۽ تصويرن کي اسڪين ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي قسم جو مواد پکيڙيندڙ شڪي اڪائونٽن کي پڻ بلاڪ ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته ڪمپني گم ٿيل ۽ نشانو بڻايل ٻارڙن بابت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين رپورٽ جي درخواستن کي عمل ۾ آڻي ٿي.
هوڏانهن تازو واٽس ايپ ٻارڙن کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ خلاف قانونن جي ڀڃڪڙي تي 10 ڏينهن اندر هڪ لک 30 هزار اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن.

نواز، شهباز شريف جي ڪن ۾ ڇا چيو؟فياض الحسن تشريح ڪري ڇڏي

نواز شريف شهباز کي چيو ته “زرداري کان پاسو ڪريو” هو اڳ به اسان کي وڪڻي کائي چڪو

نواز-زرداري بليڪ ميل ڪري اين آر او گهرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: پنجاب جو وزير

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڪن ۾ ڇا چيو هو، پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ تشريح ڪري ڇڏي.
فياض الحسن چوهاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف شهباز شريف کي ڪن ۾ چيو هو ته “زرداري کان پاسو ڪريو” زرداري اڳ به اسان کي وڪرو ڪري کائي ويو هو.
هن چيو ته آصف زرداري صاحب جڏهن پاڻ ڦاسندو آهي ته کيس ن ليگ ۽ ميثاق جمهوريت ياد اچي ويندي آهي، هيءَ پنهنجن کي بچائڻ لاءِ هڪٻئي جي ويجهو ٿي رهيا آهن.
صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو ته هيءَ بليڪ ميل ڪري اين آر او گهرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ڏکڻ پنجاب صوبي جي حوالي سان ڳالهائيندي فياض الحسن چيو ته شهباز شريف سمورا اختيار هئڻ باوجود ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهڻ لاءِ وک نه کنئي، ڏکڻ پنجاب صوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

ليبر کاتي جا 240 ملازم ڊيپوٽيشن تي مقرر،پورهيتن لاءِ قائم اسپتالون ۽ اسڪول ويران

سوشل سيڪيورٽي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڪامورن رپورٽ سيڪريٽري ليبر حوالي ڪري ڇڏي

ڊيپوٽيشن تي مقررين سبب ننڍن شهرن جون اسپتالون ۽ اسڪول ويران ٿي ويا آهن:سيڪريٽري جو اعتراف

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ليبر کاتي ۾ 240 ملازم غيرقانوني طور ڊيپوٽيشن تي مقرر هجڻ جو انڪشاف، سوشل سيڪيورٽي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڪامورن رپورٽ سيڪريٽري ليبر حوالي ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري اعتراف ڪيو آهي ته کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقررين سبب پورهيتن لاءِ قائم ڪيل ننڍن شهرن جون اسپتالون ۽ اسڪول ويران ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته ڪجهه ڏينهن اڳ ليبر کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي پاران کاتي ۾ اختيارين کان ڊيپوٽيشن تي مقررين جا تفصيل طلب ڪيا هئا. جنهن بعد لاڳاپيل اختيارين پاران رپورٽ سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ليبر کاتي جي ماتحت هلندڙ سوشل سيڪيورٽي ۾ 40 ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ 200 مختلف عهدن جا ملازم ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل هئا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ليبر کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 240 ملازمن کي واپس پنهنجي اصل عهدن ڏانهن اماڻيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ پاران پڻ ڊيپوٽيشن تي پابندي آهي. هن چيو ته ڊيپوٽيشن سبب نوري آباد، گھوٽڪي ۽ ٻين ننڍن شهرن ۾ پورهيتن لاءِ قائم ڪيل اسپتالون ۽ سندن ٻارڙن لاءِ هلندڙ اسڪول ويران ٿي ويا هئا.

شاهپور جهانيان ۾ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،ٻه ڄڻا زخمي

شاهپورجهانيان(ن پ ا)شاهپورجهانيان باب جهانيان سامهون قومي شاهراھ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ ننگرمڪان واسي 2 نوجوان شاهزيب چنا ۽ عاقب چنا سخت زخمي ٿي پيا. جن کي فوري طور سندن وارث پي ايم يو اسپتال نوابشاھ کڻائي ويا.جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو.