ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي )ڪراچي ۾ ڪالاپل واري علائقي جي هزارا ۽ ريلوي ڪالوني ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي ڪوشش، آپريشن عملي ۽ پوليس تي پٿراءُ سبب سبب عملو واپس روانو، ڇڪتاڻ سبب همراھ هيانءُ ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو.
ڪالاپل ڀرسان هزارا ۽ ريلوي ڪالوني ۾ سرڪيولر ريلوي ٽريڪ تان غيرقانوني دڪان هٽائڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ عملي پوليس جي مدد سان آپريشن جي ڪوشش ڪئي ته دڪاندارن سخت مزاحمت ڪندي پوليس ۽ ڪي ايم سي جي عملي تي پٿراءُ ڪري ڏنو، چڪرين سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي، هزارا ڪالوني روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
آپريشن جو ٻڌي هڪ دڪاندارپرويز کي دل جو دورو پيو، جنهن کي اين آءِ سي وي ڊي کڻائي ويا، جتي هن دم ڏيئي ڇڏيو. هوڏانهن مسلسل ٽن ڪلاڪن جي سخت ڇڪتاڻ بعد ايس ايس پي پيرمحمد شاهه، ايس ايس پي ريلوي شهلا قريشي ۽ ڊپٽي ڪمشنر موقعي تي پهتا، جن هزارا ڪالوني ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون.
دڪاندار اڳواڻ زيد محمد، سجاد حسين شاهه ، راشد عباسي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته رڳو هزارا ڪالوني ۾ 371 دڪان ۽ 3 هزار گھر آهن، 45 هزار جي لڳ ڀڳ آدمشاري آهي. اسان انتظاميه کي انڌاڌنڌ آپريشن ڪرڻ نه ڏينداسين، پنهنجي گھرن ۽ دڪانن کي بچائڻ لاءِ سخت مزاحمت ڪنداسين، پوءِ ڀلي اسان کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڇو نه ڪيو وڃي.
ڪراچي:ڪالا پل ۾ حددخلين خلاف آپريشن،رهواسين جي سخت مزاحمت،خوف ۾ دڪاندار فوت
هزارا ۽ريلوي ڪالوني ۾ آپريشن دوران دڪاندارن سخت مزاحمت ڪئي، پٿراءُ
چڪتاڻ سبب ٽرئفڪ جام،آپريشن جو ٻڌي دڪاندار کي دل جو دورو پئجي ويو،اسپتال ۾ دم ڏنو
پاڪستان هٿان پريڪٽس ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا اليون کي شڪست
بينوئي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان پريڪٽس ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا انويٽيشن اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ جي ٽئين ڏينهن 197 رنسن جي هدف جي جواب ۾ امام الحق ۽ حارث سهيل جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان گهربل هدف 4 وڪيٽن تي حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي. بينوئي ۾ کيڏيل پريڪٽس ميچ جي ٽئين ڏينهن حارث سهيل 73 ۽ امام الحق 66 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. هوڏانهن ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان جي ٽيمن ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل پهرين ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين سنچورين ۾ کيڏي ويندي.
استادن جي لانگ مارچ رنگ لاتو،سرڪار پاران سندن مطالبا منظور
اسپيشل سيڪريٽري تعليم غلام عباس کيڙو ساڻن ملاقات ڪري مطالبا تسليم ڪيا
استادن جي 12 مطالبن مان 10 مطالبا منظور ڪيا آهن:اسپيشل سيڪريٽري تعليم
ملير (ناز شر) آل سنڌ پرائمري ٽيچرز ايسوسي ايشن جي جدوجهد رنگ لاٿو، استادن جا سمورا مطالبا منظور، تعليم کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري غلام عباس ڏيٿو، ڊائريڪٽر سيڪنڊري ڪراچي حامد ڪريم استادن جي بک هڙتالي ڪيمپ ملير پريس ڪلب تي پهچي استادن کي جوس پياري هڙتال ختم ڪرائي، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ اقراءَ پاس استادن کي جلد پڪو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، ان موقعي تي سيڪريٽري اسپيشل غلام عباس ڏيٿو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته استادن جا مطالبا جائز آهن ۽ اڄ اسين ان سلسلي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو ويٺل پ ٽ الف جي مرڪزي بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي سڄي سنڌ جي استادن کي يقين ٿا ڏياريون ته انهن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين، استادن جي 12 مطالبن مان 10 مطالبا منظور ڪندي سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن جي پڪي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي رهيل اين ٽي ايس ۽ اقراءَ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو نوٽيفڪيشن به 15 ڏينهن اندر جاري ڪيو ويندو، هن چيو ته بايو ميٽرڪ سسٽم ضلعي سطح تي آڻڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن تي پڻ جلد عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪراچي جي پرائمري استادن جا رهيل پروموشن هڪ مهيني اندر ڪري استادن مان بيچيني ختم ڪئي ويندي، ان موقعي تي پ ٽ الف جي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو چيو ته سنڌ حڪومت خاص ڪري وزير تعليم سيد سردار شاهه ٿورائتا آهيون جن استادن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪندي اڄ اسپيشل سيڪريٽري تعليم غلام عباس ڏيٿو کي استادن جي بک هڙتالي ڪيمپ تي ڳالهين لاءِ موڪليو ۽ استادن جي ڏنل 12 هن نقطن واري چارٽر آف ڊيمانڊ مان 10 مطالبا تسليم ڪيا آهن ۽ سنڌ جي استادن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪرائي آهي، هن چيو ته ڳڙهي خدا بخش شهيدن جي مزار تان نڪتل لانگ مارچ مطالبن جي مڃتا بعد اڄ باقائدي ختم ڪندي اعلان ٿا ڪيون .
اوٻاوڙو ڀرسان ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،ٻه ڀينرون فوت،ڀاءُ زخمي
ناريون ڄڃ سان واپس اچي رهيو هيون ته حادثو پيش آيو،خوشيون ماتم ۾ تبديل
اوٻاوڙو )ن پ ا)اوٻاوڙو لڳ لانگهو روڊ آئي بي اي ڪاليج وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر نتيجي ۾ 2 ڀينرون موقعي تي فوت ۽ سندس ڀاءُ شديد زخمي ٿي پيو ان ڏس ۾ اوٻاوڙو لڳ لانگهو روڊ آئي بي اي ڪاليج وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ حبيب چوهاڻ جون رهواسي 2 ڀينرون رضيه چوهاڻ ۽ نازيه چوهاڻ موقعي تي فوت ٿي ويون ۽ سندس ڀاءُ رياض چوهاڻ شديد زخمي ٿي پيو ۽ جڏهن ته فوتين ۽ زخمين کي آس پاس جي ماڻهن تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو جتي وارث اسپتال پهچي ويا ۽ لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ ٻنھي ڀينرن جا لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ گهر ۾ قيامت صغران جو منظر هو هر هڪ اک آلي ڳوٺ ۾ سوڳوار وارو ماحول ڇائنجي ويو،فوتي جيڪي ڏهرڪي شادي سان ويا هيا ۽ جيڪي ڄڃ سان واپس گهر اچي رهيا هيا ته رستي ۾ آئي بي اي ڪاليج وٽ هي حادثو پيش آيو ۽ جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي ڇڏي فرار ٿي ويو.
ٽنڊي الهيار جا ٻارڙا سماجي ڪمن ۾ سرگرم،ايس ايس پي سان ملاقات، سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي
ايس ايس پي ٻارڙن کي سماجي ڪمن لاءِ 50 هزار روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو
ٽنڊو الهيار(رپورٽر) ٽنڊي الهيار جا ٻارڙا سماجي ڪمن ۾ سرگرم ٿي ويا، ايس ايس پي کين مڪلم سهڪار جي خاطري ڏياري ڇڏي آهي،ان ڏس ۾ ٽنڊوالھيار جي ايس پي پي رخسار کھاوڙ سان اڄ ٽنڊوالھيار جي معصوم ٻارن ملاقات ڪري مختلف فلاحي ڪمن ۾ مدد لا درخواست ڪئي،جنهن تي ايس ايس پي 50ھزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ،ٻارن ۽ ايس ايس پي جي گفتگو پيش ڪجي ٿي
ساماري ۾ عدالتي حڪم تي ڇاپو،باندي ڄاڻايل ٻه عورتون ٻارن سميت بازياب

سامارو( رپورٽر )سامارو عدالتي حڪم تي پوليس جو ڇاپو، مڙسن پاران مائٽن وٽ باندي ڄاڻايل 2 عورتون ٻارن سميت بازياب ،سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي سامارو پوليس راھو آباد ۾ ڇاپو ھڻي مڙسن پاران مائٽن جي گھرن ۾ قيد ڄاڻايل ٻن عورتن مسمات نوازن زال شوڪت ماڇي ۽ مسمات سليمت زال منظور ۽ سندس ٻن ٻارن 7 ورهين جي ساجان 3 ورهين حنيف ماڇي کي بازياب ڪرايو آھي ،پوليس موجب عورتن جي مڙسن جي عدالت ۾ ڏنل درخواستن تي مليل حڪم موجب عورتن کي ٻارڙن سميت بازياب ڪرايو آھي ،کين سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جڏھن ته عورتن جو چوڻ آھي اسين مائٽن وٽ خوش آھيون
سي پيڪ مان ڀاڱو نه مليو!، بلوچستان اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور
اپوزيشن جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور، سي پيڪ مان رڳو 4 سيڪڙو حصو پيو ملي: متن
بلوچستان سڪهڙي جو شڪار آهي، اعلانيل حصو ڏنو وڃي: وڏو وزير ڄام ڪمال
ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان اسيمبلي سي پيڪ رٿا ۾ حصو نه ملڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران مخالف ڌر جي ميمبرز سي پيڪ ۾ حصو نه ملڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سوڌو ٻين صوبائي ميمبرز ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر منظوري ڏئي ڇڏي. اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته سي پيڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳ وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون، پر بريفنگ ۾ رڳو 4 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جڏهن ته سي پيڪ ۾ بلوچستان جي ڪابه اسڪيم به شامل ناهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام تي رحم ڪندي سي پيڪ ۾ گهربل حصو ڏئي.
پنگرئي ۾ خوني تڪرار جو نبيرو،پيش امام جي خون بها85 لک مقرر
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ارباب انور جي سرپئنچي ۾ لغاري ۽ جوڻيجا برادرين ۾ تڪرار جو نبيرو ٿيو
پيش امام ممتاز لغاري جو خون جوڻيجا برادري تي ثابت،جوڻيجا برادري ميڙ وٺي تڏو به بخشرايو
پنگريو)ن پ ا)پنگريو جي دريا خان لغاري محلي ۾ باءِ پاس وٽ لغاري ۽ جوڻيجا برادرين ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ٿيل خوني جھيڙي جو اڳوڻي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم ٿرپارڪر ارباب انور نبيرو ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو جنھن کانپوءِ تڏو بخشائڻ لاءِ جوڻيجا برادري جا نيڪ مرد ۽فيصلي جو ھڪ امين ارباب انور لغاري بردري وٽ لنگھي آيا جن کي مقتول پيش امام ممتاز لغاري جي وارثن عزت ڏيندي خون معاف ڪري ڇڏيو، جڏھن ته 4 سال اڳ ونگو روڊ تي دريا خان لغاري پاڙي وٽ ھڪ تڪراري پلاٽ تان جوڻيجا ۽ لغاري برادرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو ،جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا 10 ماڻھو زخمي ٿي پيا ھئا ۽پيش امام ممتاز لغاري جھيڙي ۾ قتل ٿي ويو ھو ، واقعي جا ٻنھي ڌرين پنگريو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايا ھئا،ٻنهي برادرين جي نيڪ مردن جي ڪوششن سان لغاري برادري ۽ جوڻيجا برادري متفق ٿي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ارباب انور کي امين مقررڪيو، جن پيش امام ممتاز لغاري جي خون جو قصاص 85 لک رپيا جوڻيجا برادري مٿان مقرر ڪيو ۽ تڪراري پلاٽ مقتول جي اولاد کي ڏيڻ ۽ھڪٻئي تي داخل ڪيسن تان ھٿ کڻڻ ۽ جوڻيجا برادري کي تڏو بخشرائڻ لاء نيڪ مردن جو ميڙ وٺي لغاري برادري وڃڻ جھڙو فيصلو ڪيو جنھن کي ٻنھي ڌرين قبول ڪيو .
ميرپور ماٿيلو:گهنٽا گهر ويجهو گهڻ ماڙ رهائشي عمارت کي باهه
شهرين پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو،فائر برگيڊ گاڏي دير سان پهتي

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر)ميرپور ماٿيلو شھر جي گھنٽا گھر چوڪ ڀرسان واقع ھڪ گھڻ ماڙ رھائشي عمارت ۾ ڪپيل ڪمار نالي شھري جي فليٽ کي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳي وئي, جنهن سبب گھر ۾ پيل سمورو آلھ تلھ سڙي رک ٿي ويو, فليٽ ۾ باھ لڳڻ سبب عمارت ۾ رھندڙ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ سمورا رھائشي عمارت خالي ڪري محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿي ويا، باھ جي واقعي واري اطلاع تي شھري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ انهن پوليس ۽ رينجرز سان گڏجي ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ باھ تي ضابطو آندو, شھر جي مصروف علائقي ۾ باھ لڳڻ باوجود ميونسپل ڪميٽي جي فائر برگيڊ گاڏي ھڪ ڪلاڪ دير سان پھتي, جنهن به جڏھن باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو پاڻي وارو پائيپ ڦاٽي پيو.
ڊاڪٽر جاويد نيب جي حراست ۾ فوت ناهي ٿيو، تشدد جون خبرون ڪوڙيون آهن: نيب ترجمان
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي ڪيمپ جيل ۾ ڊاڪٽر جاويد ميان جي فوت ٿيڻ ۽ هٿڪڙيون لڳل لاش جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ قومي احتساب بيورو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. نيب لاهور ڊاڪٽر فوت ٿيڻ واري معاملي تي وضاحت جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر جايد ميان ڪيمپ جيل لاهور ۾ قيد هو، سندس جڊيشل رمانڊ ورتل هو. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جاويد جي طبيعت خراب هئڻ سبب کيس اسپتال آندو ويو، جتي دل جو دورو پوڻ سبب هن دم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب ترجمان ڊاڪٽر جي لاش کي هٿڪڙيون لڳل هئڻ واري معاملي تي موقف اختيار ڪيو ته جڏهن به ڪنهن جوابدار کي اسپتال آندو ويو آهي ته کيس هٿڪڙيون هنيون وينديون آهن. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي پڌري ٿيل هٿڪڙين واري تصوير تي مختلف ڌرين سان واڳيل ماڻهو تجزين سان گڏ نيب کان سوال به ڪري رهيا آهن. هڪ شهري سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر جي طبيعت خراب هئي ته کيس هٿڪڙيون ڇو هنيون ويون ۽ نيب ٻڌائي ته دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ دل جي مرض ۾ مبتلا قيدي جو هٿڪڙيون هڻي علاج ڪيو ويندو.
تنگواڻي ۾ هٿياربندن ڳوٺاڻي شيرو جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو
بگٽي برادري جي هٿياربندن ڳوٺ قيصر جکراڻي تي حملوڪري فائرنگ ڪئي
تنگواڻي(رپورٽر)تنگواڻي ڀٽائي ڪالوني پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ قيصر جکراڻي ۾ بگٽي برادري جي هٿياربندن ڳوٺاڻي شيرو جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
نيب حراست جي پت وائکي، ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ڊاڪٽر فوت، لاش کي هٿڪڙيون لڳل
سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪئمپس جي ڊاڪٽر ميان جاويد کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو ويو
ڊاڪٽر جيل ۾ دل بيهڻ سبب فوت، نيب عملدارن لاش کي لڳل هٿڪڙيون نھ کوليون!

سرگوڌا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۽ اداري ۾ انسانيت جي احترام جي دعويدار قومي احتساب بيورو جي پت وائکي ٿي وئي. نيب حراست ۾ هيٺ ماڻهن کي هٿڪڙيون هڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
قومي احتساب بيورو پاران ڪرپشن الزام هيٺ حراست ۾ ورتل سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪئمپس جو ڊاڪٽر ميان جاويد دل جو دورو پوڻ سبب جيل ۾ ئي فوت ٿي ويو، پر نيب جي انسانيت جي احترام واري دعوائن جا پول پڌرا ڪري ويو.
دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو قانون ڪنهن به شهري کي ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ کان اڳ گرفتاري جي اجازت نٿو ڏئي، پر پاڪستان ۾ رڳو شڪ جي بنياد تي ڊاڪٽرن ۽ استادن کي ٻڌي جيل ڀيڙو ڪرڻ عام ڳالهه آهي.
لاهورجيل ۾ نيب حراست دوران فوت ٿيل ڊاڪٽر ميان جاويد جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فوتي ڊاڪٽر جي لاش کي به هٿڪڙيون لڳل آهن..
صفائي نه هجڻ ڪري مريضن سان گڏ آيل وارث به بيمار ٿيو پون
اسپتالن جي ٻن گاڏين مان هڪ ايم ايس جي استعمال هيٺ، ٻي گم
نوابشاهه: صفاہي ء سٿراہي جو خراب انتظام ھئڻ ڪري مريض سان ايندڙ سندس خدمت گار ماہٽ چويھ ڪلاڪن جي اندر بيمار ٿي دوا وٺڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا مريضن کي وارڊن تائن پھچائڻ جي لاء چار لفٽون.آھن جن مان ٽي ڪافي عرصي کان خراب آھن جڏھن تہ بلاڪ ڊي جي ھڪڙي ھلندڙ آھي پر نہ ھلڻ جي برابر آھي، معياري ء ملٽي نيشنل ڪمپنين جون دوائون ضلعي جي آفيسرن ء با اثر ماڻھن کي ايل پي ڪري ڏنيون وينديون آھن جيڪي اسپتال مہ بہ داخل نہ ھوندا آھن اسپتال جي وارڊن جي مرمت يا رنگ ڪرڻ جو ٺيڪو بہ من پسند ماڻھن کي ڏنو ويندو آھي اسپتال مہ مريضن کي ٽراما سينٽر کان وارڊن مہ.شفٽ ڪرڻ جي لاء ٽوٽل 6 ايمبولينسون آھن جنھن مان ٻہ نہ ھلڻ جي برابر آھن جڏھن تہ 3 ايمبولينس بولان جيڪي مريضن کي کڻڻ بجاء پنھنجي بااثر ماڻھن جي مريضن کي ٻين اسپتالن لاء شفٽ ڪرڻ لاء رکيون ويون آھن جڏھن تہ وينٽي ليٽر واري ايمبولينس من پسند ء وي آئ پروٽوڪول مہ استعمال لاء رکي وئ آھي. جڏھن ته ٻه ڪارون پڻ اسپتال جون ملڪيت آھن انھن مان ھڪڙي ڪار ايم ايس جي استعمال مہ آھي جڏھن تہ ٻي ڪار جي خبر ناھي تہ ڪنھن جي استعمال ۾ آھي.
پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه ۾ اهم عهدن تي ڪلارڪ ڪم ڪرڻ لڳا، سهولتون اڻلڀ
هڪ ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ رکندڙ اسپتال جي انتظاميا ڪواليفائيڊ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، گزيٽيڊ آفيسر ڀرتي نه ڪري سگھي
اسپتال جي بيڊز جي حالت خراب، سِرن جي ٽيڪ تي بيٺل، مريض ويهارڻ سان کي پٽ تي ڪريو پوي، مرمت جي مد ۾ آيل ڪروڙين رپيا خرچ نه ٿيا

نوابشاهه (ڊ ر) اڳوڻي صدر آصف زرداري جي شھر ۾ قائم سرڪاري اسپتال (پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي، اسپتال) نواب شاھ بي لاڀ بڻيل آهي، اسپتال ۾ ڪواليفائڊ گزيٽيڊ ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ ء پنج گزيٽيڊ آفيسر، جن ۾ ٻه اڪائونٽنٽ ٻه سپرينڊنٽ ء ھڪ ايڊمنسٽريٽر ڪواليفائيڊ ڀرتي ڪرڻ بدارن انھن جي خالي جاين تي اسپتال جي ڪلارڪن کان ڪم ورتو پيو وڃي، ھڪ ارب رپين کان وڌيڪ سالياني بجيٽ رکندڙ اسپتال بنيادي سھولتن کان محروم آھي. نئين ٺھيل ٽراما سينٽر کي اسپتال انتظاميا وارڊن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. جنھن ۾ آپريشن ٿيٽر، آهي نه ايمرجنسي ڪارڊيو . اسپتال ۾ ايندڙ مريض آءِ سي يو جي سھولتن کان به محروم آھن. ڳڻتي جوڳي حالت وارا مريض آءِ سي يو، دل جي مرض واري وارڊ ء آپريشن ٿيٽر تائين پھچڻ لاء ٽراما سينٽر کان منتقل ٿين ٿا، جنهن دوران ڪيترائي مريض دم ڌڻي حوالي ڪيو ڇڏين، اھڙيون شڪايتون اسپتال انتظاميا کي ڏنيو ويون پر ٽراما سينٽر۾ اڄ ڏينھن تائين سهولتون نه ڏئ سگھيي آهي. اسپتال ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ميل ء في ميل ء لوئر اسٽاف کي گڏائي 2000 کان وڌيڪ ملازم ڀرتي ٿيل آھن جڏھن ته رجسٽرار ء ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرن جو انگ 300 کان وڌيڪ آھي. مختلف بيمارين لاء اسپتال ۾ چار بلاڪ قائم ڪيا ويا آھن ھر بلاڪ ٽه ماڙ آھي ء ٽوٽل چار بلاڪ آھن ء ھر بلاڪ ۾ ٽي وارڊ آھن انھن وارڊن ۾ ڪل 879 بسترا آھن. اسپتال ۾ رکيل بيڊ اھڙا آھن جو مريض کي سمھاريو وڃي ته مريض پٽ تي ڪريو پوي، ڀڳل ٽٽل بيڊ جي ھيٺان سرون رکي مريضن کي سمھاريو ويندو آھي جڏھن ته مرمت جي مد ۾ ڪروڙين روپيا اسپتال جي بجيٽ آھي پر انھن بيڊن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي. هوڏانهن مريضن کي ملندڙ کاڌو غير معياري ھوندو آھي جنھن ڏينھن ڪنھن صحت کاتي جي آفيسر جي آمد جو اطلاع ملندو آھي ته انھي ڏينھن مرغي مريضن کي نصيب ٿيندي آھي جڏھن ته اسپتال جي ڪچن جو خرچ روزانو لکين روپيا ۾ آھي. مريضن کي اسپتال ۾ ملندڙ دوائن جي بجيٽ ڪروڙن ۾ آھي پر مريضن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دوائن بدران لوڪل ڪمپنين کان سستي اگھ مہ دوائون وٺي مريضن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن سال جي آخر ۾ مريضن کي اھي به.دوائون ڪونہ ٿيون ملن ايتري قدر جو انجيڪشن واري سرنج بہ مريض جا وارث بہ ٻاھران پرائويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪندا آھن.
ڪراچي ۾ ڪارروائي، ڪالعدم تنظيم جا 2 اهم ڪمانڊر گرفتار
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ڪالعدم تنظيم سان واسطو رکندڙ 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب، بهادر آباد ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران تحريڪ طالبان سوات گروپ سان واسطو رکندڙ ٻن دهشتگردن صابر ۽ رحمت علي کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته دهشتگرد پوليس چوڪي کي ڌماڪي سان اڏائڻ سميت ٻين دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهن، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.