fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

آمريڪا جو جديد ترين هيليڪاپٽر پهريون ڀيرو منظرعام تي

واشنگٽن: جمعو 28 ڊسمبر 2018ع: آمريڪا پنهنجي جديد ترين هيليڪاپٽر جي پهرئين وڊيو ۽ تصويرون رليز ڪري ڇڏيون آهن جنهن کي انقلابي هيليڪاپٽر ڊيزائن قرار ڏنو پيو وڃي، هيليڪاپٽر کي ايس بي ون ڊيفيئنٽ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي معنيٰ بيباڪ ۽ دلير آهي. پريس رليز موجب اهو جديد ترين هيليڪاپٽر ڪنهن به ٻئي جديد هيليڪاپٽر کان ٻٽي رفتار سان اڏام ڪندو آهي ۽ تمام گهڻو ڦڙتيلو ۽ متحرڪ آهي، ان جي ڪري ئي مستقبل ۾ اهو بليڪ هاڪ جي جاءِ وٺي سگهندو، هيليڪاپٽر جي تياري ۽ ڊيزائننگ ۾ 10 سالن جو عرصو لڳو آهي ۽ ايندڙ سال جي وچ تائين ان کي مختلف اڏامن مان گذاريو ويندو. ان جي تياري لاءِ آمريڪي فوج فيوچر ورٽيڪل لائف جي نالي سان هيليڪاپٽرن جي ڊيزائننگ جو هڪ منصوبو 2008ع ۾ شروع ڪيو هو. عراق ۽ افغانستان ۾ هيليڪاپٽرن جي اڏام دوران حادثن کانپوءِ ماهرن تجويز پيش ڪئي ته پکن کي نئين طريقي سان ٺاهيو وڃي ۽ ان کانپوءِ اهو ٻن پکن وارو حيرت جوڳو هيليڪاپٽر ٺاهيو ويو. آمريڪي بوئنگ ۽ سڪورسڪي ڪمپني گڏيل طور تي ان کي تيار ڪيو آهي، اهو هڪ غير روايتي هيليڪاپٽر آهي جنهن ۾ پروپلشن جو ٻٽو نظام آهي.
ٻٽي نظام جي تحت ان ۾ ڊبل روٽر لڳل آهن جن مان هڪ ورٽيڪل اٿم فراهم ٿيندي آهي، ٻيون پشر پروپيلر آهي جيڪو هيليڪاپٽر کي اڳئين طرف تيزي سان ڌڪيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو روايتي هيليڪاپٽرن کان ان جي رفتار ٻٽي آهي جڏهن ته ان جي دعوائن تي بحث به ڪيو پيو وڃي.

چين جي ڪوانٽم سيٽلائيٽ ذريعي ورتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل

بيجنگ (ٽيڪ نيوز) چيني سيٽلائٽ کان ڪوانٽم ٽيڪنالاجي ذريعي 24.9 بلين پڪسلز جي ڪڍيل تصوير سوشل ميڊيا توڙي مين اسٽريم ويب سائيٽس تي ٽريند ڪندي نظر اچي رهي آهي. تصوير 356 ڊگري ڪي برڊ آءِ ويو جي تصوير آهي جنهن کي ايستائين زوم اِن ڪري سگهجي ٿو جو ماڻهن جا منهن ۽ گاڏين جي نمبر پليٽن جا سنهڙا تفيصل به سولائي سان پڙهي سگهجن ٿا. اها تصوير چين جي شهر شنگهائي جي آهي، جنهن کي جنگڪن ٽيڪنالاجي ٺاهيو آهي. اها تصوير ڪمپني شنگهائي نيوز جي دعوت تي 2015ع ۾ شنگهائي اورينٽل پرل ٽائو کان ڪڍي هئي. ڪمپني جي ويب سائيٽ موجب اها  تصوير 195 ارب پڪسلز جي آهي، شهر جي خوبصورتي کي واضح ڪندڙ اها تصوير ايشيا جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا جي ٽئين وڏي تصوير آهي.

چوويهه قيراط سون جي ورق ۾ ويڙهيل آئس ڪريم

حيدرآباد(دلچسپ نيوز) جمعو 28 ڊسمبر 2018ع: آئس ڪريم جي ديوانن لاءِ خوشخبري آهي ته نيويارڪ ۾ سڀ کان مهانگي آئس ڪريم تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي  تياري ۾ سون جا ذرا ۽ ورق استعمال ڪيا ويا آهن. ان آئس ڪريم جي نه صرف تياري ۾ سون شامل آهي پر ان جي شان وڌائڻ لاءِ ان کي مهمانن آڏو پيش به سون جو پاڻي چاڙهي خوبصورت پليٽ ۾ ئي ڪيو ويندو آهي. ان سڀ کان مهانگي دعوت جو مزو وٺڻ جي قيمت هڪ هزار ڊالر آهي جنهن جي سجاوٽ دوران سون جي ورق سان ٺهيل خوبصورت گک به ان تي لڳايو ويندو آهي جنهن سان ان جي دلڪشي ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي ويندي آهي.

موبائيل فون وڪرو ڪرڻ ۾ هواوي ايپل کان به اڳتي

ڪراچي ( دلچسپ نيوز ) چيني ٽيڪنالوجي ڪمپني هواوي جي سمارٽ فونن جي وڪرو ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ هواوي ايپل ۽ سام سنگ جهڙين ناليواري ٽيڪنالوجي ڪمپنين سميت ٻين کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي.  ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ هواوي ڪمپني هلندڙ سال ڪمپني گذريل سال کان وڌيڪ موبائيل فون وڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. ڪمپني موجب 2018ع ۾ 200 ملين سمارٽ فون ڪاميابي سان وڪرو ٿيا، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ هواوي ” پي 20“ ” ميٽ 20“ سيريز ۽ هونر 10 سيريز وڪرو ٿيا.
. ڪمپني ٻڌايو ته پي 20 سيريز کي 16 ملين کان وڌيڪ واهپيدارن خريد ڪيو، جن مان اڌ انگ عورت خريدارن جو هو، ڪمپني اها دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته هواوي ميٽ 20 سيريز هلندڙ سال جي سڀ کان بهترين چِپ ثابت ٿي. ڪمپني موجب هواوي 2017ع ۾ 10 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ موبائيل فون وڪرو ڪيا هئا.  جڏهن ته 2018ع ۾ ڪمپني ان کان وڌيڪ موبائيل وڪرو ڪيا.  هواوي هلندڙ سال موبائيل ٺاهيندڙ ڪمپنين ۾ ايپل کان پوزيشن کسي ٻي پوزيشن ڪمپني جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو ۽ سڀ کان وڌيڪ موبائيل وڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

چين ۾ 12سالن تائين پاڻ کي پوليس آفيسر سڏرائيندڙ فراڊي نيٺ پڪڙجي پيو

بيجنگ (دلچسپ نيوز) چين ۾ پاڻ کي پوليس آفيسر ظاهر ڪرڻ تي دوکي جي الزم ۾ گرفتار ڪيو ويو. وانگ فينگ 12 سالن کان پنهنجي گهرواري ۽ دوستن سميت سڀني کي پوليس بڻجي بيوقوف بڻائيندو رهيو. وانگ فينگ سدائين کان پوليس آفيسر ٿيڻ چاهيندو هو، پر آفيسر ٿيڻ لاءِ وٽس تعليم ۽ تربيت نه هئي. پوليس آفيسر نه هوندي به وانگ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين پاڻ کي پوليس آفيسر ظاهر ڪندو رهيو. آخرڪار پوليس وانگ فلينگ کي فراڊ ڪرڻ جي الزام ۾ سوگهو ڪري جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو.

20 سامونڊي جهاز دنيا جي گاڏين کان وڌيڪ گدلاڻ پکيڙين ٿا

ڪراچي (دلچسپ نيوز) دنيا ۾ ماڻهو گاڏين جي دونهين بابت ڪافي حساس آهن، جنهن جي خاتمي لاءِ بجلي تي هلندڙ گاڏين کي عام ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، پر دنيا مان 20 وڏن سامونڊي جهاز سڄي دنيا جي گاڏين جي تيل ساڙڻ جيتري آلودگي پکيڙين ٿا.
15 کان 20 وڏن سامونڊي جهازن سبب هڪ پاسي آلودگي پکڙجي رهي آهي ته ٻي پاسي جهازن مان نقصانڪار گيسون به خارج ٿين ٿيون.
هوڏانهن گڏيل قومن جي ميري ٽائم تنظيم 2020 جي شروع ۾ جهازن مان سلفر جي خارج ٿيڻ جي حد طئي ڪرڻ تي رضامند ٿي وئي آهي، پر اڃا تائين ان تي ڪم ناهي ٿيو. جڏهن ته يورپين پارليامينٽ به 2021 کان سامونڊي جهاز راني کي يورپين يونين ايميشن ٽريڊنگ اسڪيم ۾ شامل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

چين ۾ ماءُ جو قاتل نينگر عدالتي ڪارروائي بنا آزاد

هونان (دلچسپ نيوز) وچ چين ۾ پوليس ماءُ کي قتل ڪندڙ نينگر کي بنا عدالتي ڪارروائي ۽ سزا ڏيڻ جي آزاد ڪري ڇڏيو.
صوبي هونان جي شهر انجايانگ سان تعلق رکندڙ 12 ورهين جي شاگرد ووبنگ کي ماءُ جي قتل الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، پر پوليس کيس سزا ڏيڻ بنا آزاد ڪيو. نينگر پنهنجي ماءُ کي رڌڻي ۾ استعمال ٿيندڙ چاقو جي مدد سان قتل ڪيو هو.
ووبنگ کي ماءُ 2 ڊسمبر تي سگريٽ چورائڻ تي مارڪٽ ڪئي هئي، نينگر جي ڏاڏي شڪي ٿي ڪمري ۾ ڏٺو ته هر پاسي رت هو.
ياد رهي ته چين ۾ ڏوهاري سرگرمين تي سزا ڏيڻ جي قانوني عمر 14 سال آهي، ان ڪري پوليس نينگر کي سزا ڏيڻ بنا آزاد ڪيو.

آمريڪي رانديگر اڪيلي سر انٽارڪٽيڪا پار ڪري ورتو

آمريڪي مھم جو ڪولن او بريڊي

انٽار ڪٽيڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪي رانديگر ۽ مهم جُو ڪولن او بريڊي سرد خطي انٽارڪٽيڪا پار ڪري هڪ نئون اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
آمريڪي ميڊيا موجب ڪولن پنهنجي سفر ۾ 932 ڪلوميٽر جو تمام ڏکيو فاصلو 54 ڏينهن ۾ طئي ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ ٽرالي سان ٻڌل 170 ڪلوگرام سامان کي به گهليو.
اهڙي ڪارنامي تي سڄي دنيا ۾ کيس پذيرائي ملي رهي آهي ۽ ماڻهو ڪولن جي وڏي همت مان تمام گهڻو متاثر ٿيا.
ڪولن سمهڻ بنا آخري ڀيرو لڳاتار 32 ڪلاڪن تائين سفر ڪيو ۽ تازو 125 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪيو، جنهن کي انٽارڪٽيڪ جي ميراٿن ڊوڙ قرار ڏنو. ڪارنامو سرانجام ڏيڻ بعد ڪولن پنهنجي وارثن کي روئيندي پيغام ڏنو ته هو هڪ ڪمري ۾ بند ٿي ان مهم تي سوچيندو رهيو ۽ ڪم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

سوئيڊن ۾ برف سان ٺهيل هوٽل عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو

اسٽاڪ هوم (دلچسپ نيوز) سوئيڊن ۾ مڪمل طور برف سان ٺهيل هوٽل عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو. لڳاتار 28هين سال کلندڙ سوئيڊن آئس هوٽل دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون برفاني هوٽل آهي. جنهن کي هر سال نومبر جي مهيني ۾ ڊيزائن ڪرڻ شروع ڪيو ويندو آهي، جيڪو 8 هفتن ۾ مڪمل ٿيندو آهي. ان هوٽل ۾ 65 ڪمرا آهن.
، جتي ڪرسيون، بسترا، دروازا، ڀتيون ۽ ٿانوَ به برف سان ئي تيار ڪيا ويندا آهن. هن سال ان هوٽل ۾ ڪمري جي ڊيزائننگ ۽ آرٽ سوئيٽس جي تياري لاءِ سڄي دنيا مان 42 فنڪارن کي چونڊيو ويو، جڏهن ته لڳ ڀڳ 100 ماڻهن ان هوٽل جي اڏاوتي ڪم ۾ حصو ورتو.

چيني سائنسدانن ٽرامي مان سون ٺاهي ورتو

بيجنگ (ٽيڪ نيوز) چين ۾ سسٽي ٽرامي مان سون ٺاهي ورتو. چيني سائنسدانن جي هڪ ٽيم سسٽي ٽرامي کي هڪ اهڙي شڪل م تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو بلڪل سون وانگر لڳي ٿو. جرنل سائنس ايڊوانسز ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو ته ان دريافت مان مهانگي ۽ ناياب ڌاتن جو ڪارخانن ۾ استعمال نمايان حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ڊاليان انسٽيٽيوٽ آف ڪيميڪل فزڪس جي سائنسدانن اها ڪاميابي حاصل ڪئي. انهن ٽرامي کي گرم ۽ برقي طور چارج آراگون گيس ۾ رکيو ته ٽرامي جي سطه تي واري جو هڪ سنهو تهه ٺهي ويو.

ايپل ڪمپني جو ڀارت ۾ يونٽ کولڻ جو فيصلو

نيويارڪ (ٽيڪ نيوز) آمريڪي موبائل ڪمپني ايپل آمريڪا ۽ چين ۾ وڌندڙ واپاري جنگ کي نظر ۾ رکندي هڪ يونٽ ڀارت ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ويجهي مستقبل ۾ آءِ فون جي تياري ڀارت ۾ شروع ڪئي ويندي. آءِ فون ڪمپني ايپل تائيوان جي هڪ يونٽ کان اڳ آزمائشي بنيادن تي آءِ فون جي تياري شروع ڪرائي رهي آهي.
، پر هاڻي ويجهي مستقل ۾ ڪمپني باقاعده طور پنهنجو يونٽ ڀارت ۾ لڳائڻ جو ارادو رکي ٿي. ڀارتي ڪميونيڪشين ڪمپنين آءِ فون پيرنٽ ڪمپني ايپل جي ڀارت آمد جي فيصلي کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي.

ڪينسر جا گِهرڙا وڏا ڏيکارڻ وارو ڪمپيوٽر نظام تيار

ڪيمبرج (ٽيڪ نيوز) سائنسدانن ڪمپيوٽر ورچوئل ريئلٽي نظام ذريعي ڪينسر جي گِهرڙا ڪيترائي ميٽر وڏا ڏيکارڻ وارو ٿِري ڊي ماڊل تيار ڪري ورتو. ان ماڊل ذريعي ڪينسر جي مرض جي سڃاڻپ ۽ تحقيق جي ڪم ۾ پڻ مدد ملندي. ماهرن موجب اهو ماڊل ٺاهڻ جو مقصد خطرناڪ ڪينسر جي واردات واري طريقي کي سمجهڻ آهي ۽ ان جي علاج جا ممڪن رستا ڳولڻا آهن. ان منصوبي ۾ عالمي ماهرن سهڪار پڻ ڪندي ان کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ ترتيبوار ڪم ڪيو.

جاپان ۾ نانگ جيان نظر ايندڙ جديد فيشن جا پاجاما تيار

ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) جاپان ۾ هڪ فيشن ڊزائن اسٽوڊيو جديد لباس جو هڪ اهڙو نمونو نمائش لاءِ پيش ڪيو آهي، جنهن کي ڏسندي ئي ماڻهو شرڪجي پوي ٿو.
جديد دور ۾ جهڙي ريت فيشن جي دنيا ۾ نت نوان، دلچسپ ۽ اچرج ڏياريندڙ فيشني ڪپڙا اچي رهيا آهن، اهڙي ئي قسم جو لباس هڪ جاپاني فيشن ڊزائن اسٽوڊيو ”مي مي“ متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي پرنٽ نانگ جي کل وانگر ڊزائن ڪئي وئي آهي. نانگ وانگ نظر ايندڙ پاجاما ڏسي ماڻهن جي حيرت جي حد نٿي رهي.
هوڏانهن اهڙو لباس متعارف ڪرائيندڙ فيشن ڊزائن اسٽوڊيو جو چوڻ هو ته ماڊلز تي نانگ کڻي ريمپ واڪ ڪرڻ تي تنقيد ڪئي ويندي هئي، جنهن سبب نانگ وانگر نظر ايندڙ پاجاما تيار ڪيا ويا آهن، جن جو مٿيون حصو نانگ جي جسم ۽ هيٺيو حصو نانگ جي منهن وانگر آهي.
سندن چوڻ هو ته پاجامن کي اهڙي طرح تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن ڏسندڙ کي پهرين نظر ۾ نانگ ڏسڻ ۾ اچي. اهڙي پاجامن جو ڊزائنون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جنهن تي صارفين تبصرو ڪندي چئي رهيا آهن ته اهي پاجاما بلڪل اصلي نانگ وانگر لڳن ٿا.

ڀارت ۾ ڳئون جنسي زيادتي جو شڪار، ڪيس داخل

نئي دهلي ( م ڊ) ڀارت ۾ ڳئون کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ وحشي صفت انسان تي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست آندرا پرديش جي علائقي گوڪي واڊا ۾ وحشي ماڻهن حيوانيت جو مظاهرو ڪندي ڳئون سان جنسي زيادتي ڪئي.
ڳئون جي مالڪ جو چوڻ هو ته منهنجي ڳئون اوچتو گم ٿي وئي هئي، ڪجهه دير بعد خراب حالت ۾ هڪ وڻ ۾ ٻڌل هٿ آئي. پرڏيهي ميڊيا موجب جانورن جي ڊاڪٽر تصديق ڪئي ته ڳئون کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي. جنهن بعد ڳئون جي مالڪ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو.

ميري لينڊ آمريڪا ۾ بيوقوف چور جي ٽي وي چورائڻ جي مزاحيه وڊيو وائرل

چور ٽي وي چورائي ڪيترن ئي منٽن تائين ڪار ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندي سهڪي پوي ٿو

ميري لينڊ آمريڪا (دلچسپ نيوز) پرنس جارج ڪائونٽي پوليس کاتي شهرين کي خبردار ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڊيوز جاري ڪيا آهن. پوليس شهرين کي پارسل ۽ پيڪيج چورن کان بچڻ لاءِ چيو. پوليس جي جاري ڪيل هڪ وڊيو کلي جوڳي آهي، جنهن ۾ هڪ چور کي پورچ سامهون رکيل وڏي ٽي وي چورائي ڊوڙندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ضدي چور ڪيترن ئي منٽن تائين ايل اي ڊي ٽي وي کي گاڏي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر آخرڪار ٽي وي کي گاڏي ۾ کڻي وڃي ٿو.
پوليس موجب اها ٽي وي فورٽ واشنگٽن جي هڪ گهر ٻاهران چورائي وئي هئي. چوري بعد چور ان ٽي وي تي ڪري به پوي ٿو.
پوليس فيس بوڪ تي ان چور جي تصوير پڻ جاري ڪئي، چور جي ڳولا به جاري آهي.