fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪوٽ لالو: اسٽيشن روڊ تي موٽر سائيڪل حادٽي ۾ نوجوان زخمي

ڪوٽ لالو (ن پ ا) اسٽيشن روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل چين ٽٽڻ سبب ڪري پئي، جنھن سبب موٽر سائيڪل سوار 20 سالن جو نوجوان محمد جمن پٽ حاڪم خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

خيرپور مان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت بازياب

خيرپور)رپورٽر)15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گودو شاپ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مبينه طور اغوا ڪيل شادي شده ناري مسمات بختيار پٺاڻ کي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خيرپور شهر ڀرسان ڦول باغ وٽان کيس بازياب ڪرائي ورتو آهي جنهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پھچي وئي آهي واضح رهي ته 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت جي ڀاءُ اظهر حسين ڪلهوڙو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس چئن جوابدارن سعيد بروهي، وسيم بروهي، حقنواز ڪلهوڙو ۽ محمد نواز ڪلهوڙو مٿان داخل ڪرايو ھو

فيض گنج ڀرسان ڳوٺاڻن پاران انڌي ٻلهڻ کي بلا سمجهي مارڻ جي ڪوشش

انڌي ٻلھڻ

فيض گنج )رپورٽر) فيض گنج لڳ پنڌرهو واهه جي آرڊي نمبر 40کان 45 آرڊي جي وچ ۾ ڳوٺاڻن پاران واهه ۾ انڌي ٻهلڻ ڏٺي وئي آهي ڳوٺاڻن موجب لاڳتو ٽن ڏينهن کان انڌي ٻهلڻ واهه ۾ موجود آهي جنهن کي ڳوٺاڻن بلا سمجهي مارڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي پر هو واهه ۾ هجڻ ڪري بچي وئي آهي،علائقي جي سڄاڻ ڌرين پاران انڌي ٻهلڻ جي موجود هجڻ بعد وائلڊ وائف کاتي سکر کي اطلاع ڪيو، اطلاع تي جهنگلي جيت کاتي جا عملدار ڄاڻا يل هنڌ پهچي ويا جن آرڊي 40 کان 45آرڊي تائين ٻهلڻ کي تلاش ڪيو، پر هو هٿ اچي نه سگجهي آهي جنهن بعد وائلڊ لائف کاتي جا عملدار واپس ٿي ويا آهن واضح رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺاڻن ٻه انڌي ٻهلڻ ساڳي هنڌ ڏسي وائلڊ وائف وارن کي اطلاع ڪيو هو جن ٻئي ٻهلڻ هٿ ڪري سکر کان سنڌو درياه حوالي ڪيون هنيون جڏهن ته واهه ۾ انڌي ٻهلڻ جي موجودڳي واري افواهن بعد علائقي جا ڪيترائي ماڻهو ڄاڻايل هنڌ تي پهچي ويا

خيرپور ۾ ڦورن ھٿان زخمي ٿيل قائدعوام يونيورسٽي جو شاگرد چئن ڏينھن کان بيھوش

خيرپور (رپورٽر)چار ڏينهن اڳ خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پوليس چوڪي واري ڳوٺ ڀرسان هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي زخمي ڪيل قائد عوام يونيورسٽي اسلام آباد جو شاگرد عرفان ڦلپوٽو اڃان تائين هوش ۾ اچي نه سگهيو آهي نه ئي واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري عمل هيٺ اچي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ عرفان ڦلپوٽي جي والد وقار احمد ڦلپوٽو، ڀاءُ مرتضيٰ ڦلپوٽي ۽ ڏاڏي حاجي رستم ڦلپوٽو پريس ڪلب خيرپور ۾ صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته عرفان چار ڏينهن گذرڻ جي باوجود بيهوشي واري حالت ۾ سکر جي اسپتال ۾ داخل آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

خيرپور: 15 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل پرڻيل ناري بازياب

15 ڏينهن اڳ چار هٿياربند ناري کي اغوا ڪري ويا هئا: پوليس

خيرپور ) ن پ ا ) پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل پرڻيل ناري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب 15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار هٿياربند پرڻيل ناري مسمات بختيار پٺاڻ کي اغوا ڪري ويا هئا، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته شهر جي ڦول باغ وٽان کيس بازياب ڪرايو ويو آهي.
اغوا بعد بازياب ٿيل عورت جي ڀاءُ اظهر حسين ڪلهوڙو جي فرياد تي 15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن پوليس اغوا جو ڪيس چئن داخل ڪيو هو، جنهن ۾ جوابدارن سعيد بروهي، وسيم بروهي، حق نواز ڪلهوڙو ۽ محمد نواز ڪلهوڙو کي نامزد ڪيو ويو هو

خانواهڻ: منشيات ۽ جوا جو ڪاروبار وڌي ويو، نوجوان نسل تباهه ٿيڻ لڳو

پوليس منشيات ۽ جوا جي ڪاروبار کي روڪڻ بدران ڏهاڙيون ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ورتو

خانواهڻ ۾ شاگرد ڪچي شراب سوڌو ٻيو نشو واپرائڻ لڳا، کين روڪڻ وارو ڪير به نه آهي

خانواهڻ (ن-پ-ا) خانواھڻ۔ خانواھڻ ۾ پوليس انتظاميه پاران منشيات جي خريد و فروخت ۽ جوا جي اڏن جي کلي ڇوٽ، نوجوان نسل تباھ ٿيڻ لڳو، پوليس انتظاميه غير قانوني ڌنڌن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، تاريخي شھر خانواھڻ پوليس انتظاميه جي مجرماڻي غفلت سبب اصل سڃاڻپ وڃائي ويٺو، سياسي، سماجي ڌرين پاران احتجاج جو چتاءُ، خبر موجب خانواھڻ ديھات تنيا بقا شاهه ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پوليس انتظاميه غير قانوني ڌنڌن جي روڪٿام بدران انھن کي عام ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي ويئي خانواھڻ پوليس اندر غير قانوني ڌنڌن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي جوا ۽ منشيات جي واھپي جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي، جنھن سبب خانواھڻ جي سمورن شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن خانواھڻ تنيا بقا شاهه ديھات ۽ٻين ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۽ شهرجي مين چونڪن ۽ محلن ۾ جوا جا اڏا ۽ ڪچي شراب جي بٺيون پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيون آهن جتان اسڪولي شاگردبه ڪچوشراب خريدڪري واپرائين ٿاجنهن سبب شاگردن جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي ان کان علاوه گٽڪو، مين پڙي، زيڊ21-سفينا-رجني جهڙين زهريلن شين جو وڪروعام ٿي ويو آهي ۽ جوا جا اڏا پڻ شھرن جي مختلف علائقن ۾ سرعام بنان ڪنھن ڊپ جي ھلي رھيا آھن، جنھن سبب خانواھڻ ۽ ان جي آسپاس اندر ھڪ طرف ڏوھاري سرگرمين ڪر کنيو آھي ته ٻئي طرف نوجوان نسل پڻ تباھ ٿي رھيو آھي ذريعن موجب منشيات ۽ جوا جي اڏن تان پوليس ھر مھيني لکين روپين جون منٿليون وصول ڪري رھي آھي، پوليس انتظاميه جي ناقص ڪاڪردگي سبب عوام ۾ عدم تحفظ جي لھر پئدا ٿي ويئي آھي، خانواھڻ جي ينگ ايڪشن ڪميٽي شھري اتحاد واپاري ايسوسيئيشن ملاح ويلفيئر جماعت اھلسنت غوثيا انجمن جي اڳواڻن غلام النبي سولنگي سيد زاڪر علي شاهه ڪامريڊ غلام الرسول جلباڻي ۽ سياسي، سماجي ڌرين پوليس انتظاميه جي ان ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو ته پوليس انتظاميه پنھنجو قبلو درست ڪري خانواھڻ مان سماجي براين جو خاتمو نه آندو ويو ته احتجاج جو ھر رستو اختيار ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڦورن جي فائرنگ جو زخمي ڪنب واسي معذور

خيرپور(رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي شاهراهه فيصل تي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪنب واسي پورهيت اشرف علي مهراڻي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو. زخمي پورهيت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن هفتو علاج کانپوءِ کيس فارغ ڪري ڇڏيو آهي. پورهيت گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي. پورهيت پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مان شاهراهه فيصل تان گذري رهيو هئس ته پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ ٿي پئي، جنهن دوران مونکي پٺيان گولي لڳي وئي. پورهيت مطالبو ڪيو آهي ته سندس مالي سهائتا ڪئي وڃي.

خيرپور بس اسٽينڊ تي دڪان ڊاهڻ خلاف پورهيتن جي بک هڙتال

خيرپور)رپورٽر)خيرپور ۾ پراڻي بس اسٽينڊ تي قائم دڪان ڊاهڻ ۽ سوين پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ واري عمل خلاف ٽئين ڏينهن به سيشن ڪورٽ خيرپور آڏو علامتي بک هڙتال جاري رهي ڪالهه بک هڙتالي ڪئمپ تي پورهيتن جي اڳوانن عاشق حسين بگٽي، لالا شاهد حسين پٺاڻ، امداد ڦلپوٽو، عزيز الله شيخ، منور شيخ، توقير مانڊڻ، سليم منگي، بابر شيخ، عبدالرزاق شيخ، لياقت آرائين سميت سوين دوڪاندارن ۽ پورهيتن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته پراڻي بس اسٽينڊ تي قائم ڊينٽرن، پينٽرن، مڪينيڪل، هوٽل، اسپيئر پارٽس جي قديمي دوڪانن کي نام نهاد حڪمرانن، ڇاڙتن جي چرچ تي دوڪاندارن سميت دوڪانن تي ڪم ڪندڙ سوين پورهيتن کي بيروزگار ڪري اسان جي ٻچڙن کي بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ، اسان جي ٻچن تي رحم ڪري اسان کي متبادل جڳهه ڏني وڃي ته جيئن اسان پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪري سگهون جيستائين اسان کي متبادل جڳهه نه پئي ڏني وڃي تيستائين اسان جي بک هڙتالي ڪئمپ جاري رهندي.

ڪنب مان 3 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل نوجوان جو پتو نه پيو

خيرپور (رپورٽر)ڪنب لڳ شھباز ڪالوني مان واپاري فرهاد علي ملاح جو 19 ورهيه نوجوان پٽ احسن علي ملاح ٽن ڏينھن کان گم ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ نوجوان جي وارثن ۾ شديد بي چيني پکڙيل آهي. لاپتا ٿي ويل نوجوان جي والد فرحاد علي ملاح جو چوڻ آهي ته ٽي ڏينهن اڳ سندس پٽ گهر کان شهر طرف ڪنهن ڪم ڪار سانگي نڪتو جنهن بعد هو واپس نه موٽيو آهي ،ڪنب ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ ۽ سندس ڳولها ڪرڻ جي باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي.

وڏا ماڇيون لڳ هٿياربندن وين کي روڪي ورتو،ڦرلٽ بعد فرار

پيرجوڳوٺ(ن پ ا)وڏا ماڇيون لڳ هٿياربندن هٿان ڪيري وين يرغمال، ڦرلٽ بعد ڇڏيو ويو،ان ڏس ۾ وڏا ماڇيون لڳ مانگ اسٽاپ وٽ هٿياربندن ڪيري وين مالڪ نويد ميمڻ کي ڊرائيور سميت هٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي 90 هزار روپيه روڪ، موبائيل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي کين تشدد جو نشانو بنائي فرار ٿي ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته نويد ميمڻ جيڪو ڪيري وين ذريعي موبل آئل ۽ آٽوز جو سامان وڪرو ڪندو آهي ۽ هوُ وڏا ماڇيون مان سامان وڪرو ڪرڻ بعد ٺيڙهي وڃي رهيو هو.

ڪنب ۾صحافي جي گرفتاري خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

ڪنب (ن پ ا) ڪنب جي جي صحافي وحيد ڄامڙو جي گرفتاري خلاف يونين آف جرنلسٽ ڪوٽڏيجي جي سڏ تي هريش ڪمار، همت تمراڻي، سليم رضا لنڊ، شاهد سومرو، شاهرخ سومرو، امير بخش گوپانگ، شاهد حاجاڻو، احمد علي رند، امان الله بگٽي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين دانهيو ته ڪنب جي صحافي وحيد ڄامڙو کي بنا جواز راڻيپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ظلم آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته صحافي کي آزاد ڪري ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

فيض گنج اسپتال، جِتي پيٽ سور جي گوري به نٿي ملي، بجيٽ هڙپ

فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ڪوس گهر ۾ تبديل ٿي وئي آهي، مريضن کي دعوائون ملڻ مشڪل، ايم ايس سرڪاري دوائون کپائي ڇڏيون، صحت کاتي نوٽيس نه ورتو. فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سبب مريض پريشانيون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. پنهنجي اخبار جي سروي موجب، ايم ايس جي ملي ڀڳت سان ڊاڪٽرن خانگي ڪلينڪون کولي ورتيون آهن،جنهن سبب سرڪاري اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي ذاتي ڪلينڪن تي اچڻ جي صلاح ڏني پئي وڃي. صحت کاتي پاران ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏنل ايمبولينس توڙي ٻيون گاڏيون مرمت نه ٿيڻ جي ڪري تباهه ٿي ويون آهن. سرڪاري اسپتال اندر دل ۽ عورت جو ويم گهر 5 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو، پر انتظامي نااهلي ان عمارت کي به تباهي جي ور چاڙهي ڇڏيو. اسپتال ۾ لڳل 8 سي سي ٽي وي ڪئمرائون خراب آهن، جنهن سبب ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي جا فوٽيج نه ملي سگهندا.

ڪي اين شاهه ۾لائبريري جو ڪم اڻپورو، 6 سالن ۾ 2 ڪروڙ رپيا چٽ ٿيڻ جو انڪشاف

خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاهه ۾ نامياري شاعر وفا ناٿن شاهي جي نالي سان منصوب لائبريري 6 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهي، جڏهن ته ملازم گهر ويٺي پگهار وٺي رهيا آهن.شھر ۾ لائبريري نه هجڻ ڪري شاگرد توڙي اديب ڪتابن جي مطالعي کان محروم آھن. شاگردن اياز ٻرڙو، حافظ انور کوهارو، فقير علي حسن، سهيل چانڊيو، سنڌو ملاح، ماجد ٻگهيو، حافظ حاجن لغاري ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته لائبريري نه هئڻ سبب کين ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته 6 سال گذرڻ باوجود ڪم اڻپورو هئڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. هنن الزام مڙهيو ته بااثر لائبريري تي قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن ڪري ڪم رلي ويو آهي، نوٽيس ورتو وڃي.

خيرپور ۾ پراڻو بس اسٽاپ ڊاهڻ خلاف دڪاندارن جي علامتي بک هڙتال

خيرپور (ن پ ا) شهر جي پراڻي بس اسٽاپ وٽان دڪان ڊاهڻ خلاف دڪاندارن ٻارن سميت ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي.سيشن ڪورٽ ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪندڙ ساجد ملڪ، عاشق حسين بگٽي، اعجاز جاگيراڻي، غلام قاسم ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيو ته ضلعي انتظاميان بلڊر مافيا سان ملي ڀڳت ڪري اسان جا 126 دڪان، ھوٽلون بنا جواز ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي ڪري ھڪ ھفتي کان اسان جي گھر جا چلها نه ٻريا آهن ۽ ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن. هنن چيو ته 6 ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو بک هڙتالي ڪئمپ تي لڙي ناهي آيو. ھنن چتاءُ ڏنو تھ متبادل دڪان نه ڏنا ويا ته مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال جاري رھندي.

خيرپور ڀرسان ڳوٺ ۾ باهه لڳي وئي،4 گهر سڙي ويا

خيرپور(رپورٽر)خيرپور ڀرسان ڪوٽڏجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ديهه سوهو ۾ جاويد ڀٽي جي گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، تيز باهه مختيار ڀٽي،عباس ڀٽي ۽ پرويز ڀٽي جي گهرن کي لپيٽ ۾ آڻي ورتو ۽ گهرن ۾ رکيل اناج،هنڌ بسترا، کٽون سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي،باهه جي اطلاع تي ڳوٺ واسين فوري طور تي باهه وساڻ جي ڪوشش ڪئي پر تيز باهه تي ضابطو اچي نه سگهيو اطلاع تي فائر برگيڊ جي 2 گاڏين پهچي وڏين ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو. متاثرن ميڊيا کي ٻڌايو ته باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو،اوچتو تيز باهه گهرن کي لپيٽ ۾ آڻي ورتو نتيجي ۾ سمورو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو .

1 2 3 5