خيرپور (رپورٽر)ڪراچي پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ اسد عمراڻي جي ڀاءُ عنايت عمراڻي مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف خيرپور ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن فضل شيخ، اشفاق سرڪي، مشتاق سرڪي، عاشق جمالي، فواد حداد، سڪندرسومرو، گل محمد، قمرالزمان ڏنور، ارشاد حسين مڱريو، شيرازجماڻي، عامر جماڻي چيو ته پوليس انتقامي ڪاروائي تحت پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رھي آهي، عنايت عمراڻي جو ڏوهه اھو آهي جو ھو پنهنجي بيگناهه قتل ڪيل ڀاءُ اسد عمراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيو ھو جنهن سبب سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسد عمراڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ عنايت عمراڻي کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.
پريالوءِ: سنڌي ادبي سنگت پاران سرمد سنڌي جي مزار تي حاضري
سريلي راڳي جي 22 ورسي جي موقعي تي وفد پاران گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري وئي
پريالوءِ(ن پ ا)سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جي وفد سنگت جي سيڪريٽري سجاد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ سنڌ ڌرتي جي سريلي راڳي ۽ سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌي جي 22 ورسي جي موقعي تي سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا پڻ گهري. ان موقعي تي سجاد ميراڻي چيو ته اسان سنڌ ثقافت کاتي کان گهر ٿا ڪريون ته پريالوءِ ۾ سرمد سنڌي جي نالي سان آڊيٽوريم ۽ لائبريري ڏني وڃي ۽ هر سال سرمد جي ورسي سرڪاري سطح تي ملهائي وڃي. ان موقعي تي نوجوان ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن مخدوم شمس چيو ته سرمد سنڌي پهنجي ڪلا وسيلي سنڌ جي نوجوانن ۾ جاڳرتا ۽ شعور آندو. نوجوان شاعر ڪلياڻ ڪٽهڙا چيو ته سرمد جو آواز سنڌ ۽ سنڌ واسين جو آواز هو. سنگت جي وفد ۾ سيد نواز علي شاھ، هريش ڪمار، سيد اعجاز علي شاھ، عنايت ٻرڙو ۽ ٻيا پڻ شامل ھئا.
خيرپور: دڪان ڊاهڻ خلاف دڪاندارن جي علامتي بک هڙتال
ضلعي انتظاميه مافيه سان ملي ڀڳت ڪري 126 دڪان ۽ هوٽلون ڊاهي ڇڏيون: دڪاندار
متبادل دڪان نه ڏنا ويا ته مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين: دڪاندارن جو چتاءُ
خيرپور (ن پ ا) شهر جي پراڻي بس اسٽاپ وٽان دڪان ڊاهڻ خلاف دڪاندارن ٻارن سميت ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي.
سيشن ڪورٽ ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪندڙ ساجد ملڪ، عاشق حسين بگٽي، اعجاز جاگيراڻي، غلام قاسم ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيو ته ضلعي انتظاميان بلڊر مافيا سان ملي ڀڳت ڪري اسان جا 126 دڪان، ھوٽلون بنا جواز ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي ڪري ھڪ ھفتي کان اسان جي گھر جا چلها نه ٻريا آهن ۽ ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن.
هنن چيو ته 6 ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو بک هڙتالي ڪئمپ تي لڙي ناهي آيو، متبادل دڪان نه ڏنا ويا ته مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال جاري رکي ويندي.
ڪوٽ لال: پورهيت جي گهر تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي، هڪ جوابدار گرفتار
ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو پوليس پورهيت جي گهر تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو.
جلالجي چودڳي لڳ پوليس هڪ گهر تي چڙهائي ڪري شر برادري سان واسطو رکندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته پورهيت جي گهر تي حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏيبهن اڳ جوابدارن پورهيت اعجاز ونگي جي گهر تي حملو ڪري عورتن سميت گهرڀاتين کي زخمي ڪري وڌو هو
سپلا ۽ يونيورسٽي جهيڙي ۾ شاگرد پيسجي ويا، 60 هزار نوجوان متاثر
پروفيسرن ۽ ليڪچررن جي بائيڪاٽ جي ڪري انتظاميا 28 ڊسمبر وارا امتحان مهمل ڪري ڇڏيا
خيرپور(رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو)سپلا طرفان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي امتحانن جي بائيڪاٽ ۽ يونيورسٽي پاران امتحان ملتوي ڪرڻ واري فيصلي سبب بي اي ۽ ايم اي جا 60 هزار کان وڌيڪ شاگرد متاثر ٿيندا. سپلا پاران امتحانن جو بائيڪاٽ ڪرڻ سبب لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه 28 ڊسمبر کان ڪاليج سائيڊ جي ٿيندڙ امتحانن کي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لطيف يونيورسٽي جي ترجمان ابراهيم کوکر يونيورسٽي طرفان ساليانه امتحان 2018 جون تمام تياريون مڪمل هئڻ باوجود سپلا جي بائيڪاٽ ۽ ڪاليج جي استادن جي اڻپوري تياري ڪري وقت تي امتحان ڪرائڻ مشڪل ٿي پيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي يونيورسٽي انتظاميه شاگردن کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ نيئن تاريخ تائين امتحان ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ھن چيو ته سپلا جي بائيڪاٽ سبب 60 ھزار شاگردن جو مستقبل تباهه ٿي رھيو آھي ان ڪري ھنن کي بائيڪاٽ ختم ڪرڻ گهرجي
ڪنگري لڳ باهه لڳڻ ڪري 10 جريب ڪمند جو فصل سڙي رک
پيرجوڳوٺ (ن پ ا) ڪنگري لڳ اوچتو باهه لڳڻ ڪري 10 جريب ڪمند جو فصل سڙي رک، لکين روپين جو نقصان، رپورٽ موجب ڪنگري لڳ ڳوٺ گلڻ ناريجو ۾ اوچتو باهه لڳڻ ڪري آبادگار محمد گلڻ ناريجو، نذير احمد، حاجي ميهر ناريجو جو بيٺل 10 جريب ڪمند سڙي رک ٿي ويو جنهنڪري آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پئجي ويو، ان ڏس ۾ آبادگارن محمد گلڻ ناريجو، حاجي ميهر ۽ ٻين ٻڌايو ته اوچتو باهه لڳڻ ڪري اسان جو 10 جريب تيار ٿيل ڪند سڙي رک ٿي ويو جنهنڪري اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ زراعت کاتي جي صوبائي وزير کان گھر ڪئي ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪري اسان کي مالي بدحالي کان بچايو وڃي.
خيرپور ۾ ڳوٺاڻن جو اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف مظاهرو
خيرپور (ن پ ا) خيرپور ڀرسان ڳوٺ سائين بخش شر جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ ٻن سالن کان استاد مقرر نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب اسڪول ۾ پڙهندڙ ٽي سئو کان مٿي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ انهن جي والدين علي ڏنو شر، ربنواز شر، عبدالڪريم شر، عاشق علي شر ۽ ٻين تعليم کاتي جي انتظاميه خلاف احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان اسڪول ۾ استاد مقرر ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آھي استاد مقرر نه هجڻ سبب سرندي وارا پنهنجي اولاد کي پڙھائڻ لاءِ ڪجھ ٻين شھرن ڏانهن لڏي ويا آھن جڏھن ته ڪجھ والدين پنهنجا گلن جهڙا ٻارڙا ست ڪلوميٽر فاصلي تي حسين آباد جي اسڪول ۾ پڙھائي رهيا آھن. هنن ٻڌايو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ٽي اي او پرائمري ۽ ڊي اي او لياقت علي خاصخيلي کي درخواستون ڏنيون آھن پر انهن هر ڀيري اهو جواز ڄاڻايو آھي ته في الحال استادن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳل آهي. هنن تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ سائين بخش شر جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ فوري طور تي استادن جي مقرري ڪئي وڃي ته جيئن ٻارڙن جي تعليم متاثر نه ٿئي.
لطيف يونيورسٽي ۽ سپلا ۾ دنگل: ڪاليج سائيڊ جا امتحان ملتوي

خيرپور/سکر (نمائدن وٽان) خيرپور ۾ واقع شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچررز ايسوسئيشن (سپلا) وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا، يونيورسٽي ماتحت ڪاليجن ۾ 28 ڊسمبر کان ٿيندڙ سالياني امتحانن جو سپلاءِ پاران بائيڪاٽ جو اعلان. يونيورسٽي انتظاميه امتحان ئي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيا. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميه ۽ سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچرار ايسوسئيشن (سپلا) سکر، لاڙڪاڻو ريجن وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، يونيورسٽي انتظاميه جي رويي تي سڏايل سپلا جو سڏايل هنگامي اجلاس گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج جي عهديدارن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽي انتظاميه طرفان گذريل سال لکت ۾ ڪيل معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي سنجيدگي توڙي دلچسپي جو مظاهرو ناهي ڪيو، اِن سان گڏ اعلانيل امتحان ۾ صرف ٻه ڏينهن هئڻ باوجود وڏي انگ ۾ شاگردن جون امتحاني سلپون سينٽر تي نه پهچڻ توڙي استادن کي ڊيوٽين متعلق آگاهه ئي ناهي ڪيو ويو. جنهن ڪري گڏجاڻي ۾ شريڪ سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج جي صدر پروفيسر سيد اصغر علي شاهه، جنرل سيڪريٽري پروفيسر مشتاق احمد ڦلپوٽو، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري عبدالجبار سولنگي، سينيئر نائب صدر پروفيسر الطاف کهرو، نائب صدر پروفيسر نظر احمد مهر، مختلف ڪاليجن جي پرنسپلز گورنمينٽ اسلاميه آرٽس اينڊ سائنس ڪاليج سکر جي پرنسپل پروفيسر محمد ايوب مري، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپل پروفيسر غلام سرور قريشي، پرنسپل گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور محمد اطهر هنجراهه، سپلا سکر ضلعي جي صدر پروفيسر غفران الله بلوچ، گهوٽڪي جي صدر پروفيسر وقار احمد قائمخاني، شڪارپور جي صدر پروفيسر سعيد احمد منگي، خيرپور جي صدر پروفيسر لال بخش سوهو ۽ ٻين متفقه طور تي 28 ڊسمبر تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ماتحت ڪاليجن ۾ ٿيندڙ امتحانن جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميه جيستائين سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪندي تيستائين امتحانن جو بائيڪاٽ جاري رهندو. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي صدر پروفيسر سيد اصغر علي شاهه پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميه ڪاليج سطح تي تعليمي عمل ۾ مڪمل طور غير سنجيده آهي جنهن متعلق مختلف وقتن تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه توڙي لاڳاپيل اختيارين وٽ پڻ شڪايتون ڪيون آهن پر لکت ۾ معاهدو ٿيڻ باوجود سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪيو ويو. امتحاني شاگردن جون سلپون جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن اڳ ڪاليجن ۾ پهچائڻون آهن اُهي امتحانن ۾ ٻه ڏينهن رهجڻ باوجود ناهن پهتيون. داخلا جي پاليسي ۽ سالياني تعليمي ڪئلينڊر جي تياري لاءِ گذريل سال لکت ۾ خاطري ڪرائي وئي جنهن تي به هن وقت تائين ڪو عمل ناهي ٿي سگهيو. يونيورسٽي انتظاميه جي اهڙي غيرسنجيده رويي سبب ڪاليجن جي پرنسپلز ۽ سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي عهديدارن متفقه طور تي 28 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. بائيڪاٽ کان پوءِ لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه 28 ڊسمبر کان ڪاليج سائيڊ جي ٿيندڙ امتحانن کي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لطيف يونيورسٽي جي ترجمان ابراهيم کوکر پڌرائي جاري ڪندي سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن طرفان يونيورسٽي انتظاميه تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي ٻڌايو آهي ته يونيورسٽي جي ساليانه امتحان 2018 کان پهريان ئي سپلا جي نمائندن جا سمورا مطالبا مڃيا ويا هئا. تمام بقايائون ۽ معاوضا پڻ ادا ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سپلا طرفان جاري ڪيل انگ اکر غلط فهمي ۽ مفروضن تي ٻڌيل آهن، يونيورسٽي طرفان ساليانه امتحان 2018 جون تمام تياريون مڪمل هئڻ باوجود سپلا جي بائيڪاٽ ۽ ڪاليج جي استادن جي اڻپوري تياري ڪري وقت تي امتحان ڪرائڻ مشڪل ٿي پيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي يونيورسٽي انتظاميه شاگردن کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ نيئن تاريخ تائين امتحان ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.
”مان جوئي آهيان، سوئي آهيان“ فيم موٽڻ شاهه بيماري جي بستري داخل
صوفي راڳي غربت سبب موٽڻ شاهه علاج ڪرائڻ کان به لاچار، سرڪار بھ سار نه لڌي
بابا سخت بيمار آهي، اسان ۾ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي: موٽڻ شاهه جو پٽ

پير جوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه بيماري جي بستري ڀيڙو ٿيويو آهي، غربت سبب علاج ڪرائڻ کان به لاچار آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جو مشهور صوفي راڳي “مان جوئي آهيان سوئي آهيان” “گھنڊ کول ديدار ويکائو مين آيا مک ويکڻ” مشهور ڪلام چئي شهرت جي بلندين تائين پهچندڙ سيد موٽڻ شاهه گذريل 4 سالن کان وٺي بيماري ڪري هن ڳائڻ ڇڏي ڏنو آهي. سيد موٽڻ شاهه جي پٽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته کيس باٿ روم تائين سهارو ڏئي آندو وڃي ٿو. هن چيو ته بابا جي سخت بيمار ٿيڻ ڪري سخت پريشان آهيون ۽ مسڪين ٿي وڃڻ ڪري هن جو علاج به نه ٿا ڪرائي سگھون.
موٽڻ شاهه سنڌي، اردو، پشتو، سرائڪي، فارسي ٻولين ۾ گيت ڳايا
پير جوڳوٺ: سنڌ جي مشهور صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه پنجن ٻولين سنڌي، اردو، پڇتو، سرائڪي، فارسي زبانن ۾ گيت ڳايا جيڪي اڄ به مشهور آهن. صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو جيڪو مقامي سطح تي ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ بعد ۾ مشهور صوفي راڳي استاد غلام حسين خاصخيلي کان سکيا وٺي راڳ جي دنيا ۾ باقائدي پير پاتو.
صوفي راڳي موٽڻ شاهه لطيف ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز ماڻي چڪو
پير جوڳوٺ: راڳ جي دنيا مڃتا ماڻيندڙ مشهور صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا آهن جن ۾ وڏو وزير ايوارڊ، گورنر ايوارڊ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا جيڪي هن وقت گھر جي ميز تي سجايل آهن، ايوارڊن جي باري ۾ پڇيل جي سوال جي جواب ۾ سيد موٽڻ شاهه نماڻي آواز ۾ چوي ٿو ته اهي مليل ايوارڊ منهنجي زندگي جو ته حصو ضرور آهن پر اهي پيٽ جي بک اجھائي نه ٿا سگھن انهن ايوارڊن کي ڏسي اکين ۾ لڙڪ لڙي ايندا آهن.
“بيروزگار نه ڪريو ”خيرپورجي دڪاندارن جي ڪورٽ آڏو بک هڙتال،نعريبازي
پراڻي بس اڏي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ موجود 126 دڪانن کي پٽ ڪرڻ خلاف متاثرن رات به ڪورٽ آڏو گذاري
ضلعي انتظاميه حددخلين جي نالي تي سالن کان قائم دڪان پٽ ڪري هزارين ماڻهن کان روزگار کسيو : متاثر
خيرپور (رپورٽر)خيرپور ۾ ضلعي انتظاميه طرفان پراڻي بس اسٽينڊ تي موجود دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ واري عمل خلاف دڪاندارن، مسترين ۽ هوٽلن جي مالڪن سيشن ڪورٽ ٻاهران ٻي ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي جڏهن ته احتجاجن طور تي متاثر مسترين، دڪاندارن، ھوٽلن جي مالڪن رات بک هڙتالي ڪئمپ تي گذاري . بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ڪندڙن ساجد ملڪ، عاشق حسين بگٽي، اعجاز جاگيراڻي، غلام قاسم ڪلهوڙو، عمران شيخ ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميان بلڊر مافيا کان لکين روپيه رشوت وٺڻ کان اسان جا بنا جواز جي 126 دڪان، ھوٽلون ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب اسان بيرزگار ٿي ويا آهيون ڪو به پڇڻ وارو ناهي 5 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ ڪالھ کان وٺي ڏينهن رات بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي بک هڙتالي ڪئمپ تي نه آيو آهي چونڊيل نمائندا پنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن اسان جا ٻچا فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي متبادل دڪان نه ڏنا ويا ته مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال جاري رکي ويندي.
خيرپور ۾ حددخلي آپريشن متاثرن جي عدالت ٻاهران بک هڙتالي ڪئمپ قائم
خيرپور (رپورٽر)خيرپور ۾ ضلعي انتظاميه طرفان پراڻي بس اسٽينڊ تي موجود دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ واري عمل خلاف دڪاندارن،مسترين ۽ هوٽلن جي مالڪن سيشن ڪورٽ ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي. بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ساجد ملڪ، عاشق حسين بگٽي، اعجاز جاگيراڻي، غلام قاسم ڪلهوڙو، عمران شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميه پراڻي بس اسٽينڊ تي موجود اسان جي دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ،جنهن سبب اسان بيرزگار ٿي ويا آهيون ۽ اسان جا ٻچا فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه اسان کي يقين ڏياريو هو ته 17 ڊسمبر تي اوهان کي متبادل دڪان ڏنا ويندا ته جيئن توهان پنهنجو روزگار ڪري سگهو پر ان تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ان ڪري مجبور ٿي بک هڙتال شروع ڪئي آهي ان جي باوجود مسئلو حل نه ٿيو ته معصوم ٻچن سميت شروع ڪيل بک هڙتال جاري رکنداسين.
چونڊڪو ٽائون جي چيئرمين ۽ ٽي او ۾ اختلاف، ٽن مهينن کان پگھارون بند
آفيسرن جي اختلافن جو نتيجو 400 جي لڳ ڀڳ ننڍا ملازم ڀوڳڻ لڳا
پگھار نه ملڻ جي ڪري صفائي عملي ڪم ڇڏي ڏنو، شهر ۾ گندگي
نارو(رپورٽ:رحيم بخش ناريجو) ٽائون ڪاميٽي چونڊڪوجي چيئرمين ۽ ٽائون آفيسروچ ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ حصي پتي تان مبينا اختلاف پيدا ٿي ويا آهن جنهن سبب ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي 400 جي لڳ ڀڳ ملازمن جون ٽن مهينن کان پگهارون بند ڪيون ويون آهن ملازمن جون پگهارون بند هجڻ سب سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پگهارون جاري نه ٿيڻ سبب صفائي عملي شهر ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي نيشنل بئنڪ.مين بازار.مين بس اسٽينڊ ۽ هندو برادري جي عبادت گاه مندرن ٻاهران گندگي جي ڍيرن سميت سمورو شهر گندگي جي ورچڙهي ويو آهي ۽ ناليون ابتيون وهڻ لڳيون آهن جڏهن ته اعتماد جوڳن ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته ملازمن جي پگهارن سميت سموري بجيٽ هڙپ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر ڪجھ هفتن کان غائب مان غائب آهن ۽ ڪوبه ملازم آفيس اچڻ لاء تيارناهي ۽ ٽائون جي آفيس ويراني جو ڏيک ڏئي رهي آهي ڪم ڪار لاء ايندڙ شهري آفيس خالي ڏسي مايوس ٿي موٽي وڃن ٿا شهر جي ويراني ۽ تباهي تي شهر جون سياسي سماجي ڌريون ۽ ٽائون ڪاميٽي چونڊڪوجا چونڊيل ميمبر خاموش تماشائي بڻيل آهن.
گندگي جا ستايل شهري روڊن تي نڪري آيا، ٽائون عملي خلاف احتجاج
عملو صفائي ڪرڻ لاء تيار ناهي، ملازم چون ٿا اسان کي پئسا ڏيو: شهري
آفيس شڪايت کڻي وڃون ٿا ته ڪير ملي نٿو، ڪمشنر سکر نوٽيس وٺي
چونڊڪو: شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين سريچند مل.وجيش.۽ ٻين هندو محله جي مک چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هڪ مهيني کان صفائي عملو شهر ۾ صفائي ڪرڻ لاء تيار ناهي ملازمن کي صفائي لاء چئون ٿا ته هو چون ٿا اسان کي پئسا ڏيو اسان جون ٽن مهينن کان پگهارون بند آهن ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن آفيس ۾ شڪايت کڻي وڃون ٿا ته آفيس ۾ ڪير ملي نٿو هنن ڪمشنر سکر.ڊي سي خيرپور کي اپيل ڪئي ته هن مسئلي جو نوٽيس ورتو وڃي. ان سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي چيئرمين ممتاز علي آرادين سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس موبائل نمبر تي ڪوڊ لڳل هو ۽ رابطو نه ٿي سگهيو
چيئرمين صحيح ڪري ته پگهارون جاري ٿي وينديون: ٽائون آفيسر
چونڊڪو: ٽائون آفيسر ممتاز علي انڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان ملازمن جي پگهارن جي شيٽ تي صحيح ڪري جي آڊٽ ڪرائي آهي صرف چيئرمين صحيح ڪري ته پگهارون جاري ڪيون وڃن پر چيئرمين صحيح نٿو ڪري ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان.
ڪوٽ بنگلو ۾ زمين مان گاهه ڪرڻ تان نينگر تي وحشياڻو تشدد
ڪنب(ن پ ا)ڪوٽ بنگلو ۾ بيرحم شخص اٺن سالن جي نينگر تي تشدد ڪري کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو،ان ڏس ۾ ڪوٽ بنگلو شھر۾ وساڻ سي اين جي ڀرسان بااثر شخص شفيع محمد خاصخيلي پاران ٽئين ڪلاس ۾ پڙھندڙ اٺن سالن جي نينگر سعيد ولدراضي خان سيال کي تشدد جو نشانو بڻايو ان موقعي تي ٻارڙي جي والد ۽ شھرين ٻار کي ڇڏايو ، نينگر جي والد راضي خان سيال ٻڌايو ته بااثر شخص منهجي پٽ تي تشدد ڪيو ،هن چيو ته سندن چوڻ ھو ته تنهجي پٽ منهنجي زمين مان گاه پٽيو آھي، هن ٻڌايو ته اسان وٽ گهر ۾ ٻڪري به ڪانهي ته گاه ڇو کپي؟ٻي طرف نينگر جي والد جي فرياد تي ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي ويئي آھي۔
خيرپور ڀرسان ڦر جي ڪوشش مزاحمت تي قائد عوام يونيورسٽي جو شاگرد مرڻينگ
خيرپور (رپورٽر)کجور منڊي جي مشهور واپاري اڳواڻ وقار ڦلپوٽي جو نوجوان پٽ ۽ قائد عوام اسلام آباد يونيورسٽي جو شاگرد عرفان علي ولد غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو واري ڳوٺ کان کجور منڊي طرف اچي رهيو هو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سينٽرل جيل ڀرسان نامعلوم هٿياربندن کانئس هزارين رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو. ان موقعي تي هٿياربند مزاحمت تي کيس مٿي ۾ پسٽل جا بٽ هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد اتان گذرندڙ ماڻهن نوجوان کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايو ۽ سندس وارثن کي اطلاع ڏنو. سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن اطلاع تي پوليس ڪتن ذريعي پيرا کڻايا پر آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.
خيرپور:مزدوري کان انڪار تي لوڊر ڊرائيور نينگر مٿان گاڏي چاڙهي ماري ڇڏيو
ڪريش پلانٽ تي الهوڌايو بڙدي کي معاوضي کان وڌيڪ مزدوري ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو ويو
نينگر جو هيٺيون ڌڙ چيڀاٽجي ويو،اسپتال نيئندي فوت ،جوابدار فرار ٿي ويو
خيرپور (رپورٽر) ڪريش پلانٽن تي گهٽ عمر جي ٻارڙن کان مزدوري ڪرائڻ جو انڪشاف، هڪ ٻارڙي کي مزدوري نه ڪرڻ تي لوڊر ڊرائيور مٿس لوڊر چاڙهي ڇڏيو، ٻارڙو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪندي فوت، ان ڏس ۾ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ ڪاشان ڪريش پلانٽ تي 14 ورهين جي ٻارڙي الهوڌيو ولد مشتاق بڙدي کان زبردستي مزدوري ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ننيگر الهوڌايو بڙدي کي معاوضي کان وڌيڪ مزدوري ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو ويو جنهن تي هن جواب ڏنو ته لوڊر ڊرائيور ڪاوڙ ۾ اچي سندس مٿان ڏمرجي پيو ۽ سندس مٿان لوڊر چاڙهي ڇڏيو ،جنهن سبب ٻارڙي جو هيٺيون ڌڙ چيڀاٽجي ختم ٿي ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوٽ بنگلو جي مقامي اسپتال ۾ آندو ويو،پر اتي سهولتن جي کوٽ سبب کيس سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو پئي ويو ته ٻارڙي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ فوت ٿي ويل ٻارڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو هيو ته ڪاشان ڪريش پلانٽ تي لوڊر هلائيندڙ ڊرائيور سلامت مڱڻھار ڪافي عرصي کان ناانصافيون ڪندو رهندو آهي ۽ مون کي حد کان وڌيڪ مزدوري ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندو آهي اهڙي شڪايت مون مالڪن کي به ڪئي پر ان جي باوجود کيس ڪجھ به نه چيو ويو ۽ هن ڪاوڙ ۾ اچي مون مٿان لوڊر چاڙهي مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. ڪوٽڏيجي پوليس متاثرن کان تفصيل وٺڻ بعد واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.