خيرپور (رپورٽر ) ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان خيرپور جي تاريخ، فطري ۽ مختلف ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن وارو ثقافتي ميلو اوپن ايئر ٿيٽر آرٽس ڪائونسل خيرپور ۾ شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هٿ جي هنر جي نمائش، راڳ رهاڻ ۽ اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيو ويندو. ميلي جو افتتاح سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني ڪندو. ميلي جي پهرين ڏينهن تي هٿ جي هنر جي نمائش سان گڏ ٻيا مختلف اسٽال لڳايا ويندا جڏهن ته شام جو اسٽيج ناٽڪ “فنا ڪيو فراق” پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد راڳ رهاڻ جي محفل منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا راڳي سرن جي ورکا ڪندا. ميلي جي ٻئي ڏينهن تي هٿ جي هنر جي نمائش، مختلف اسٽال لڳائڻ ۽ راڳ رنگ جي محفل کان پوءِ ميلو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو. ان سلسلي ۾ ميلي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
خيرپور ۾ مختلف ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن وارو ثقافتي ميلو شروع
ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ميلي جو افتتاح سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو
ثقافتي ميلي ۾ هٿ جي هنر جي نمائش، راڳ رهاڻ، اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيا ويندا، انتظام مڪمل
“نوجوان کي ناحق باندي ڇو بڻايو” خيرپور ۾ ايس ايڇ او سوڌو پوليس اهلڪار عدالت طلب
خيرپور جي عدالت ڀرڳڙي پاڙي جي پيرسن عورت پٽ کي باندي بڻائڻ خلاف درخواست تي نوٽيس ورتو
عدالت شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٻين اهلڪارن کي طلب ڪري ورتو
خيرپور (رپورٽر) فرسٽ ايديشنل سيشن جج شاهد احمد اعواڻ جي عدالت خيرپور ۾ ڀرڳڙي پاڙي جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات نظيران خاتون زال محمد عمر رند جي نوجوان پٽ گل محمد عرف ڪلو رند کي ناحق باندي بڻائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او، هيڊ ڪانسٽيبل قربان علي جمالي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل گلشن جسڪاڻي خلاف نوٽيس جاري ڪندي ناحق باندي بڻايل نوجوان کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙي ڪاروائي مسمات نظيران خاتون رند جي درخواست ملڻ بعد ڪئي
خيرپور جي عدالت منشيات ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو
خيرپور (رپورٽر)سيشن جج مس صدف کوکر جي عدالت پيرڳوٺ ٿاڻي جي هڪ منشيات جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڳوٺ غلام محمد جاگيراڻي جي رهواسي عرض محمد عرف گنگو ولد دوست محمد جاگيراڻي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن سيڪنڊ سول جج سجاد نعيم گدي جي عدالت پڻ ٽنڊومستي ٿاڻي جي هڪ پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڳوٺ ڦوڙي چانڊيو جي رهواسي چانڊيه برادري جي رشيد عرف نظير ولد حبيب الله، محمد ابراهيم ولد رمضان ۽ سجاد ولد خير محمد چانڊيو خلاف پڻ قلم 87/88 جي ڪاروائي ڪندي کين اشتهاري قرار ڏئي سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.