fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

خيرپور ۾ ثقافتي ميلي جي پڄاڻي، صوفي راڳين ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو

هٿ جي هنر جا اسٽال مانهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل، رهيل ڪسر طفيل سنجراڻي ۽ ٻين فنڪارن پوري ڪري ڇڏي

تقريب ۾ غزاله سيال، منور وساڻ، منور مهيسر، ڊي جي ثقافت ۽ ٻين جي به شرڪت، سڄاڻ ڌرين پاران بهترين ميلو ڪرائڻ تي واکاڻ

خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ 2 ڏينهن وارو “خيرپور ثقافتي ميلو” ثقافتي، لوڪ گيتن جي گونج سان پڄاڻي تي پهتو. خيرپور جي شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ ثقافت کاتي ۽ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان خيرپور ثقافتي ميلو ٻئين ۽ آخري ڏينهن تي جاري رهيو. ميلي ۾ خيرپور ۽ ڀرپاسي جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ثقافتي اسٽالز تان اجرڪ، ٽوپي، لنگي، گج، برٿ ڀريل ڪپڙن جي خريداري سان گڏ هٿ سان ٺهيل ثقافتي شين جي خريداري ۾ مصروف رهيا. پڄاڻي واري تقريب ۾ سنڌ جي مشھور فنڪارن طفيل سنجراڻي، مارول گروپ، برڪت بٽ، دلبر جلال، سهراب فقير جي سنگ رجب، سلامت فقير، شاهينا وهاب، ريشما پروين ۽ ٻين صوفياڻا ۽ لوڪ گيت ڳائي سياري جي ٿڌڙي رات ۾ ماڻهن تي وجد تاري ڪري ڇڏيو. تقريب ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاهه خاص مهمان طور شريڪ ٿي، جنهن مختلف اسٽالز جو معائنو ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نفيسه شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هٿ جي هنر واري ڪم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آھي، ثقافت کاتي جي ڪوششن سان راڳ کي عروج تي پهچائڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ثقافتي ميلا ڪرايا پيا وڃن. پ پ ايم پي اي غزاله سيال، منور علي وساڻ، اوقاف کاتي جي چيف ايڊ منسٽريٽر منور علي مهيسر، ڊي جي ثقافت منظور علي ڪناسرو، بئريسٽر هالار خان وساڻ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، اعجاز شيخ، آرٽس ڪائونسل جي صدر سيد شيراز شاهه ۽ ٻين چيو ته ثقافت کاتي کي جسُ هجي جو هن ٻوسٽ واري ماحول ۾ خوبصورت ثقافتي ميلو ڪرائي شهرين کي تفريح فراهم ڪئي.

رهتون ڏيو! پڪاچانگ جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽا، احتجاج

واپڊا عملدارن بجلي هلائڻ لاءِ 20000 هزار رپيا گھريا هئا: ڳوٺاڻا

اسان 17 هزار رپيا گڏ ڪري ڏنا ته به بجلي نه هلي، اختياريون نوٽيس وٺن

فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) پڪا چانگ لڳ واپڊا وارن اڳاڙي لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن جا بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيا، جنهن خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين ڳوٺاڻن ذوالفقار سولنگي، غفور شر، غلام حيدر ،شبير راڄپر ۽ ملوڪ راڄپر احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پهرين تاريخ بجلي وارا بجلي ڪٽي ويا هيا ۽ ڳوٺاڻن کان لائين مين عبدالقيوم 20000 هزار روپيا بجلي هلائڻ جا گهريا اسان چندو ڪري هن کي 17000 روپيا ڏنا ته به بجلي چالو نه ٿي هنن چيو ته واپڊا وارن کي بجلي چالو ڪرڻ جي شڪايت ڪئي آهي پر ڪوبه عمل نه ٿيو آهي وري لائين مين اسانکي چيو ته سڀ ڳوٺ ملي ڪري 50 هزار ڏيو ايس ڊي او پوءِ راضي ٿيندو هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب ڳوٺ ولي محمد سولنگي، الف الدين شر، تاج محمد شر ۽ ٻيا ڳوٺ انڌيري ۾ ٻڏي ويا سردي ۾ زندگي جي ڪارونهنوار هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ لائن مين ۽ ايس ڊي او پڊعيدن خلاف ڪاروائي ڪري اسانجي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ گرڊ اڳيان ڌرڻو ڏينداسين.

منظور وساڻ ته هاڻ سياسي خواب به ڏسڻ ڇڏي ڏنا!

عرفان ڦلپوٽو خيرپور مان لکي ٿو

7 صوبائي ۽ 3 قومي تڪن تي مشتمل ضلعي خيرپور جي 12 لک ووٽرن مان اڪثريتي ووٽرن ماضيءَ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي يا مسلم ليگ فنڪشنل کي ووٽ ڏنا. ماضيءَ جي اليڪشنز کي ڏسجي ٿو ته اِنهن ٻنهي پارٽين ۾ سخت مقابلا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ مسلسل ڇڪتاڻ پڻ رهندي آئي آهي جنهن ڪري ڪيتريون ئي پولنگ اسٽيشنون حساس پڻ قرار ڏنيون وينديون آهن. باوجود سخت حفاظتي اپائن جي اهڙين چونڊ سرگرمين ۾ قيمتي انساني جانيون پڻ ضايع ٿينديون رهيون آهن. ٻنهي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ پنهنجي جاءِ تي پر پ پ ۾ جيلاني ۽ وساڻ خاندانن ۾ به پارٽيءَ اندر سخت ٽگ آف وار پڻ هلندي رهي آهي. اهو چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست وارو معاملو هجي يا ضلعي ۾ ايس ايس پي، ڊپٽي ڪمشنر يا ايڪسيئن جي مقرري جو مسئلو هجي. وساڻ هائوس توڙي جيلاني هائوسز وچ ۾ سرد جنگ ڇڙهيل ئي هوندي آهي ۽ ٻئي سياسي خاندان پنهنجي فرمانبردار ڊپٽي ڪمشنر کي ترجيح ڏيندا آهن جنهن ڪري اڪثر ڊپٽي ڪمشنر 6 مهينن بعد تبديل ٿيندا رهندا آهن جنهن سان ضلعي جو ڪاروهنوار متاثر رهندو آهي ۽ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ رولڙا پئجندا رهندا آهن. گذريل ڪجهه هفتن کان ذيلي تنظيمن جي عهدن جي مقرري جي نوٽيفڪيشن جي حوالي سان جيلاني هائوس خيرپور ۾ سرگرميون تيز آهن جنهن ڪري باوجود خيرپور جي سخت سرد موسم جي جيلاني هائوس خيرپور ۾ پ پ جي ڪارڪنن جا هشام لڳل هجن ٿا. ضلعي، تعلقي ۽ يوسي سطح تي جوڙيل يونٽن جي عهدن واري مقرري لاءِ نوجوان عهدا حاصل ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر نفيسه شاهه کي منٿون ڪندي نظر اچن ٿا۔ پيپلزپارٽي جي سياسي حلقن ۾ پڻ اهي ڳالهيون گردش ۾ آهن ته ذيلي تنظيمن جي عهدن جو نوٽيفڪيشن تعطل جو شڪار ٿيڻ ڪري ڪارڪنن ۾ مايوسي سان گڏ عدم دلچسپي پڻ نظر اچي ٿي. وساڻ هائوس خيرپور جنهن جي مهنداري سينئر سياستدان منظور وساڻ ڪندو پيو اچي گذريل چونڊن ۾ سندس نامزدگي فارم رد ٿيڻ سبب سندس انٽري سنڌ اسيمبلي ۾ نه ٿي سگهي جنهن جي جاءِ تي منور وساڻ جيڪو سندس ڪورنگ اميدوار هو ڪاميابي ماڻي اسيمبلي فلور تي پهتو آهي. پ پ جو سينيئر سياستدان منظور وساڻ اهڙي سياسي بي دخلي سبب پنهنجي ووٽرن کان ته پري ٿي ويو آهي پر سياسي خواب ڏسڻ پڻ بند ڪري ڇڏيا اٿس. وساڻ هائوس سان وابسته نواب وساڻ جنهن کي نئين تڪ ڪنگري ۾ شڪست ملي جنهن شڪست نه قبولي آهي ۽ پاڻ مٿان ٿيل حملي جو ڪيس پڻ راشد شاهه راشدي مٿان هلي رهيو آهي جنهن ڪيس جي شنوائين ۾ سرگرم آهي. جڏهن ته نواب وساڻ جي سياسي سرگرمين ۾ پڻ سرد مهري اچي وئي آهي پر وساڻ هائوس سان تعلق رکندڙ منور وساڻ پنهنجي تڪ ۾ سرگرم نظر اچي ٿو. جڏهن ته منظور وساڻ جو پٽ بئريسٽر هالار وساڻ پڻ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ڪوٽڏيجي تڪ ۾ سياسي طور سرگرم ٿي ويو آهي جنهن لاءِ اهڙيون ڳالهيون خيرپور جي سياسي حلقن ۾ ٻڌجن ٿيون ته منور وساڻ واري سيٽ تي هالار وساڻ کي آندو ويندو. جڏهن ته پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر نفيسه شاهه جنهن هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ کڻي خيرپور ضلعي جي چونڊ تاريخ ۾ نئين تاريخ لکي آهي سا پڻ هر هفتي خيرپور ۾ سياسي طور انتهائي متحرڪ نظر اچي ٿي. ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ برقرار رکڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي. جنهن ڪري ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ تعزيتن جي پروگرامن، توڙي سياسي سماجي گڏجاڻين جو سلسلو تيز ڪري ڏنو اٿائين. ڊاڪٽر نفيسه شاهه انهن علائقن ڏانهن پڻ وڌيڪ ڌيان ڏئي پئي جتان جون پولنگون هن هارايون هيون. تازو ٺيڙهي ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائڻ ۽ ٻين صحت مند سرگرمين ۾ ٺيڙهي سندس سياسي مورچو بڻيل نظر اچي ٿو. پ پ جي مخصوص سيٽ تي چونڊيل ايم اين اي مهرين ڀٽو ۽ سندس وَرُ جاويد شاهه جيلاني پڻ سياسي طور سرگرم آهن. ڏاڏا شاهه هائوس تي ڪارڪن ڦيرا ڏيندي پڻ نظر اچن ٿا. ڪنگري ۽ گمبٽ تعلقن ۾ هي سياسي جوڙو پڻ پنهنجو ووٽ بينڪ برقرار رکڻ لاءِ انتهائي سرگرم آهي. خيرپور جي سياسي افق جي راڻيپور جي جيلانين جو ستارو هميشه چمڪندو رهيو آهي پر تازين چونڊن بعد ف ليگ جي صدرالدين شاهه کي شڪست ڏيڻ بعد پارٽي ۾ راڻيپور جي سيدن جي اثر رسوخ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن خاندان کي هڪ صوبائي سيٽ پڻ مليل آهي 7 موجوده سنڌ سرڪار ۾ پڻ پيار علي شاهه کي ذميواريون ملڻ جا امڪان نظر اچن ٿا. جڏهن ته گمبٽ جي نعيم کرل کي هڪ ڀيرو ٻيهر پڻ سيٽ کٽڻ جي باوجود ڪا اهم ذميواري نه ملي سگهي آهي. هوڏانهن ف ليگ جيڪا ضلعي ۾ پ پ کان پوءِ اهم سياسي ڌر ليکجي ٿي. ف ليگ جيتوڻيڪ پ پ جي ڀيٽ ۾ ايتري منظم ۽ سرگرم نه رهي آهي. ف ليگ پنهنجي روايتي سياسي سُڀاءَ ۾ ڊرائنگ رومز تائين محدود آهي، ف ليگ ڪارڪنن مٿان لاتعداد ڪيس مڙهي کين وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو ۽ هيسايو پيو وڃي. ناري سان وابسته ف ليگ ڪارڪن فقير خادم آرادين مٿان 100 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن جڏهن ته ف ليگ قيادت پاران کيس ڪابه قانوني ۽ اخلاقي مدد نه پئي ڏني وڃي. خادم آرادين جو چوڻ آهي ته اِهي ڪيس وساڻ هائوس جي ڊرائنگ رومز ۾ ترتيب ڏنا وڃن ٿا جن کي وانگارو پوليس داخل ڪندي رهي ٿي. ف ليگ جو مرڪزي اڳواڻ سيد صدرالدين شاهه پنهنجي پٽ اسماعيل شاهه راشدي سميت چونڊن ۾ هارائجڻ بعد مسلسل غائب آهي. ڪارڪنن ۽ ووٽرن سان صدرالدين شاهه جو اهڙو رويو روايتي هوندو آهي. ف ليگ لاءِ خيرپور ۾ اِهو پن تاثر جڙيل آهي ته ف ليگ صرف چونڊن ۾ نظر ايندي آهي باقي عرصو سندن سرگرميون ڪي خاص ناهن هونديون. خيرپور جي سياسي ۾ سيد غوث علي شاهه جو ڪردار پڻ هميشه پنهنجي اهميت جو حامل رهندو آيو آهي جڏهن ته چونڊن ۾ کيس مسلسل شڪست ملڻ ۽ صحت جي مامرن سبب موجوده صورتحال ۾ غوث هائوس سياسي طور تي ويران بڻيل آهي. جڏهن ته غوث علي شاهه خيرپور کان ٻاهر رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيو آهي ۽ سندس سياسي جانشينن ۾ پڻ عدم دلچسپي جو عنصر ڏنو وڃي ٿو. خيرپور جنهن کي پ پ جو سياسي قلعو پڻ سڏيو وڃي ٿو جنهن جو سياسي وايو منڊل ۾ وقتي لاها چاڙها به ايندا رهيا آهن تنهن هوندي موجوده سياسي سرگرمين ۾ پ پ ايم اين اي ۽ ايم پي اي پ پ جي هن سياسي قلعي ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهن ۽ سندس سياسي حريف ڊرائنگ رومز ۾ ويهي سياسي ڪچهرين ۾ مصروف آهن.

جروار جي ڳوٺ عبدالواحد بوزدار جو رهواسي نوجوان هيپاٽائيٽس وگهي فوت

جاروار (ن پ ا) جروار جي ڳوٺ عبدالواحد بوزدار جو رهواسي 23سالا علي احمد ملاڻو گذريل ڏينهن هيپاٽائيٽس سي وگهي گنمبٽ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ,فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ,فوتي جو ڀاء حسين بخش ملاڻو رابطو ڪرڻ تي ٻدايو ته ڪيترين ئي مهينن کان منهنجو ڀاء هيپاٽائيٽس سي جي بيمار ۾ مبتلا هو ,هن جي علاج لاء 50کان 60لک گهري رهيا هئا پر اسان غريب هجڻ سبب پنهنجي ڀاء جو علاج نه ڪرائي سگهياسين.
,هن چيو ته ڪيترائي دفعا حڪومت پاڪستان ڏي سرڪاري خرچ تي علاج لاء درخواستون موڪليون پر اهو جواب مليو ته وزيراعظم فنڊ بند ڪري ڇڏيا آھن ,

جوهي ۾ لاڳيتو تحريڪ باوجود پاڻي نه پهتو، آبادگار ڳڻتي ۾ ورتل

لاڳيتو 6 مهينن کان زرعي پاڻي لاءِ آبادگارن جي تحريڪ کانپوءِ آبپاشي کاتي ڪارروائي جو حڪم ڏنو

رينجرز جي ڪاررواين باوجود پاڻي نه ملڻ سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين سوڪهڙي جو شڪار ٿي وئي

جوھي (ن پ ا) جوھي تعلقي جي آبادگارن جي 6 مھينا احتجاجي تحريڪ ـ وڏي وزير ـ سيڪريٽري آبپاشي جي حڪمن ۽ رينجرس جي ڪارواين بـ جوھي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي ڏياري نـ سگھي آھي ـ دادو ڪئنال مان نڪرندڙ جوھي جي وڏن آبادگارن ـ چونڊيل نمائندن پنھنجو سو سيڪڙو ڪڻڪ جي آبادي مڪمل ڪري ورتي آھي جڏھن تـ پھوڙ شاخ ۽ پٽوڙو شاخ جي پڇڙي م پوکائي نـ ٿي جتي جو سڀ کان منفرد ڪردار وارو آبادگار ميھر گاڏي (گوڏ سان )گورنر ھائوس تائين پھتو ليڪن سندس علائقي ۾ زمينون بنجر بڻيل آھن سندس اڄ بـ لڙڪ ۽ سڏڪا ساڳيا آھن چنجاڻي شاخ تي جوھي شھر تائين 60 سيڪڙو آبادي ٿي آھي پڇڙي پاڻي لپ ناھي ڇڏي ويي آھي اھڙي طرح ـ خان مائنر ـدڙا ـ لاکا ۽ ڇني شاخن جي پڇڙي جي پاڻي تي ڌاڙا جاري آھن ـ جوھي برانچ جي آبادگارن پاڻي جي وصولص لاء سڀ کان وڏي تحريڪ ھلائي ويئي جوھي ـدادو ـ حيدرآباد ـ ڪراچي اسلام آباد ۽ قومي اسمبلي ۾ آبادگارن جي گونج رھي ـآبادگارن جو الزام بـ ھيو تـ پاڻي چورن جا پيرا اسلام آباد ۽ سنڌ جي ايوانن ۾ آھن ڪير انصاف ڪندو ـ آبادگارن جي احتجاج بعد صوبائي حڪومت رينجرس کي جوھي برانچ تي مقرر ڪيو رينجرس آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي مدد لاء ھئي رينجرس مخصوص علائقن ۾ وڏي مان وڏي ڪاروائي ڪري آبپاشي کاتي جي ٻن ننڍڙن ملازمن بيلدار غلام قادر ۽ آبادگار اڳواڻ جي پٽ حاڪم لغاري کي گرفتار ڪيو ويو ـ ۽ اوچتو وڌيڪ ڪاروايون بند ٿي ويون ۽ پڇڙي ڏانھن پاڻي پھچڻ شروع ٿي ويو ـ آبپاشي ڪامورن آبادگارن سان راند ڪندي پاڻي پڇڙي تائين پھتو ۽ منڊ کان جوھي برانچ جي ليول گٽائي ڇڏي جنھن ڪري ڪڻڪ جي پوکائي مڪمل نـ ٿي سگھي.
ـ سکر بئراج کي 6 جنوري کان 20 جنوري تائين سالياني بندي جو ليٽر جاري ڪيو ويو آھي اتي آبپاشي کاتي آبادگارن وري اھڙي ملھ ڪئي آھي جو پاڻي جوھي برانچ ۽ شاخن م بند ڪري وڏ جي مڇي جا تلاء ترائي ڇڏيا آھن جنھن کان پوء آبادگارن کي مٿي ھٿ اچي ويا آھن

شاعر محمد بخش خاصخيلي جي 15هين ورسي 25 ڊسمبر تي ملهائي ويندي

نوان جتوئي(رپورٽر) نوان جتوئي ڀرسان لطيف جي پارکو، اديب ۽ شاعر حافظ محمد بخش خاصخيلي جي 15ورسي 25ڊسمبر تي ملهائي ويندي. ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي ۾ورسي تقريب ڪوٺائي حافظ محمد بخش خاصخيلي جي زندگي تي روشني وڌي ويندي، جڏھن ته حافظ محمد بخش خاصخيلي جي پوٽي ايڊووڪيٽ احمد ظفر جي سهڙيل ڪتاب”ھاڻي پاڻي تي پاڻي ٿيندو“ مهورتي تقريب پڻ ٿيندي.

ڳڙهي خيرو مان گم ٿيل نينگر بازياب نه ٿيو، اغوا جو ڪيس داخل، 3 جوابدار گرفتار

ڳوٺ نيڪ محمد کوسو جو رھواسي 14 ورھين جو نينگر نادر کوسو ان وڪڻڻ لاءِ شهر ويندي اغوا ٿيو

8 مهينا گذرڻ باوجود واپس نه اچڻ تي وارثن اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو، پوليس 3 ڄڻا گرفتار ڪيا

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) 8 مھينا اڳ گم ٿيل نينگر اڃان تائين نه ملي سگھيو ، وارثن پاران ٽن جوابدارن تي اغوا جو ڪيس داخل ، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي جي حڪم تي ڪيس جي جاچ لاءِ جي آئي ٽي جوڙي وئي. محمد پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ نيڪ محمد کوسو جو رھواسي 14 ورھين جو نينگر نادر پٽ محمد نواز کوسو ڳوٺان ان وڪڻڻ لاءِ رتوديرو ويو جيڪو واپس گھر نہ موٽيو. وارثن سندس ڳولا ڪرڻ سان گڏ اخبارن ۾ اشتهار به شايع ڪرايا مگر نينگر جو ڪو ڏس پتو نه ملي سگھيو. ڪجھ مھينا اڳ گم ٿيل نينگر جي وارثن سيشن ڪورٽ جيڪب آباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته کين نينگر جي واپسي لاءِ اڻ ڄاتل جوابدار ڀنگ لاءِ فون ڪري رھيا آھن. ھنن نمبر ٽريس ڪرايا آھن جيڪي انور بروهي ۽ محمد نواز بروهي جا آھن جنھن بعد ڪورٽ جي حڪم تي محمد پور ٿاڻي تي نينگر جي والد جي فرياد تي قمبر شھدادڪوٽ جي ڳوٺ رئيس احمد دين بروهي واسي ٽن ڀائرن انور بروهي ، محمد نواز بروهي ۽ وزير بروهي خلاف نينگر جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد عبدالقيوم پتافي جي حڪم تي سي آئي اي انچارج فدا حسين شيخ ، ڊي ايس پي غلام محمد مھر ۽ ايس ايڇ او ڳڙهي خيرو سڌير احمد ڀيو تي مشتمل جي آئي ٽي ٽيم ٺاھي وئي. جنھن قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ رئيس احمد دين بروهي تي ڇاپو ھڻي ٽن ڀائرن انور علي بروهي ، محمد نواز بروهي ۽ وزير علي بروهي کي گرفتار ڪري ورتو جي آئي ٽي جاچ دوران وزير علي بروهي کي بيڏوھي ڄاڻائي آزاد ڪيو جڏھن ته انور علي ۽ محمد نواز بروهي جي گرفتاري ظاھر ڪئي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي خيرو سڌير احمد ڀيو ٻڌايو ته جي آئي ٽي جوابدارن کان جاچ ڪري رھي آھي اڃان تائين نينگر جو ڏس پتو نه مليو آھي جوابدارن به نينگر جي اغوا کان انڪار ڪري رھيا آھن.

سندن چوڻ آھي ته انھن جي موبائل سائين حسين شاھ جي درگاھ تي گم ٿي وئي ھئي ان ڪري کين ڀنگ بابت ڪا خبر ڪونھي وڏيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

ڪوٽ لالو واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي سبب فوت

مڱيا موري جو رهواسي غلام مرتضيٰ شر 12 سالن کان دبئي ۾ هو

اطلاع ملڻ تي فوتي جي وارثن ۾ ڪهرام متل، علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو

ڪوٽ لالو(رپورٽ: رياض خاصخيلي) ڪوٽ لالو واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي سبب فوت ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوٽ لالو لڳ منگياموري جو رھواسي 37 ساله غلام مرتضى شر ٻارنھن سالن کان دبئي ۾مزدوري ڪندو ھيو جيڪو ڪالهه دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو فوتي کي ھڪ نياڻي جو اولاد ھو اچانڪ فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو جڏهن ته پورو علائقو سوڳوار بڻيل آهي.

راڻيپور ۾ گونگي ناري سان گهر ۾ گهڙي جوابدار جي زيادتي

مهراڻ ڪالوني ۾ واقعو،14 ورهين جي نينگري جا وارث گهر کان ٻاهر ويل هئا

پوليس ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو،جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا

راڻيپور )ن پ ا)راڻيپور جي مهراڻ ڪالوني ۾ نوجوان ضمير حسين پاران معصوم 14 ساله گونگي نينگري سان زيادتي ڪري ورتي،
وارثن جو نينگري جي والد محمد جمن ڊومڪي ۽ سندس ماء حاجياڻي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته جوابدار ضمير حسين ولد مريد حسين شاهاڻي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ،اسين غريب ماڻهو آھيون، ڏينهن جو ڪنهن ڪم ڪار سانگي ٻاهر نڪري ويا هئاسين گهر ۾ ڪير به موجود نه هيو صرف منهنجي 14 سالن جي نياڻي جيڪا ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم آھي گهر ۾موجود هئي، جوابدار گهر ۾داخل ٿي گهر ۾ موجود نياڻي سان زيادتي ڪئي آھي گهر ۾ موجود ننڍن ٻارن جي رڙين تي پاڙي وارا پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويو.
راڻيپور جي ايس ايڇ او صدورو لاشاري ٻڌايو ته نينگري جو ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪيو آھي ۽ نامزد ڪيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو پڻ جاري آھي.

خيرپور ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي ميرواه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

خيرپور: ناري کي واهه مان ڪڍيو پيو وڃي

خيرپور ۾ نائين درجي جي شاگردياڻي گهرو اڻبڻت تان مير واهه ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، موقعي تي موجود شهرين واهه ۾ ٽپا ڏئي ناري کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ناري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل. تفصيل موجب خيرپور شهر جي دل مان گذرندڙ مير واهه ڪينال ۾ خاڪي شاهه پل وٽان 15 ورهين جي ناري پروين ڌيءَ غلام اڪبر لاشاري ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته موقعي تي موجود شهرين ميرواهه ڪينال ۾ ٽپا ڏئي کيس ٻڏڻ کان بچائي بيهوشي جي حالت ۾ ڪينال مان ڪڍي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس ڊاڪٽرن پاران علاج ڪيو پيو وڃي ڊاڪٽرن موجب سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. ناري جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڌيءَ جو ڪپر وٽان گذرڻ دوران پير ترڪي پيو ۽ هوءَ واهه ۾ ڪري پئي، سندس ڌيءَ خودڪشي جي ڪوشش ناهي ڪئي. پوليس موجب ناري پروين نائين درجي جي شاگردياڻي آهي جنهن گهرو اڻبڻت تان خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي موقعي تي موجود شهرين بچائي ورتو.

2008ع ۾ قائم لائبريري 10 لک ساليانو بجيٽ باوجود ترقي نه ماڻي

خيرپور: ڳوٺ سوهو ڪناسره ۾ ثقافت کاتي پاران سال 2008ع ۾ عطا محمد حامي جي نالي سان لائبريري ته قائم ڪئي وئي ۽ هر سال لائبريري کي 10 لک 30 هزار گرانٽ به ملندي رهي آهي. اُن باوجود انتظامي بي ڌياني سبب لابريري جي ڪتابن ۾ ڌوڙ ۽ اڏوهي چڙهي وئي آهي. ڇاڪاڻ جو عطا محمد حامي سياست ۾ به گهڻي دلچسپي رکندو هو، تنهن ڪري 1951ع ۾ خيرپور رياست جي ليجسليٽو اسيمبلي جي ميمبرشپ لاءِ چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ خيرپور جي ليجسليٽو اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو ڪردار ادا ڪندي عوام لاءِ ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو. عطا محمد حامي ايوب خان جي آمريت دوران فاطمه جناح جي حمايت ۾ به ڀرپور چونڊ مهم هلائي. اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ڪئي ته عطا محمد اُڻ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ساهه جي آخري گهڙين تائين پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل رهيو.

حامي جو لاڙو سڄي ڄمار پ پ سان رهيو، علم ۽ ادب ۾ به غيرمعمولي خدمتون

خيرپور: عطا محمد حامي جو سموري حياتي سياسي لاڙو پيپلز پارٽي ڏانهن هو پر علم ۽ ادب ۾ به سندس وڏويو خدمتون هيون .حامي جي قلمي پورهئي تي نه رڳو حامي يادگار ڪميٽي پر مقامي سطح تي پيپلز پارٽي طرفان به ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون آهن. افسوسناڪ پهلو هي به آهي ته حامي يادگار ڪميٽي تي الزام لڳندا رهيا آهن ته اُها سياسي اثررسوخ ۾ اچي من پسند ماڻهن کي ايوارڊز ڏيندي رهي آهي. ڊاڪٽر عطا محمد حامي استاد جي پيشي سان به بخوبي نڀايو. پهرين هُن ناز هاءِ اسڪول ۾ ٻارن کي تعليم سان روشناس ڪرايو ۽ بعد ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار ٿيو. پهرين سندس ٽنڊي محمد خان جي ڪاليج ۾ ڊيوٽي لڳائي وئي پر اُن کانپوءِ کيس ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ بدلي ڪيو ويو

“حامي وسري ويو” خيرپور ۾ حامي جي نالي سان لائبريري ۽ ٻيا ادا لاپرواهه انتظاميا حوالي

ڳوٺ سوهو ڪناسره ۾ اک کوليندڙ عطا محمد حامي سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ پنهنجو الڳ نانءُ ڪمايو،

حامي جي نالي سان قائم لائبريري ساليانو فنڊز ملڻ باوجود بي ڌياني جو شڪار، خاص علاج نٿو ٿئي

خيرپور (پورٽ: عرفان ڦلپوٽو) سنڌ جي صوفي شاعرن شاھ لطيف ۽ سچل سرمست کانپوءِ عروضي شاعري جي پوري دسترس رکندڙ ۽ محقق ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي ورسيءَ تي ميلو لڳايو وڃي ٿو. خيرپور جي ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ سوھر ڪناسره ۾ مدفن عطا محمد حاميءَ جي ورسي جون مھيني جي پھرين ھفتي ۾ ملھائي ويندي آهي، جنھن ۾ ٻين پيرن، درويشن توڙي صوفين جي ميلن جيان هن ميلي ۾ به اسٽالز لڳايا وڃن ٿا ۽ مختلف علائقن کان آيل ماڻهو من جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ باسون باسين ٿا. سنڌي ٻوليءَ تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي عملي تدبر کان اڻڄاڻ ماڻهن کيس ھڪ پير بڻائي ڇڏيو آهي. “سکائون باسبيون پيرن تي پڙ وجھبا چلا ڪڍبا- سوين سيڪ جا سڳا تنھنجي ملڻ لئه سورڻا پوندا” جھڙي شاعري سرجيندڙ ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي مزار کي ماڻهن شفاء جو دڳ بڻائي ڇڏيو آهي. عطا محمد حامي لاءِ مشهور آهي ته هو پنهنجي حياتيءَ ۾ گهرجائو ماڻهن جي مدد ڪندو هو ۽ ڏکويل کي دلاسا ڏيندو هو. سندس اُن ئي وَڙُ جي ڪري ٻهراڙي جي ماڻهن مٿس بُذرگ هستي طور يقين ڪيو آهي ۽ اڃا به اُن ئي يقين سان عطا محمد حامي جي مقبري تي اچن ٿا ته باس باسڻ سان سندس گهرجون پوريون ٿي وينديون، ڏک ڏولاوا ختم ٿي ويندا. عطا محمد حامي 1982 ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس حياتيءَ ۾ ئي شاگرد سندس ادبي خدمتن تي ڪانفرنسون ڪوٺائيندا هئا.

گمبٽ ۾هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيت ڪار سوار هٿياربندن هٿان اغوا

نامعلوم ڪار سوار هٿ هوٽل تي ڪم ڪندڙ بيري اختيار عالماڻي کي کنڀي ويا

پوليس واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي،جاچ ڪريون پيا:اي ايس پي

گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ۾ راڻيپور روڊ تان نامعلوم ڪار سوار هٿياربند هوٽل تي ڪم ڪندڙ بيري نوجوان اختيار عالماڻي کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، پوليس واقعي بابت اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي، ان موقعي تي وارثن مظهر علماڻي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان اختيار عالماڻي پورهيت آهي جيڪو هوٽل تي بيرائپ جو ڪم ڪندو آهي، نوجوان پورهيت اختيار عالماڻي سول اسپتال چانهه ڏئي واپس هوٽل تي وڃي رهيو هو ته راڻيپور روڊ تان ڪار ۾ سوار نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تان اغوا ڪري ويا آهن،جنهن جو بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو پر ڪا به خبر ناهي پئجي سگهي, هوڏانهن اي ايس پي گمبٽ عمران نيازي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو مونکي نوجوان جي اغوا بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي, وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون..

خيرپور عدالت پاران پيش نه ٿيڻ تي اي ايس آءِ سميت ٽن جوابدارن جا وارنٽ جاري

خيرپور (رپورٽر) فورٿ سول جج بهادر علي مهيسر جي عدالت ٽنڊومستي ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ مسلسل غير حاضر رهندڙ گواهن اي ايس آءِ ڪفايت الله ناريجو، غلام اڪبر جتوئي ۽ غلام قاسم جتوئي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.