fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

مٺي ۾ بک ۽ بدحالي وڌيڪ ٽن ٻارڙن کان حياتي کسي ورتي

مٺي(رپورٽر) سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا موت جو شڪار ٿي ويا آھن. جنهن کان پوءُ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 50 ٿي ويو ۽ هلندڙ سال ٻارن جي فوتگين جو انگ 620 تي پهچي ويو آهي. تازو فوت ٿيل 3 ٻارڙن ۾ 18 مهينن جو ڀيرجي، 17 مهينن جو مدن ۽ چار سالن جو سلمان ساهڙ شامل آھن. اسپتال ۾ وڌيڪ ٻ 40 ٻارڙن کي ميل نيوٽريشن ۽ نرسري وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو آھي . جنهن کان پوءُ اسپتال داخل ٻارن جو انگ 60 ٻڌايو وڃي ٿو.

اسلام ڪوٽ ۾ پنجين ڏينهن به حددخلين خلاف آپريشن،متاثرين جو احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن پ ا )اسلام ڪوٽ ۾ حد دخلين خلاف شروع ڪيل آپريشن ڪالھ پنجين ڏينهن به جاري رهيو،اسسٽنٽ ڪمشنر شنڪر لال ۽ مختيارڪار عبدالغفار لاکير جي اڳواڻي ۾ روينيو ۽ ميونسپل عملي پاران ڪالھ به اسلام ڪوٽ شهر جي مين مارڪيٽن سميت لنڪ روڊن تي وڏي مشينري ذريعي آپريشن ڪري ڪيترن ئي غريبن جي اجهن توڙي دڪانن جي ٿلهن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو،انهي سلسلي ۾ متاثرن الزام هڻندي چيو آهي ته روينيو انتظاميه حد دخلين جي آڙ ۾ سالن کان اڏيل اسان جي اجهن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي،اسان سخت سيءُ ۾ دربدر ٿي رهيا آهيون،هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر شنڪر لال ۽ مختيارڪار عبدالغفار لاکير جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن سان به ناجائزي نه ڪئي آهي،دڪاندارن دڪانن جي اڳيان ٿلها ۽ ڇاپرا ٺاهي روڊ سوڙها ڪري ڇڏيا هئا،جن کي هٽرائي روڊ ويڪرو ڪيو پيو وڃي،شهر جي گئوچر جي زمين تي ماڻهو قبضا ڪري سرڪاري زمين کي وڪرو ڪري رهيا هئا،جن کان گئوچر جي زمين خالي ڪرائي پئي وڃي.

اسلام ڪوٽ: ميگھواڙ عورتن ۽ مردن جو ٻارن سميت بااثرن خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن پ ا) ڳوٺ ڪونڀاريو جي ميگھواڙ برادري جي عورتن ۽ مردن جو بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج. ڳوٺاڻن لجپت، ساجن، لڇمڻ، ڏونگر، پريمي، شانتي، گڏي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو دانهيندي چيو ته مقامي بااثر وڏيرن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل بااثر ڇھن مھينن کان تنگ ڪري رهيا آهن،گذريل ڏينهن منھنجي پٽ کي بااثرن مارڪٽ ڪئي. ھنن گھر ڪئي آھي تھ اختياريون نوٽيس وٺن ۽ اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي

ٿر ۾ خوراڪ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻار فوت

سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ ٽي معصوم ٻار موت جو شڪار ٿي ويا

فوتي ٻارن جو انگ 50 ٿي ويو، امداد قدم کڻون پيا: ڊي سي ٿرپارڪر

مٺي ( ن پ ا)سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا موت جو شڪار ٿي ويا آھن. جنهن کان پوءُ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 50 ٿي ويو ۽ هلندڙ سال ٻارن جي فوتگين جو انگ 620 تي پهچي ويو آهي. تازو فوت ٿيل 3 ٻارڙن ۾ 18 مهينن جو ڀيرجي، 17 مهينن جو مدن ۽ چار سالن جو سلمان ساهڙ شامل آھن. اسپتال ۾ وڌيڪ ٻ 40 ٻارڙن کي ميل نيوٽريشن ۽ نرسري وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو آھي جنهن کان پوءُ اسپتال داخل ٻارن جو انگ 60 ٻڌايو وڃي ٿو، ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر آصف جميل شيخ چيو آهي ته ٿر جي ڏڪار متاثرين جي مدد لاءِ امدادي سرگرميون روزانه جي بنياد تي صاف ۽ شفاف طريقي سان جاري آهن. اهڙو اظهار هن ضلعي ۾ هلندڙ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي رپورٽ بابت جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سمورن تعلقه اسپتالن ۾ 136 پنجن سالن کان ننڍن ۽ وڏن ٻار جي علاج ڪرائڻ لاءِ او پي ڊي ٿي جنهن مان 28 ٻارڙن کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته 22 ٻارڙن کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪري صحت ياب بڻائي ڊسچارج ڪيو ويو. اهڙي ريت 31 بنيادي صحت مرڪزن ۽ 18 گورنمينٽ ڊسپينسرين مان 765 ٻارڙن جو علاج ڪيو ويو. اهڙي طريقي سان لائيو اسٽاڪ کاتي ٿرپارڪر پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ جي سربراهي ۾ روزانه جي بنياد تي 07 ڳوٺن ۾ وٽنري ڪئمپن ذريعي جانورن جي ويڪسينيشن ۽ بيمار جانورن جو علاج ڪيو پيو وڃي . اهڙي ريت آبادي جي ڀلائي واري کاتي ٿرپارڪر پاران ضلعي ۾ ڪئمپس لڳائي خانداني منصوبه بندي جي اهميت ۽ طريقي ڪار متعلق آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ 137 عورتن کي خانداني منصوبه بندي جا آگاهي پروگرام سان گڏوگڏ مختلف پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻائيندي چيو ته ٿر جي ڏڪار متاثرين ۾ مفت ڪڻڪ ورهاست وارو ڪم پڻ روزانه جي بنياد تي صاف ۽ شفاف نموني سان هلندڙ آهي، جنهن ۾ پهرين مرحلي تحت ٿر جي 2 لک 46 هزار 411 ڏڪار متاثر خاندانن ۾ 50 ڪلو جي حساب سان مفت ڪڻڪ ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻئين مرحلي تحت هن وقت تائين 2 لک 38 هزار 816 خاندانن ۾ مفت ڪڻڪ ورهائي چڪا آهيون.

سرحد شهر سهولتن کان وانجھيل، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ، روڊ رستا تباهه

سرحد (رپورٽ عبدالحئي ساوند) گهوٽڪي ضلع جو تاريخي شھر سوالک آبادي رکندڙ سرحد انتظاميا جي نااهلي ۽ عدم دلچسپي سبب کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سرحد ۾ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آھي ۽ بجلي به سدائين گم رهڻ لڳي آھي، شھر جا مين روڊ به ڪيترائي سال مرمت نه ٿيڻ سبب تباه ٿي ويا آھن جڏھن ته مين بازار، محمدشاه روڊ، اسٽيشن روڊ، ملڪ محله، چنه محله، ٿاڻو چوڪ، جي ٽي روڊ، سميت مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍيرلڳل آھن مختلف علائقن ۾ نالين جو گندو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب رهواسي سخت پريشان آھن، نالين جو گندو پاڻي روڊن تي بيهجي وڃڻ سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙا ۽ نمازين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي، سرحد جي شھرين کي مسئلن جي حل لاء ڪنهن مسيحا جو انتظار آھي ته هو اچي سرحد جا بنيادي مسئلا حل ڪرائي، هوڏانهن سرحد جي نالي تي ڪم ڪندڙ تنظيمن شھر جي ڀلائي يا بنيادي مسئلن جي حل لاء ڪو به قدم ناهي کنيو، ڄاڻايل تنظيمون صرف پنهنجن مفادن لاء شھرن کي گڏ ڪري شھر جو نالو استعمال ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيون آھن پر انهن تنظيمن مان ڪنهن به هڪ تنظيم شھر جي مسئلن جي حل لاء ڪو به قدم ناهي کنيو شھرين به سرحد جي نالي تي ڪم ڪندڙ تنظيمن کان بيزاري جو اظهار ڪيو آھي، گذريل 9 مهينن کان سرحد جي صفائي عملي جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ سبب صفائي عملي جي ملازمن به صفائي وارو ڪم بند ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب شھر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي، گندگي سبب ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آھي.

اسلام ڪوٽ جي صحافين تي تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

اسلام ڪوٽ(رپورٽر)اسلام ڪوٽ ۾ حددخلين خلاف شروع ڪيل آپريشن جي ڪوريج دوران اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي اهلڪارن پاران پريس ڪلب جي صدر غازي بجير، سجاول بجير ۽ ٻين صحافين تي تشدد واري واقعي جو سنڌ حڪومت جي نوٽيس بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي ۽ اي ڊي سي ون ڪبيرشاھ جانچ بعد اهلڪارن کي ڏوهي پڻ قرار ڏنو هو،، واقعي جي انڪوائري مڪمل ٿيڻ جي باوجود ملوث اهلڪارن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ٿي سگهي هو ڪاروائي کان آجا آهن ،اينٽي انڪروچمينٽ فورس معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ ۾ لڳي ويئي آهي ۽ انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،صحافين طرفان ايس ايس پي اينٽي انڪروچمينٽ فيصل بشير ميمڻ سان بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي ويئي پر انهي فون اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ، واقعي خلاف ٿر جي سمورن شهرن جا صحافي سراپاءُ احتجاج بڻيل آهن،ڪالھ به اسلام ڪوٽ ۾ صحافين غازي بجير،مبارڪ بجير،اشوڪ شرما،عبدالغني بجير،سڪندر علي، الطاف اسماعيل بجير،ڪرشن سنگھ،سجاول بجير،احمد علي سانگي ۽ ٻين واقعي خلاف ٽين ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،ٻئي پاسي صحافين طرفان اڄ کان سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ جي صحافي برادري کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ويئي آهي.

ڪلوئي ۾ ڏڪار عورتن جو امدادي راشن نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪلوئي(ن پ ا)ڪلوئي ۾ ڏڪار متاثر عورتن امدادي راشن نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ان ڏس ۾ ڪلوئي لڳ خواجه علاء الدين هشيو ڪولهي پاڙو ۾ ڏڪار متاثرن پاران امدادي راشن نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندي مارٿان ٻائي، ڪويتا ٻائي، پونا، جمنا، ميگهي، پاروتي، ماوجي ڪولهي، ٻڌو ميگھواڙ، چيتن ڪولهي ۽ ٻين سوين عورتن ۽ مردن دانهيندي چيو ته علائقي ۾ ڪاري ڏڪار واري صورتحال آهي ان باوجود اسان جي ڪيترن ئي مستحق عورتن جا نالا لسٽن مان گم ڪيا ويا آهن، هنن الزام هڻندي چيو ته عملي وارا رات جو لڪ چوري ۾ امدادي راشن کڻي آيا جيڪي متاثرن بجاءِ من پسند ماڻهن ۾ ورهائي واپس موٽي ويا ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي مستحق ڏڪار متاثر حاملا ۽ کير پياريندڙ عورتن کي امدادي راشن نه ڏنو ويو آهي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر اسان جي ڳوٺ ۾ سمورن مستحقن کي امدادي راشن نه مليو ته اسان روڊن تي نڪري ايندا سين ۽ سخت احتجاج ڪنداسين، هنن اعلي اختيارين کان امدادي راشن جي منصفاڻي ورڇ ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي.

سنڌ حڪومت کي نيٺ ٿرڪول متاثر ياد اچي ويا، بحالي شروع

لاڳيتي احتجاج کانپوءِ 36 متاثر خاندانن جي ماڊل وليج قرار ڏنل سونهري درس ۾ منتقلي

متاثرن کي ڏنل گهرن ۾ سڀ سهولتون موجود آهن،جلد بحالي مڪمل ڪئي ويندي:مراد علي شاهه
مٺي : ٿرڪول جي متاثرين لاءِ اڏيل گهر

مٺي (رپورٽر) سنڌ سرڪار کي نيٺ ٿرڪول متاثر ياد اچي ويا، 5 سالن کانپوءِ بحالي ڪم شروع، گوڙاني ڊيم خلاف لاڳيتي احتجاج توڙي سول سوسائيٽي جي دٻاءَ کانپوءِ ٿرڪول جي انتظاميه رڳو 36 متاثر خاندانن کي ماڊل وليج قرار ڏنل سونهري درس منتقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته اڃا ڪيترائي متاثر بحالي لاءِ واجهائي رهيا آهن، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرڪول متاثرن کي گهر ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان ٿرڪول فيلڊ بلاڪ ٽو جي متاثرن کي منصوبي ۾ حصيدار بڻايو آهي، اميد آهي ته متاثر خاندان ۽ سندن ايندڙ نسل زبردست ترقي ڪندو، هر خاندان کي 100 مربع گز گهر ۾ سموريون سهولتون موجود آهن، مال بيهارڻ جي جاءِ به فراهم ڪئي وئي آهي، ٻڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سونهري درس ماڊل وليج ۾ 172 پڪا گهر، 1000 شاگرن لاءِ ٽه ماڙ اسڪول، 10 دوڪانن تي ٻڌل بازار ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارچ 2019 تائين 172 خاندانن جي منتقلي مڪمل ٿي ويندي.

ننگرپارڪر جي دڪاندارن کي 4 جنوري تائين حددخليون هٽائڻ جي مهلت

اسٽنٽ ڪمشنر دڪاندارن سان ملاقات ڪري کين پاڻمرادو حددخليون هٽائڻ جي هدايت ڪئي

حددخليون نه هٽايون ويون ته 4 جنوري کان انتظاميه پاران هٽايون وينديون:اسسٽنٽ ڪمشنر
ننگرپارڪر انتظاميا دڪاندارن سان گڏجي روڊ جي ماپ ڪندي

ننگرپارڪر (ن پ ا ) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سڄي ملڪ وانگر ننگرپارڪر ۾ حددخليون هٽائڻ لاء انتظاميه سرگرم ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر نورالدين هنگورجو شهر جي دڪانن جي مالڪن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ ننگرپارڪر شهر جو دورو ڪري روڊ جي ماپ ڪري شهرين کي غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ لاء سختي سان هدايتون جاري ڪيون . ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر دڪانن جي مالڪن کي هدايت ڪئي ته ننگرپارڪر شهر جي مين روڊ کان ڪاسبو روڊ تائين 40 فوٽن تائين روڊن جي ويجهو ڪيل غيرقانوني اڏاوتون پاڻمرادو ختم ڪيو وڃن ۽ شهر ۾ روڊ جي وچ سينٽر کان روڊ جي ٻنهي پاسن تائين 20 فوٽ هڪ طرف ۽ روڊ جي سينٽر کان 20 فوٽ ٻئي طرف تائين ڪيل غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪيون وڃن . ٻي صورت ۾ 4 کان 6 جنوري 2019ع تي ننگرپارڪر ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪرين مشين جي ذريعي ڪاروائي ڪري انتظاميه پاڻ ڊهرائيندي . جنهن کانپوء شهري سخت پريشان آهن شهري ذولفقار کوسو ، ولي محمد ، غازي خان ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ننگرپارڪر ننڍڙو ۽ تاريخي شهر جي حيثيت رکي ٿو ان ۾ 40 فوٽن جي بجاءِ 25 کان 30 فوٽن تائين حددخليون هٽايون وڃن . ننگرپارڪر شهر ورهاڱي کان اڳ ڪاروباري مرڪز سڏيو ويندو هو ۽ مارڪيٽ پڻ ورهاڱي اڳ جي ٺهيل آهي ، پراڻي مارڪيٽ ڊاهڻ کانپوءِ شهر تاريخي بجاء کنڊر جو ڏيک ڏيندو . ٻي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر نورالدين هنگورجو ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پوري ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ غيرقانوني حددخليون ختم ڪري روڊن کي ويڪرا ڪرڻ لاء ڪاروائي جو عمل جاري آهي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف شهرن مٺي ،اسلام ڪوٽ ۽ چيلهار ۾ غيرقانوني حددخليون هٽائڻ لاء آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ننگرپارڪر ،ڏانوڌاندل ۽ ويراواهہ ۾ 4 کان 6 جنوري 2019ع تي حددخلين جي خلاف آپريشن ڪيو ويندو .

اسلام ڪوٽ:شهر ۾ کلندڙ شراب جي گتي خلاف مذهبي تنظيمن جي احتجاجي ريلي

اسلام ڪوٽ:شھر ۾ امڪاني کلندڙ شراب جي گتي خلاف مختلف مذهبي تنظيمن جي يو آء، اهلحديث، ايف آء ايف سميت شهرين طرفان مولوي اللھ بخش نهڙئي، يامين سومرو، عبدالخاق سميجو، عبدالرحيم سميجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ شراب جي گتي سان سماجي براين ۾ واڌ ايندي جنھن ڪري ان کي بند ڪيو وڃي.احتجاج ڪندڙن چيو تھ شراب جو گتو بند نھ ڪيو ويو تھ پوءِ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

سول اسپتال مٺي ۾ ڪلثوم ۽ علي احمد سوڌو 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا

هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 47 ٿي ويو، 46 ٻارن جو علاج جاري
سول اسپتال مٺي

مٺي (ن پ ا) ڏڪار سٽيل ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو. سول اسپتال مٺي ۾ ٻارڙي ڪلثوم ۽ علي احمد سوڌو 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا. جنهن بعد هلندڙ مهيني ٻارن جي فوت ٿيڻ جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آهي. اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻارن جي وارڊ ۾ 46 ٻارڙا داخل آهن، جن جو علاج ڪيو پيو وڃي. ٻارن جي والدين جو چوڻ آهي ته هو ٿر جي پري وارن علائقن کان اچن ٿا، ويجهاڻي ۾ اسپتال نه هجڻ ڪري سول اسپتال مٺي پهچڻ تائين ٻار جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي.

مٺي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري، شهري روڊن تي نڪري آيا

انتظاميا بيوس، ٻن واپاري ڀائرن کي ماءُ جون آخري رسمون ڪرڻ جيتري مهلت نه ڏني!

جڳديش ملاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، انتظاميا سان چڪريون، عملدار مشنري ڇڏي ڀڄي ويا

مٺي(ن پ ا) مٺي جي مهيشوري محلي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميا حددخليون ختم ڪرڻ جي اوٽ ۾ مسڪينن جا اجها ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. مهيشوري محلي ۾ واپاري ڀائرن لجپت سکاڻي ۽ هوتچند سکاڻي جي گهر جون ديوارون ڊاهڻ ڊاهڻ لاءِ انتظاميا مشينري ڪاهي پهتي ته ٻنهي ڀائرن ماءُ جون آخري رسمون ادا ڪرڻ تائين گهر جون ڀتيون نه ڊاهڻ جي گهر ڪئي، پر عملدارن سندن هڪ نه ٻڌي ۽ سندن گهر جون ڀتيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جنهن تان شهرين تاءُ ۾ اچي احتجاج ڪيو. شهرين جي احتجاج سبب عملدار مشينري ڇڏي ٻڄي ويا. متاثرن مطالبو ڪيو ته آپريشن جي آڙ ۾ انسانيت جي تذليل ڪئي وئي آهي، نوٽيس ورتو وڃي.

اسلام ڪوٽ ۾ صحافين تي تشدد خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان)اسلام ڪوٽ جي صحافين تي اينٽي انڪروچمينٽ عملي پاران مبينه تشدد ڪرڻ خلاف مختلف شهري ۾ صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو،ان ڏس ۾ آيل رپورٽن مطابق ٿر جي صحافي برادري سينئر صحافين ممتاز نهڙيو، اعجاز بجير،امتيازڌاراڻي،ولي خان نهڙيو،سومار راهمون،عارف علي دل، خالد عمراڻي،جهامن مصراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام ڪوٽ ۾ شھرين جي ڪوريج لاءِ پهتل صحافين غازي بجير،سڌير راٺوڙ،سجاول بجير ۽ ٻين مٿان تشدد سنڌ سرڪار جي کليل غنڊاگردي آھي. جنهن جي مذمت ۽ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. ڏيپلو ۾ عوامي تحريڪ جي فاروق مريداڻي، تنوير لنگھو،اسد مياڻو، شھري اتحاد جي نجم جوڻيجو،راجيش پوراڻي،لڇمڻ ولاسائي،انيل ولاسائي، منيش پروانو ،صحافين محمد علي مريداڻي ، نريش موراڻي، ساگر ڏيپلائي ،رياض بجير ۽ ٻين پريس ڪلب ڏيپلو اڳيان احتجاج ڪيو،فيض گنج ۾ رياض سولنگي،لطيف ابراهيم چانگ،شاهد جاويد راجپوت،وجاهت چانگ،رياض خاصخيلي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيوته اسلام ڪوٽ جي صحافين تي تشدد ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو عمل آهي،هنن چيوته حددخيلن جي آڙ ۾ صحافين تي تشدد ڪيو ويو آهي،هنن چيوته صحافي حق سچ لکن ٿا جن کي حق سچ لکڻ تان روڪڻ لاء اهڙيون ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي صحافين تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هڪ ڏينهن جي حياتي، ڪلوئي ۾ تازو ڄاول ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت

ڳوٺ ارباب احسان فارم واسي پورهيت پريم ڪولهي جي ٻارڙَي بک ۽ بدحالي سبب دم ڏنو

ڪلوئي ۽ ڀرسان ڳورهارين عورتن لاءِ آيل امداد به واسطيدارن کي نه ملي،ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪلوئي(ن پ ا)سڄي ٿر جيان ڪلوئي تعلقي ۾ ڏڪاري حالتون برقرار آهن، ڪلوئي لڳ ستون ميل لڳ ڳوٺ ارباب احسان فارم واسي پورهيت پريم ڪولهي جو هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو مبينا بک بدحالي ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي ويو آهي. پورهيت دانهيندي چيو منهنجي گهر واري انتهائي ڪمزور هئي مقامي اسپتال عملي پاران ڪمزور ۽ ڳورهاري عورتن لاءِ آيل راشن پڻ نه ڏنو ويو ۽ ٻار انتهائي ڪمزور پيدا ٿيو،جنهن کي اسان اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ ٻارڙو فوت ٿي ويو، رهواسين اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن کي امدادي راشن نه ملڻ ۽ سوين ڳوٺ سروي ۾ شامل نه هجڻ خلاف يوسي گرڙاٻه ،ستون ميل ۽ ٻين علائقن جي مختلف ڳوٺن لال ساهڙ، ٻانڌو، ڏمڀرلي، اتادو سومرا، ڊاڀو سميجا، سپڻاڻي سومرا، ارباب احسان فارم ۽ ٻين ڳوٺن مان آيل ڏڪار متاثر ڳوٺاڻن منظور ساهڙ، لکاڏنو ساهڙ، مانجھي، عالم، قربان، ڀائي خان، کيتو مل، ميوو ۽ ٻين امدادي راشن لاءِ سندن ڳوٺ سروي نه ٿيڻ خلاف دانهيندي چيو ته يوسي گرڙاٻه جا ڄاڻايل سمورا ڳوٺ اڃا تائين امدادي راشن لاءِ سروي پڻ نه ڪيا ويا آهن. رابطو ڪرڻ تي صحت کاتي ٿرپارڪر جي ڊي ايڇ او علاو الدين سومرو جو چوڻ آهي ته هي راشن صرف ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن جو آهي جڏهن ته علائقي ۾ ڏڪاري حالتن سبب هر ماڻهون چاهي ٿو ته راشن جو سامان کين ملي جيڪو ممڪن نه آهي.

مٺي اسپتال ۾ دوائن جي خريداري لاءِ سيشن جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺهيل

ڪميٽي ۾ ڊي سي ۽ ٻيا آفيسر شامل آهن، اجازت ملندي ته دوائون خريد ڪبيون: ايم ايس

اسپتال ۾ دوائن جي ڪابه کوٽ ناهي، مريض اجايا الزام هڻي رهيا آهن: ڊاڪٽر چمن شرما

مٺي: رابطو ڪرڻ تي مٺي سول اسپتال جي انچارچ اي ايم ايس ڊاڪٽر چمن شرما چيو ته دوائن جي وڌيڪ خريداري ان ڪري ناهيون ڪري سگهيا ته سيشن جج. ڊپٽي ڪمشنر سميت مختلف لاڳاپيل آفيسرن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جي اجازت بعد ئي دوائون خريد ڪري سگهبيون. هن چيو ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ناهي مريض اجايو الزام تراشيون ڪن پيا، باقي تيل جي مد ۾ بجيٽ ختم ٿي آھي اسان پينٽرول پمپن تان اوڌر تي تيل وٺي ڪم کي هلايون پيا.