fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورت جج سوڌو 6 ججن مستقل ٿيڻ لاءِ حلف کڻي ورتو

جسٽس ڪوثر، ارشاد، شمس الدين، امجد علي، عدنان اقبال ۽ جسٽس آغا فيصل حلف کنيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تقريب، چيف جسٽس احمد علي شيخ ججز کان حلف کڻايو
سنڌھا۽ ڪورٽ جو چيف جسٽس 6ججن کان حلف کڻائي رھيو آھي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ججز کي مستقل ڪيو ويو آهي. ججز مقرري بابت جڊيشل ۽ پارلياماني ڪميٽيز جي منظوري کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز کي مستقل ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ تقريب دوران چيف جسٽس احمد علي شيخ ججز کان حلف کڻايو. مستقبل ٿيندڙ ججز ۾ جسٽس ڪوثر سلطانه، جسٽس ارشاد علي شاهه، جسٽس شمس الدين عباسي، جسٽس امجد علي سهتو، جسٽس عدنان اقبال چوڌري ۽ جسٽس آغا فيصل شامل آهن. حلف برادري تقريب ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، پراسيڪيوٽر سنڌ، سنڌ بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار ائسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي.

سنڌ ۾ گئس بحران نه ٽريو: ڪراچي ۾ فيڪٽريون بند

سائيٽ ايريا جي صنعتڪارن پاران پهرين جنوري تي گورنر هائوس آڏو احتجاج جو اعلان

سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بدانتظامي سبب ڳرو نقصان پيو ٿئي: صنعتڪار

ڪراچي ( ن پ ا ) سائيٽ ايريا جي صنعتڪارن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گئس بحران وڌي وڃڻ ڪري فيڪٽريون بند ڪندي پهرين جنوري تي گورنر هائوس ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
سائيٽ ايوسيئيشن چيئرمين سليم پاريک موجب گئس بحران سبب آچر کان سائيٽ ايريا ۾ سموريون فيڪٽريون بند ڪيون ويون آهن، سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بدانتظامي سبب ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
هن چيو ته گئس جي فراهمي بند هئڻ خلاف پهرين جنوري تي گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي سوئي سدرن گئس ڪمپني ۽ صنعتڪارن وچ ۾ اهم گڏجاڻي اڄ ٿيندي.
گئس بحران سبب سوئي سدرن گئس ڪمپني اڄ به ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سموري سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گئس فراهمي بند رکي آهي، جنهن سبب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، عوام جو مطالبو آهي ته گئس بحران جو مستقل حل ڪڍيو وڃي

ملير: عيدو ڳوٺ ۾ عوام جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪميونٽي سينٽر تي پوليس جو قبضو برقرار، اسڪول لاءِ به عمارت نه ملي

ضلعي مان چوڪيون ختم ٿيڻ باوجود پوليس ڪميونٽي سينيٽر تان قبضو ختم نه ڪيو: سماجي اڳواڻ

ڪميونٽي سينٽر تان ختم ڪرائڻ سان گڏ اسڪول لاءِ به عمارت ڏني وڃي: سُڄاڻ ۽ سماجي ڌريون

ملير(ن پ ا) ملير ضلعي مان پوليس چوڪيون ختم ٿيڻ باوجود اسٽيل ٽائون موڙ ويجهو عيدو ڳوٺ ۾ عوام جي سهولت خاطر 1988ع ۾ قائم ٿيل ڪميونٽي سينٽر تي بن قاسم ٿاڻي جي پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اڳوڻي ايس ايس پي ملير شيراز نذير عباسي پاران سڄي ملير ضلعي مان پوليس چوڪيون ختم ڪرڻ باوجود ڄاڻايل ڪميونٽي سينٽر تان پوليس اڃا قبضو ختم نه ڪيو.
مقامي سماجي اڳواڻن ” روزاني پنهنجي اخبار ” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن آڏو پوليس چوڪي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ ته ايندا آهن پر جائز ڪمن لاءِ عوام کي سندن درن جا چڪر ڪاٽڻا پوندا،هنن چيو ته ڪميونٽي سينٽر تي سالن کان پوليس جو قبضو آھي، ضلعي مان ٻيون پوليس چوڪيون ختم ٿي وڃڻ باوجود پوليس ڪميونٽي سينٽر تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته ڪميونٽي سينٽر تان پوليس جو قبضو ختم ڪرائي عمارت اسڪول حوالي ڪئي وڃي.

ملير: شاھھ لطيف ٽائون ٿاڻي جو ايس ايڇ او معطل ٿيڻ بعد وڪيلن جي ٽن ڏينھن کان جاري ھڙتال ختم

ملير (ن پ ا) ملير بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر جي گرفتاري خلاف وڪيلن پاران ڪيل هڙتال ايس ايڇ او جي معطلي بعد ختم ڪئي وئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ وڪيل اڳواڻ سڪندر شر کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ۽ جنهن جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير مشتاق احمد نوناري نوٽيس ورتو.
وڪيلن جي سخت احتجاج بعد شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري معاملي جي جاچ لاءِ ايس پي ايسٽ عبدالله ميمڻ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وڪيلن اڄ هڙتال ختم ڪري عدالتي ڪارروائي ۾ حصو ورتو

ملير ۾ پوليس مبينا مقابلي بعد ٻن ڏوهارين عاقب ۽ حمزه کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس ھٿان گرفتار ٿيل ڦورو

ملير(ن پ ا) سکن ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني لٺ بستي روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ کانپوءِ 2 جوابدار عاقب ۽ محمد حمزا گرفتار، پوليس پاران جوابدارن کان پسٽل، ڦر ڪيل چار موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي.

ڪراچي پوليس لاءِ ٽريفڪ نظام سڌارڻ وڏو چئلينج، هلندڙ سال چالان جي مد ۾ 62 ڪروڙ وصول

هلندڙ سال به پوليس ٽرئفڪ قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ بيوس نظر آئي، ڪارڪردگي رڳو چالان ڪرڻ تائين محدود

ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي شهرين کان مجموعي طور 62 ڪروڙ 22 لک 50 هزار ڏنڊ عيوض وصول ڪيا ويا

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ سال 2018 دوران ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڳرا ڏنڊ لڳڻ باوجود ٽرئفڪ جو نظام صحيح نه ٿي سگھيو، شهر جي مک روڊن تي ٽرئفڪ جام معمول بڻيل رهيو، هلندڙ سال دوران حادثن ۾ به گھٽتائي نه آئي. پوليس پاران گھڻو زور ڏنڊ وصولي تي رهيو، سڄي سال دوران 62 ڪروڙ، 22 لک ڏنڊ وصول ڪيو ويو. سال 2018 دوران ڪراچي ۾ دعوائن باوجود ٽرئفڪ نظام ۾ سڌارو نه آيو، شهر جي مک روڊن تي صبح کان سانجھي ويل شديد ٽرئفڪ جام رهي، جنهن ۾ ماڻهن منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو. عام شاهراهون آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهراهه فيصل، ڪورنگي روڊ، ايم اي جناح ۽ يونيورسٽي روڊ سميت ٻين ننڍن وڏن روڊن تي ٽرئفڪ جو شديد دٻاءُ رهيو. ٽرئفڪ پوليس پاران گھڻو زور ڏنڊ جي وصولي تي رهيو، ڪراچي ٽرئفڪ پوليس پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2018 دوران ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي 62 ڪروڙ 22 لک، 50 هزار جو چالان عيوض ڏنڊ وصول ڪيو ويو. 2018 ۾ 25 لک، 66 هزار، 516 چالان ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون. جيڪي 2017 جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيون، اهڙي طرح ون وي ٽوڙڻ تي 8 لک، 22 هزار، 126 چالان ڪيا ويا. هيلمٽ بغير ڊرائيونگ ڪرڻ تي 5 لک، 15 هزار، 143 چالان، ڊرائيونگ لائسنس نه هجڻ تي 20 هزار، 569 چالان، سگنلز ٽوڙڻ تي 32 هزار، 893 چالان، ڊرائيونگ دوران موبائيل هلائڻ تي 13 هزا، 32 چالان ۽ لاپراهي سان ڊرائيونگ ڪرڻ تي 19 هزار 24 چالان ڪيا ويا. اهڙي طرح ڇتين تي ماڻهن کي ويهارڻ تي 8 هزار 352 بسن کي چالان ڪيو ويو، دونهون ڏيندڙ 15 سو 25 گاڏيون به چالان ڪيون ويون ۽ کانئن 62 ڪروڙ، 22 لک، 50 هزار ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه فينسي نمبر پليٽ، غيرقانوني چنگچي رڪشا، ون وي ٽوڙڻ ۽ غلط ڊرائيونگ ڪندڙ ماڻهن کي قلم 279 تحت گرفتار ڪيو ويو پر ان باوجود ٽرئفڪ جو نظام جيئن جو تيئن رهيو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ دعوا ڪئي آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ٽرئفڪ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي، هن چيو ته ميئر جي مدد سان شهر ۾ رڪشا ۽ ٽئڪسي اسٽينڊ به قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ايندڙ سال لاءِ هڪ بهترين ٽرئفڪ پلان جوڙيو ويندو ته جيئن ٽرئفڪ جي ظام ۾ اڃا به وڌيڪ بهتري اچي، شهر ۾ ٽرئفڪ جي بدترين نظام سبب هلندڙ سال دوران 182 وڏا حادثا ٿيا. هلندڙ سال دوران ٽرئفڪ جي بدترين نظام سبب وڏا روڊ حادثا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي معذور ٿيا. ٽرئفڪ پوليس جي رپورٽ موجب ضلعي سائوٿ ۾ 21 وڏا حادثا، سٽي ۾ 6، اوڀر ۾ 34، اولهه ۾ 49، سينٽرل ۾ 26، ڪورنگي ۾ 20، ۽ ملير ضلعي ۾ 26 وڏا روڊ حادثا ٿيا، شاهراهه فيصل تي موٽرسائيڪلن لاءِ الڳ لائين جو ڪو به فائدو نه ٿيو، قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ مقرر عملو اوٻاسيون ڏيندو رهيو. شاهراهه فيصل تي حادثن کي نظر ۾ رکندي موٽرسائيڪل وارن لاءِ الڳ لائين رکي وئي، ڪراچي پوليس چيف جي هدايتن تي موٽرسائيڪل وارن لاءِ الڳ لائين ته ٺهي وئي پر موٽرسائيڪلون مجال آهي ان لائين ۾ هلن، قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ 14 ڪرولا ڪارن ۽ 14 موٽرسائيڪلن تي تربيت يافته عملو مقرر ڪيو ويو پر پوءِ به ڪو فائدو نه ٿيو، موٽرسائيڪل وارا شاهراهه فيصل تي پنهنجي مرضي سان ڊرائيونگ ڪندا رهيا.

ڪراچي جي ڊاڪس ٿاڻي جو منفرد رڪارڊ، ڪراچي کان ڀارت تائين 6 هزار ميل حد ۾ شامل

ڀارتي مهاڻن جي داخلا، مقامي مهاڻن پاران غيرقانوني شڪار ڪرڻ جا معاملا هٿ هيٺ

آبي جيوت جي نسل ڪشي، جھيڙا ۽ بتيون نه ٻاريندڙ مهاڻن خلاف ڪاروائي لاءِ به ٿاڻو ذميوار

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ڪراچي جو ڊاڪس پوليس ٿاڻو حدن جي حوالي سان سنڌ جي سمورن ٿاڻن کان وڏو ٿاڻو، اونهي سمنڊ ۾ ڀارتي بارڊر تائين 6 هزار مِيل حد ڊاڪس ٿاڻي ۾ اچي ٿي، ڀارتي مهاڻن جي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ، پاڪستان مهاڻن پاران غيرقانوني طور تي مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ، مڇيءَ جي شڪار دوران آبي جيوت جي نسل ڪشي، لانچن ۾ مهاڻن جا جھيڙا ۽ سج لهندي لانچن جون بتيون نه ٻاريندڙ مهاڻن خلاف ڪاروائي ڊاڪس ٿاڻي تي ئي ٿئي ٿي. وڏي حد رکندڙ ٿاڻي تي اهلڪارن جو تعداد ڪراچي جي عام ٿاڻن جيترو ئي آهي. ان سلسلي ۾ “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ته ڪراچي جي ضلعي سٽي جو ڊاڪس ٿاڻو سنڌ جي سمورن ضلعن جي ٿاڻن کان مليل حَدن جي حوالي سان منفرد آهي. ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ نه صرف 6 هزار ميل سمنڊ اندر حد آهي پر خشڪ پٽيءَ ۾ به ڊاڪس ٿاڻي جي حد انتهائي ڊگھي آهي. جيتوڻيڪ ڪياماڙيءَ، ابراهيم حيدري، ميرپور ساڪرو، ٺٽو سميت ٻيا سمنڊ جا ڪنارا ڀرپاسي جي ٿاڻن جي حدن ۾ ۾ ئي اچن ٿا. پر سمنڊ اونهو ٿيڻ شرط ئي ڊاڪس ٿاڻي جي حد شروع ٿي وڃي ٿي. جيڪا سمنڊ اندر ڀارتي دنگ تي ختم ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته سمنڊ اندر ٿاڻي جي حد لڳ ڀڳ 6 هزار مِيلن تائين پکڙيل آهي. پوليس موجب ته سمنڊ اندر لاش ملڻ، مهاڻن جا لانچن ۾ پاڻ ۾ جھيڙا ٿيڻ، ڀارتي مهاڻن جي پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني داخل ٿيڻ سميت ٻين مختلف نوعيتن جا ڪيس ڊاڪس ٿاڻي تي ئي داخل ڪيا وڃن ٿا. ڊاڪس ٿاڻي جي وڏي منشي ارشد چوڌري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سمنڊ اندر ٿيندڙ واقعن جي جاچ کان ويندي سمورا معاملا ڊاڪس پوليس ئي ڏسندي آهي. هن چيو ته سامونڊي فوج صرف واقعن ۾ ملوث ماڻهو اسان جي حوالي ڪندي آهي. پوءِ انهن واقعن جي جاچ، ڪيس داخل ڪرڻ سميت ڏوھ جا سمورا پاسا اسان ڏسندا آهيون. هن چيو ته اسان جي ٽيم ٺٽيءَ ضلعي جي علائقي ميرپور ساڪرو تائين به جاچ ڪرڻ وئي آهي. جتي ٻن هيروئني مهاڻن جو لانچ اندر جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ مهاڻو سمنڊ ۾ ڪِري پيو هو. ان معاملي جي جاچ به ڊاڪس پوليس ڪئي هئي. ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته ٿاڻي جي خشڪ پٽيءَ جا به ڪافي علائقا ڊاڪس جي حد ۾ اچن ٿا. پوليس موجب ته ڊاڪس ٿاڻي لڳ ڀڳ ٻين ٿاڻن کان مليل حدن جي حوالي سان وڏو ۽ منفرد ٿاڻي آهي جنهن جي سامونڊيءَ حد ۾ ڀارت سان لڳي ٿي، 10 سالن کان ڊاڪس پوليس جا پاڻي ۾ بيٺل “ٻيڙا موبائيل” پاڻي پوڻ سبب ڳري ويا، ڪيئي سالن کان پوليس سمنڊ اندر گشت ڪرڻ ڇڏي ڏنو، حدون پوليس جون هجڻ باوجود پوليس هاڻي سمنڊ اندر وڃڻ کان به لنوائي ٿي. رڳو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ تائين محدود پوليس هاڻي پنهنجي سامونڊي حد جو گشت ئي نه ٿي ڪري! ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته ڊاڪس پوليس وٽ سمنڊ ۾ گشت ڪرڻ لاءِ 2 وڏا ٻيڙا هئا. ۽ ان ٻيڙن تي گشت انچارج هڪ اي ايس آءِ ۽ 10 کان مٿي پوليس اهلڪار هوندا هئا. پر گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار “ٽوٻا” نه هجڻ ڪري ٻيڙن ۾ وڃڻ کان به لنوائيندا هئا. جنهن سبب پوليس آهستي آهستي سمنڊ جو گشت گھٽائي ڇڏيو. ۽ آخر ۾ پوليس سمنڊ ۾ بلڪل وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ گشتي ٻيڙا ڪناري تي بيهاري ڇڏيا جيڪي 10 سالن تائين بيٺل هجڻ سبب پاڻي پوڻ ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ سبب ڳري ويا، پورٽ گرينڊ، آمريڪن قونصليٽ سميت ٻيا اهم علائقا ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ هجڻ باوجود نفري عام ٿاڻن جيتري آهي. جنهن ڪري پوليس کي پريشاني به ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪس پوليس موجب ته ٿاڻي کي 7 سب انسپيڪٽر، 17 اي ايس آءِ، 11 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 93 ڪانسٽيبل مليل آهن. جيڪو انگ ٿاڻي جي حد جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي. وڏي منشي ٻڌايو ته آمريڪن قونصليٽ ۽ پورٽ گرينڊ اهم هنڌن آهن جتي سدائين چوڪس رهڻو پوي ٿو. جڏهن ته بيچ لگزري، نيٽي جيٽي پُل، سلطان آباد، ريلوي پٽڙي، ڪي پي ٽي هيڊ آفيس، مڇر ڪالوني، لالا زار ۽ آءِ سي آءِ آءِ پُل به سندن ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿي. ڄاڻايل علائقا بدامني ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان مشهور رهيا آهن. جنهن ڪري گھڻي نفري ڄاڻايل هنڌن تي گشت لاءِ مقرر ٿيل هوندي آهي، ڊاڪس ٿاڻي جي پوليس سال 2018ع ۾ پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني طور تي داخل ٿيندڙ 273 ڀارتي مهاڻن کي مختلف ڪارواين ۾ گرفتار ڪري مٿن مختلف نوعيت جا 19 ڪيس داخل ڪرڻ ۽ 44 لانچون تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. ان حوالي سان ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪستاني مهاڻن مٿان پڻ غيرقانوني قدم کڻڻ تي 1 ڪيس داخل ڪري 21 مهاڻن کي گرفتار ۽ سندن قبضي مان هڪ لانچ هٿ ڪئي وئي آهي.

ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سنچري هڻندڙ پهريون پاڪستاني بيٽسمين

سال 2018 جي 20 جولاءِ تي زمبابوي خلاف ون ڊي ميچ ۾ پاڪستاني اوپنر فخر زمان ڊبل سنچري هڻي اهو عزاز ماڻيندڙ پهريون پاڪستاني بڻيو. نوجوان بيٽسمين فخر زمان پاڪستان سپر ليگ جي ايجاد آهي، غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ فخر زمان کي ڪرڪيٽ سان جنون جي حد تائين پيار آهي، ان ڪري سندس مداحن کي فخر جي بيٽنگ ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي.

ونٽر اولمپڪس ۾ ٻن ڪورين ملڪن جو ملڻ

چوندا آهن ته راندين کي سياست کان ڌار ڪرڻ گهرجي، پر 2018 جي شروعات يعني فيبروري مهيني ۾ ٿيل ونٽر اولمپڪس ۾ رانديون ۽ سياست جو ميلاپ تڏهن ٿيو، 2 روايتي حريف ملڪ ڏکڻ ۽ اترڪوريا گڏيل پرچم هيٺان مارچ ڪيو. ايستائين جو ٻنهي ملڪن آئس هاڪي ايونٽ ۾ عورتن جي گڏيل ٽيم به لاٿي. جنهن تي سڄي دنيا حيران ٿي وئي.

پاڪستاني اسپنر ياسر ساهه 82 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙيو

ليگ اسپنر ياسر شاهه نيوزلينڊ خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ 29 وڪيٽون ورتيون، پر ان سان هن 82 سال پراڻو عالمي رڪارڊ پڻ ٽوڙي تيز ترين 200 وڪيٽون مڪمل ڪندڙ بالر جو اعزاز ماڻي سڄي دنيا مان داد حاصل ڪيو.

آسٽريليا کي پريشان ڪندڙ بال ٽيمپرنگ اسڪينڊل

هن سال جي مارچ مهيني ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف آسٽريلوي ڪپتان سميت ٽن ڄڻ تي بال ٽيمپرنگ جا الزام لڳا، جنهن بعد ٽنهي رانديگرن اسٽيون سمٿ، ڪيمرون ۽ بينڪرافٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽيمپرنگ جو اعتراف پڻ ڪيو. 2 ڏينهن اڳ بينڪرافٽ بال ٽيمپرنگ تي هڪ ٻيو اعتراف ڪيو ته هن بال ٽيمپرنگ ڊيوڊ وارنر جي چوڻ تي ڪئي، ان بيان تي رڪي پونٽنگ سميت ٻين اڳوڻن ڪريڪٽرن ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو. جڏهن ته بال ٽيمپرنگ اسڪينڊل تحت ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ساک کي وڏو نقصان پڻ رسيو.

فرانس فٽبال جي عالمي چيمپئن جو تاج پهريو

عالمي فٽبال ڪپ 2018 ۾ اهڙا دلچسپ مقابلا ٿيا، جو هن سال به فٽبال دنيا جي پسنديده راند رهي. عالمي ڪپ جي شروعات دفاعي چيمپئن جي اپ سيٽ شڪست تان ٿي، ۽ فيوريٽ قرار ڏنل ٽيم برازيل جو سفر به ڪوارٽر فائنل تي ختم ٿئي ٿو. جڏهن ته ڪروشيا حيرت انگيز ڪارڪردگي ڏيکاريندي فائنل مقابلي ۾ پهچي ٿي، فائنل ۾ ڪروشيا کي شڪست ڏئي فرانس عالمي ڪپ جو چيمپئن بڻيو، ان خوشيءَ ۾ فرانس ۾ جشن ملهايو ويو.

سال 2018ع راندين جي دنيا ۾ ڇا وهيو، ڇا واپريو!

پاڪستان سپر ليگ هر سال ٿئي ٿي، ان ۾ ڪا به نئين شيءِ نه هئي، پر 2018 ۾ ليگ جي فائنل پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ کيڏي وئي. ڪراچي ۾ پي ايس ايل فائنل مقابلي کي عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي طرف هڪ هاڪاري قدم طور ڏٺو ويو. ڪراچي ۾ فائنل دوران ماڻهن جي رش به ڏسڻ وٽان هئي، ائين لڳي رهيو ته ڄڻ عالمي ڪپ جو مقابلو هجي، پهريون ڀيرو پاڪستان سپر ليگ جو فائنل منعقد ڪرائڻ جو اعزاز ڪراچي کي حاصل ٿيو، سنڌ حڪومت خاص طور وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪوششن سان فائنل ميچ جي سيڪيورٽي شاندار رهي، جڏهن ته ڪراچي واسين کي ڪرڪيٽ جي انٽرنيشنل رانديگرن کي ڏسڻ جو موقعو مليو، فائنل ميچ دوران مداحن جو وڏو انگ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي پهتو ۽ ميچ مان ڀرپور مزو ماڻيو، فائنل کيڏڻ لاءِ پهتل انٽرنيشنل رانديگرن پڻ ڪراچي ۾ خوب مزو ماڻيو، رانديگرن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪرڪيٽ مداحن جو جوش ڏسي کين ڀرپور مزو حاصل ٿيو، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پڻ ڪراچي ۾ فائنل ميچ جي انتظامن کي واکاڻيو ۽ سيڪيورٽي تي پڻ اعتماد ظاهر ڪيو.

ڪراچي ۾ لاڙڪاڻي پوليس کي گھربل جوابدار بابر شيخ گرفتار، هٿيار هٿ

ملير (رپورٽر) قائد آباد پوليس ڪارروائي ڪندي لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. قائد آباد جي علائقي خُلد آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور سنگين ڏوهن ۾ گهربل ڏوهاري بابر عرف بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خلد آباد جي يار محمد ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو. پوليس موجب مقابلي دوران ڏوهاري بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وٽانئس هڪ پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون ويون آهن.

هلندڙ سال 182 وڏا حادثا ٿيا، ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون

ڪراچي: شهر ۾ ٽرئفڪ جي بدترين نظام سبب هلندڙ سال دوران 182 وڏا حادثا ٿيا. هلندڙ سال دوران ٽرئفڪ جي بدترين نظام سبب وڏا روڊ حادثا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي معذور ٿيا. ٽرئفڪ پوليس جي رپورٽ موجب ضلعي سائوٿ ۾ 21 وڏا حادثا، سٽي ۾ 6، اوڀر ۾ 34، اولهه ۾ 49، سينٽرل ۾ 26، ڪورنگي ۾ 20، ۽ ملير ضلعي ۾ 26 وڏا روڊ حادثا ٿيا.

1 2 3 16