fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ ۾ حوا ڄايون تحفظ وارو قانون هوندي سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ غيرمحفوظ

صحت، تعليم، مڪاني توڙي ناڻي ۽ ٻين کاتن ۾ گذريل 6 سالن دوران عورتن کي حراسان ڪرڻ جا 385 واقعا رپورٽ

عورتن جي تحفظ لاءِ جوڙيل صوبائي محتسب وٽ مئي 2012کان ڊسمبر 2018 تائين رپورٽ ٿيل واقعن تي جاچ ٿي

ڪراچي: سنڌ ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ مختلف وقتن تي قانون آڻڻ باوجود گهريلو تشدد سان گڏ سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جو رجحان گهٽجڻ بدران وڌي ويو، سڀ کان وڌيڪ صحت کاتي ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جون شڪايتون مليون، تعليم، صحت، مڪاني ادارن واري کاتي، ناڻي کاتي سميت ٻين خانگي ادارن ۾ مجموعي طور تي 385 واقعا رپورٽ، نجي ادارا ته عورتن کي حراسان ڪرڻ واري ورهين کان جاري روايت کي برقرار رکيو ويٺا آهن. عورتن کي حراسان ڪرڻ واري رجحان کي روڪي خانگي توڙي سرڪاري ۽ گھريلو ملازم عورتن کي تحفظ ڏيڻ واري اداري صوبائي محتسب ۾ مئي 2012ع کان ڊسمبر 2018ع تائين صحت کاتي، تعليم کاتي، مڪاني ادارن واري کاتي سميت گھريلو ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ وارا مجموعي طور تي 385 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. عورتن جي تحفظ بابت قائم صوبائي محتسب جي ذريعن وٽان مليل دستاويزن موجب سنڌ جي صحت کاتي جي ملازمن پاران ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ جا 85 واقعا، تعليم کاتي جي ملازمن پاران 73، سوشل ويلفيئر کاتي جا 4، روينيو کاتي جا 2، آبپاشي کاتي جو هڪ، مڪاني ادارن واري کاتي جا 7، پرائيوٽ سيڪٽر جي ملازمن جا 110، پي آءِ اي جا 2، ناڻي کاتي جا 2، ميڊيا هائوس جي ملازمن کي آفيسن اندر حراسان ڪرڻ جا 3، اين جي اوز ادارن ۾ 24، گھريلو ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ جا 66، توانائي واري کاتي جو هڪ، لائيو اسٽاڪ کاتي جا 2، بهبود آبادي واري کاتي جو هڪ، سيپڪو (سکر ) جو هڪ ۽ حبيب بئنڪ لمٽيڊ جو به هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ عورتن کي هر قسم جي جسماني ۽ ذهني تشدد کان بچائڻ لاءِ نوان نوان قانون ٺهندا رهيا آهن. پر عورتن کي ذهني تشدد وارن واقعن ۾ گھٽتائي ناهي اچي سگھي.

ليبر کاتي جا 240 ملازم ڊيپوٽيشن تي مقرر،پورهيتن لاءِ قائم اسپتالون ۽ اسڪول ويران

سوشل سيڪيورٽي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڪامورن رپورٽ سيڪريٽري ليبر حوالي ڪري ڇڏي

ڊيپوٽيشن تي مقررين سبب ننڍن شهرن جون اسپتالون ۽ اسڪول ويران ٿي ويا آهن:سيڪريٽري جو اعتراف

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ليبر کاتي ۾ 240 ملازم غيرقانوني طور ڊيپوٽيشن تي مقرر هجڻ جو انڪشاف، سوشل سيڪيورٽي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڪامورن رپورٽ سيڪريٽري ليبر حوالي ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري اعتراف ڪيو آهي ته کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقررين سبب پورهيتن لاءِ قائم ڪيل ننڍن شهرن جون اسپتالون ۽ اسڪول ويران ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته ڪجهه ڏينهن اڳ ليبر کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي پاران کاتي ۾ اختيارين کان ڊيپوٽيشن تي مقررين جا تفصيل طلب ڪيا هئا. جنهن بعد لاڳاپيل اختيارين پاران رپورٽ سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ليبر کاتي جي ماتحت هلندڙ سوشل سيڪيورٽي ۾ 40 ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ 200 مختلف عهدن جا ملازم ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل هئا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ليبر کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 240 ملازمن کي واپس پنهنجي اصل عهدن ڏانهن اماڻيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ پاران پڻ ڊيپوٽيشن تي پابندي آهي. هن چيو ته ڊيپوٽيشن سبب نوري آباد، گھوٽڪي ۽ ٻين ننڍن شهرن ۾ پورهيتن لاءِ قائم ڪيل اسپتالون ۽ سندن ٻارڙن لاءِ هلندڙ اسڪول ويران ٿي ويا هئا.

ڪراچي:ڪالا پل ۾ حددخلين خلاف آپريشن،رهواسين جي سخت مزاحمت،خوف ۾ دڪاندار فوت

هزارا ۽ريلوي ڪالوني ۾ آپريشن دوران دڪاندارن سخت مزاحمت ڪئي، پٿراءُ

چڪتاڻ سبب ٽرئفڪ جام،آپريشن جو ٻڌي دڪاندار کي دل جو دورو پئجي ويو،اسپتال ۾ دم ڏنو

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي )ڪراچي ۾ ڪالاپل واري علائقي جي هزارا ۽ ريلوي ڪالوني ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي ڪوشش، آپريشن عملي ۽ پوليس تي پٿراءُ سبب سبب عملو واپس روانو، ڇڪتاڻ سبب همراھ هيانءُ ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو.
ڪالاپل ڀرسان هزارا ۽ ريلوي ڪالوني ۾ سرڪيولر ريلوي ٽريڪ تان غيرقانوني دڪان هٽائڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ عملي پوليس جي مدد سان آپريشن جي ڪوشش ڪئي ته دڪاندارن سخت مزاحمت ڪندي پوليس ۽ ڪي ايم سي جي عملي تي پٿراءُ ڪري ڏنو، چڪرين سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي، هزارا ڪالوني روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
آپريشن جو ٻڌي هڪ دڪاندارپرويز کي دل جو دورو پيو، جنهن کي اين آءِ سي وي ڊي کڻائي ويا، جتي هن دم ڏيئي ڇڏيو. هوڏانهن مسلسل ٽن ڪلاڪن جي سخت ڇڪتاڻ بعد ايس ايس پي پيرمحمد شاهه، ايس ايس پي ريلوي شهلا قريشي ۽ ڊپٽي ڪمشنر موقعي تي پهتا، جن هزارا ڪالوني ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون.
دڪاندار اڳواڻ زيد محمد، سجاد حسين شاهه ، راشد عباسي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته رڳو هزارا ڪالوني ۾ 371 دڪان ۽ 3 هزار گھر آهن، 45 هزار جي لڳ ڀڳ آدمشاري آهي. اسان انتظاميه کي انڌاڌنڌ آپريشن ڪرڻ نه ڏينداسين، پنهنجي گھرن ۽ دڪانن کي بچائڻ لاءِ سخت مزاحمت ڪنداسين، پوءِ ڀلي اسان کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڇو نه ڪيو وڃي.

استادن جي لانگ مارچ رنگ لاتو،سرڪار پاران سندن مطالبا منظور

اسپيشل سيڪريٽري تعليم غلام عباس کيڙو ساڻن ملاقات ڪري مطالبا تسليم ڪيا

استادن جي 12 مطالبن مان 10 مطالبا منظور ڪيا آهن:اسپيشل سيڪريٽري تعليم

ملير (ناز شر) آل سنڌ پرائمري ٽيچرز ايسوسي ايشن جي جدوجهد رنگ لاٿو، استادن جا سمورا مطالبا منظور، تعليم کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري غلام عباس ڏيٿو، ڊائريڪٽر سيڪنڊري ڪراچي حامد ڪريم استادن جي بک هڙتالي ڪيمپ ملير پريس ڪلب تي پهچي استادن کي جوس پياري هڙتال ختم ڪرائي، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ اقراءَ پاس استادن کي جلد پڪو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، ان موقعي تي سيڪريٽري اسپيشل غلام عباس ڏيٿو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته استادن جا مطالبا جائز آهن ۽ اڄ اسين ان سلسلي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو ويٺل پ ٽ الف جي مرڪزي بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي سڄي سنڌ جي استادن کي يقين ٿا ڏياريون ته انهن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين، استادن جي 12 مطالبن مان 10 مطالبا منظور ڪندي سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن جي پڪي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي رهيل اين ٽي ايس ۽ اقراءَ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو نوٽيفڪيشن به 15 ڏينهن اندر جاري ڪيو ويندو، هن چيو ته بايو ميٽرڪ سسٽم ضلعي سطح تي آڻڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن تي پڻ جلد عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪراچي جي پرائمري استادن جا رهيل پروموشن هڪ مهيني اندر ڪري استادن مان بيچيني ختم ڪئي ويندي، ان موقعي تي پ ٽ الف جي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو چيو ته سنڌ حڪومت خاص ڪري وزير تعليم سيد سردار شاهه ٿورائتا آهيون جن استادن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪندي اڄ اسپيشل سيڪريٽري تعليم غلام عباس ڏيٿو کي استادن جي بک هڙتالي ڪيمپ تي ڳالهين لاءِ موڪليو ۽ استادن جي ڏنل 12 هن نقطن واري چارٽر آف ڊيمانڊ مان 10 مطالبا تسليم ڪيا آهن ۽ سنڌ جي استادن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪرائي آهي، هن چيو ته ڳڙهي خدا بخش شهيدن جي مزار تان نڪتل لانگ مارچ مطالبن جي مڃتا بعد اڄ باقائدي ختم ڪندي اعلان ٿا ڪيون .

يو اي اي پاران اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ جو اعلان

رقم جمع ڪرائڻ جو مقصد پاڪستان جي مالي صورتحال ۾ بهتري آڻڻ آهي: يو اي اي

ڏکي گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ تي يو اي اي سرڪار جا ٿورائتا آهيون: عمران خان

ڪراچي ( م ڊ ) گڏيل عرب امارتن پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ڏکي گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ تي يو اي اي سرڪار جا ٿورا مڃيا، ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 ارب ڊالر جمع ڪرايا ويندا، جنهن جو مقصد پاڪستان جي مالي صورتحال ۾ بهتر آڻڻ آهي، يو اي اي طرفان 3 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ بعد اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 11 ارب ڊالر کان وڌي ويندا، واضح رهي ته ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ پاڪستان ۾ پهريان ئي 8 منصوبن جي فنڊنگ ڪري رهيو آهي، جن جي مجموعي لاڳت ڏيڍ ارب درهم آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ ذريعي يو اي اي سرڪار جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته يو اي اي ڏکي گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اهو قدم اسان جي عزم ۽ دوستي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو سالن کان قائم آهي

سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ متروڪ ملڪيتن تي قبضا فوري ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي،عدالت پاران تاريخي ملڪيتن تان قبضا ختم نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ ظاھر

قبضا ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي جو حڪم، قبضن وقت حڪومت ڇا پئي ڪيو؟ عدالت

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڇڏيل عمارتن تان قبضا ختم نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهي قبضا فوري طور تي ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي .سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ورهاڱي وقت هندون پاران ڇڏيل تاريخي ملڪيتن تي قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي . عدالت چيو ته جنهن وقت انهن ملڪيتن تي قبضا ٿي رهيا هئا ته حڪومت ڇا ڪري رهي هئي ..؟؟ رڳو لياري اندر 17 اهڙين عمارتن تي قبضا ڪري اهي وڪرو ڪيا ويا ،. عدالت حڪم ڏنو ته شهر اندر جن به ڇڏيل ملڪيتن تي قبضا ٿيل آهن اهي فوري طور تي ختم ڪرايا وڃن ۽ انهن قبضن ۾ جيڪي ڪامورا ملوث آهن انهن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ، عدالت چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڪرپٽ ڪامورا به ان ۾ ملوث اهن انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي . ان موقعي تي عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته لياري ۾ گينگ وار دوران انهن ملڪيتن تي قبضا مافيا قبضو ڪري انهن ملڪيتن کي وڪرو ڪري ڇڏيو .هاڻ اتي ڪيترائي خاندان آباد اهن ،جنهن تي عدالت چيو ته ڪنهن به صورت ۾ قبضن کي برداشت نه ڪبو ،اهي قبضا ختم ڪرايا ُڇن ۽ اتي جيڪي ماڻهو آباد آهن انهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي .

12 مئي سانحو: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اي ڪلاس ڪيل 65 ڪيسز مان 11 کيس ٻيهر کولي ڇڏيا

11 ئي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽو منتقل ڪيا ويا، سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي

12 مئي سانحي جي چئن ڪيسن ۾ ميئر وسيم اختر ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو

ڪراچي (رپورٽر) 12 مئي سانحي جي اي ڪلاس ڪيل 65 ڪيسن مان 11 ڪيس ٻيهر کلي ويا، اي ٽي سي ٽو ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 مئي سانحي جي 65 اي ڪلاس ڪيسن مان 11 ڪيس ٻيهر کولي اي ٽي سي ٽو منتقل ڪري ڇڏيا، ڪيسن جون فائلز به اي ٽي سي ٽو منتقل ڪيون ويون، سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي، 12 مئي سانحي جي چئن ڪيسن ۾ ميئر ڪراچي وسيم اختر سميت 21 جوابدار نامزد آهن، جن مان وسيم اختر ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي اي ڪلاس ڪيل 65 ڪيسن جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو هو

”دلي دور آهي“ پ پ اڳواڻن طرفان ويجهاڻي ۾ آصف جي گرفتاري وارو امڪان رد

ڪس زماني ڪي بات ڪرتي هو، دل جلاني ڪي بات ڪرتي هو: لطيف کوسه

ميڊيا معاملي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو (سعيد غني) ڪارڪن محبت ۾ آيا آهن: قائم شاهه

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته آصف زرداري گرفتار نه ٿيندو، ميڊيا عدالتي معاملي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پيشيءَ وقت پ پ جي مرڪزي اڳواڻن سوڌو سنڌ حڪومت جا وزير به بئنڪنگ ڪورٽ ڪراچي پهچي ويا. بئڪنگ ڪورٽ ٻاهران صحافين پاران آصف زرداري جي گرفتاري بابت پُڇيل سوال جو دلچسپ جواب ڏنو ۽ چيو ته دلي دور است، ڪِس زماني ڪي بات ڪرتي هو، دل جلاني ڪي بات ڪرتي هو.
لطيف کوسه چيو ته آصف زرداري گرفتار نه ٿيندو. مڪاني کاتن جي وزير سعيد غني ڪارڪنن جي پهچڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته عدالتي معاملي کي ميڊيا وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي، پيپلز پارٽي هائيپ ڪريئيٽ نه ڪئي آهي. اسان کي به ميڊيا ذريعي ئي خبر پئي ته اڄ احتجاج ڪيو ويندو. اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن توڙي وڪيل آصف زرداري سان محبت ۾ آيا آهن. قائم علي شاهه صحافين پاران وڪيلن کي ڪمانڊو سڏڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته وڪيلن کي توهان ڪمانڊو ٿا سڏيو، شابس هجي توهان کي.

مني لانڊرنگ ڪيس: حسين لوائي کي بئنڪگن ڪورٽ آڏو پيش نه ڪيو ويو، طلحه کي ڊاڪٽرن روڪي ڇڏيو

بئڪنگ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي، اڊيالا انتظاميا حڪمن تي عمل نه ڪيو: وڪيل

اڊيالا جيل انتظاميه حسين لوائي کي پيش نه ڪيو ،ڪورٽ عدالت حڪمن تي عمل ڪرائي : وڪيل

ڪراچي (رپورٽر) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي دوست حسين لوائي کي اڄ به اڊيالا جيل انتظاميه ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو جنهن تي سندس وڪيل درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته عدالت حڪم ڏنو هو ته حسين لوائي کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پر اڊيالا جيل انتظاميه کيس پيش نه ڪيو جيڪا عدالتي حڪمن جي توهين آهي ،ڪورٽ کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي . ٻئي پاسي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار طلحه رضا کي لانڊي جيل انتظاميه عدالت ۾ پيش نه ڪيو ، پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته طلحه رضا جي ٽنگ جو آپريشن ٿيو آهي ، ڊاڪٽرن کيس هلڻ کان منع ڪيو آهي ان ڪري اڄوڪي پيشي تي کيس پيش نه ڪري سگهيا آهيون . پوليس طرفان سندس ميڊيڪل رپورٽ به جمع ڪرائي وئي .

بئڪنگ ڪورٽ ٻاهران آصف جي حمايت ۾ نعريبازي، جج ڪاوڙجي پيو

عدالتي احاطو جلسي جو ڏيک ڏيڻ لڳو، گوڙ ختم ڪرايو، جوابدارن کي اندر اچڻ ڏيو: جج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پيشيءَ دوران پيپلز پارٽي جا وڏي تعداد ۾ ڪارڪن توڙي حامي وڪيل عدالت ٻاهران پهچي ويا. عدالتي احاطي ٻاهران ڪارڪنن “زنده هي بيبي زنده هي، آصف تيري جان نثار بي مثال” جي نعريبازي ڪندا رهيا. وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن جي پهچڻ سبب بئنڪنگ ڪورٽ جي احاطي جلسي جا منظر اچي رهيا هئا. عدالتي احاطي ۾ گوڙ ٿيڻ تي بئنڪنگ ڪورٽ جي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عدالت ۾ گوڙ ختم ڪرايو وڃي. جج چيو ته جوابدارن کي اندر اچڻ ڏنو وڃي، جنهن بعد آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر اندر اچي حاضري لڳائي.

اين آءِ سي ايل ڪرپشن: اڳوڻي چيئرمين سوڌو 11 جوابدارن جي ضمانت منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن کي 10-10 لک رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي

جوابدارن اين آءِ سي ايل کي ڪروڙن جو نقصان ڏنو، احتساب عدالت ۾ ريفرنس هلندڙ آهي: نيب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي ايل اسڪينڊل ۾ اڳوڻي چيئرمين سوڌو 11 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن اسڪينڊل ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران نيب اختيارين چيو ته ڄاڻايل جوابدارن جي دور ۾ اين آءِ سي ايل دائود ڪريسنٽ انويسٽمينٽ ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي، جنهن سان اداري کي ڪروڙين رُپين جو نقصان ٿيو. جوابدارن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس هلندڙ آهي. عدالت اين آءِ سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين اياز خان نيازي سوڌو 11 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جڏهن ته جوابدارن کي 10-10 لک رُپين جا مُچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.

1 14 15 16