fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ٽريفڪ قانون بابت آگاهي لاءِ 424 سيمينار ڪرايا ويا، ڏيڍ لک شاگردن تربيت ورتي

ڪراچي: ٽرئفڪ پوليس طرفان قانون بابت آگاهي لاءِ 424 اسڪولن ۾ سيمينار منقعد ڪيا ويا. مختلف اسڪولن ۾ منقعد ڪيل سيمينارن ۾ مجموعي طور 1 لک 47 هزار 196 شاگردن کي ٽرئفڪ قانون بابت آگاهي ڏني وئي ۽ ان کان علاوهه هيلمٽ، وڊيو ڪلپس ۽ ٻيو پمفليٽ تقسيم ڪيا ويا.

شاهراهه فيصل تي موٽرسائيڪل وارن لاءِ الڳ ٽريڪ تي عمل نه ٿي سگهيو

ڪراچي: شاهراهه فيصل تي موٽرسائيڪلن لاءِ الڳ لائين جو ڪو به فائدو نه ٿيو، قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ مقرر عملو اوٻاسيون ڏيندو رهيو. شاهراهه فيصل تي حادثن کي نظر ۾ رکندي موٽرسائيڪل وارن لاءِ الڳ لائين رکي وئي، ڪراچي پوليس چيف جي هدايتن تي موٽرسائيڪل وارن لاءِ الڳ لائين ته ٺهي وئي پر موٽرسائيڪلون مجال آهي ان لائين ۾ هلن، قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ 14 ڪرولا ڪارن ۽ 14 موٽرسائيڪلن تي تربيت يافته عملو مقرر ڪيو ويو پر پوءِ به ڪو فائدو نه ٿيو، موٽرسائيڪل وارا شاهراهه فيصل تي پنهنجي مرضي سان ڊرائيونگ ڪندا رهيا.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن

ڪراچي: ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ دعوا ڪئي آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ٽرئفڪ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي، هن چيو ته ميئر جي مدد سان شهر ۾ رڪشا ۽ ٽئڪسي اسٽينڊ به قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ايندڙ سال لاءِ هڪ بهترين ٽرئفڪ پلان جوڙيو ويندو ته جيئن ٽرئفڪ جي ظام ۾ اڃا به وڌيڪ بهتري اچي.

ڪراچي پوليس لاءِ ٽريفڪ نظام سڌارڻ وڏو چئلينج، سال دوران چالان جي مد ۾ 62 ڪروڙ وصول

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ سال 2018 دوران ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڳرا ڏنڊ لڳڻ باوجود ٽرئفڪ جو نظام صحيح نه ٿي سگھيو، شهر جي مک روڊن تي ٽرئفڪ جام معمول بڻيل رهيو، هلندڙ سال دوران حادثن ۾ به گھٽتائي نه آئي. پوليس پاران گھڻو زور ڏنڊ وصولي تي رهيو، سڄي سال دوران 62 ڪروڙ، 22 لک ڏنڊ وصول ڪيو ويو. سال 2018 دوران ڪراچي ۾ دعوائن باوجود ٽرئفڪ نظام ۾ سڌارو نه آيو، شهر جي مک روڊن تي صبح کان سانجھي ويل شديد ٽرئفڪ جام رهي، جنهن ۾ ماڻهن منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو. عام شاهراهون آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهراهه فيصل، ڪورنگي روڊ، ايم اي جناح ۽ يونيورسٽي روڊ سميت ٻين ننڍن وڏن روڊن تي ٽرئفڪ جو شديد دٻاءُ رهيو. ٽرئفڪ پوليس پاران گھڻو زور ڏنڊ جي وصولي تي رهيو، ڪراچي ٽرئفڪ پوليس پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2018 دوران ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي 62 ڪروڙ 22 لک، 50 هزار جو چالان عيوض ڏنڊ وصول ڪيو ويو. 2018 ۾ 25 لک، 66 هزار، 516 چالان ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون. جيڪي 2017 جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيون، اهڙي طرح ون وي ٽوڙڻ تي 8 لک، 22 هزار، 126 چالان ڪيا ويا. هيلمٽ بغير ڊرائيونگ ڪرڻ تي 5 لک، 15 هزار، 143 چالان، ڊرائيونگ لائسنس نه هجڻ تي 20 هزار، 569 چالان، سگنلز ٽوڙڻ تي 32 هزار، 893 چالان، ڊرائيونگ دوران موبائيل هلائڻ تي 13 هزا، 32 چالان ۽ لاپراهي سان ڊرائيونگ ڪرڻ تي 19 هزار 24 چالان ڪيا ويا. اهڙي طرح ڇتين تي ماڻهن کي ويهارڻ تي 8 هزار 352 بسن کي چالان ڪيو ويو، دونهون ڏيندڙ 15 سو 25 گاڏيون به چالان ڪيون ويون ۽ کانئن 62 ڪروڙ، 22 لک، 50 هزار ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه فينسي نمبر پليٽ، غيرقانوني چنگچي رڪشا، ون وي ٽوڙڻ ۽ غلط ڊرائيونگ ڪندڙ ماڻهن کي قلم 279 تحت گرفتار ڪيو ويو پر ان باوجود ٽرئفڪ جو نظام جيئن جو تيئن رهيو.

سمنڊ، پورٽ گرانڊ، آمريڪي ڪائونسليٽ حدن ۾ هوندي به نفري عام ٿاڻن جيتري

ڪراچي: پورٽ گرينڊ، آمريڪن قونصليٽ سميت ٻيا اهم علائقا ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ هجڻ باوجود نفري عام ٿاڻن جيتري آهي. جنهن ڪري پوليس کي پريشاني به ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪس پوليس موجب ته ٿاڻي کي 7 سب انسپيڪٽر، 17 اي ايس آءِ، 11 هيڊ ڪانسٽيبل ۽  93 ڪانسٽيبل مليل آهن. جيڪو انگ ٿاڻي جي حد جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي. وڏي منشي ٻڌايو ته آمريڪن قونصليٽ ۽ پورٽ گرينڊ اهم هنڌن آهن جتي سدائين چوڪس رهڻو پوي ٿو. جڏهن ته بيچ لگزري، نيٽي جيٽي پُل، سلطان آباد، ريلوي پٽڙي، ڪي پي ٽي هيڊ آفيس، مڇر ڪالوني، لالا زار ۽ آءِ سي آءِ آءِ پُل به سندن ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿي. ڄاڻايل علائقا بدامني ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان مشهور رهيا آهن. جنهن ڪري گھڻي نفري ڄاڻايل هنڌن تي گشت لاءِ مقرر ٿيل هوندي آهي.

ڊاڪس ٿاڻي تي ايس ايڇ اوز جي مقرري لاءِ منٿلي به معمول کان وڌيڪ

ڪراچي: ڊاڪس ٿاڻي تي مقرر ٿيندڙ ايس ايڇ اوز پاران منٿلي به معمول جي ايس ايڇ اوز کان وڌيڪ ڏيڻي پوي ٿي. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ نه رڳو سامونڊي حد آهي پر سندن زميني حدن ۾ به سڻڀا علائقا شامل هجڻ ڪري ايس ايڇ اوز پاران مقرري توڙي “اعليٰ اختيارين” ڏانهن منٿلي جي مد ويندڙ رقم به معمول کان وڌيڪ وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي ) کان نڪرندڙ ٽرالر ۽ وڏين گاڏين جي آمد رفت به ڊاڪس ٿاڻي کان ٿئي ٿي.  

پاڪستاني حدن مان مڇي ماريندڙ 273 ڀارتي مهاڻي گرفتار ڪيا ويا

ڪراچي: ڊاڪس ٿاڻي جي پوليس سال 2018ع ۾ پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني طور تي داخل ٿيندڙ 273 ڀارتي مهاڻن کي مختلف ڪارواين ۾ گرفتار ڪري مٿن مختلف نوعيت جا 19 ڪيس داخل ڪرڻ ۽ 44 لانچون تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. ان حوالي سان ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪستاني مهاڻن مٿان پڻ غيرقانوني قدم کڻڻ تي 1 ڪيس داخل ڪري 21 مهاڻن کي گرفتار ۽ سندن قبضي مان هڪ لانچ هٿ ڪئي وئي آهي. 

ڊاڪس ٿاڻي وٽ گاڏين سان گڏ ٻيڙيون موبائل پڻ موجود

ڪراچي: 10 سالن کان ڊاڪس پوليس جا پاڻي ۾ بيٺل “ٻيڙا موبائيل” پاڻي پوڻ سبب ڳري ويا، ڪيئي سالن کان پوليس سمنڊ اندر گشت ڪرڻ ڇڏي ڏنو، حدون پوليس جون هجڻ باوجود پوليس هاڻي سمنڊ اندر وڃڻ کان به لنوائي ٿي. رڳو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ تائين محدود پوليس هاڻي پنهنجي سامونڊي حد جو گشت ئي نه ٿي ڪري! ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته ڊاڪس پوليس وٽ سمنڊ ۾ گشت ڪرڻ لاءِ 2 وڏا ٻيڙا هئا. ۽ ان ٻيڙن تي گشت انچارج هڪ اي ايس آءِ ۽ 10 کان مٿي پوليس اهلڪار هوندا هئا. پر گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار “ٽوٻا” نه هجڻ ڪري ٻيڙن ۾ وڃڻ کان به لنوائيندا هئا. جنهن سبب پوليس آهستي آهستي سمنڊ جو گشت گھٽائي ڇڏيو. ۽ آخر ۾ پوليس سمنڊ ۾ بلڪل وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ گشتي ٻيڙا ڪناري تي بيهاري ڇڏيا جيڪي 10 سالن تائين بيٺل هجڻ سبب پاڻي پوڻ ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ سبب ڳري ويا.  

ڪراچي جي ڊاڪس ٿاڻي جو منفرد رڪارڊ، سنڌ جي راڄڌاني کان ڀارت تائين 6 هزار ميل حد ۾ شامل

ڪراچي:  ڪراچي جو ڊاڪس پوليس ٿاڻو حدن جي حوالي سان سنڌ جي سمورن ٿاڻن کان وڏو ٿاڻو، اونهي سمنڊ ۾ ڀارتي بارڊر تائين 6 هزار مِيل حد ڊاڪس ٿاڻي ۾ اچي ٿي، ڀارتي مهاڻن جي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ، پاڪستان مهاڻن پاران غيرقانوني طور تي مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ، مڇيءَ جي شڪار دوران آبي جيوت جي نسل ڪشي، لانچن ۾ مهاڻن جا جھيڙا ۽ سج لهندي لانچن جون بتيون نه ٻاريندڙ مهاڻن خلاف ڪاروائي ڊاڪس ٿاڻي تي ئي ٿئي ٿي. وڏي حد رکندڙ ٿاڻي تي اهلڪارن جو تعداد ڪراچي جي عام ٿاڻن جيترو ئي آهي. ان سلسلي ۾ “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ته ڪراچي جي ضلعي سٽي جو ڊاڪس ٿاڻو سنڌ جي سمورن ضلعن جي ٿاڻن کان مليل حَدن جي حوالي سان منفرد آهي. ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ نه صرف 6 هزار ميل سمنڊ اندر حد آهي پر خشڪ پٽيءَ ۾ به ڊاڪس ٿاڻي جي حد انتهائي ڊگھي آهي. جيتوڻيڪ ڪياماڙيءَ، ابراهيم حيدري، ميرپور ساڪرو، ٺٽو سميت ٻيا سمنڊ جا ڪنارا ڀرپاسي جي ٿاڻن جي حدن ۾ ۾ ئي اچن ٿا. پر سمنڊ اونهو ٿيڻ شرط ئي ڊاڪس ٿاڻي جي حد شروع ٿي وڃي ٿي. جيڪا سمنڊ اندر ڀارتي دنگ تي ختم ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته سمنڊ اندر ٿاڻي جي حد لڳ ڀڳ 6 هزار مِيلن تائين پکڙيل آهي. پوليس موجب ته سمنڊ اندر لاش ملڻ، مهاڻن جا لانچن ۾ پاڻ ۾ جھيڙا ٿيڻ، ڀارتي مهاڻن جي پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني داخل ٿيڻ سميت ٻين مختلف نوعيتن جا ڪيس ڊاڪس ٿاڻي تي ئي داخل ڪيا وڃن ٿا. ڊاڪس ٿاڻي جي وڏي منشي ارشد چوڌري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سمنڊ اندر ٿيندڙ واقعن جي جاچ کان ويندي سمورا معاملا ڊاڪس پوليس ئي ڏسندي آهي. هن چيو ته سامونڊي فوج صرف واقعن ۾ ملوث ماڻهو اسان جي حوالي ڪندي آهي. پوءِ انهن واقعن جي جاچ، ڪيس داخل ڪرڻ سميت ڏوھ جا سمورا پاسا اسان ڏسندا آهيون. هن چيو ته اسان جي ٽيم ٺٽيءَ ضلعي جي علائقي ميرپور ساڪرو تائين به جاچ ڪرڻ وئي آهي. جتي ٻن هيروئني مهاڻن جو لانچ اندر جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ مهاڻو سمنڊ ۾ ڪِري پيو هو. ان معاملي جي جاچ به ڊاڪس پوليس ڪئي هئي. ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته ٿاڻي جي خشڪ پٽيءَ جا به ڪافي علائقا ڊاڪس جي حد ۾ اچن ٿا. پوليس موجب ته ڊاڪس ٿاڻي لڳ ڀڳ ٻين ٿاڻن کان مليل حدن جي حوالي سان وڏو ۽ منفرد ٿاڻي آهي جنهن جي سامونڊيءَ حد ۾ ڀارت سان لڳي ٿي.

ملير ۾ پوليس ۽ وڪيلن ۾ ڇڪتاڻ، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ، سائل رلي ويا

ملير(رپورٽ: درياءَ خان شر)ملير ۾ سينيئر وڪيل جي گرفتاري ۽ ٿاڻي مان عدالتي ڇاپي دوران بازيابي کانپوءِ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. 3 ڏينهن اڳ شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او سينيئر وڪيل سڪندر شر کي شراب واپرائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ آصف علي عرف اڪبر ڄامڙو جي مداخلت تي ٿاڻي تان وڪيل کي ڇڏرائي ايس ايڇ او کي رڪارڊ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالتي حڪ باوجود ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون پيش نه ٿيو، جڏهن ته 3 ڏينهن کان عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ سبب سائيلين پريشاني ۾ ورتل آهن. عدالتي حڪم تي ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر ڊي ايس پي کي وڪيلن سان ڳالهين لاءِ موڪليو پر ڪوبه نتيجو نه نڪري سگهيو آهي. وڪيل اڄ به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ اسميبلي ۾ پارٽي پوزيشن

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ وٽ تعداد صرف 30 ميمبرن جوآهي، سندن مقابلي ۾ حڪمران جماعت پ پ پ وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 99 ميمبر موجود آهن. پي ٽي آءِ کانسواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن مان جي ڊي اي وٽ 14، ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ 20، ايم ايم اي وٽ هڪ ۽ لبيڪ پاڪستان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 3 ميمبر موجود آهن. سنڌ اسيمبلي جي گڏيل ايوان ۾ مخالف ڌر وٽ ٽوٽل 68 ميمبر موجود آهن.

علي رضا عابدي قتل ڪيس ۾ اهم گرفتاري ٿيڻ جي دعويٰ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته علي رضا عابدي جي ڪيس ۾ ايئرپورٽ تان اهم گرفتاري ٿي آهي. تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جي وفد مرحوم علي رضا عابدي جي گهر سندس پيءُ سيد اخلاق عابدي سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه علي رضا عابدي جي پيءُ ي هن وقت تائين جي جاچ جي حوالي کان آگاهه ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڏاڍو افسوس جوڳو واقعو هو علي رضا ڏاڍو خوش انسان هو، اسان هن کي ته واپس نٿا آڻي سگهون پر ظالم کي سزا ملڻ گهرجي، ايئرپورٽ تان اهم گرفتاريون ٿيون آهن، توهان اطمينان رکو علي رضا جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ هن شهر ۾ ڪنهن کي به امن خراب ڪرڻ نه ڏيندس. هن چيو ته مون کي ڳجهن ادارن طرفان ڪو به ٿريٽ نه ملي هئي، جڏهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي تحت رٿيل ميلاد جي محفل ۾ ڌماڪو ٿيو ان کان پوءِ پي ايس پي جي ڪارڪن تي حملا ٿيا ته مون اجلاس گهرايو، اجلاس ۾ علي رضا عابدي جي ٿريڊ جي حوالي سان خبر نه مليون هيون.

پروين رحمان قتل ڪيس ۾ وڌيڪ شاهد پيش ڪرڻ جي درخواست رد

ڪراچي (ڪورٽ رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت اورنگي ٽائون پائلٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين الرحمان قتل ڪيس ۾ استغاثه پاران وڌيڪ شاهد پيش ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه استغاثه پاران داخل ڪيل درخواست رد ڪندي ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ جوابدارن کي اڄ پنهنجي بچاءُ ۾ شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪالهه ڪيس جي فريادي درخواست پيش ڪندي چيو ته پروين الرحمان قتل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ۾ شامل آفيسرن کي بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو وڃي جيڪي انتهائي اهم ۽ لاڳاپيل گواهه آهن پر عدالت سندس اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ رحيم سواتي ۽ ٻيا جوابدار گرفتار ٿيل آهن. جوابدار رحيم سواتي ۽ ٻين جوابدارن مٿان الزام آهي ته انهن ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ پروين رحمان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.

ڪراچي پريس ڪلب جي اڄ چونڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي سڀ کان پراڻي پريس ڪلب ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊ سڀاڻي ٿيندي. صدر ۽ سيڪريٽري سميت پنجن ميمبرن ۽ ست گورننگ باڊي جي عهديدارن جي چونڊ پريس ڪلب جا 1603 ميمبر ڪندا. هن سال ميمبر بڻجندڙ 654 ڄڻن جو چونڊن ۾ ڪردار اهم هوندو. صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي ميمبر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميٽي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪندي. چونڊن ۾ پروگريسيو ۽ ڊي ڊيموڪريٽس پينل آمهون سامهون ٿيندا. ڊي ڊيموڪريٽس پاران صدر جي عهدي لاءِ امتياز خان فاران ۽ سيڪريٽري لاءِ ارمان صابر جڏهن ته پروگريسيو پينل پاران صدر لاءِ احمد خان ملڪ ۽ سيڪريٽري لاءِ شاهد عباس جتوئي چونڊ وڙهي رهيا آهن. پريس ڪلب جي آئين موجب سيڪريٽري چيف ايگزيٽيو جڏهن ته صدر انتظامي عهدو مقرر ٿيل آهي. ڪنهن به عهدي تي ٻه سال مسلسل بيهڻ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال لاءِ ان عهدي تي چونڊون نٿيون وڙهي سگھجن. 1958 ۾ ڪراچي پريس ڪلب وجود ۾ آيو ۽ انهي سال هڪ درجن کان وڌيڪ ميمبرن پريس ڪلب جي پهرين چونڊ ڪرائي تنهن کان پوءِ هينئر تائين بنا ڪنهن وقفي جي پريس ڪلب جون چونڊون ٿين ٿيون. گذريل ويهن سالن کان ڊسمبر جي آخري ڇنڇر جي ڏينهن تي چونڊون ٿينديون آهن. انهي ڏينهن ايندڙ نئين باڊي کي انتظامي اختيار منتقل ڪيا ويندا آهن. پريس ڪلب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڪري چونڊون هڪ هفتو اڳتي وڌايون ويون هيون. پريس ڪلب جي لائف ٽائيم ميمبرن ۾ محترمه بينظير ڀٽو، پرنس آغا ڪريم، عمران خان سميت قائم علي شاهه شامل آهن. ڪراچي پريس ڪلب جو آمرن جي دور ۾ جمهوريت جي بحالي وارين تحريڪن ۾ شاندار ڪردار رهيو. ضيا الحق ڪراچي پريس ڪلب کي دشمنن جو علائقو قرار ڏنو هو جڏهن ته مشرف جي دور ۾ وڪيل ۽ صحافي تحريڪن ۾ پريس ڪلب جي ڪردار مانائتو رهيو، مشرف جي دور ۾ ڪلب جي ميمبرن صحافت جي آزادي لاءِ گرفتاريون پڻ ڏنيون. ڪراچي پريس ڪلب کي ڪراچي جو هائيڊ پارڪ پڻ سمجيو وڃي ٿو جتي هر زور شهري مختلف مسئلن تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائن ٿا. 2018 پريس ڪلب جي تاريخ جو بدترين سال رهيو آڪٽوبر ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن پريس ڪلب تي ڪاهه ڪري ڪلب جو تقدس پيمال ڪيو. جڏهن ته ڪاهه جي ٻي ڏينهن صحافي نصرالله جي گرفتاري ظاهر ڪئي. محمد عاشر ڪراچي پريس ڪلب جو پهريون صدر جڏهن ته اقبال حسن برني پهريون سيڪريٽري ٿيو هو. عبدلحميد ڇاپرا 1980 کان 1985 تائين مسلسل چار ڀيرا صدر رهيو. امتياز خان فاران چار ڀيرا صدر ۽ ٻه ڀيرا سيڪريٽري چونديو ويو. حبيب خان غوري چار ڀيرا سيڪريٽري ۽ ٻه ڀيرا صدر رهيو. سنڌ سرڪار پاران ڪراچي پريس ڪلب لاءِ اڍائي ڪروڙ جي بجيٽ مقرر ڪيل آهي.

نالي جي شموليت انتقامي ڪارروائي آهي: مڪيش چاولا

ڪراچي: صوبائي وزير مڪيش چاولا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو نالو جي آءِ ٽي ۾ ناهي نه ئي مون خلاف ڪو ڪيس هلي رهيو آهي پوءِ خبر ناهي منهنجو نالو اي سي ايل ۾ ڇو شامل ڪيو ويو آهي.آئون ان کي انتقامي ڪارروائي سمجهان ٿو،پارٽي قيادت جيڪو فيصلو ڪندي آئون ان تي عمل ڪندس.