fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

امتياز شيخ نالو اي سي ايل ۾ اچڻ تي حيران، چيلنج ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: صوبائي وزير امتياز شيخ ايگزٽ ڪنٽرو ل لسٽ ۾ نالو اچڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي اهڙي عمل کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته منهنجو ڪجهه نه اچي نه وڃي،نه ڪا انڪوائري نه شڪايت نه ئي دانهن آهي ان باوجود منهنجو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ڏنو ويو آهي .آئون هن وقت شڪارپور ويٺو آهيان،ڪراچي اچي اهڙي فيصلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪندس.

رڳو جاچ تي استعيفيٰ وٺڻي آهي ته وزيراعظم کان به ورتي وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جاچ جي بنياد تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته تحريڪ انصاف پنهنجي وزيراعظم سميت ٻين ماڻهن کان به استعيفيٰ وٺن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز کي اڇو ڪوڙ قرار ڏنو، اسان پنهنجيون شاهديون گڏ ڪري پنهنجي بيگناهي ثابت ڪنداسين. هن چيو ته سياسي انتقام لاءِ جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز سامهون آنديون ويون، جنهن کي عدالت کان رد ڪرائينداسين.هن چيو ته ٻٽو معيار نه هجڻ گهرجي، جاچ جي بنياد تي استعيفيٰ ڏيڻي آهي ته وزيراعظم، بچاءَ وارو وزير، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ۽ پنجاب جو سينيئر وزير عليم خان خلاف به نيب ۾ جاچ هلي رهي آهي، تحريڪ انصاف ۾ ايتري اخلاقي جرعت آهي ته پنهنجي پارٽي کان به استعيفيٰ جو مطالبو ڪن.

پي ٽي آءِ مراد شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) تحريڪ انصاف مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نالو اچڻ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪيرائينداسين، ان لاءِ جيڪو طريقيڪار اختيار ڪرڻو پيو، ڪنداسين. سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شير زمان چيو ته سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهڻ پيا وڃون، عوام تياري ڪري، پ پ جي حڪومت اسان ڪيرائينداسين، اسان اڪيلا نه هونداسين، سموريون جماعتون گڏ هونديون. پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز ايل سي ايل ۾ نالو اچڻ وارن جا بينڪ اڪائونٽس سيل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو، حليم عادل شيخ دعويٰ ڪئي ته ڪيترائي پ پ ميمبر پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آهن، تحريڪ انصاف سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي، حليم عادل شيخ فريال ٽالپر جي زمين واري معاملي تي به عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ايم ڪيو ايم به سنڌ حڪومت جي خاتمي لاءِ تيار، پ پ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي چڪو آهي: پي ٽي آءِ جي دعويٰ

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو)پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ مراد علي شاهه جي سرڪار ختم ڪري پنهنجي سرڪار ٺاهڻ وارو خواب آساني سان ساڀيان ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم ۾ فاروڊ بلاڪ جي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون، اپوزيشن وٽ عددي تعداد تمام گهٽ ۽ پاڻ ۾ اتحاد نه هئڻ سبب خرم شير زمان جي دعويٰ عملي حوالي سان آسان نه پئي لڳي. پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ سرڪار ٺاهڻ لاءِ مخالف ڌر جي سمورن پارٽين جي سهڪار کانپوءِ به پي پي پي جي 21 منحرف ميمبرن جو ساٿ لازمي کپي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ وٽ تعداد صرف 30 آهي، سندن مقابلي ۾ حڪمران جماعت پ پ پ وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 99 ميمبر موجود آهن. پي ٽي آءِ کانسواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن مان جي ڊي اي وٽ 14، ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ 20، ايم ايم اي وٽ هڪ ۽ لبيڪ پاڪستان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 3 ميمبر موجود آهن. سنڌ اسيمبلي جي گڏيل ايوان ۾ مخالف ڌر وٽ ٽوٽل 68 ميمبر موجود آهن، مخالف ڌر جي انهن ميمبرن ۾ لبيڪ پاڪستان ۽ ايم ايم اي هن وقت پي ٽي آءِ کان ناراض جماعتون آهن، تنهنڪري سنڌ اسيمبلي ۾ “اِن هائوس” تبديلي لاءِ اهي ٻئي پارٽيون پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏين اهو مشڪل نظر اچي رهيو آهي. پي ٽي آءِ کي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي مڪمل ساٿ کانپوءِ مراد علي شاهه جي سرڪار ڪيرائڻ ۽ نئين حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 ميمبر کپن، جيڪي پي پي پي جي ناراض ميمبرن کانسواءِ ممڪن ناهي. ان لاءِ به انهن ميمبرن کي پارٽي وفاداريون تبديل ڪري پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ سو به کليل راءِ شماري جي صورت ۾ 18هين ترميم جي ڪري ڏکيو هوندو. پي ٽي آءِ جي سنڌ حڪومت ڪيرائڻ واري دعويٰ بابت “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته 18هين ترميم بعد فارورڊ بلاڪ ٺهڻ سولو ڪم ناهي، پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڀني مخالف ڌر جي جماعتن جي ساٿ کانسواءِ پي پي پي جي فاروڊ بلاڪ جي ضرورت آهي، اگر عدم اعتماد جي رٿ جمع ٿي ۽ راءِ شماري ٿي، ان دوران پي پي پي ميمبر غير حاضر رهن، پوءِ اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر سڄو عمل بنهه ڏکيو هوندو. اپوزيشن جي ٽين وڏي جماعت جي ڊي اي اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته اڃا پي ٽي آءِ ڪو رابطو نه ڪيو آهي، اسان جو فيصلو پاڳارو ڪندو، پر پي ٽي آءِ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيرائڻ ايترو آسان نه هوندو، جيترو هو سمجهن ٿا.
ڪراچي: ايم ڪيو ايم به سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي قيادت پيپلز پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ جوڙڻ ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ کي آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ايم ڪيو ايم جي بهادرآباد مرڪز تي پي ٽي آءِ جي وفد فردوس شميم جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هنن ايم ڪيو ايم کان سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ مدد طلب ڪئي جنهن جي ايم ڪيو ايم خاطري ڪرائي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي چيو ته آئين ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي گنجائش آهي آئين جي شق 235 ۾ آهي ته صوبو مالي مشڪلاتن جو شڪار هجي ته گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شيرزمان چيو ته اسان وٽ سنڌ جي ايوان ۾ تبديلي لاءِ 18 کان ويهه ووٽن جي ضرورت آهي اسان وٽ مخالف ڌر جا 64 ووٽ آهن جڏهن ته پ پ جا 20 کان 22 ميمبر به اسان سان رابطي ۾ آهن. فارورڊ بلاڪ جوڙي ڇا جڙي چڪو آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري سنڌ جي معاملن کان آگاهي ڏني اٿم، پارٽي جيڪو به چوندي اهو قدم کڻندس. هن چيو ته گورنر راڄ جو ڪو به امڪان نه آهي، اهڙي سوچ ئي موجود نه آهي.
ڪراچي(رپورٽ:شوڪت ڪورائي)سنڌ جي قانوني ماهرن تحريڪ انصاف پاران صوبي ۾ گورنر راڄ واري مطالبي کي غير آئيني ۽ غير وقتائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ اهڙيون حالتون ناهن، جو وفاق سنڌ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪري. “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي بئريسٽر حق نواز ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ هڻڻ لاءِ آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي آهن، پي ٽي آءِ جو مطالبو ان بنياد تي آهي ته سنڌ حڪومت ڪرپشن ڪري رهي آهي، ان لاءِ تحريڪ انصاف وٽ هيل تائين ڪو اهڙو ثبوت ناهي، جنهن سان رياست کي نقصان پهچي رهيو هجي. هن چيو ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ اندورني ۽ بيروني خطرناڪ صورتحال هجي، پر اهڙي صورتحال سنڌ ۾ ناهي ۽ نه ئي ڪي جنگي حالتون آهن، ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت رياست مخالف ڪم ڪري رهي آهي. بئريسٽر حق نواز ٽالپر چيو ته تحريڪ انصاف جيڪڏهن سنڌ ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته هو پارليامينٽ اندر تبديلي لاءِ هٿ پير هڻي سگهي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج بئريسٽر خواجه نويد جو چوڻ هو ته حالتون گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جهڙيون ناهن، گورنر راڄ ان صورت ۾ لڳائي سگهجي ٿو جڏهن صوبي ۾ حڪومت ڪم نه ڪري رهي هجي، امن امان جي صورتحال خراب هجي، شهرين جي زندگي محفوظ نه هجي، پارليامينٽ غير فعال هجي ۽ قانونسازي نه ٿي رهي هجي، پر سنڌ ۾ هن وقت اهڙي ڪابه صورتحال نظر نه ٿي اچي، جنهن سان وفاق گورنر راڄ لاڳو ڪري جنهن کي آئيني ۽ قانون حيثيت ملي سگهي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ياسين آزاد پي ٽي آءِ جي مطالبي کي آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ته اهو آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 235 جي ڀڃڪڙي هوندي، آرٽيڪل 232 ۽ 235 ۾ گورنر راڄ بابت واضح هدايتون ڏنل آهن، سنڌ ۾ موجوده حالتون اهڙيون ناهن جو حڪومت کي برطرف ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو مطالبو جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ آهي، اها اڃا تائين صرف رپورٽ آهي، ان رپورٽ جي روشني ۾ ڪنهن به شخص تي ڏوهه ثابت ناهي ٿيو، جڏهن هن رپورٽ جي آڌار تي ڪو ڏوهي ثابت ٿئي ته ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، پر فوري طور اهڙو مطالبو غير آئيني آهي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده سرڪار جا اهڙا قدم آهن، جنهن سان نه ملڪ کي فائدو نظر اچي رهيو آهي ۽ نه وري جمهوريت جي هٿي ملندي، خبر ناهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ڪير اهڙي غلط لائين تي پيو هلائي، جنهن سان تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيندو. قانوني ماهرن جي راءِ آهي ته پ پ جا 50 ميمبر فارورڊ بلاڪ ٺاهين ته پوءِ قانوني طور اهو گروپ پي ٽي آءِ سان گڏجي حڪومت ٺاهي سگهي ٿو جيئن بلوچستان ۾ ثناءُ الله زهري خلاف ن ليگ جي ميمبرن بغاوت ڪئي هئي. اها ئي هڪ دري کليل آهي.

اومني گروپ ۽ خانگي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڪيئن ملي؟: دلچسپ حقيقت پڌري

ڪراچي)رپورٽر)اومني گروپ ۽ ٻين نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڪيئن ملي،دلچسپ حقيقتون آڏو اچي ويون،پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ڪنهن ميمبر اومني گروپ ۽ ٻين پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو،ڪيپٽو پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ 16 مئي 2017ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو،ذريعن موجب صوبائي وزير ناصر شاهه سان اڪيلائي ۾ ملاقات کان پوءِ خرم شير زمان اهڙي قرارداد پيش ڪئي هئي، انهيءَ حوالي سان سوال اٿي رهيا آهن ته خرم شير زمان اومني گروپ ۽ پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيارڻ جي جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ ڇا ڪا ڊيل ڪئي هئي؟سنڌ اسيمبليءَ 3 جولاءِ 2017 ع تي نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو،14 جولاءِ تي ان وقت جي گورنر محمد زبير بل جي مخالفت ڪئي جنهن بعد 24 جولاءِ 2017 تي ساڳيو ئي ٺهراءُ ٻيهر منظور ڪيو ويو،پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان ڪنهن به مرحلي تي بل جي مخلافت نه ڪئي هئي

گئس بحران: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج،ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ ڌرڻا،ٽائرن کي باهه

ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ جي مختلف شھرن ۾ گئس جي ھٿراڌو کوٽ خلاف شھري سراپا احتجاج بڻيل.ڪنڌڪوٽ ۾ اڍائي مهينن کان گئس بند هجڻ خلاف شهري سياسي سماجي مذهبي اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا. ڪنڌڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ گذريل اڍائي مهينن کان گئس جي هٿرادو بندش ختم نه ٿي.ان سلسلي ۾ گهنٽاگهر چوڪ کان ريلي جي صورت ۾ گئس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو. شهرين، سياسي، سماجي، مذهبي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن طرفان گئس جي هٿرادو بندش خلاف هڪ ڪلاڪ تائين گئس آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ شهرين ۽ اڳواڻن دلمراد ڏاهاڻي،ابراهيم خاڪي،ظريت بجاراڻي،شاهنواز مرهيٽو ۽ ٻين چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي گئس فيلڊ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ موجود آهي. ان پي پي ايل گئس فيلڊ مان نڪرندڙ گئس پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين حصن تائين پھچي ٿي پر جتان نڪري ٿي اتي جا شھري گئس کان محروم آھن.گئس آفيس انتظاميا پاران ڌرڻي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ گئس انتظاميا پاران مذاڪرات ۾ اهو چيو ويو ته هڪ ڏينهن اندر سمورن علائقن ۾ بحال ٿي ويندي،جنهن بعد ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙنچتاءُ ڏنو ته جي گئس بحال نه ٿي ته ايندڙ هفتي وري ڌرڻو لڳندو.
ٻي طرف گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف جيڪب آباد ايڪشن ڪميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو عابد سنڌي، مير جان مينگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ شھر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندي قومي شاھراھ تي سئي گئس آفس آڏو پھتا جتي مظاھرين ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ سبب شھري سخت پريشان آهن اسڪول ۽ آفيس وقت تي گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. .ھنن مطالبو ڪيو ته ھٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرين کي گئس فراهمي يقيني بڻائي وڃي.۱
ھوڏانھن سنڌ ترقي پسند پارٽي نوابشاھ ۽ شهري اتحاد نوابشاھ جي اڳواڻن زنوار سجاد ملاح فرحان علي شاھ ڪامريڊ انور عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ ۾ گهريلو گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ خلاف عظيم ڪالوني نوابشاھ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوبو 70 سيڪڙو گئس جي پيداوار ڏي ٿو پر سنڌ جي ماڻهن کي گئس ڏيڻ بدران انهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته نوابشاھ ۾ گهريلو گئس نه هجڻ ڪري شهري سخت پريشان آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن نوابشاھ ۾ هٿرادو گهريلو گئس جي لوڊ شيڊنگ ختم نه ڪئي وئي تھ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

گئس بحران:ڪراچي جي صنعتڪارن پاران سومر کان صنعتون بند ڪرڻ جو اعلان

سومر تي هڪ به صنعت نه کلندي،اڱاري تي گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪبو: صنعتڪار

ڪراچي جون بند ٿيندڙ صنعتون

ڪراچي)رپورٽر)ڪراچي جي صنعتڪارن گئس بحران خلاف سومر تي صنعتون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪراچي سائيٽ ايريا صنعتڪار ايسوسيئيشن جي صدر جو چوڻ هو ته گئس بحران سبب صنعتڪارن کي روزانو ٻن کان پنجن ارب روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي،هن چيو ته سومر کان ڪراچيءَ ۾ سموريون صنعتون بند ڪيون وينديون،سومر تي هڪ به صنعت نه کلندي،هن چيو ته اڱاري تي گورنر هائوس ڪراچي آڏو احتجاج ڪيو ويندو،هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گئس جي بحران ڪري صنعتڪارن کي سخت نقصان ٿي رهيو آهي.

سنڌ حڪومت ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا:پيپلز پارٽي

حليم عادل شيخ ۽ خرم شير زمان لينڊ مافيا جا سرپرست آهن:مرتضيٰ بلوچ

ملير (ن پ ا) پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ حڪومت جي تبديلي متعلق ڳالهيون اهي ڪري رهيا آهن جيڪي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا ۽ اهي ماڻهو ميڊيا ۾ پنهنجو نالو ڏيڻ لاءِ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو تي تنقيد ڪري پنهنجي ننڍي قد کي وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ مصروف آهن، پيپلز پارٽي ملير جي قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي ميمبرن غلام مرتضيٰ بلوچ، سردار ڄام عبدالڪريم، سيد آغا رفيع الله، راجا رزاق بلوچ، محمد ساجد جوکيو، محمد سليم بلوچ، محمود عالم ڄاموٽ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام ڀرپور مينڊيٽ ڏنو آهي پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ وانگر ڪنهن چور دروازي سان ڪنهن ٻئي جو مينڊيٽ کسي سنڌ جي اقتدار ۾ نه آئي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ خرم شير زمان لينڊ مافيا جا سرپرست آهن ۽ هو پنهنجي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽيون تبديل ڪندا آهن، حليم عادل شيخ ملير جي لينڊ مافيا ڪاليج جو پرنسپل آهي جنهن جو مقصد صرف غريب عوام جي زمينن تي قبضو ڪرڻ آهي، پي ٽي آءِ جا ٻئي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ خرم شيرزمان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو تي تنقيد ڪري پنهنجو پاڻ کي ميڊيا ۾ زنده رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان پي ٽي آءِ وارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پيپلز پارٽي ٽن طاقتور آمرن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به عمراني مارشلا جو مقابلو ڪرڻ اسان لاءِ معمولي ڳالهه آهي، پي ٽي آءِ صرف ۽ صرف لوٽن جي جماعت آهي ان ۾ سڀ کان وڏو لوٽو حليم عادل شيخ پاڻ آهي، ان لاءِ جيڪڏهن آصف زرداري، بلاول ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي متعلق پي ٽي آءِ جي ڊرامي بازي بند نه ٿي ته اسانکي دفاع ڪرڻ ايندو آهي ۽ سنڌ جو عوام آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو تي جان قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهي، ڳڙهي خدا بخش جي جلسي پي ٽي آءِ جون ننڍو حرام ڪري ڇڏيون آهن ڇو ته ان جلسي ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن ڀٽو خاندان سان محبت ۽ عقيدت ڪرڻ لاءِ آيا هئا، پي ٽي آءِ سنڌ حڪومت جي تبديلي جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏئي ۽ پنهنجي وفاقي حڪومت بچائڻ جي فڪر ڪري ڇو ته جنهن ڏينهن آصف زرداري مفاهمت جو جادو ڏيکارڻ شروع ڪيو ته عمران خان وزيراعظم هائوس مان سڌو واپس بني گالا ويندو، پيپلز پارٽي اهڙي جي آئي ٽي کي رد ڪري ٿي جيڪا صرف مفروضن تي ٻڌل هجي.

”فريال سنڌ بينڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪياڻي ھئي“: جي آءِ ٽي رپورٽ

سنڌ بينڪ جا فيصلا فريال ٽالپر ڪندي آهي، هن 4 من پسند آفيسر ڀرتي ڪرايا

من پسند آفيسرن ذريعي جعلي اڪائونٽ کولرايا ويا، فريال وڏي وزير جا اختيار بھ استعمال ڪيا

ڪراچي (م ڊ) فريال ٽالپر سنڌ بينڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪياڻي نڪتي، جي آءِ ٽي رپورٽ پول پڌرو ڪري ڇڏيو، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ جو فريال ٽالپر کي لکيل خط جي آءِ ٽي رپورٽ جو حصو بڻايو ويو، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته فريال ٽالپر سنڌ بينڪ جا فيصلا ڪندي آهي، فريال ٽالپر بينڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪياڻي هئي ۽ سمورن معاملن جي منظوري ڏيندي رهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ بينڪ ۾ فريال ٽالر 4 اهم من پسند آفيسر ڀرتي ڪرايا، نور زهري، مختيار حيدر، وسيم حيدر ۽ بدرالدين شامل آهن، نور زهري کي نوابشاهه برانچ جو مينيجر مقرر ڪرايو،فريال ٽالپر من پسند آفيسر ذريعي بينڪ ۾ جعلي اڪائونٽ کولرائيندي هئي، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪو ٻيو وڏا فيصلا ڪرڻ واري فريال ٽالپر آهي، مراد علي شاهه ناڻي واري وزير طور سنڌ بينڪ جون سمريون منطور ڪندو هو.

ڀٽائي گهوٽ بعد شيخ ايازوڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو، هن نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪيو:ساڃاهه وند

شيخ اياز سنڌ جي ماڻھن ۾ شعور پکيڙيو، کيس صدين تائين ياد ڪيو ويندو

شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ به تقريبون ڪوٺائي، مھا ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ڪراچي(نمائندن وٽان)مها ڪوي شيخ اياز جي 21هين ورسي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي،ساڃاهه وندن شيخ اياز کي ڀٽائي کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر قرار ڏنو آهي، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ قاسم سراج سومرو ڀٽ شاهه پهچي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي 21 هين ورسي جي موقعي تي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ـ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو تـ احتساب جي نالي تي انتقام نه ورتو وڃي، احتساب ۽ انتقام ۾ فرق آهي، اي سي ايل ۾ احتساب جي نالي تي نالا ڏنا وڃن ٿا ته وفاقي وزيرن جا نالا بـ شامل ڪيا وڃن، جيڪي عمران خان سان گڏ ويٺل آهن هن چيو تـ پيپلزپارٽي لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي پارٽي خلاف هميشا سازشون ٿينديون رهيون آهن ،لاول ڀٽو جو ڪهڙو قصور آهي،انڪوائري ڀلي ٿئي پر انڪوائري جي بنياد تي ڪير بـ استعيفا نٿو ڏيئي سگهي. وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه کان استعيفا جي گهر ڪندڙ وزير اعظم عمران خان استعيفا وٺن ، سيد سردار شاهه چيو تـ جيستائين ڪنهن تي جرم ثابت نٿو ٿئي اهو استعيفا نٿو ڏيئي سگهي، غير جمهوري حرڪتون ڪيون پيون سنڌ جو عوام اهڙو ڪو بـ غير جمهوري عمل برداشت نـ ڪندو ، هن چيو تـ پيپلزپارٽي غير جمهوري حرڪتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو تـ شيخ اياز جي شاعري ۾ پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ عشق سمايل هو، شيخ اياز پنهنجي دور ۾ نوجوان نسل کي سنڌ ڌرتي سان محبت جو سبق ڏنو، ان جهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ـ هن چيو تـ شيخ اياز اڄ اسان وٽ موجود نـه آهي پر ان جي شاعري ۽ ڪلام اڄ بـه اسان جي دلين تي راڄ ڪن ٿا ،ڀٽائي گهوٽ جي شاعري بعد شيخ اياز جو نالو تمام وڏو ليکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ـ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تـ شيخ اياز جو ميلو ڪٿي بـه لڳائي سگهجي ٿو ان سان ڪو بـه فرق نٿو پوي، ان موقعي تي ثقافت کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر ،غلام مجتبا ، اياز علي ڏيرو ۽ ٻيا بـ ه موجود هئا ـ هوڏانهن شھدادڪوٽ ۾ مھا ڪوي شاعر شيخ اياز جي21 ورسي آزد فورم پاران پريس ڪلب ۾ ورسي ملھائي وئي، ـ ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ پير بخش ڀٽي، ليکڪ محمد صديق ابڙو،قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت،سماجي اڳواڻ وھاب پندراڻي، پيرل ادبي سنگت جي عبدالله شاھ اطھر ، زيب سنڌي ۽ ٻين تصوير آڏو گل نڇاور ڪري ميڻ بتيون ٻاري شيخ اياز کي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته شيخ اياز گذريل صدي جو تمام وڏو شاعر، مفڪر۽ عالم ھو، جنھن وقت جي نزاڪتن کي سمجھندي جيڪي تحقيقون ارپيون اھي تاريخي آھن، اياز جي سوچ غلامي کان نفرت پيار ۽ آزادي جي سپنن جي سانڀيا جو گس آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اياز جي شاعري ۾ شاعراڻي رمز بدران فڪر جي تمام گھڻي اھميت سمايل آهي. شڪارپور ۾سنڌي ادبي سنگت پاران شيخ اياز 21هين ورسي جي تقريب پريس ڪلب شڪارپور ۾ زاھد سنڌو جي صدارت هيٺ ٿي گذري، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ممتاز منگي چيو ته اياز ماضي ۽ حال جو عظيم شاعر آهي، اياز فطرت مطابق شاعري ڪئي، هن کان علاوه ماڻهن دلين ۾ حب الوطني موجود آهي پر ان کي ٻڌائيندو ڪير؟؟ مهمان خاص زاھد سنڌو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اياز جي شاعري ماڻهن جي روح کي گرمائي ٿي اياز سنڌ جو شعور آهي سندس شاعري مان اثر ورتو وڃي، اياز جي سموري شاعري ۾ هڪ اميد نظر اچي ٿي ۽ ڪٿي به مايوسي نظر نه ٿي اچي، ھمير چانڊيو ،عبدالستار ڪلادي ، آپا صفيه عباسي ،آغا سعيد پٺاڻ ، اقبال ڏيٿو، سيد نسيم شاھ بخاري، سميع بلالي، عديل مهر، نادر بلوچ، زاھد ڀنڀرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ جي مختلف شھرن ۾ گئس جي ھٿراڌو کوٽ خلاف شھري سراپا احتجاج بڻيل.ڪنڌڪوٽ ۾ اڍائي مهينن کان گئس بند هجڻ خلاف شهري سياسي سماجي مذهبي اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا. ڪنڌڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ گذريل اڍائي مهينن کان گئس جي هٿرادو بندش ختم نه ٿي. ان سلسلي ۾ گهنٽاگهر چوڪ کان ريلي جي صورت ۾ گئس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو. شهرين، سياسي، سماجي، مذهبي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن طرفان گئس جي هٿرادو بندش خلاف هڪ ڪلاڪ تائين گئس آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ شهرين ۽ اڳواڻن دلمراد ڏاهاڻي، ابراهيم خاڪي، ظريت بجاراڻي، شاهنواز مرهيٽو ۽ ٻين چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي گئس فيلڊ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ موجود آهي. ان پي پي ايل گئس فيلڊ مان نڪرندڙ گئس پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين حصن تائين پھچي ٿي پر جتان نڪري ٿي اتي جا شھري گئس کان محروم آھن. گئس آفيس انتظاميا پاران ڌرڻي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ گئس انتظاميا پاران مذاڪرات ۾ اهو چيو ويو ته هڪ ڏينهن اندر سمورن علائقن ۾ بحال ٿي ويندي، جنهن بعد ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جي گئس بحال نه ٿي ته ايندڙ هفتي وري ڌرڻو لڳندو.
ٻي طرف گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف جيڪب آباد ايڪشن ڪميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو عابد سنڌي، مير جان مينگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ شھر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندي قومي شاھراھ تي سئي گئس آفس آڏو پھتا جتي مظاھرين ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ سبب شھري سخت پريشان آهن اسڪول ۽ آفيس وقت تي گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. .ھنن مطالبو ڪيو ته ھٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرين کي گئس فراهمي يقيني بڻائي وڃي.۱
ھوڏانھن سنڌ ترقي پسند پارٽي نوابشاھ ۽ شهري اتحاد نوابشاھ جي اڳواڻن زنوار سجاد ملاح فرحان علي شاھ ڪامريڊ انور عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ ۾ گهريلو گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ خلاف عظيم ڪالوني نوابشاھ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوبو 70 سيڪڙو گئس جي پيداوار ڏي ٿو پر سنڌ جي ماڻهن کي گئس ڏيڻ بدران انهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته نوابشاھ ۾ گهريلو گئس نه هجڻ ڪري شهري سخت پريشان آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن نوابشاھ ۾ هٿرادو گهريلو گئس جي لوڊ شيڊنگ ختم نه ڪئي وئي تھ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

اي سي ايل ۾ نالو آيو ته ڇا ٿيو؟ گهمڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ئي وڏو آهي: منظور وساڻ

ننڍن ننڍن جيلن ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، حڪومت جو بھ وارو ايندو: پ پ اڳواڻ

پي ٽي آءِ سياسي خودڪشي ڪري رهي آهي، کين حڪومت هلائڻ نٿي اچي: وساڻ

ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته اي سي ايل ۾ نالو آيو ته ڇا ٿيو، گهمڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ئي وڏو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته پارٽي قيادت جو اي سي ايل نالو ڏنو ويو آهي ته ڇا ٿي پيو، اسان اِتي پيا گهُمنداسين، پاڪستان وڏو ملڪ آهي. هُن چيو ته اسان ننڍن ننڍن جيلن ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، ڪراچي ۾ ميڊيا، هن وقت اپوزيشن جو وارو آهي، ڪجهه عرصي کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪمرانن جو به وارو ايندو، بچندو ڪير به نه. هڪ سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته 2020ع ۾ عمران خان جو ڪوبه سياسي مستقبل نظر نٿو اچي، پي ٽي آءِ حڪومت نٿي هلائي سگهي ۽ سياسي خودڪشي ڪري رهي آهي.

ڇا سنڌ اسيمبلي جي نمبر گيم ۾ پ پ حڪومت ڊاهڻ ممڪن آهي؟

ڪراچي (تجزيو: دودو چانڊيو) پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ مراد علي شاهه جي سرڪار ختم ڪري پنهنجي سرڪار ٺاهڻ وارو خواب آساني سان ساڀيان ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم ۾ فاروڊ بلاڪ جي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون، اپوزيشن وٽ عددي تعداد تمام گهٽ ۽ پاڻ ۾ اتحاد نه هئڻ سبب خرم شير زمان جي دعويٰ عملي حوالي سان آسان نه پئي لڳي.
پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ سرڪار ٺاهڻ لاءِ مخالف ڌر جي سمورن پارٽين جي سهڪار کانپوءِ به پي پي پي جي 21 منحرف ميمبرن جو ساٿ لازمي کپي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ وٽ عددي تعداد صرف 30 آهي، سندن مقابلي ۾ حڪمران جماعت پي پي پي وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 99 ميمبر موجود آهن. پي ٽي آءِ کانسواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن جي ڊي اي وٽ 14، ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ 20، ايم ايم اي وٽ هڪ ۽ لبيڪ پاڪستان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 3 ميمبر موجود آهن. سنڌ اسيمبلي جي گڏيل ايوان ۾ مخالف ڌر وٽ ٽوٽل 68 ميمبر موجود آهن، مخالف ڌر جي انهن ميمبرن ۾ لبيڪ پاڪستان ۽ ايم ايم اي هن وقت پي ٽي آءِ کان ناراض جماعتون آهن، تنهنڪري سنڌ اسيمبلي ۾ “اِن هائوس” تبديلي لاءِ اهي ٻئي پارٽيون پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏين،اهو مشڪل نظر اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ کي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي مڪمل ساٿ کانپوءِ مراد علي شاهه جي سرڪار ڪيرائڻ ۽ نئين حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 ميمبر کپن، جيڪي پي پي پي جي ناراض ميمبرن کانسواءِ ممڪن ناهي. ان لاءِ به انهن ميمبرن کي پارٽي وفاداريون تبديل ڪري پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ سو به کليل راءِ شماري جي صورت ۾ 18هين ترميم جي ڪري ڏکيو هوندو. پي ٽي آءِ جي سنڌ حڪومت ڪيرائڻ واري دعويٰ بابت “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته 18هين ترميم بعد فارورڊ بلاڪ ٺهڻ سولو ڪم ناهي، پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڀني مخالف ڌر جي جماعتن جي ساٿ کانسواءِ پي پي پي جي فاروڊ بلاڪ جي ضرورت آهي، اگر عدم اعتماد جي رٿ جمع ٿي ۽ راءِ شماري ٿي، ان دوران پي پي پي ميمبر غير حاضر رهن، پوءِ اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر سڄي عمل بنهه ڏکيو هوندو. اپوزيشن جي ٽئين وڏي جماعت جي ڊي اي اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته اڃا پي ٽي آءِ ڪو رابطو نه ڪيو آهي، اسان جو فيصلو پاڳارو ڪندو، پر پي ٽي آءِ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيرائڻ ايترو آسان نه هوندو، جيترو هو سمجهن ٿا.

قائد آباد مان لاڙڪاڻي واسي مبينا ڏوهاري بابر شيخ گرفتار

خُلد آباد ۾ ڪارروائي ڪئي ته هٿياربندن ۽ اهلڪارن وچ ۾ مقابلو ٿيو: پوليس

سنگين ڏوهن ۾ ملوث بابر شيخ گرفتار، پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون آهن: پوليس
لاڙڪاڻي واسي بابر شيخ گرفتار

ملير (رپورٽر) قائد آباد پوليس ڪارروائي ڪندي لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. قائد آباد جي علائقي خُلد آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور سنگين ڏوهن ۾ گهربل ڏوهاري بابر عرف بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خلد آباد جي يار محمد ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو. پوليس موجب مقابلي دوران ڏوهاري بابو شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وٽانئس هڪ پسٽل ۽ 5 موبائيل فونز به هٿ ڪيون ويون آهن.

شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو فيصلو، ملير ۾ ايس ايڇ او جي حمايت ۽ مخالفت ۾ مظاھرا

ملير بار جي سڏ تي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو خلاف احتجاج، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ايس ايس پي ملير طرفان ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو فيصلو، اڄ وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويندو: ذريعا

ملير (رپورٽر) ملير بار جي وڪيلن ۽ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي پوليس وچ ۾ ڪوڙن ڪيسز تان پيدا ٿيل تڪرار نه نبري سگهيو. ملير پريس ڪلب آڏو ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون نيڪ محمد کوسو جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. نيشنل هاءِ وي تي ٿيل مظاهري دوران شاهه لطيف ٽائون واسي گلزار جسڪاڻي، اسرار احمد، زرينا بيگم ۽ ٻين ايس اڇي او نيڪ محمد کوسو جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. ٻئي پاسي ملير بار طرفان سينيئر وڪيل سڪندر شر تي شراب نوشي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ خلاف اڄ به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. وڪيل سڪندر شر ايس ايڇ شاهه لطيف ٽائون کي معطل نه ڪرڻ جي صورت ۾ بُک هڙتال ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب ايس ايس پي ملير ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، پر ان حوالي سان باضابطا طور ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ايس ايس پي ملير طرفان ملير بار جي عهديدارن سان ڳالهين دوران ايس ايڇ او کي هٽائڻ بابت آگاهه ڪيو ويندو.