ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)دنيا جو ٻيو نمبر ڊگھو شخص نصير سومرو جي حالت ۾ سڌارو نه آيو، انتهائي نگهداشت واري ورڊ ۾ داخل، سرڪار به سار نه لڌي. نصير سومرو ساهه جي تڪليف سبب گلستان جوهر جي دارالصحت اسپتال ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل آهي، سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگھيو . نصير جي ڀاءُ رياض سومرو چيو ته ڊاڪٽر نصير جي صحت جي حوالي سان ڪا به اميد نه پيا ڏيارين، نصير سنڌ ۽ پاڪستان جو اثاثو آهي. هن وقت تائين صوبائي ۽ وفاقي سرڪار سار نه لڌي آهي.
ملير: گرفتار نوجوان جو والد صدمي ۾ فوت، وارث عورتن جو احتجاجي مظاهرو
ڀٽائي آباد مان گرفتار آدم سولنگي جو پيءُ لقمان احمد سولنگي صدمو سهي نه سگهيو، دم ڌڻي حوالي
پوليس خلاف احتجاج جاري، سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او بيگناهه اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي: وارث
ملير ( رپورٽ درياخان شر) ڀٽائي آباد مان پرائمري هيڊماستر نذير سولنگي سان گڏ گرفتار نوجوان آدم سولنگي جو پيءُ لقمان احمد سولنگي صدمي ۾ فوت، وارثن جو سچل پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو 3 ڏينهن اڳ ڀٽائي آباد مان سچل پوليس هٿان پرائمري هيڊماستر نذير سولنگي سان گڏ گرفتار ڪيل آدم سولنگي جو پيءُ لقمان احمد سولنگي صدمي ۾ فوت ٿي ويو، لقمان سولنگي جي فوت ٿيڻ سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، گرفتار 5 عورتن جي ملير ڪورٽ مان ضمانت ٿي وئي آهي، نذير سولنگي ۽ ٻين جي گرفتاري خلاف ڪالهه ٽئين ڏهاڙي به وارثن عبدالمالڪ سولنگي جي اڳواڻي ۾ سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او فرخ شهريار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته ايس ايڇ او فرخ شهريار بيگناهه پلاٽ جي مسئلي تي اسان جي خلاف انتقامي ڪاررائيون شروع ڪيون آهن ٽئي ڏينهن اڳ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان جي 5 عورتن سميت پرائمري استاد نذير احمد سولنگي سميت 17 ماڻهن کي گرفتار ڪري 3 الڳ الڳ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ايس ايڇ او سچل ذاتي دشمن بڻجي ويو آهي، ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته گذريل ڏينهن صدمي ۾اسان جي گرفتار نوجوان آدم سولنگي جو پيءُ پڻ فوت ٿي ويو آهي جنهن جي ذميوار سچل پوليس ۽ ايس ايڇ او سچل آهي هنن گهر ڪئي ته صاف ۽ شفاف جاچ ڪري انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي.
ڪراچي:مختلف شھرن ۾ حادثن ۾2ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي
ڪراچي(اسٽاف)مختلف حادثن ۾2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏھن تھ8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڪوٽڙي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ ھڪ نوجوان ديدار کونھارو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.ٻئي پاسي گھوٽڪي جي ٽي روڊ تي رات دير سان رڪشا ۽ موٽرسائڪل جي ٽڪر ۾ 20 ورھن جوغلام مصطفيٰ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏھن تھ اسد ملڪ سخت زخمي ٿي پيو جيڪو بعد ۾ زخمن جا سور نھ سھندي فوت ٿي ويو.ھوڏانھن ٽرڪ ۽ ڪار جي
ٽڪر ۾ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي.
سائين جي ايم سيد سان ملاقات پيشاني چمڻ تائين محدود رهي
سائين مون کي هڪ شاگرد اڳواڻ وسيلي حيدر منزل گهرايو هو: امر جليل
منهنجي پهچڻ تي سائين اٿي بيهي نرڙ چمي منهنجي دوست کي چيو ته “وٺي وڃينس”
ڪراچي: سنڌ جي نامياري اديب امر جليل جو چوڻ هو ته سائين جي ايم سيد سان ملاقات مٿي تي چمي ڏيڻ تائين محدود رهي جڏهن ته شيخ اياز هڪ ڀيرو مون کي رکو جواب ڏنو، اها منهنجي ساڻس پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. “پنهنجي اخبار” کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته سائين جي ايم سيد سان ڪا ڊگهي ڪچهري ناهي ٿي، باقي هڪ ڀيري شاگرد اڳواڻ رهندڙ نصر الله جلباڻي هڪ ڏينهن مون وٽ اچي چيو ته “آئون ڪنهن سان واعدو ڪري آيو آهيان، توهان کي 15 منٽن لاءِ پاڻ سان وٺي ٿو هلان”. جيپ ۾ ويهڻ وقت منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته “سائين جي ايم سيد جو حڪم آهي، آئون اوهان کي ساڻس ملاقات لاءِ وٺي ٿو هلان، آئون سائين سان اوهان کي ملائڻ جو واعدو ڪري آيو آهيان”. ٿوري دير کانپوءِ جيپ حيدر منزل تي وڃي بيٺي، بجاراڻي مون کي اندر وٺي هليو، حيدر منزل جو ماحول مون لاءِ عجيب و غريب هو، پري پري تائين هيڏي هوڏي ماڻهن جا بوٽ لٿل هئا، آئون ۽ بجاراڻي بوٽ لاهڻ بجاءِ اڳتي وڌياسين، ورانڊي کان اڳتي در کليل هو، لڳو پئي ته اتي ماڻهو ويٺل آهن پر سڀ هيٺ ويٺل آهن، اڇي رنگ جو ڪپڙو يا چادر وڇايل هئي، کوڙ سارا ويهاڻا ڪناري تي پيل هئا، اسان اتي بوٽ لاهي اڳتي وڌياسين، سائين جي ايم سيد سامهون ويٺل هو، جڏهن ته آئون اڃا ٻاهر بيٺل هئس، نصر الله وڃي سائين کي ڪن ۾ ڪجهه ٻڌايو، سائين جي ايم سيد هٿ سان اشارو ڪري چيو ته امر جليل کي وٺي اچو، بجاراڻي به مون کي هٿ جي اشاري سان اندر اچڻ لاءِ چيو، سائين جي ايم سيد اٿي بيهي مون کي ويجهو ڪري پيشاني تي چمي ڏني، پوءِ بجاراڻي کي چيائين ته “وٺي وڃينس”. واپسي تي مون بجاراڻي کان پڇيو ته “سائين! مون سان هڪ اکر به نه ڳالهايو، رڳو مٿي تي چمي ڏني؟” جنهن تي بجاراڻي وراڻيو “الائجي! سائين، شايد اوهانجو ڪتاب ٻتاب پڙهيو آهي”، اهو چئي بجاراڻي مون کي ڇڏي هليو ويو. سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز سان ملاقات بابت امر جليل ٻڌايو ته “اهو 1964ع يا 1965ع جو زمانو هو، ان وقت “روح رهاڻ” رسالي ۾ منهنجي هڪ اسٽوري “اروڙ جو مست” ڇپي هئي، ان وقت حميد سنڌي منهنجي ڪهاڻي کي بهترين قرار ڏئي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. انهيءَ ايوارڊ تقريب لاءِ حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان ڀرسان واقع هڪ هوٽل ۾ هال بوڪ ٿيل هو، انهيءَ هال ۾ آئون به ويٺل هجان، وچ ۾ ڪو ٻيو ماڻهو ويٺل هجي، ان جي پاسي ۾ شيخ اياز هجي. هال ۾ شيخ اياز جا دوست رشيد ڀٽي، رشيد آخوند ۽ ٻيا ويٺل هئا، ايتري ۾ هال ۾ بيچيني محسوس ٿي، ڪي ماڻهو اچي در جي سامهون بيٺا، حميد سنڌي اچي شيخ اياز کي ڪن ۾ ڪجهه چيو. حميد سنڌي جو جهيڻو آواز هال ۾ ٻڌجڻ پي آيو، ٿوري دير ۾ خبر پئجي وئي ته “ڪمشنر شيخ اياز جي شهر بدري جو حڪم ڏنو هو ته 2 کان 3 ڪلاڪن ۾ حيدرآباد ڇڏي وڃ”، مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. اسان وٽ، اسان جي ذهن ۾ تصور هو ته اياز بهادر، بيهي رهڻ وارو، نه هٽڻ وارو آهي پر شيخ اياز اٿي بيهي حميد سنڌي کي چيو ته “بابا گاڏي ڪڍراءِ، وقت گهٽ آهي، 2 ڪلاڪن ۾ شهر ڇڏڻو آهي، مون کي ڪوٽڙي وٺي هلو، آئون اتان ريل (ٽرين) ۾ چڙهندس”، مون کي اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو عجيب لڳو، مون شيخ اياز کي مخاطب ٿي چيو ته “سر” واءِ ڊو ناٽ، يو لائيڪ دس….؟ (يعني تون ايڊووڪيٽ آهين، هڪدم قانوني طريقا استعمال ڪري ڪمشنر جي حڪم نامي خلاف اسٽي آرڊر وٺي ڇڏ، ڌوڙ ۾ وجهو انهن آرڊرن کي) مون رڳو ايترو اکر ڪڍيو ته شيخ اياز هڪدم مون کي ڏسي ته “ آءِ نو، واٽ ٽو ڊو؟، واٽ ناٽ ٽو ڊو؟ (يعني مون کي خبر آهي ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه؟) شيخ اياز سان منهنجي اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.
آئون مائي هجان ها ته رسول بخش پليجو تي عاشق ٿي پوان ها: امر جليل
ڪراچي: سنڌ جي برک اديب امر جليل چيو آهي ته رسول بخش پليجو مون کي ڏاڍو وڻندو هو پر اسان جي ڪڏهن به ڪچهري نه ٿي. “پنهنجي اخبار” کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته “پليجو صاحب! شڪر ڪري ته آئون مائي ناهيان، آئون مائي هجان ها ته مٿس عاشق ٿي پوان ها، هو مون مان جان ڪيئن ڇڏائي ها؟”.
سنڌ ڪابينا ۾ واڌ ۽ کاتن ۾ ردوبدل جو معاملو 5 جنوري تائين ملتوي
شهيد ڀٽو جي جنم ڏينهن، شهيد راڻي جي شهادت ۽ ڪيسن سبب قيادت مصروف آهي
نئين سال ۾ سنڌ ڪابينا ۾ 2 نوان وزير ۽ 3 صلاحڪار شامل ڪيا ويندا: پ پ ذريعا
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ ڪابينا ۾ واڌ توڙي بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ وزيرن جي کاتن ۾ ردوبدل وارو معاملو پڻ 5 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، پ پ جي باخبر ذريعن ٻڌايو ته پ پ قيادت هن وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جنم ڏينهن، شهيد راڻي جي شهادت واري ڏهاڙي ۽ ڪورٽن ۾ شنواين سبب مصروف هجڻ ڪري ڪابينا ۾ واڌ بابت فائنل فيصلو نه ڪري سگهي آهي، ذريعن ٻڌايو ته نئين سال ۾ 2 نوان وزير ۽ 3 صلاحڪار ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ هڪ يا 2 وزيرن جا چهرا تبديل ٿيڻ جا پڻ امڪان آهن.
پ پ وارن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: حليم عادل شيخ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ايم پي اي خرم شير زمان الزام هنيو آهي ته پ پ وارن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي عوام کي بنيادي سهولتن ناهن، اهڙو اظهار هنن ڪالهه انصاف هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، پي ٽي آئي اڳواڻن چيو ته ڏهن سالن تائين خزاني جي ڪنجي مراد علي شاهه وٽ هئي جنهن رڳو اومني گروپ کي خوش ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ کيس وزير اعليٰ بڻايو ويو. سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي حليم عادل شيخ چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي تڪ جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ئي نه آهن عوام کي چوڪيدار جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. اسڪول تباهه ۽ منڇر ڍنڍ جي حالت انتهائي خراب آهي، ڪينجهر ۾ زهريلو گٽرن جو پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي. جيڪو ماضي ۾ هڪ سياحتي مقام هو اڄ تي تباهي نظر اچي رهي آهي اسڪولن ۾ سهولتون ناهن عوام تمام ڏکئي پراڻي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.
ڪراچي ۾ 12 مئي سانحي جو اهم جوابدار گرفتار
ناظم آباد مان عبدالزاهد کي گرفتار ڪيو ويو: ايس ايس پي ايس آءِ يو
جوابدار فائر برگيڊ ۾ ملازم آهي، ڪيترن ئي ڪيسن ۾ به گهربل آهي
ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي دوران 12 مئي سانحي جي اهم جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ايس ايس پي ايس آءِ يو موجب، ناظم آباد ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي،جنهن دوران جوابدار عبدالزاهد کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فائر برگيڊ ۾ملازم آهي، 12مئي سانحي سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ به گهربل آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 12 مئي سانحو ڪيس ٻيهر کوليو ويو آهي، جنهن ۾ پوليس کي نئين سر جاچ ڪري رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ليجنڊ ڪرڪيٽر حنيف محمد جو گوگل ڊوڊل، سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) گوگل پاران پنهنجي تخيلي خاڪي ڊوڊل ذريعي ليجنڊ پاڪستاني ڪرڪيٽر حنيف محمد کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. حنيف کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊگهي اننگز کيڏڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن ويسٽ انڊيز خلاف 1957-1958 سيريز دوران 970 منٽن جي ڊگهي اننگز کيڏي جيڪا اڄ تائين ڪو به ٽوڙي ناهي سگهيو. حنيف محمد 21 ڊسمبر 1934ع ۾ جهونا ڳڙهه رياست ۾ ڄائو، هن 17 سالن جي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 55 ٽيسٽ ميچ کيڏيا، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پهرين ٽرپل سينچري به سندس نالي آهي. هن سڀ کان وڏي فرسٽ ڪلاس اننگز کيڏڻ جو سر ڊان بريڊ مين جو رڪارڊ پڻ ٽوڙيو، هن بهاولپور ۽ ڪراچي وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ 499 رنسون ٺاهيون هيون. حنيف محمد 11 آگسٽ 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مھتاب اڪبر راشدي وڌ ۾ وڌ بانڊ رکڻ جو اعزاز ماڻيو
ڪراچي: عورت سياستدانن ۾ وڌ ۾ وڌ بانڊ رکڻ جو اعزاز جي ڊي اي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي ماڻيو، جنهن وٽ 90 لکن جا بانڊ آهن.
صوبائي محتسب کي ترقيون روڪڻ، نوڪري ختم ڪرڻ سميت اختيار مليل
ڪراچي: عورتن تي تشدد ۽ حراسمينٽ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ قائم ٿيل اداري کي سرڪاري ملازمن جون ترقيون روڪڻ ۽ جبري رٽائرڊ ڪرڻ جا به اختيار مليل آهن. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب صوبائي محتسب پاران عورتن سان خراب روِين سان پيش اچڻ، جسماني تشدد جو نشانو بڻائڻ، لکت يا زباني طور عورت کي حراسان ڪرڻ، عزت گھٽائڻ سميت حراسمينٽ تي ڪنهن ٻئي زمري ۾ ايندڙ سرڪاري ملازم جوابدارن جي نوڪرين ۾ ترقي روڪڻ، جبري طور رٽائرڊ ڪرڻ، خانگي ۽ سرڪاري اداري جو عارضي بنيادن تي ڪم روڪرائي ڇڏڻ، ڏنڊ جي رقم وٺي متاثر ڌُر کي ڏيڻ جا اختيار رکي ٿو. عورتن جي تحفظ وارِي صوبائي محتسب کي ڄاڻايل اختيار هئڻ باوجود ڪيتريون ئي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري عورتون به ڄاڻايل اداري بابت ڄاڻ نه ٿيون رکن.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي به انعامي بانڊ رکڻ جو ڪوڏيو نڪتو
ڪراچي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي به بانڊن رکڻ جو ڪوڏيو نڪتو، سرڪاري رڪارڊ موجب وٽس بانڊن ۽ روڪ رقم جي صورت ۾ 56 لک ۽ 56 هزار موجود آهن.
فرزانا معاملي تي محتسب پاران کنيل قدمن مان مطمئن نه آهيون: اقبال جمالي
ڪراچي: نوابشاھ جي يونيورسٽي ۾ پروفيسر هٿان حراسمينٽ جو نشانو بڻجندڙ شاگردياڻي فرزانا جمالي جو ڪيس به صوبائي محتسب ۾ هلندڙ آهي. شاگردياڻي فرزانا جمالي جي چاچي اقبال جمالي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پروفيسر ارشد سليم پاران فرزانا کي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي محتسب پاران کنيل قدمن مان مطمئن ناهيون. ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ادارو سنڌ حڪومت جو قائم ڪيل آهي. هن چيو ته صوبائي محتسب پاران ٻيهر ٻڌڻي تي گھرايو ويو آهي. جنهن لاءِ اسان محتسب کي لکيو آهي ته نوابشاھ کان ڪراچي تائين سيڪيورٽي ڏني وڃي ته پوءِ اچي سگھون ٿا. اقبال جمالي چيو ته صوبائي محتسب سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي.
ڊاڪٽر مھيش ملاڻي بانڊ رکڻ جي ريس ۾ پوئتي رھجي ويو
ڪراچي: ٿر مان چونڊيل پ پ جو اقليتي ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي بانڊن رکڻ جي ريس ۾ پوئتي رهجي ويو، وٽس رڳو 30 هزارن جا بانڊ پيل آهن.
ڪيس تڪڙي بنياد تي نه اڪلائڻ سبب 40 ڪيس رولڙي جو شڪار
رپورٽ ٿيل 385 ڪيسن مان 345 ڪيسن بابت فيصلا ٻڌائي مسئلاحل ڪيا ويا
سزا طور نوڪري ختم ٿيل ملازمن جا نالا ظاهر نٿا ڪري سگهون: لاڳاپيل اختياريون
ڪراچي: سنڌ جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن بابت ڪيس تڪڙي بنيادن تي نه اڪلائڻ سبب 40 ڪيس رولڙي جو شڪار ٿيل آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 سالن ۾ رپورٽ ٿيل 385 ڪيسن مان 345 ڪيسن بابت فيصلا ٻڌائي معاملو حل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 40 مختلف ڪيسن بابت ڄاڻايل اداري جي اختيارين پاران ڪو به فيصلو ناهي ٻڌايو ويو جنهن ڪري ڪيس رولڙي جو شڪار بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ صوبائي محستب جي ڪامورن جو چوڻ آهي ته جن سرڪاري ملازم جي اسان جي اداري پاران سزا طور نوڪري ختم ڪرڻ سميت ٻي سزا ڏني وئي آهي. انهن جا نالا ظاهر نه ٿا ڪري سگھون.