ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، ان حوالي سان سکر، نوشهرو فيروز، پير جوڳوٺ، قاضي احمد، ٽنڊي باگي ۾ ننڍي چونڊ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. پولنگ جو سامان چونڊ عملي کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پولنگ اسٽيشنز ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو.
ان سلسلي ۾ سکر ۾ صرف هڪ يونين ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 4 تي اليڪشن ٿيندي، جنهن ۾ جنرل ڪائونسلر جي لاءِ 5 اميدوارن پيپلز پارٽي جي اميدوار گل محمد خان، تحريڪ انصاف جي اميدوار نعيم محمد خان ۽ آزاد اميدوارن بابر علي، شاهد حسين ۽ محمد فاروق اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
قاضي احمد جي پاڙيسري يونين ڪائونسل گھرام مري ۾ پڻ ھڪ سيٽ جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 3تي اليڪشن ٿيندي. جتي ايس يو پي جي نامزد اميدوار محمد موسي ا جوڻو ۽ پ پ جي نامزد اميدوار نياز حسين مھر ۾ اصل مقابلو آهي. ٽنڊوباگو جي يو سي خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر جي اڳوڻي چئرمين سيد عاقيل شاه بخاري جي وفات بعد خالي ٿيل چئرمين جي سيٽ تي سڀاڻي ضمني چونڊ ٿي رهي آھي. جتي جي ڊي اي جي اميدوار محمد موسي زنگيجو ۽ پ پ جي حاجي علي احمد نظاماڻي وچم مقابلو ٿي رهيو آھي.
نوشهروفيروز جي يونين ڪائونسل ڪوٽ ستابو جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊ ٿيندي،. اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار آصف علي عالماڻي جو مقابلو آزاد اميدوار مير محمد عالماڻي ۽ آزاد اميدوار اختر علي عالماڻي سان آهي. پ پ اميدوار آصف علي عالماڻي کي تير جو نشان، مير محمد عالماڻي کي ٻڪري جو نشان ۽ اختر علي عالماڻي رڍ جو نشان الاٽ ڪيا ويا آھن. جڏهن ته پولنگ جا انتظام سنڀالڻ لاءِ 3 ڊي ايس پيز 7 سب انسپيڪٽر 9 اي ايس آءِ ۽ 150 پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آھي. ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي ڪائونسلر ۽ يوسي راهوجه جي چيئرمين جي خالي سيٽن تي سڀاڻي چونڊون ٿينديون . وارڊ نمبر 4 جي خالي ٿيل ڪائونسلر ۽ يونين ڪائونسل راهوجه جي چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ جي ڊي اي جي سراج الدين کنڀڙو ۽ يوسي راهوجه ۾ پ پ جي ڌڻي بخش جاگيراڻي ۽ جي ڊي اي جي ڪريم الدين ملڪ وچ ۾ مقابلا ٿيندا.
سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي
سکر، نوشهرو فيروز، پير جوڳوٺ، قاضي احمد، ٽنڊي باگي ۾ ننڍي چونڊ جي تياري مڪمل
پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر، چونڊ سامان پرزائيڊنگ آفيسرن حوالي
تحفظ وارو قانون موجود هجڻ باوجود سنڌ ۾ حوا ڄائيون سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ غيرمحفوظ
مڪاني ادارن واري کاتي جا 7، پرائيوٽ سيڪٽر جي ملازمن جا 110، پي آءِ اي ۽ ناڻي کاتي جا 2، 2 ڪيس رپورٽ ٿيا

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ مختلف وقتن تي قانون آڻڻ باوجود گهريلو تشدد سان گڏ سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جو رجحان گهٽجڻ بدران وڌي ويو، سڀ کان وڌيڪ صحت کاتي ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جون شڪايتون مليون، تعليم، صحت، مڪاني ادارن واري کاتي، ناڻي کاتي سميت ٻين خانگي ادارن ۾ مجموعي طور تي 385 واقعا رپورٽ، نجي ادارا ته عورتن کي حراسان ڪرڻ واري ورهين کان جاري روايت کي برقرار رکيو ويٺا آهن. عورتن کي حراسان ڪرڻ واري رجحان کي روڪي خانگي توڙي سرڪاري ۽ گھريلو ملازم عورتن کي تحفظ ڏيڻ واري اداري صوبائي محتسب ۾ مئي 2012ع کان ڊسمبر 2018ع تائين صحت کاتي، تعليم کاتي، مڪاني ادارن واري کاتي سميت گھريلو ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ وارا مجموعي طور تي 385 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. عورتن جي تحفظ بابت قائم صوبائي محتسب جي ذريعن وٽان مليل دستاويزن موجب سنڌ جي صحت کاتي جي ملازمن پاران ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ جا 85 واقعا، تعليم کاتي جي ملازمن پاران 73، سوشل ويلفيئر کاتي جا 4، روينيو کاتي جا 2، آبپاشي کاتي جو هڪ، مڪاني ادارن واري کاتي جا 7، پرائيوٽ سيڪٽر جي ملازمن جا 110، پي آءِ اي جا 2، ناڻي کاتي جا 2، ميڊيا هائوس جي ملازمن کي آفيسن اندر حراسان ڪرڻ جا 3، اين جي اوز ادارن ۾ 24، گھريلو ملازم عورتن کي حراسان ڪرڻ جا 66، توانائي واري کاتي جو هڪ، لائيو اسٽاڪ کاتي جا 2، بهبود آبادي واري کاتي جو هڪ، سيپڪو (سکر ) جو هڪ ۽ حبيب بئنڪ لمٽيڊ جو به هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ عورتن کي هر قسم جي جسماني ۽ ذهني تشدد کان بچائڻ لاءِ نوان نوان قانون ٺهندا رهيا آهن. پر عورتن کي ذهني تشدد وارن واقعن ۾ گھٽتائي ناهي اچي سگھي. ڪراچي: سنڌ جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن بابت ڪيس تڪڙي بنيادن تي نه اڪلائڻ سبب 40 ڪيس رولڙي جو شڪار ٿيل آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 سالن ۾ رپورٽ ٿيل 385 ڪيسن مان 345 ڪيسن بابت فيصلا ٻڌائي معاملو حل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 40 مختلف ڪيسن بابت ڄاڻايل اداري جي اختيارين پاران ڪو به فيصلو ناهي ٻڌايو ويو جنهن ڪري ڪيس رولڙي جو شڪار بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ صوبائي محستب جي ڪامورن جو چوڻ آهي ته جن سرڪاري ملازم جي اسان جي اداري پاران سزا طور نوڪري ختم ڪرڻ سميت ٻي سزا ڏني وئي آهي. انهن جا نالا ظاهر نه ٿا ڪري سگھون. ڪراچي: عورتن تي تشدد ۽ حراسمينٽ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ قائم ٿيل اداري کي سرڪاري ملازمن جون ترقيون روڪڻ ۽ جبري رٽائرڊ ڪرڻ جا به اختيار مليل آهن. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب صوبائي محتسب پاران عورتن سان خراب روِين سان پيش اچڻ، جسماني تشدد جو نشانو بڻائڻ، لکت يا زباني طور عورت کي حراسان ڪرڻ، عزت گھٽائڻ سميت حراسمينٽ تي ڪنهن ٻئي زمري ۾ ايندڙ سرڪاري ملازم جوابدارن جي نوڪرين ۾ ترقي روڪڻ، جبري طور رٽائرڊ ڪرڻ، خانگي ۽ سرڪاري اداري جو عارضي بنيادن تي ڪم روڪرائي ڇڏڻ، ڏنڊ جي رقم وٺي متاثر ڌُر کي ڏيڻ جا اختيار رکي ٿو. عورتن جي تحفظ وارِي صوبائي محتسب کي ڄاڻايل اختيار هئڻ باوجود ڪيتريون ئي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري عورتون به ڄاڻايل اداري بابت ڄاڻ نه ٿيون رکن. ڪراچي: نوابشاھ جي يونيورسٽي ۾ پروفيسر هٿان حراسمينٽ جو نشانو بڻجندڙ شاگردياڻي فرزانا جمالي جو ڪيس به صوبائي محتسب ۾ هلندڙ آهي. شاگردياڻي فرزانا جمالي جي چاچي اقبال جمالي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پروفيسر ارشد سليم پاران فرزانا کي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي محتسب پاران کنيل قدمن مان مطمئن ناهيون. ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ادارو سنڌ حڪومت جو قائم ڪيل آهي. هن چيو ته صوبائي محتسب پاران ٻيهر ٻڌڻي تي گھرايو ويو آهي. جنهن لاءِ اسان محتسب کي لکيو آهي ته نوابشاھ کان ڪراچي تائين سيڪيورٽي ڏني وڃي ته پوءِ اچي سگھون ٿا. اقبال جمالي چيو ته صوبائي محتسب سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي.
ملير جي صحافين ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو برقرار، 2 وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد
اسان مٿان غلط آهن، بار ڪائونسل ۾ اپيل ڪنداسين، جلد لائسنس بحال ٿيندا: ملير جا وڪيل ڀائر

ملير ( رپورٽ: دريا خان شر) سنڌ بار ڪائونسل جو وڏو فيصلو، ملير جي ٻن وڪيل ڀائرن جو لائسنس رد، ان ڏس ۾ بار ڪائونسل جي ڊسيپلينري ڪاميٽي ملير جي ٻن وڪيل ڀائرن مظھر جوڻيجو ۽ شاھ زمان جوڻيجو خلاف مليل شڪايتن تي سندن ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي آهي. اهڙي فيصلي کان سڀني عدالتن ۽ ٽربيونلز کي آگاهي پڻ ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن کان ملير پريس ڪلب جي صحافين ۽ وڪيل ڀائرن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ هو، وڪيل ڀائرن درخواست ڏني ته ڪجهه صحافي سرڪاري ملازم هوندي صحافت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ صحافين وري ملير بار ايسوسيئيشن کان وٺي سنڌ بار ڪائونسل تائين سمورن ليگل فورمن کي درخواستون موڪلي ڄاڻايو هو ته ٻئي وڪيل قبضا مافيا سان تعلق رکن ٿا، جن خلاف ضلعي ۾ انيڪ شڪايتون موجود آهن. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي جوڻيجو وڪيل ڀائرن جو چوڻ هو ته اسان مٿان لڳايل الزام غلط آهن، اسان بار ڪائونسل سميت مختلف فورمن تي اپيل داخل ڪنداسين، اسان جي ميمبر شپ جلد بحال ٿي ويندي.
سچل ڳوٺ ۾ سگا ڪنوينشن ، سڀاڻي چونڊ ٿيندي
ڪنوينشن ۾ سنڌ ، لاهور ۽ اسلام آباد جي ميمبرن شرڪت ڪئي
سڀاڻي 18 رڪني نئين باڊي جي چونڊ ٿيندي ، 37 اميدوار ميدان ۾ لٿل
ملير (رپورٽر ) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو 39 هون ساليانو مرڪزي ڪنوينشن سچل ڳوٺ ۾ شروع ٿي ويو آهي ٻن ڏينهن واري ڪنوينشن ۾ پهرين ويهڪ جي صدارت مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪئي جنهن ۾ سڄي سنڌ کان سواء اسلام آباد ۽ لاهور جي برانچن جا وفدن شرڪت ڪئي پهرين نشت ڪاروباري اجلاس ۽ سالياني روپوٽ پيش ڪئي وئي . ه سڀاڻي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ارڙھن مرد ۽ 2 عورت ميمبرن لاء چيف اليڪشن ڪمشنر محمد اسلم شيخ جي نگراني ۾ چونڊون ٿينديون , سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ارڙھن ميمبرن جي چونڊ لاء 37 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آھي , اليڪشن ۾ سگا جي 115 برانچن مان 78 برانچن جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا جڏھن ته 39 برانچن جا عهديدار بقايائون هئڻ ڪري ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا , ووٽنگ جو عمل سڀاڻي ٽين بجي شروع ٿيندو جيڪو رات اٺين بجي تائين جاري رهندو , بعد ۾ نئين چونڊجي آيل سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي عهديدارن جي چونڊ ڪندي جيڪا هڪ هفتي بعد ٿيندي.
ڪراچي: ڦر ۽ پوليس مقابلي جا ڪيس، هڪ ڏوهي کي 20 سال قيد
ڏوهي جواد ساٿين سان گڏ موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي: پوليس
فرار ٿيڻ وقت دوران ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، هڪ ڦورو مارجي ويو: پوليس
ڪراچي ( رپورٽر ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڦر ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي مجموعي طور 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڦر ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار جواد پنهنجن ساٿين نعمان رشيد ۽ ڪامران رشيد سان گڏجي موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي رهيو هو ته پوليس سان سندن مقابلو ٿيو.
پوليس موجب مقابلي دوران پوليس جي فائرنگ ۾ جواد جو هڪ ساٿي حفيظ الدين مارجي ويو هو، جڏهن ته جواد کي گرفتار ڪيو ويو.
مائي هجان ها ته پليجي تي عاشق ٿيان ها، اياز کي بهادر سمجهندو هيس
جي ايم سيد گهرائي پيشاني چمي واپس اماڻي ڇڏيو، اياز حيدرآباد نيڪالي وارو فيصلو چئلينج نه ڪيو
ڪراچي: سنڌ جي برک اديب امر جليل چيو آهي ته رسول بخش پليجو مون کي ڏاڍو وڻندو هو پر اسان جي ڪڏهن به ڪچهري نه ٿي. سائين جي ايم سيد سان ملاقات مٿي تي چمي ڏيڻ تائين محدود رهي جڏهن ته شيخ اياز هڪ ڀيرو مون کي رکو جواب ڏنو، اها منهنجي ساڻس پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. “پنهنجي اخبار” کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته “پليجو صاحب! شڪر ڪري ته آئون مائي ناهيان، آئون مائي هجان ها ته مٿس عاشق ٿي پوان ها، پوءِ هو مون مان جان ڪيئن ڇڏائي ها؟”.
سائين جي ايم سيد سان اڪيلي ملاقات: سنڌ جي نامياري اديب امر جليل جو چوڻ هو ته سائين جي ايم سيد سان ڪا ڊگهي ڪچهري ناهي ٿي، باقي هڪ ڀيري شاگرد اڳواڻ نصر الله جلباڻي مون وٽ اچي چيو ته “آئون ڪنهن سان واعدو ڪري آيو آهيان، توهان کي 15 منٽن لاءِ پاڻ سان وٺي ٿو هلان”. جيپ ۾ ويهڻ وقت منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته “سائين جي ايم سيد جو حڪم آهي، آئون اوهان کي ساڻس ملاقات لاءِ وٺي ٿو هلان، آئون سائين سان اوهان کي ملائڻ جو واعدو ڪري آيو آهيان”. ٿوري دير کانپوءِ جيپ حيدر منزل تي وڃي بيٺي، بجاراڻي مون کي اندر وٺي هليو.
حيدر منزل جو ماحول مون لاءِ عجيب و غريب هو، پري پري تائين هيڏي هوڏي ماڻهن جا بوٽ لٿل هئا، آئون ۽ بجاراڻي بوٽ لاهڻ بجاءِ اڳتي وڌياسين، ورانڊي کان اڳتي در کليل هو، لڳو پئي ته اتي ماڻهو ويٺل آهن پر سڀ هيٺ ويٺل آهن، اڇي رنگ جو ڪپڙو يا چادر وڇايل هئي، کوڙ سارا ويهاڻا ڪناري تي پيل هئا، اسان اتي بوٽ لاهي اڳتي وڌياسين، سائين جي ايم سيد سامهون ويٺل هو، جڏهن ته آئون اڃا ٻاهر بيٺل هئس، نصر الله وڃي سائين کي ڪن ۾ ڪجهه ٻڌايو، سائين جي ايم سيد هٿ سان اشارو ڪري چيو ته امر جليل کي وٺي اچو، بجاراڻي به مون کي هٿ جي اشاري سان اندر اچڻ لاءِ چيو، سائين جي ايم سيد اٿي بيهي مون کي ويجهو ڪري پيشاني تي چمي ڏني، پوءِ بجاراڻي کي چيائين ته “وٺي وڃينس”. واپسي تي مون بجاراڻي کان پڇيو ته “سائين! مون سان هڪ اکر به نه ڳالهايو، رڳو مٿي تي چمي ڏني؟” جنهن تي بجاراڻي وراڻيو “الائجي! سائين شايد اوهان جو ڪتاب ٻتاب پڙهيو آهي”، اهو چئي بجاراڻي مون کي ڇڏي هليو ويو.
شيخ اياز بهادر، بيهي رهڻ وارو هو؟ سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز سان ملاقات بابت امر جليل ٻڌايو ته “اهو 1964ع يا 1965ع جو زمانو هو، ان وقت “روح رهاڻ” رسالي ۾ منهنجي هڪ اسٽوري “اروڙ جو مست” ڇپي هئي، ان وقت حميد سنڌي منهنجي ڪهاڻي کي بهترين قرار ڏئي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. انهيءَ ايوارڊ تقريب لاءِ حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان ڀرسان واقع هڪ هوٽل ۾ هال بوڪ ٿيل هو، انهيءَ هال ۾ آئون به ويٺل هجان، وچ ۾ ڪو ٻيو ماڻهو ويٺل هجي، ان جي پاسي ۾ شيخ اياز هجي. هال ۾ شيخ اياز جا دوست رشيد ڀٽي، رشيد آخوند ۽ ٻيا ويٺل هئا، ايتري ۾ هال ۾ بيچيني محسوس ٿي، ڪي ماڻهو اچي در جي سامهون بيٺا، حميد سنڌي اچي شيخ اياز کي ڪن ۾ ڪجهه چيو. حميد سنڌي جو جهيڻو آواز هال ۾ ٻڌجڻ پي آيو، ٿوري دير ۾ خبر پئجي وئي ته “ڪمشنر شيخ اياز جي شهر بدري جو حڪم ڏنو هو ته ٻن کان ٽن ڪلاڪن ۾ حيدرآباد ڇڏي وڃ”، مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. اسان وٽ، اسان جي ذهن ۾ تصور هو ته اياز بهادر، بيهي رهڻ وارو، نه هٽڻ وارو آهي پر شيخ اياز اٿي بيهي حميد سنڌي کي چيو ته “بابا گاڏي ڪڍراءِ، وقت گهٽ آهي، ٻن ڪلاڪن ۾ شهر ڇڏڻو آهي، مون کي ڪوٽڙي وٺي هلو، آئون اتان ريل (ٽرين) ۾ چڙهندس.” مون کي اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو عجيب لڳو، مون شيخ اياز کي مخاطب ٿي چيو ته “سر” واءِ ڊو ناٽ، يو لائيڪ دس….؟ (يعني تون ايڊووڪيٽ آهين، هڪدم قانوني طريقا استعمال ڪري ڪمشنر جي حڪم نامي خلاف اسٽي آرڊر وٺي ڇڏ، ڌوڙ ۾ وجهو انهن آرڊرن کي) مون رڳو ايترو اکر ڪڍيو ته شيخ اياز هڪدم مون کي ڏسي ته “ آءِ نو، واٽ ٽو ڊو؟، واٽ ناٽ ٽو ڊو؟ (يعني مون کي خبر آهي ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه؟) شيخ اياز سان منهنجي اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.
ٽوپي ٽوپي ڪندڙ پٽڪو لاهيندڙن کي ڳولين، سنڌي هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ ۾ پورا آهيون: امر جليل
سنڌي سماج ۽ سوچ کي گولي لڳل آهي، سنڌ جي تباهي جا ذميوار مير ۽ پير آهن، اسان جي پسند ۽ ناپسند ٻئي خوفناڪ آهن
سنڌ ۾ منفي سوچ جي بيماري ورهاڱي کانپوءِ پيدا ٿي، سياستدانن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندڙ ووٽر پاڻ کي گاريون ڏين: پنهنجي اخبار کي انٽرويو
(پنهنجي اخبار پينل- اشفاق آذر ۽ دودو چانڊيو) اپارٽمينٽ جي ستين فلور تي جيئن لفٽ جو در کليو ته هو ”اروڙ جو مست“ ٻانهون کولي وڏي آڌر ڀاءُ سان اسان سان ڀاڪر پائي مليو. اسان جا هٿ هٿن ۾ ڏيئي سڌو پنهنجي ان ڊرائنگ روم ۾ وٺي ويو، جيڪو نه رڳو ڪتابن سان سٿيل هو، پر کوڙ تصويرون، مجسما ۽ ايوارڊ به ان ڊرائنگ روم جي زينت بڻيل هئا. سامهون ڪرسي تي ويهندي ئي اسان کي چيائين مون وٽ هاڻي ڪير اچي ئي ڪونه ٿو، جنهن تي گارشيا مارڪيز جو اهو ناول ياد اچي ويو جنهن ۾ ڪرنل کي ڪوبه خط نه لکندو آهي. اسان ڪيمرا آن ڪري ساڻس گفتگو شروع ڪئي ته سنڌ ۾ ادبي ميلن جي رجحان سان سنڌي ادب جي ڪيتري خدمت پئي ٿئي، جنهن تي مسڪرائيندي وراڻائين..”اول ته توهان مون کي سمجهايو ته ادبي ميلو به ٿيندو آهي ڇا؟ مون ته نه ٻڌو آهي ته ڪو ادبي ميلو لڳندو آهي! مشاعرا ٿيندا آهن، اُن ۾ شاعر هڪ ٻئي کي شاعريون ٻڌائيندا آهن، مون نه ٻڌو آهي ته ڪو اهڙو ميلو ٿيو هجي، جنهن ۾ اديب هڪ ٻئي کي شارٽ اسٽوريز ٻڌائن، اتي ته ماڻهو بيهوش ٿي ويندا، هڪٻئي جون شارٽ اسٽوريز ٻڌي ۽ برداشت ڪير ڪندو؟، تازو ڪراچي اندر هڪ ادبي ميلي ۾ ويس، جنهن ۾ شاعر، اديب ۽ نقاد هئا، پر پڙهندڙ گهٽ هئا، هيءَ هڪ سٺي ”گيٽ ٽوگيدر“ هجي ٿي، باقي ان سان ادب کي ڪو فائدو نه ٿيندو. ادبي ميلن جو هڪڙو مثبت پهلو اهو آهي ته اهو هڪ ڏينهن هجي يا 3 ڏينهن، انهن ڏينهن ۾ ڪتاب ڪافي وڪرو ٿين ٿا، کاڌا به ٿين ٿا، ساڳ ماني به ملي ٿي، ماڻهن جو سٺو وقت پاس ٿئي ٿو، باقي اهي ميلا ادب ۾ ڪو ڪنٽريبيوشن نٿا ڪري سگهن، ميلن مان موٽي اچڻ کانپوءِ ڪو مانهو شاعري ڪونه ڪندو، افسانو ڪونه لکندو، محقق ڪونه ٿيندو. امر جليل اڃا ڳالهائي رهيو هو ته اسان کائنس پڇيو ته اوهان شارٽ اسٽوري رائٽر ڇا شارٽ اسٽوري اڃا لکجي پئي، يا عبدالقادر جوڻيجي چواڻي نسيم کرل سان گڏ شارٽ اسٽوري کي به گولي لڳي وئي؟“ جنهن تي امر جليل تڪڙ ۾ وراڻيو ، ” گولي نه لٽريچر کي لڳندي نه ڪنهن ٻئي کي، سنڌي سماج کي. سنڌي سوچ کي گولي لڳل آهي. اسان جون پسند ناپسند ۽ پزيشنس ايڏيون خوفناڪ قسم جون آهن جو توهان آسمان جا تارا پٽي آڻي ڏيو ته چوندا نه يار نه هي ڀيڻا چٽ آهي، هي ڪجهه ناهي، هن کي ته ڪجهه اچي ئي ڪونه ٿو، جيڪو هيو سو مري ويو! ايئن ڪڏهن ناهي ٿيو، هيڏا دُنيا جا وڏا وڏا رائيٽرس پيدا ٿيا، ٽالسٽاءِ مري ويو ته روس مري ويو ڇا؟ اڃا به هن دؤر ۾ جيڪو روسي ادب لکيو ٿو وڃي ڇا اهو ٽڪي جو لکيو وڃي ٿو؟ هيمنگوي مري ويو ته امريڪن لٽريچر ختم ٿي ويو ڇا؟ پاڻ امريڪي وري چون ٿا ته اڙي! هي پائلو ڪوئيلو آهي ڪير؟ هي ڪهڙي ملڪ ۾ ويٺو آهي؟ لکي ٿو ته سڄي امريڪا، سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏي ٿو! هُن جي ئي ٽڪر ۾ اسان جو رسول ميمڻ آهي، گُذريل سال مون هُن جو ڪتاب پڙهيو، اهو ڪتاب جيڪڏهن انگريزي ۾ اچي ها ته مٿو ڦيرائي ڇڏي ها سڀني جو. هڪ ته پاڪستان ۾ اهڙي قسم جو ڪتاب ڇپجي ۽ سنڌي ۾ ڇپجي ۽ وري سنڌي نقاد اُن کي اهڙا ملن ته هُن کي گولي لڳي مري ويو ته معنيٰ سڀ ڪجهه مري ويو، اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪرڻ، منفي سوچ آهي، مثبت سوچ ڪونهي، هُن جو ترجمو ته ڪري ڏسو، توهان هي ڪتاب پڙهي ته ڏسو! ”ڇا اها منفي سوچ صرف ادب ۾ آهي يا پوري سماج ۾ آهي؟“ اسان جي سوال تي هن ڪرسي کي ٽيڪ لڳائيندي بي ڌڙڪ چيو ته ”پوري سماج ۾، توهان کي ڪٿي چڱي نوڪري ملندي ته چوندا…“ اڙي چمچو آهي”، فلاڻي ايم اين اي ڏياري اٿس، فلاڻي ايم پي اي ڏياري اٿس، زرداري جي ڪڍ پيو هوندو، هُن جون جوتيون پيو پالش ڪندو هو تڏهن ته اها نوڪري ملي اٿس.. معنيٰ معاف ڪجو ٻين لفظن ۾ اسان وٽ ڪوبه ٽئلينٽ ڪونهي، اسان صفا چٽ، يوزليس، ردي، هڪڙي نيگليڪٽيڊ قوم آهيون، اسان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو پيدا ڪونه ٿو ٿئي ڇا جيڪو سي ايس ايس پنهنجي مڙسي تي پاس ڪري، جيڪڏهن سي ايس ايس پاس ڪندو ته چوندا، سفارش ڪرائي اٿس، يا پبلڪ سروس ڪميشن کي پئسا کارايا اٿس، تڏهن ته سي ايس ايس ۾ پاس ٿيو آهي، اها ناڪاري سوچ آهي، جيڪا اسان سنڌين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60-70 سالن کان پيدا ٿي آهي. 82-85 سالن جو آئون ٿي ويو آهيان، جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي، ورهاڱي کانپوءِ اها بيماري پيدا ٿي آهي، ورهاڱي کان اڳ ٿوري گهڻي هوندي هئي، پر ايڏي نه هئي، هيءَ مصيبت وڃي ٿي وڌندي، هڪٻئي جا ترا ڪڍون، ڌارين وٽ ٺڪر نه هوندو ته، تڏهن به اُن کي ايڏو پڏائيندا ته ”واهه يار! ڪيا ڪمال ڪي چيز اُس ني لکي هي!!“ اڙي ڪيا لکي هي يار همين تو سمجهه ۾ نهين آتي؟ آپ ڪو سمجهه ۾ نهين آتي تو نهين آئي، آپ ڪي سوچ ڇوٽي هي، اُس ني ڪمال ڪي چيز لکي هي…. اسان وٽ ڪو ڪمال جي شئي لکندو ته چوندا بڪواس لکي اٿس يار، هي ڪا اچي ٿي سمجهه ۾، اڙي فلاڻا! توکي اچي ٿي يا نه، پوءِ اچي ڏيندا تاڙو … ٺا، ٺا.. وڏو ٽهڪ ڏيندا… هي آهي سنڌي لٽريچر جو نقاد ۽ اُن کي اڳتي وڌائڻ وارا… يا اُن کي روڪڻ وارا… بابا زندگي اڳتي هلندي ئي رهي ٿي، اڄ تائين دنيا ۾ ڪو شخص اهڙو پيدا ڪونه ٿيو آهي، جنهن جي مرڻ کانپوءِ دنيا بدلجي وئي هجي. دنيا ۾ وڏو ڪو سانحو ٿيو هجي يا دنيا جي ترقي رُڪجي وئي هجي؟ جڏهن کائنس اهو سوال پڇيو ويو ته ”ڇا اهڙي منفي سوچ ۾ سوشل ميڊيا جو ڪو ڪردار ڏسو ٿا؟ ته امر جليل انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو “نه اهو ڏوهه هُن ويچاري سوشل ميديا تي ته نه وجهو نه، جيئن اسان چوندا آهيون ته گن اِز ناٽ امپورٽنٽ، مين بيهائينڊ دَ گن اِز امپارٽنٽ، بندوق آهي ڪنهن وٽ، طالبان وٽ آهي، داعش وٽ آهي، بندوق جو ڏوهه ناهي، جنهن وٽ آهي، ڏسڻو اهو آهي ته اهو ان جو استعمال ڪيئن ٿو ڪري، تنهن ڪري منفي خيال جيڪي هُن طرف آهن، اهي منتقل ٿين ٿا، انهن کي سوشل ميڊيا تي وڌيڪ وُسعت ملي وئي آهي. توهان کي سادو مثال ڏيان، پرنٽ ميڊيا جيستائين هُئي، اڃا آهي، ان ۾ لکڻ ڏُکيو هيو، جيڪا شئي لکي توهان ڇپرائڻ ٿا چاهيو، اها اخبار ۾ وڃي ايڊيٽر تائين پهچڻ وڏي ڳالهه هئي، پهرين اُهو اسسٽنٽ ايڊيٽر يا ڪو ٻيو ڏسندو هو، پوءِ ايڊيٽر تائين وڃي پهچندي هئي، پوءِ ايڊيٽر فيصلو ڪندو هو ته اها ڇپجڻ جهڙي شئي آهي يا نه. ساڳيو ئي ڪتاب سان معاملو آهي، هاڻي ته پبلشر به ڇرڪن ٿا ته هي ڪتاب اسان ڇپايون ته مصيبت ۾ نه پئجي وڃون. الائي هن ۾ ڇا لکيو اٿس، متان ڦاسجي نه وڃون، انٽرنيٽ تي اهڙي پابندي آهي ئي ڪونه، دِس اِز بلَڊِي ٿـِنگ ڊيوِل، دِس ڊيول اِز وٿ مِي، نه هن ۾ ايڊيٽر آهي نه هن ۾ ڪو روڪڻ وارو آهي. ڪو نه ڪو اڪائونٽ ٺاهي توهان جنهن جي وڻي تنهن جي پڳ لاهي سگهو ٿا. اُن جي بي عزتي ڪري سگهو ٿا، غلط سنڌي لکي سگهو ٿا، ڪو روڪڻ وارو ڪونهي. عاليشان ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن پر اُنهن جو تعداد گهٽ آهي،
”اوهان تي هڪڙي تنقيد ٿيندي رهي آهي ته اوهان ڪنهن به سياسي تحريڪ جو حصو ناهيو رهيا، ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟“ جنهن تي امر جليل واراڻيو، ”اول ته اُهي ماڻهو مون کي ڏيکاريو، مون سان ڪڏهن گڏ ويٺا، ڳالهه ٻولهه ڪيائون؟ چانهه چُڪو پيتائون؟ ڪيترو ٿا مون کي سڃاڻين؟ توهان جڏهن هڪڙي رائيٽر کي، هڪڙي ماڻهو کي سڃاڻو ئي ڪونه ٿا، ته پوءِ توهان اُن جي باري ۾ ڪيئن ٿا ڳالهايو. ون يونٽ جي دور ۾ توهان ڄايا هئا ڇا؟، جيڪي ڳالهائڻ وارا آهن، انهن ون يونٽ اکين سان ڏٺو هو ڇا، آئون ون يونٽ سميت مختلف قسطن ۾ آهستي آهستي لکي رهيو آهيان، مون آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته ون يونٽ جي دور ۾ ڪيئن اوچتو هڪ ڪرڪيٽر، سياسي ادب لکندڙ بڻيو، آئون اُن سياسي ادب لکڻ ۾ هليو ويس جنهن کي ماڻهن بعد ۾ نعريباز ادب سڏيو ۽ چيو ته لٽريچر ٿوروئي آهي، هن ۾ رڳو سياست ڀري پئي آهي، رڳو نعريبازي آهي، جن امر جليل کي پڙهيو ئي ناهي ۽ امر جليل سان مليا ئي ناهن، جن امر جليل پڙهيو ئي ناهي، اهي ئي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن،“ پوءِ امر جليل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيل ان واقعي جو ذڪر ڪيو ته ڪيئن قمر شهباز کيس پنهنجو لکيل گيت”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو، يا بچايو سنڌ کي يا سورما شهيد ٿيو،“ ڳارائڻ لاءِ هڪ وڏي جلسي ۾ وڍي ويو جتي قاضي فيض محمد سميت اوڀر پاڪستان مان به ماڻهو آيل هئا. اتي گيت ڳائڻ کانپوءِ ڀاڄ پوڻ ۽ گرفتاري لاءِ نڪتل وارنٽس جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ”اهي ڇوڪرا جيڪي مون تي تنقيد ٿا ڪن، ڇا اهي ان وقت مونسان گڏ هئا؟ آئون اسپورٽس مين هئس، آئون رائيٽر آهيان، رائيٽر پاڻ جلوس ۾ هجي، اِن قسم جو ڪو هڪڙو مثال ته ٻڌائين. هيمنگوي ڪڏهن نڪتو، ڪرشن چندر ڪڏهن نڪتو روڊن تي، منٽو ڪڏهن جلسن ۾ آيو، احمد نديم قاسمي ڪڏهن جلوسن ۾ اچي نعرا هنيا. جنهن جو جيڪو ڪم آهي، اُن کي اهو ڪرڻ گهرجي.“
امر جليل کان سوال پڇيو ويو ته، ”اسان وٽ تنقيد نگاري ڇو اسري نه سگهي آهي، ڇا اسان وٽ نقاد به آهن يا ناهن؟“ جنهن تي امر جليل مسڪرائيندي وراڻيو ”يار هاڻ ڪنهن جي باري ۾ ماڻهو ڇا چوي، اسان وٽ تنقيد جي معنيٰ رڳو بُڇڙو ڪرڻ آهي. هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي فيلڊ آهي، منهنجي فيلڊ آهي لکڻ، منهنجو ڪم تخليقي ادب لکڻ آهي، مان لکان ٿو پيو، هاڻ اُن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وارا، جيڪڏهن آهن يا نه، جيڪڏهن آهن ته پوءِ انهن جي مرضي آهي. جيڪڏهن مان لکڻ ئي ڇڏي ڏيان ته ڇنڊڇاڻ ڪنهن جي ڪندا. تنهنڪري اول ته تخليقي ادب توهان وٽ هجي ته ڇنڊ ڇاڻ ٿئي نه. تنهن ڪري منهنجو ڪم آهي لکڻ ۽ اهو ئي زندگيءَ ۾ منهنجو ڪم آهي.“ اهو پڇڻ تي تي “توهان جا نقاد چون ٿا ته امر جليل جو ڪڏهن به ڪونظريو ناهي رهيو،“ جنهن هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين ڪهڙو نظريو، ڇا جو نظريو، نظرياتي جو مطلب ڇا اٿن؟ مون سان اچي ويهن ڇو نٿا؟ مان چوان ٿو هڪڙو اوپن سيشن ڪن، جيڪي نظريات نظريات جون ڳالهيون ٿا ڪن، ڪهڙو نظريو؟ ڪميونزم به نظريو هو جيڪو 80 سالن ۾ ڦيهه ٿي ويو، اهو نظريو آهي؟ منهنجو زندگيءَ ۾ هڪ ئي نظريو آهي ته آئون آزاد آهيان ۽ ذهني آزادي لاءِ جيئندس ذهني آزادي لاءِ مرندس. مان جيڪي سوچان ٿو مان چاهيان ٿو ته مان پنهنجي سوچ توهان تائين پهچايان، هي منهنجي آزادي آهي، آئون اها آزادي چاهيان ٿو. مان جنهن نموني لکڻ چاهيان ٿو مون کي اُن جي آزادي گهرجي. پر هن ملڪ ۾ نٿي ملي.“ ان موقعي تي پنهنجي اخبار جي ٽيم امر جليل کان پڇيو ته ”اها ڪهڙي مجبوري هئي جو اوهان ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي چيل ڳالهه جي وضاحت ڪئي.؟“ جنهن تي امر جليل چيو ته “مون ڪڏهن به وضاحت ناهي ڪئي، اُن ۾ مون ماڻهن کي سمجهايو هو، ڇو ته مون کي لازمي سمجهائڻو آهي، اهو منهنجو فرض آهي ته توهان جيڪڏهن ڳالهه نه سمجهيا آهيون، اُها ڳالهه سمجهايان. مثال طور، ناراض ڇا تي ٿيا؟ ٽوپي تي ناراض ٿيا؟ ايتري ڳالهه تي. اُن تي مون ٻيو هڪ ننڍڙو عرض ڪيو، اُن ۾ مون شاهه لطيف جي هڪڙي بيت جو مثال ڏنو، اُتان مون کنيو. روزا ۽ نمازون ايءُ پڻ چڱو ڪم، او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي، مون چيو اهڙي نموني نچو، ڳايو، ڪُڏو ٽپا ڏيو ڏاڍو سٺو، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان سرجي سنڌ کي. جيڪڏهن سال ۾ هڪ ڏينهن ٽپڻ، نچڻ ۽ ڳائڻ سان سنڌ ترقي ڪري ها ته پوءِ ته سنڌ الائي ڪٿي کان ڪٿي هجي ها.؟ توهان جي سنڌ ۾ اسڪول بند، اسپتالن جا ٻيڙا ٻڏل، حاڪم توهان جا سڀ چور آهن، اِن سنڌ ۾ توهان نچو ڳايو ٺيڪ آهي، پر اُن لاءِ به ته سوچيو، ڪنهن ڏينهن پريس ڪلب جي سامهون اچي گڏ ٿيو، چئو اسان جي تعليم جو ٻيڙو ٻُڏي ويو آهي، هڪڙا اڻ پڙهيل، الائي ڪاليج به ڏٺئون الائي نه، وزيرن الائي يونيورسٽي ڏٺي به يا نه. اُنهن کي توهان پرو وائيس چانسلر ٿا ڪريو، پرو چانسلر معني وائيس چانسلر اُن جي ماتحت ڪم ڪندو. ڪنهن اخبار ڪڏهن لکيو ته سنڌ ۾ پرو چانسلر معنيٰ علامه آءِ آءِ قاضي اُن جي ماتحت، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه اُن جي انڊر، عبدالقادر انصاري سڀ کان وڌيڪ عرصو 16 سال سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو، اُهو به هنن ماڻهن جي ماتحت!! ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، هتي اچن نه، پريس ڪلب سامهون جلوس ڪڍن!“ امر جليل کان پنهنجي اخبار جي ٽيم ڪچهري دوران اهو به پڇيو ته ”ڇا توهان کي ڪڏهن سياست جو شوق رهيو؟“ ته هن ٺهه ٺپ وراڻيو نه “ڪڏهن به نه”، مان ووٽ به نه ڏيندو آهيان، مون کي اها سياست ئي نه وڻندي آهي، اها سياست آهي ئي ڪونه، جيڪا ماڻهن جي ڪابه آزادي قبول نٿي ڪري، آئون اهڙي قسم جي سياست کي پسند نٿو ڪريان.“ جنهن تي پنهنجي اخبار جي ٽيم امر جليل کان پڇيو ته ”ماڻهن جي مسئلن جو حل سياست ۾ ئي آهي ته پوءِ اوهان ان کي ڪيئن ٿا الڳ ڪري سگهو؟“ جنهن تي امر جليل چيو ته ”آئون صرف تشريح ڪري سگهان ٿو، را مٽيريل (خام مال) سٺو ته پروڊڪٽ به سٺي ٿيندي، مون ڪڏهن به وزيرن ۽ سياستدانن کي گاريون نه ڏنيون آهن. اِن ڪري ته اڄ تائين ڪوبه سياستدان پنهنجي طرفان پنڌ ڪري اسيمبلين ۾ نه وڃي ويٺو آهي، مون هُن کي ووٽ ڏنو آهي، تڏهن اُتي وڃي ويٺو آهي. مان پاڻ کي ڇو نٿو گار ڏيان، پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهايان نه؟ ته منهنجي ووٽ جي ڪري اُتي ويٺو آهي. ۽ اُتي ويٺو آهي ته حڪومت ڪندو، پوءِ اُتي تهڙي قسم جا ماڻهو هوندا، جهڙي قسم جو مان آهيان، اُهي اوهڙو ئي اُتي ڪم ڪن ٿا. انهن مان سٺي ڪم جون اميدون ڇو رکجن. جڏهن مان پاڻ ردي آهيان، ردي ماڻهو چونڊيان ٿو، ردي ماڻهو موڪليان ٿو ته اهو واضح آهي ته توهان جون ردي حڪومتون ٺهنديون. اِن ۾ ڪا فلاسافي يا ڪيمسٽري ۽ فزڪس جو فارمولو ناهي. را مٽيريل سٺو معنيٰ عام ماڻهو سُٺا ٿين، عام ماڻهو تڏهن سٺو ٿيندو، جڏهن اُن جي تعليم هجي، تربيت هجي، سوچ هجي، ويچار هجي، توهان جيڪا نظرئي جي ڳالهه ڪريو ٿا نه ته اهو منهنجو نظريو آهي ته سنڌ جي تباهيءَ جو ڪارڻ نه پٺاڻ، نه پنجابي، نه مهاجر، پر توهان جا پير، مير ۽ سردار آهن. ورهاڱي کانپوءِ هنن جي ٻيگهي متي پئي آهي، ورهاڱي کان اڳ هنن سڀني جي ماءُ مُئل هوندي هئي. ايڏي من مستي ۾ ڪونه هوندا هئا. 80 سيڪڙو اڪثريت ۾ هجڻ باوجود ويهه سيڪڙو هِندن کان ڊڄندا هئا.
ان موقعي تي امر جليل کان اهو به معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته توهان سنڌ جي تباهي جو ڪارڻ مير، پير ۽ وڏيرا قرار ڏيو ٿا، سنڌ ۾ جيڪي قومپرست، يا سنڌ پرست تحريڪون هيون، اهي انهن ميرن، پيرن ۽ وڏيرن آڏو ڇو بند ٻڌي نه سگهيون، جنهن تي امر جليل مسڪرائيندي چيو، ”الائي بابا! ڇاڪاڻ جو منهنجو هنن سان ڪڏهن رابطو يا ڊائلاگ نه ٿيو آهي، جيڪڏهن بند ٻڌي سگهن ها ته ٻڌن ها نه، ڇو نه ٻڌئون، شايد ڳوٺن ۾ رهيا پئي ۽ اهي انهن کان ڊنا پئي! ٻين لاءِ ڇا چوان، مان رسول بخش پليجي جي ڳالهه ڪندس، ايترا ته هُن جا پوئلڳ آهن، جو هو سنڌ کي پير پرستي مان بچائي پئي سگهيو. هاڻي ماڻهو جيڪي وڻن ۾ اڳڙيون ٿا ٻڌن، ڳاڙها ساوا ڌاڳا ٿا ٻڌن، يار هي ڪا سوچ آهي، اِن کان وڌيڪ هڪڙي گهٽيا ماڻهو جي سوچ لاءِ ڪهڙو اکر چئجي، ماڻهن جي ايتري جهالت، بابا وڻ ڇا ڪندو توهان کي؟؟ توهان هُن کي ڌاڳا ٿا ٻڌو ڳاڙها ساوا نيرا، ڇا ڪندو توهان جي لاءِ؟ اسان ايتري سجاڳي سنڌ ۾ نٿا آڻي سگهون.!“
ذڪر جڏهن قومپرستي ۽ سنڌ دوست سياستدانن جو پئي هليو ته پنهنجي اخبار جي ٽيم موقعو ڏسي امر جليل کان اهو به پڇي ورتو ته، ”توهان پنهنجي دور جي سياستدانن، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي سان ان سلسلي ۾ ڪي ڪچهريون ڪيون يا ڪا گفتگو ڪئي؟“ جنهن تي ساڳئي انداز ۾ امر جليل ڪنڌ انڪار لوڏيندي چيو، ”ڪڏهن به نه، منهنجي دنيا ئي الڳ آهي. مان مڪمل طور اڪيلو رهڻ گهران ٿو، مون کي پنهنجي اڪيلائي وڻندي آهي،“ هن سائين جي ايم سيد سان پهريون ۽ آخري ڀيرو ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته،” پنهنجي زماني جو شاگرد ليڊر نصر الله بجاراڻي مون وٽ ايندو رهندو هو، هڪ ڀيري آيو ۽ چيائين ته توهان کي 15 منٽن لاءِ وٺي ٿو هلان، مون چيو اڙي بابا ڪاڏي وٺي هلندين. سائين بس مان واعدو ڪري آيو آهيان، بابا ڪنهن سان واعدو ڪري آيو آهين. سائين بس ڏهه 15 منٽن لاءِ مون سان هلو. جيپ ۾ ويهڻ کانپوءِ چيائين سائين جي ايم سيد ڏي ٿو وٺي هلان، اڙي بابا خيرته آهي مون کي ڇو ٿو اوڏانهن وٺي هلين. چيائين بس سائين جو حڪم آهي، پٽيل پارڪ جنهن کي هاڻي نشتر پارڪ سڏن ٿا، ان جي سامهون حيدر منزل آهي، اُتي وياسين، مون کي اندر وٺي هليو، اُتي جيڪو ماحول هو، اُهو منهنجي لاءِ ڏاڍو عجيب هو. پري پري تائين هيڏي هوڏي ماڻهن جا بوٽ لٿل هجن، مون هن کي آهستي چيو ته مسجد ۾ وٺي آيو آهين ڇا؟ چيائين نه، هلو هلو.. مون ته بوٽ نه لاٿو، پاڻ به نه لاٿائين… پر اڳتي جڏهن وياسين ته هڪڙو ڪوريڊور هو، ڪوريڊر کانپوءِ در کُليل هو، لڳو پئي ته ماڻهو اُتي ويٺا آهن، پرسڀ هيٺ ويٺا آهن، اڇو ڪو ڪپڙو يا چادر وڇايل هجي، کوڙ سارا وهاڻا ڪناري تي پيل هئا، جڏهن هُن جي ويجهو وياسين ته ڇاڪاڻ جو ماڻهو هيٺ ويٺل هئا، سو فطري طور بوٽ لاهي اندر وياسين. ته سائين جي ايم سيد اُتي سامهون ويٺو هو، مونکي ٻاهر بيهاريائون، نصر الله وڃي کيس ڪن ۾ منهنجو ٻڌايو، سائين جي ايم سيد ها ڪري هٿ سان اشارو ڪيو ته وٺي اچيس. هُن به مون کي هٿ جي اشاري سان چيو هليو اچ اندر. سائين جي ايم سيد اٿي بيٺو، مون کي اڳتي ويجهو ڪري مٿي تي چُمي ڏنائين، پوءِ هُن کي چيائين وٺي وڃيس. مون نصر الله کان پڇيو اڙي! ڇا جي ڪري چمي ڏنائين ۽ ڇو ڏنائين؟ نه ڪو اکر مون سان ڳالهايائين ڇا جي ڪري؟ جنهن تي نصر الله چيو سائين توهان جو ڪو ڪتاب ٻتاب پڙهيو آهي. اڙي تون ليڊر، اسٽوڊنٽ ليڊر توکي اها خبر ناهي ته سائين ڪهڙو ڪتاب پڙهيو، جنهن جي ڪري هُن کي وڻيو آهيان!“ ان موقعي تي پنهنجي اخبار جي ٽيم امر جليل کان پڇيو ڀلا ”پنهنجي در جي وڏي شاعر شيخ اياز سان ملاقاتون يا ڪچهريون ٿيون؟،“ جنهن تي امر جليل ٽهڪ ڏيندي چيو ته “شيخ اياز سان به زندگي ۾ هڪڙي ملاقات ٿي، جيڪا پڻ ناخوشگوار قسم جي ملاقات هئي. شايد65ع جو زمانو هو، يا 64ع جو، روح رهاڻ نڪرندو هو، اُن ۾ منهنجي ڪا هڪڙي اسٽوري ڇپي هئي اروڙ جو مست، اُن کي وري هنن بهترين اسٽوري قرار ڏيندي ايوارڊ جو اعلان ڪيو هو، حميد سنڌي سال ۾ هڪڙو ڀيرو اهو ميلو ڪندو هو. اُتي ڪا هڪڙي وڏي هوٽل هئي، ريڊيو پاڪستان جي بنهه ويجهو هئي، اُتي ڪو هال بُڪ ٿيل هو، ڪيترائي ئي اديب ويٺل هئا، آئون به وڃي ويٺس، منهنجي ۽ شيخ اياز جي وچ ۾ ٻيو ڪو اديب ويٺل هو، شيخ اياز سان گڏ رشيد ڀٽي ۽ رشيد آخوند، اهڙي قسم جا سينيئر ليکڪ ويٺل هئا، ٿورڙي دير ۾ هال اندر بيچيني محسوس ٿي، ڪي ماڻهو اچي در جي سامهون بيٺا، حميد سنڌي آيو ۽ شيخ اياز کي ڪن ۾ ڪجهه چيائين ۽ کيس هڪڙو ڪاغذ ڏيکاريائينس، شيخ اياز کي چيائين ته ڪن ۾ پر ڳالهه سمجهي پئي سگهياسين، اُن دوران خبر پئجي وئي ته هُن کي ڪمشنر طرفان شهر بدريءَ جو آرڊر مليو آهي، جنهن ۾ کيس ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ حيدرآباد ڇڏي وڃڻ جو حڪم مليل هو، مون کي ڏاڍو عجيب لڳو، ڇو جو اُن وقت جيڪو تصور اسان جي ذهن ۾ هو ته اياز بهادر، بيهي رهڻ وارو، نه هٽڻ وارو ماڻهو آهي، پر ليٽر ملڻ بعد شيخ اياز اٿي بيٺو ۽ حميد سنڌي کي چيائين ته بابا گاڏي ڪڍراءِ، ٻن ڪلاڪن ۾ شهر ڇڏڻو آ، وقت گهٽ آهي، تنهن ڪري آئون ڪوٽڙي مان ريل ۾چڙهندس، مون کي ڪوٽڙي وٺي هلو. مون کي خبر ناهي ته ڪوٽڙي ڇو پئي ويو؟ مون کي ڏاڍو عجيب لڳو، رڳو هڪڙو اکر مون کي سموري زندگي ياد رهندو، ڪڏهن به نه وساري سگهندس، جهڙي نموني هُن( شيخ اياز) مون کي رُکو جواب ڏنو. مون چيو سر وائي ڊونٽ يو ڊو لائيڪ دِس، اڃا مان جُملو پورو ڪونه ڪيو. منهنجو چوڻ هو ته ايڊووڪيٽ آهين، هڪدم تون وڃي جيڪي قانوني طريقا آهن سي استعمال ڪري اُن آرڊر خلاف اسٽي وٺي ڇڏ، ڌوڙ ۾ وجهو اِنهن آرڊرن کي، مون رڳو ايترو اکر ڪڍيو ته هڪدم مون کي ڏسي چيائين ته ”آئي نو واٽ ٽو ڊو ۽ واٽ ناٽ ٽو ڊو!“(مونکي خبر آهي ته مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه!) اها اياز سان منهنجي پهرين ۽ آخري مُلاقات هئي!“
امر جليل سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز سان مختصر ملاقاتن جو ذڪر ڇيڙيو ته پنهنجي اخبار جي ٽيم هن کان رسول بخش پليجي بابت به سوال پڇڻ جو موقعو هٿان نه وڃايو. پنهنجي اخبار پڇيو ته ”رسول بخش پليجو سنڌ جي اديبن، شاعرن سان اڪثر ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪندو رهندو هو، ڀلا اوهان سان هن جي ڪچهري يا ملاقات ٿي؟“ جنهن تي ساڳي ريت امر جليل چيو ته “نه نه، اسان جي ڪڏهن به ڪچهري ڪونه ٿي، پر ڪنهن حد تائين مون کي وڻندو به هو. الائي ڪٿي مون ڪتاب ۾ لکيو آهي. رسول بخش پليجو شڪر ڪري ته آئون عورت ناهيان، عورت هُجان ها ته هُن تي عاشق ٿي پوان ها پوءِ مون مان جان ڪيئن بچائي ها. امر جليل وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ته مون کي رسول بخش پليجو وڻندو ڏاڍو هو ۽ آخر تائين وڻندو هو. 2 سال اڳ آئون حيدرآباد ڪنهن پروگرام ۾ ويس جنهن ۾ رسول بخش پليجو کي ويل چيئر تي وٺي آيا. آئون وڃي ساڻس مليس ۽ تصويرون به نڪتيون، جن ۾ آئون ان سان گڏ بيٺو هئس، ڇا ته ماڻهو هجي ٿو ڪيئن ماڻهو جي پڄاڻي ٿئي ٿي!“
”ڇا توهان به ڪڏهن ڪنهن سان عشق ڪيو، يا ڪا عورت توهان کي وڻي؟“ جنهن تي امر جليل مسڪرائيندي چيو، ”اڙي سائين ڪرڪيٽ جي عشق ڏاڍو ماريو، نه ته آئون به ڪو فرشتو نه آهيان، انسان آهيان، مون کي به ڪنهن سان محبت ٿي سگهي ٿي، اتفاق سان منهنجي ٻاراڻي ڪلاس کان وٺي يونيورسٽي تائين مون ڪو ايجوڪيشن ۾ تعليم ورتي. اسان جي اين جي وي اسڪول ۾ ڪرڪيٽ ڏاڍي هوندي هئي، ته ڪلاس جي به ٽيم هوندي هئي. ٽئين يا چوٿين ڪلاس ۾ هئس ته پنهنجي ٽيم جو ڪئپٽن ٿيس، هاڻ ڪيپٽن ٿيس ته پڳ ٻڌجي وئي نه. هاڻي سائين ڪيپٽن اسڪول جي ڇوڪري سان ڪيئن ڳالهائي ۽ ڪيئن کينچل ڪري، ويندي ميٽرڪ ۾ اسڪول جو ڪيپٽن ٿيس. هاڻي سائين ڪپتان صاحب عشق ڪري يا ڪرڪيٽ کي ڏسي؟ سچي ڳالهه آهي ته ٻه ٽي ڇوڪريون اهڙيون هيون، جن کي اڄ تائين آئون وساري نه سگهيو آهيان. منهنجون هُنن کي دعائون آهن، جتي به آهن آباد هجن، سندن شاديون ٿي ويون. ساڳيو ڪم ڪاليج جو، ساڳيو ڪم يونيورسٽي ۾ مان ڪيپٽن ٿيس. سو انهيءَ پڳ ماري وڌو زندگي ۾. پڳ ٻڌل نه هجي ها ته ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ کي وڃي چوان ها، چاهي پوءِ دڙڪا ڏئي يا چوي ها ”هل ڙي ڪارا! پنهنجو نڪ ته ڏس، اهڙي نڪ واري سان ڪو محبت ڪندو!“ پنهنجي اخبار جي ٽيم امر جليل کي چيو، ”اوهان جون ڪي اهڙيون خواهشون آهن، جيڪي پوريون نه ٿيون هجن؟“
”ها ڪافي آهن“، امرجليل وراڻيو ”امتياز احمد منهنجو هيرو هجي، خبر پئي ته هو ايئر فورس ۾ پائلٽ آهي ته بس پوءِ مون به چيو ته پائلٽ ٿيندس، ڇا جو انجنيئر، بابا جي خواهش هئي ته انجنيئر ٿيان ان ڪري ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ڏيارائين پاسي ۾ ايئر فورس جي ريڪروٽنگ آفيس به هوندي هئي ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر پائلٽ نه ٿي سگهيس. امتياز احمد سان ڪڏهن نه مليس، ڪنهن ڪتاب ۾ مون لکيو هو ته جنهن سان توهان کي بي انتها محبت هجي ان سان نه ملجي، انسان ۾ خاميون خوبيون هجن ٿيون، توقعات وڌن ٿيون پوءِ ماڻهو نااميد ٿي وڃي ٿو. دنيا گهمڻ جي خواهش هئي، خاص ڪري آرڪيالاجيڪل سائيٽس، نه ٿيو. اهو به فيصلو ڪيو هو ته شادي نه ڪندس ۽ گهر ۾ نه رهندس يا ته هاسٽل ۾ رهندس يا وري انگريزن جي دور ۾ هڪڙا ٽرالر هوندا هئا، جن جي پويان ڪمري وانگر ڪنٽينر هوندو هو، ان ۾ رهجي، جيڏانهن مرضي پوي تيڏانهن وڃجي!“
چڙ ڏياريندڙ تقريرن جا 2 ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جو حڪم
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي، ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف 2 ڪيس اي ڪلاس ڪيا وڃن: پوليس
ٻنهي ڪيسن جا فريادي پنهنجي ڏنل ايڊريس تي موجود ناهن: پوليس جي رپورٽ
ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي پوليس چڙڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري جي ٽن ڪيسن مان 2 ڪيس اَي ڪلاس ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪيسن جا فريادي پنهنجي ڏنل ايڊريس تي موجود ناهن، عدالت فريادين کي ڳولي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايم ڪيو ايم باني جي چڙڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري بابت ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار، خواجا اظهار الحسن، رئوف صديقي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا.
پوليس ٽن مان ٻن ڪيسن کي اي ڪلاس ڪرڻ لاءِ ٻيهر رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پوليس ڄاڻايو آهي ته ٻنهي ڪيسن جا فريادي پنهنجي ڏنل ايڊريس تي موجود نه آهن، تنهنڪري جوابدارن خلاف 2 ڪيس اي ڪلاس ڪيا وڃن.
ڪراچي: حسين لوائي ۽ غني مجيد کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو، اڊيالا جيل انتظاميا کان جواب طلب
بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، اڊيالا جيل انتظاميا حڪمن تي عمل نه پئي ڪري: وڪيل
عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي حسين لوائي جي وڪيل درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بيڪنگ ڪورٽ جي حڪمن باوجود جيل انتظاميه مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حسين لوائي توڙي غني مجيد کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو جنهن تي عدالت جيل انتظاميه کان جواب طلب ڪري ورتو آهي .حسين لوائي جي وڪيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جنهن کانپوءَ ڪراچي جي بيڪنگ ڪورٽ حسين لوائي کي 10 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر نه کين 10 ڊسمبر تي پيش ڪيو ويو ۽ نه ئي وري 21 شدمبر واري ٻڌڻي تي پيش ڪيو ويو جنهن کانپوءَ عدالت اڊيالا جيل انتظاميه کان جواب طلب ڪري ورتو آهي ته ذر کين عدالت ۾ ڇو پيش نٿو ڪيو وڃي.
ڪرپشن جي خاتمي واري اداري جي انسپيڪٽر کي ئي ڪرپشن ڪرڻ تي 6 سال قيد جي سزا ملي وئي
ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج انسپيڪٽر ذوالفقار مري کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي
انسپيڪٽر ذوالفقار مري ڪرپشن، دوکو ۽ دستاويزن ۾ جعلسازي ڪئي: عدالتي فيصلو

ڪراچي( رپورٽر ) سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي جو انسپيڪٽر پاڻ ڪرپٽ نڪتو، 6 سال قيد جي سزا ڀوڳيندو.
صوبائي اينٽي ڪرپشن کاتي جي جج اقبال حسين ميتلو ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي انسپيڪٽر ذوالفقار مري کي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته انسپيڪٽر ذوالفقار علي مري دوکو ۽ ڪرپشن سان گڏ جاچ جي دستاويزن ۾ جعلسازي ڪئي.
صوبائي اينٽي ڪرپشن کاتي جي جج، ڏوهي ذوالفقار مري کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، واضح رهي ته ڪرپشن ثابت ٿيڻ بعد سزا ماڻيندڙ ذوالفقار مري پاڻ سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ انسپيڪٽر طور ڪم ڪري رهيو هو.
زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ: قائم علي شاهه گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو
ملير نديءَ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ خلاف نيب جو ڪال اپ نوٽيس سياسي انتقام آهي: قائم علي شاهه
نيب جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي: قائم علي شاهه جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جون پريشانيون وڌي ويون، نيب طرفان ڪال اپ نوٽيس اماڻڻ خلاف گرفتاري کان بچڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
قائم علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ورتي، درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب ملير ندي جي زمين جي الاٽمينٽ تي 18 ڊسمبر تي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو آهي، جڏهن ته زمين الاٽ ڪرڻ بعد اها الاٽمينٽ رد به ڪئي وئي هئي.
قائم علي شاهه درخواست ۾ وڌيڪ چيو ته نيب پيپلزپارٽي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، نيب جو ڪال اپ نوٽيس به سياسي انتقام جي برابر آهي، نوٽيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ نيب کي منهنجي گرفتاري کان روڪيو وڃي.
ڪوبھ ڏوھ ثابت ناھي ٿيو، سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي: ڊاڪٽر عاصم
آصف جي پيشيءَ دوران جيالا عدالت ڇو پھتا (صحافي) آئوٽ آف ڪورس سوال آھي: عاصم
احتساب عدالت جو جج نھ ھجڻ ڪري ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي
ڪراچي (رپورٽر) پيپيلزپارٽي اڳواڻ داڪٽر عاصم حسين کي 17 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .پيشي وقت صهافي ڊاڪٽر عاصم کان سوال ڪيو اوهان کي ڇا ٿو لڳي ته پ پ کي انتقامي ڪارروائي جو نسانو بڻايو پيو وڃي جنهن تي ڊاڪٽر عاصم جواب ڏنو ته في الحال ته کيس انتقامي ڪارروائي جو نسانو بڻايو پيو وڃي ، هنئير تائين سندس حوالي سان ڪجهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي تنهن جي باوجود سندس ٽرائل جاري آهي ، صهافي کيس وري سوال ڪيو ته آصف علي زرداري جي پيشي تي وڏي تعداد ۾ جيالا عدالت پهتا ان تي اوهان ڇا چوندا جنهن تي هن وراڻيو ته اهو سوال آئوٽ آف ڪورس آهي ، صحافين وري کيس سوال ڪيو ته اوهان جو ڇا خيال آهي ته آصف علي زرداري کي گرفتاري پيش ڪرڻ گهرجي جنهن تي سندس چوڻ هو ته اوهان پريشان نه ٿيو ، الله مالڪ آهي .جج جي نه هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي .
پ پ اڳواڻ بابل ڀيو سوڌو ٻين جوابدارن تي ڪرپشن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو
جوابدارن ڪرپشن توڙي غيرقانوني رقمن جي منتقلي وارو ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
ڪراچي جي احتساب عدالت 10 جنوري تي وڌيڪ شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت غيرقانوني رقمن جي منتقلي ۽ ڪرپشن ڪيس ۾ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي بابل ڀيو سوڌو ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ بابل ڀيو سوڌو ٻين جوابدارن خلاف بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقمن جي غيرقانوني منتقلي ۽ مبينا ڪرپشن وارن ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻيءَ دوران نيب اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته ريفرنس ۾ نامزد جوابدار پ پ اڳواڻ بابل ڀيو سوڌو ٻين جوابدارن 4 ڪروڙ 80 لک رُپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي ۽ بئنڪ اڪائونٽس ذريعي غيرقانوني رقمن جي منتقلي ڪئي وئي، جڏهن ته ريفرنس ۾ ڄاڻايل جوابدار مقصود ڀيو ۽ افضل ڀيو فرار آهن.
عدالت بابل ڀيو سوڌو ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن عدالت آڏو ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ڏهه جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ملير پوليس ڪارروائي ڪندي صحت لاءِ هاڃيڪار کاڄرو تيل تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، 3 جوابدار گرفتار
پوليس مختلف علائقن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار کاڄرو تيل سپلاءِ ڪندڙخلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو
ملير(رپورٽر)ملير ڪينٽ پوليس گشت دوران شھر جي مختلف علائقن ۾صحت لاءِ نقصانڪار ڪوڪنگ آئل جي سپلاء کي ناڪام بنائيندي3 جوابدارن سيجل , جبران ۽ محمد نعيم کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڪوڪنگ آئل جي ڊرم سان ڀريل سوزوڪي پڪ اپ هٿ ڪري ورتي.
ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت دورن هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو ذاتي دشمني ۾ قتل، پوليس 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو
پي آءَ بي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماجد نالي شخص قتل،واقعو ذاتي دشمني قرار
ڪراسنگ تي ڦر مزاحمت دوران فائرنگ ۾ قاسم قتل ٿي ويو، جوابدار فرار
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي مختلف ڪيسن ۾ گهربل 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي .ڪورنگي جي پي آءَ بي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنف ۾ ماجد نالي هڪ شخص قتل ٿي ويو .پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو .جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ تي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قاسم قتل ٿي ويو ،جوابدار واقعي بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .بهادرآباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڀتي خور کي گرفتار ڪري ورتو .ملير سٽي واري علائقي ۾ به پوليس ڪارروائي ڪنديهڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو آهي .ڀينس ڪالوني ۾پوليس گرفتار گٽڪي جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو .