اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي آيل سائره بانو وٽ 50 ايڪڙ، پي ٽي آءِ جي ايم اين اي نزهت پـٺاڻ وٽ 20 لک ماليت جي زرعي زمين آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر مهرين ڀٽو وٽ 15 ايڪڙ، مسرت رفيق مهيسر وٽ 10 ايڪڙ زمين آهي، سينيٽ جي چونڊيل ميمبر شيري رحمان پنهنجي ڀٽ شاھ ويجھو 3 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. سينيٽر سسئي پليجو وٽ 300 ايڪڙ زرعي زمين آهي. سينيٽر اسلام الدين شيخ وٽ 171 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن جي ڪل ماليت 4 ڪروڙ 86 لک 57 هزار 6 سئو 44 روپيا ڄاڻائي آهي. بدين سان واسطو رکندڙ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو وٽ 221 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي ماليت 45 لک روپيا ڄاڻائي وئي.. سينيٽر سيد مظفر حسين شاھ وٽ ڪل 478 ايڪڙ زمين آهي جنهن مان 252 ايڪڙ سندس نالي ۽ 216 ايڪڙ زرعي زمين سندس گھرواري جي نالي تي آهي، لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ايم اين اي حزب الله ٻگھيي 303 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي جنهن جي ڪل قيمت ناهي ڄاڻائي وئي. نوشهري فيروز مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر غلام مرتضي خان جتوئي پنهنجي، گهرواري ۽ اولاد نالي ڪل زمين 675 ايڪڙ زمين ۽ ان جي ڪل پراڻي ماليت 81 لک 56 هزار ڄاڻائي آهي. خيرپور مان چونڊيل اڳوڻي ايم اين اي نواب وساڻ وٽ 15 ايڪڙ زمين آهي ۽ اڳوڻي ايم اين اي پير صدرالدين شاھ 358 ايڪڙ زمين ۽ اڳوڻي ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاھ 201 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. بدين مان چونڊيل اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبرڪمال چانگ وٽ 930 ايڪڙ زمين آهي جنهن جي هن 20 ڪروڙ 90 هزار روپيا ماليت ڄاڻائي آهي، مهر برادريءَ جي سردار اڳوڻي ايم پي اي سردار محمد بخش خان مهر وٽ ڪل زرعي زمين 153 ايڪڙ آهي جنهن جي ڪل قيمت 3 ڪروڙ 2 لک 40 هزار روپيا ڄاڻائي وئي آهي. صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر غلام مجتبي اسراڻ 152 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي جنهن جي هن قيمت ناهي ڄاڻائي. اڳوڻي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ پنهنجي 485 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي. سانگھڙ مان چونڊيل اڳوڻي ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي پنهنجي ۽ اولاد نالي 204 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام الرحيم 181 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي، اسلام آباد: سنڌ جي گھوٽڪي ضلعي ۾ وڏي ۾ وڏا آبادگار تصور ٿيندڙ سردار محمد بخش خان مهر، علي محمد خان مهر، علي نواز خان مهر جي پنهنجن نالن تي ظاهر ڪيل زرعي زمين تحت انهن مهر سردارن کان ذاتي نالي تي خالد لنڊ وٽ وڌيڪ زرعي زمين آهي. ان حساب سان گھوٽڪي ضلعي ۾ ذاتي نالي تي وڌ ۾ وڌ زمين رکندڙ خالد لنڊ آهي. جڏهن ته نوشهري فيروز ۾ مرتضي خان جتوئي پاران ظاهر ڪيل زرعي زمين کان وڌيڪ نوشهري فيروز سيد مراد علي شاھ وٽ وڌيڪ زمين آهي. اهڙي ريت خيرپور ضلعي ۾ ڪيتين جا مالڪ تصور ٿيندڙ نعيم کرل، راشد شاھ، صدر الدين شاھ جي نالي ظاهر ڪيل زمين کان منظور وساڻ وٽ وڌيڪ زرعي زمين آهي.
سائره بانو 50، نزهت پٺاڻ 20 ۽ مهرين ڀٽو 15 ايڪڙن جون مالڪياڻيون
سسئي پليجو 300، اسلام شيخ 171، سڪندر منڌرو 221 ايڪڙن جو زميندار
شيري رحمان ڀٽ شاهه ۾ 3 ايڪڙ زمين جي مالڪياڻي
ٺل جي فضيلا سرڪي جي بازيابي خواب، والدين جو 10 سالن کان احتجاج، پوليس جا وڏا آفيسر به ناڪام
ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر جاچ ڪري چڪا، اڳڀرائي نه ٿي، والدين اڃا منتظر
نياڻي جي واپسي ۾ سردار رنڊڪ آهن، کين گرفتار ڪرڻ سان ملي ويندي: والدين

ٺل(رپورٽ: مير ڀٽي) ٺل ويجهو ڳڙهي حسن مان اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي جي اغوا کي 11 سال گذرڻ وارا هجڻ باوجود فضيلا سرڪي جي بازيابي هڪ خواب بڻجي ويئي آهي فضيلا سرڪي جي وارثن 10 سالن کان وڌيڪ عرصو هن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو انهي ڪيس جي جاچ سٺي ساک رکندڙ پوليس عملدار ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي، اي ڊي خواجا سميت ٻين ڪئي ڪيترائي ڀيرا مختلف علائقن ۾ هن جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيا ويا فريادي پاران ڌاڙيل ٻڍي سرڪي سميت ٻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو سپريم ڪورٽ انهي ڪيس جي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڪيس هلايو پوليس عملدار کي گهرائي فضيلا کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر پوءِ به فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي جي موجود هجڻ تي گهوٽڪي ۾ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ ٻار سميت ٽي ڄڻا پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويا پر پوءِ به فضيلا بازياب نه ٿي سگهي شڪار پور شهر ۾ به فضيلا جي ڏس تي ڪاروائي ڪري هڪ ناري کي هٿ ڪيو ويو پر هن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويئي جيڪا هن جي والدين سان نه ملي سگهي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن کان ڀنگ به ورتو ويو پر پوءِ به بازيابن نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي وارثن خاص ڪري هن جي والده سڪينا سنڌ جي وڏن وزيرن جي گاڏين کي روڪي هنن آڏو احتجاج ڪيو احتجاج ڪرڻ تي علائقي جي بااثر ماڻهن فضيلا سرڪي جي وارثن کي ڌمڪايو ۽ ان جي زمين غير آباد ڪرائي ڇڏي هن جي دوڪان کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو، فضيلا سرڪي جي والدين عبدالرزاق سرڪي ۽ سڪينا سرڪي ٻڌايو ته اسان جا قبائلي سردار فضيلا جي بازيابي ۾رڪاوٽ آهن هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي اسان واضع ڪيو هو ته فضيلا ڪيس ۾ گهربل جوابدار قادر بخش سرڪي، ڪريم بخش سرڪي، يعقوب تيغاڻي ۽ ٻين جي سرپرستي قبائلي سردار ڪري رهيا آهن ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جون ضمانتون جنهن ڪرايون انهن کي گرفتار ڪيو ته فضيلا بازياب ٿي ويندي پر هر ڀيري فضيلا سياسي مصلحت جو شڪار ٿي ٿي وڃي ۽ اسان رڙندا رهون ٿا، ٺل: فضيلا جي سرڪي جي بازيابي لاءِ پوري ضلعي جيدڪب آباد جا شهر هڪ ڏينهن لاءِ احتجاج طور بند ڪيا ويا فضيلا سرڪي جي والده قومي اڳواڻن ۽ قوم پرست اڳواڻن وٽ وڃي دانهيو پر هنن به صرف آسرن کان علاوه ڪجهه نه ڪيو.
سوئيڊن ۾ برف سان ٺهيل هوٽل عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو
اسٽاڪ هوم (دلچسپ نيوز) سوئيڊن ۾ مڪمل طور برف سان ٺهيل هوٽل عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو. لڳاتار 28هين سال کلندڙ سوئيڊن آئس هوٽل دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون برفاني هوٽل آهي. جنهن کي هر سال نومبر جي مهيني ۾ ڊيزائن ڪرڻ شروع ڪيو ويندو آهي، جيڪو 8 هفتن ۾ مڪمل ٿيندو آهي. ان هوٽل ۾ 65 ڪمرا آهن.
، جتي ڪرسيون، بسترا، دروازا، ڀتيون ۽ ٿانوَ به برف سان ئي تيار ڪيا ويندا آهن. هن سال ان هوٽل ۾ ڪمري جي ڊيزائننگ ۽ آرٽ سوئيٽس جي تياري لاءِ سڄي دنيا مان 42 فنڪارن کي چونڊيو ويو، جڏهن ته لڳ ڀڳ 100 ماڻهن ان هوٽل جي اڏاوتي ڪم ۾ حصو ورتو.
چيني سائنسدانن ٽرامي مان سون ٺاهي ورتو
بيجنگ (ٽيڪ نيوز) چين ۾ سسٽي ٽرامي مان سون ٺاهي ورتو. چيني سائنسدانن جي هڪ ٽيم سسٽي ٽرامي کي هڪ اهڙي شڪل م تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو بلڪل سون وانگر لڳي ٿو. جرنل سائنس ايڊوانسز ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو ته ان دريافت مان مهانگي ۽ ناياب ڌاتن جو ڪارخانن ۾ استعمال نمايان حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ڊاليان انسٽيٽيوٽ آف ڪيميڪل فزڪس جي سائنسدانن اها ڪاميابي حاصل ڪئي. انهن ٽرامي کي گرم ۽ برقي طور چارج آراگون گيس ۾ رکيو ته ٽرامي جي سطه تي واري جو هڪ سنهو تهه ٺهي ويو.
ايپل ڪمپني جو ڀارت ۾ يونٽ کولڻ جو فيصلو
نيويارڪ (ٽيڪ نيوز) آمريڪي موبائل ڪمپني ايپل آمريڪا ۽ چين ۾ وڌندڙ واپاري جنگ کي نظر ۾ رکندي هڪ يونٽ ڀارت ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ويجهي مستقبل ۾ آءِ فون جي تياري ڀارت ۾ شروع ڪئي ويندي. آءِ فون ڪمپني ايپل تائيوان جي هڪ يونٽ کان اڳ آزمائشي بنيادن تي آءِ فون جي تياري شروع ڪرائي رهي آهي.
، پر هاڻي ويجهي مستقل ۾ ڪمپني باقاعده طور پنهنجو يونٽ ڀارت ۾ لڳائڻ جو ارادو رکي ٿي. ڀارتي ڪميونيڪشين ڪمپنين آءِ فون پيرنٽ ڪمپني ايپل جي ڀارت آمد جي فيصلي کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي.
ڪينسر جا گِهرڙا وڏا ڏيکارڻ وارو ڪمپيوٽر نظام تيار
ڪيمبرج (ٽيڪ نيوز) سائنسدانن ڪمپيوٽر ورچوئل ريئلٽي نظام ذريعي ڪينسر جي گِهرڙا ڪيترائي ميٽر وڏا ڏيکارڻ وارو ٿِري ڊي ماڊل تيار ڪري ورتو. ان ماڊل ذريعي ڪينسر جي مرض جي سڃاڻپ ۽ تحقيق جي ڪم ۾ پڻ مدد ملندي. ماهرن موجب اهو ماڊل ٺاهڻ جو مقصد خطرناڪ ڪينسر جي واردات واري طريقي کي سمجهڻ آهي ۽ ان جي علاج جا ممڪن رستا ڳولڻا آهن. ان منصوبي ۾ عالمي ماهرن سهڪار پڻ ڪندي ان کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ ترتيبوار ڪم ڪيو.
بولٽ سريلنڪن بيٽنگ جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، 15 منٽن ۾ 6 وڪيٽون، نيوزيلينڊ جي پوزيشن مضبوط
ڪرائيسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ بولٽ هٿان تباهي جو شڪار ٿي وئي. ميچ جي ٻي ڏينهن سريلنڪا 4 وڪيٽن تان 88 رنسن تان اننگز شروع ڪئي پر ٽرينٽ بولٽ تباهي ڪندڙ بالنگ ڪندي سريلنڪن بيٽسمينن کي هڪ منٽ به ڪريز تي بيهڻ نه ڏنو ۽ هڪٻئي پٺيان سريلنڪا جا بيٽسمين آئوٽ ٿيندا ويا. سريلنڪا 94 رنسن تي 4 وڪيٽن تان 104 رنسن تي ڍير ٿي وئي. آخري ڇهه وڪيٽون ٽرينٽ بولٽ جي هٿ آيون، جڏهن ته ٽم سائوٿي اڳ ئي 3 شڪار ڪيا هئا. نيوزلينڊ پنهنجي ٻي اننگز پراعتماد طريقي سان شروع ڪئي ۽ ڏينهن جي پڄاڻي تائين 231 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃايون، جڏهن ته نيوزلينڊ سريلنڪا مٿان 305 رنسن جي برتري حاصل ڪري ميچ کٽڻ جا امڪان چٽا ڪري ڇڏيا آهن. نيوزيلينڊ طرفان ليٿن 74 رنسن تي ناٽ آئوٽ، وليمسن 48 ۽ جيت راول 74 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.
سرفراز ٻنهي اننگز ۾ ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ ٽيون پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر ڪپتان بڻجي ويو
سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد سنچورين ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي راشد لطيف ۽ امتياز احمد بعد ٻنهي اننگز ۾ ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ ٽيون پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر ڪپتان بڻيو. ڪالهه سنچورين ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ ڪپتان سرفراز احمد پهريون ڀيرو ٻڙي تي آئوٽ ٿيو.
سرحد شهر سهولتن کان وانجھيل، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ، روڊ رستا تباهه
سرحد (رپورٽ عبدالحئي ساوند) گهوٽڪي ضلع جو تاريخي شھر سوالک آبادي رکندڙ سرحد انتظاميا جي نااهلي ۽ عدم دلچسپي سبب کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سرحد ۾ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آھي ۽ بجلي به سدائين گم رهڻ لڳي آھي، شھر جا مين روڊ به ڪيترائي سال مرمت نه ٿيڻ سبب تباه ٿي ويا آھن جڏھن ته مين بازار، محمدشاه روڊ، اسٽيشن روڊ، ملڪ محله، چنه محله، ٿاڻو چوڪ، جي ٽي روڊ، سميت مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍيرلڳل آھن مختلف علائقن ۾ نالين جو گندو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب رهواسي سخت پريشان آھن، نالين جو گندو پاڻي روڊن تي بيهجي وڃڻ سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙا ۽ نمازين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي، سرحد جي شھرين کي مسئلن جي حل لاء ڪنهن مسيحا جو انتظار آھي ته هو اچي سرحد جا بنيادي مسئلا حل ڪرائي، هوڏانهن سرحد جي نالي تي ڪم ڪندڙ تنظيمن شھر جي ڀلائي يا بنيادي مسئلن جي حل لاء ڪو به قدم ناهي کنيو، ڄاڻايل تنظيمون صرف پنهنجن مفادن لاء شھرن کي گڏ ڪري شھر جو نالو استعمال ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيون آھن پر انهن تنظيمن مان ڪنهن به هڪ تنظيم شھر جي مسئلن جي حل لاء ڪو به قدم ناهي کنيو شھرين به سرحد جي نالي تي ڪم ڪندڙ تنظيمن کان بيزاري جو اظهار ڪيو آھي، گذريل 9 مهينن کان سرحد جي صفائي عملي جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ سبب صفائي عملي جي ملازمن به صفائي وارو ڪم بند ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب شھر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي، گندگي سبب ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آھي.
ٺڪراٺو جي مختلف واهن ۾ 20 ڏينهن کان پاڻي نه پهتو، هزارين ايڪڙ فصل تباهه
ٺڪراٺو (رپورٽ: ممتازعلي مهر) ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي مختلف واهن ۾ 20 ڏينهن کان پاڻي نه پهتو آهي، جنهن سبب هزارين ايڪڙ فصل تباهه ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ بمبلي مائينر، لٺ مائينر ۽ مبارڪپور مائينر ۾ ويهن ڏينهن کان پاڻي بند هجڻ سبب آبادگار پريشان آهن. انهن جو هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جو فصل اڃ تي بيٺل آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي ڪڻڪ ۽ ڄانڀي جو فصل پوکجي نه سگهيو آهي، هيٺانهن علائقن ۾ رات ڏينهن بيڪا مشين زريعي آبادگار فصل ڀرائڻ ۾ مصروف آهن، جنهن تي هزارين روپيا ڊيزل خرچ ڪري چڪا آهن. ورياسي علائقن ۾ جرجوپاڻي کارو هجڻ ڪري آبادگار فصل پوکي نه سگهيا آهن. پهرئين پاڻي تي ڪاهيل فصل به سڪڻ لڳا آهن. آبادگارن فقير گهنور مڱريو اعجازمهر ۽ ٻين جو چوڻ ھو ت ڪڻڪ جي سيزن ۾ پاڻي صرف هڪ هفتو آيو هو جنهن تي فصل پوکيو سين ۽ پاڻي جي آسري تي هزارين روپين جاڊيزل ساڙي ڪڻڪ جوفصل پوکيو سين پر هاڻي پوکيل فصل لاء پاڻي ناهين هنن چيو بمبلي مائينر لٺ مائينر ۽ مبارڪپور مائينر جو ڪو ڌڻي سائين ناهي تنهن ڪري جڏھن مرضي پوين ٿي بندڪري ٿاڇڏين باقي پني عاقل جي سمورن واهن ۾ پاڻي هلي پيو هنن چيو هيٺانهي وارن علائقن ۾ ته ماڻھون ٽوٽاٽڪر بيڪامشين ذريعي ڀرائين پر مٿانهين ورياسي ٿر جي علائقن ۾ چوپائي مال پيارڻ لاء پاڻي ناهي هن موسم جوٺڪراٺي جي مٿاهن ورياسن علائقن ۾ سوين ايڪڙن تي طور ڄانڀي جوفصل پوکيو ويندو آھي جيڪو اڃا پوکجي ناهي سگهيو ۽ مال جي چاري لا گاه ناهن پوکجي سگهيا آبادگارن آبپاشي جي اعلاعملدارن کان مطالبوڪيو ته بمبلي مائينر لٺ مائينر ۽ مبارڪپور مائينر جي آبادگارن کي پاڻي ڏئي سندن فاقاڪشي کان بچايو وڃي.
نبي سر ۾ رولو ڪتن جو آزار، مهم شروع نه ٿي
نبي سرروڊ(ن پ ا) نبي سر ۾ رولو ڪتن جو آزار برقرار آهي، انتظاميا پاران ڪتا مار مهم شروع نه ڪرڻ سبب رهواسين ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي. رهواسين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته رولو ڪتن هڪ هفتي اندر ٻڪرين جا ڪيترائي ڦر ماري ڇڏيا آهن، ڊپ آهي ته ڪٿي ٻارڙن کي به زخمي نه ڪري وجهن.
ميرپورخاص پريس ڪلب جي چونڊن ۾ نيئن باڊي بنا مقابلي ڪامياب
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پريس ڪلب جي چونڊ جي حوالي سان جنرل باڊي جو اجلاس راشد سليم جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ آفتاب قادري، ابوبڪر رند، عاطف بلوچ، عزيز خان، سليم آزاد، سيد محمدخالد، محمد صالح اوٺو، شاهد ڪيهر، واحد پهلواني، شاهد خاصخيلي، صديق ساگر، شيرمحمد ملڪاڻي، نجيب سانڀري، شوڪت پنهور ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ گذريل ڪاروائي ۽ سال 2018 جي خرچن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ موجوده باڊي جو مُدو پورو ٿيڻ تي پريس ڪلب جي نئين باڊي جي چونڊ جي حوالي سان مشورو وٺڻ تي سينئر صحافين پاران صدارت لاءِ راشد سليم، نائب صدر شوڪت پنهور، جنرل سيڪريٽري آفتاب قادري، خزانچي ابوبڪررند جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ عزيز خان جا نالا تجويز ڪيا ويا ۽ چونڊ لاءِ خواهشمند اُميدوارن جي کي پئنل پيش ڪرڻ جو چيو ويو ڪوبه پئنل يا اُميدوار سامهون نه اچڻ تي اجلاس ۾ اڪثريت راءِ سان تجويز ڪيل نالن کي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
رڳو يوسي تونگ جي 20 ڳوٺن مان لڏپلاڻ، 18 هزار متاثر
ڄامشورو: ڪوهستان ۾ پيدا ٿيل ڪاري ڏڪار بابت تونگ يونين ڪائونسل جي وائيس چيئرمين زمان گبول، ڪائونسلر رحيم سهتاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برسات نه پوڻ ڪري ڪوهستان جي ماڻهن جو گذر سفر متاثر ٿيو آھي اسان جو چوپايو مال تي گذر آھي اسان جي يوسي جا 20 ڳوٺ آھن جتان لڏپلاڻ گهڻي ٿي آھي ڇاڪاڻ ته ڪافي سالن کان برساتون نه پيون آهن. تنهنڪري گاھ ئي ناهي ٿيو ۽ چوپايو مال بک مري رهيو هو.ڪيترا خاندان مال ڪاهي ويا ڪجھ وري ٿاڻي بولاخان جي آس پاس ۽ دروات ڊيم جو پاسو وٺي وڃي ويٺا آھن، هنن چيو ته ڊي سي ڄامشورو ۽ اي سي بولاخان اسان جي مٿان سروي جي ذميواري اسان کي ڏني جنهن کانپوءِ سروي ڪئي وئي جنهن مان خبر پئي ته صرف تونگ يوسي ۾ 18هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ۽ 80 هزار کان وڌيڪ جانور چارو نه ملڻ ڪري متاثر ٿيا پر انتظاميه اسانجي سروي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. هنن چيو ته هر خاندان کي ٽن مرحلن ۾ ڪڻڪ ڏيڻ جو آسرو ڏنو ويو مطلب تي هر مهيني ڪڻڪ جو ڪٽو ملندو پر هڪڙو دفعو ڏئي ٻن مهينن کان ڪڻڪ ڏيڻ ئي بند ڪري ڇڏي.
لڏپلاڻ باوجود اڃا 4 لک جانور ڪوهستان ۾ موجود آهن: لائيو اسٽاڪ کاتو
ڄامشورو: لائيو اسٽاڪ ٿاڻي بولاخان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڏڪار سبب سڄو ڪوهستان متاثر آھي، پنجاھ سيڪڙو چوپايو مال ڪوهستان مان نڪري چڪو آھي لڏپلاڻ صرف ڪوهستان واسي مال جو چارو ختم ٿيڻ ڪري ڪندا آھن ڪوهستان ۾ سرڪاري انگ اکرن ۾ ساڍا اٺ لک جانور آھن جنهن مان اڌ اڃا ڪوهستان ۾ موجود آھن. جانورن کي بيمارين جي بچاءَ جي ويڪسيئن ٿئي پئي باقي مال لاء چار ملي ناهي سگهيو، چارو ملندو ته ڏينداسين . هن چيو ته هڪ لک 12 هزار جانورن کي ويڪسين ڪئي آھي. هن محل سياري سبب جانورن ۾ کنگھ، زڪام، تيڪ، ارڙي، ڦڦڙي، بليڪ واٽر، گل گهوٽو واريون بيماريون عام جام آهن ان جي ويڪسيئن ٿي رهي آھي.
ڪوهستان مان ايتري لڏپلاڻ ناهي ٿي: ڊي سي جي دعويٰ
ڄامشورو: ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪوهستان مان ايتري لڏپلاڻ ناهي ٿي برساتون نه پوڻ ڪري ڏڪار پيدا ٿيو آھي پر اڪثر علائقن ۾ سولر ٽيوب ويل لڳل آھن اسان دراوت ڊيم مان ست ڳوٺن لاء واٽر سپلا جي اسڪيم لاء پي سي ون تيار ڪئي آھي ان کان علاو ڪوهستان جي ڏڪار سبب متاثر ڳوٺن ۾ سولر ٽيوب ويل لڳرائڻ لاء سنڌ سرڪار کي لکيو آھي، هن چيو ته 29 هزار ماڻهن کي ڪڻڪ ڏينداسين في الحال 10 هزار ماڻهن کي ڏني آھي.