fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

مٺي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري، شهري روڊن تي نڪري آيا

انتظاميا بيوس، ٻن واپاري ڀائرن کي ماءُ جون آخري رسمون ڪرڻ جيتري مهلت نه ڏني!

جڳديش ملاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، انتظاميا سان چڪريون، عملدار مشنري ڇڏي ڀڄي ويا

مٺي(ن پ ا) مٺي جي مهيشوري محلي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميا حددخليون ختم ڪرڻ جي اوٽ ۾ مسڪينن جا اجها ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. مهيشوري محلي ۾ واپاري ڀائرن لجپت سکاڻي ۽ هوتچند سکاڻي جي گهر جون ديوارون ڊاهڻ ڊاهڻ لاءِ انتظاميا مشينري ڪاهي پهتي ته ٻنهي ڀائرن ماءُ جون آخري رسمون ادا ڪرڻ تائين گهر جون ڀتيون نه ڊاهڻ جي گهر ڪئي، پر عملدارن سندن هڪ نه ٻڌي ۽ سندن گهر جون ڀتيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جنهن تان شهرين تاءُ ۾ اچي احتجاج ڪيو. شهرين جي احتجاج سبب عملدار مشينري ڇڏي ٻڄي ويا. متاثرن مطالبو ڪيو ته آپريشن جي آڙ ۾ انسانيت جي تذليل ڪئي وئي آهي، نوٽيس ورتو وڃي.

تنگواڻي لڳ ڀت ڪرڻ سبب 4 ٻارڙا دٻجي زخمي

تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ صحبت باجڪاڻي ۾ نصير محمد باجڪاڻي جي گهر جي ڀت ڪري پئي. جنهن جي نتيجي ۾ 8 سالن جي شاهدان ، 6 سالن جي ممتازان ، 10 سالن جو سرمد باجڪاڻي ۽ عمران علي لاشاري دٻجي زخمي ٿي پيا. مقامي ماڻهن ٻارڙن کي ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٻن ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو.

بڪيرا شريف واسي تي ڀائٽي سان بدفعلي ڪرڻ جو الزام، امڙ جو احتجاج

ٽنڊوالھيار(رپورٽر)بڪيراشريف شھر جي ملاح پاڙي ۾ چنيسر سيال نالي شخص مٿان پنھنجي ڀائٽي کي گھر ۾ بند ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جو الزام هنيو ويو آهي، نينگر جي ماءُ مسمات شارو سيال ميڊيا سان ڳالھائيندي لڙڪ لاڙي زارو قطار روئيندي ٻڌايو ته پنھنجي پٽ کي جوابدار چنيسر سخت مارڪٽ ڪري جنسي حوس جو نشانو بنايو،جنھن جي دانهن بڪيراشريف پوليس کي ڏني،جن جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ سول اسپتال جوميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏئي ٽاري ڇڏيو،ھن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته مون سان انصاف ڪري جوابدار چنيسر کي گرفتار ڪيو وڃي.

ٽنڊو آدم ويجھو رڪشا ڪلٽي، ٻارڙي فوت، 7 ڄڻا زخمي

ٽنڊوآدم ( ن پ ا ) ٽنڊوآدم لڳ چنگچي رڪشه ڪلٽي 8 سالا ٻارڙي فوت ،5 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي اسپتال داخل رپوٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ احمد ٻرڙا ويجهو تيز رفتار چنگچي رڪشا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ باگڙي خاندان جي 8 سالا ٻارڙي ديوي ڀارتي ڌيءَ ڪنيها ٿڏي تي فوت ٿي ويئي جڏهن ته 5 عورتون لڇمي زال لڇمڻ، لونگي زال ڀڳوان ، جوڳي ڌيءَ لڇمڻ ، سعيده ڌيءَ لڇمڻ، جيوڻي زال ڀيرو سميت ڪرشن ۽ ڀيرو زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ٽنڊوآدم سٽي ۽ بي سيڪشن پوليس حادثي کان بي خبر رهيا ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار باگڙي خاندان شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ شهدادپور وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو

سجاول جوڻيجي ويجھو زمين جي مالڪي تان جھيڙو، چار ڄڻا زخمي

سجاول جوڻيجو ( ن پ ا) سجاول جوڻيجو لڳ عرضي ڀٽو ۾ اڍائي جريب زمين جي معاملي تان ڀٽا ڌر جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ سروٽا ۽ لٺيون لڳڻ سبب حاجي مير داد ڀٽو جي ڌر جا ٻه ڄڻا فھد حسين ۽ وسيم ڀٽو زخمي ٿي پيا جڏھن تـ قربان ڀٽو جي ڌر جا شوڪت علي ۽ برڪت ڀٽو زخمي ٿي پيا سجاول جوڻيجو پوليس زخمين کي ليٽر ڏئي اسپتال ڏانھن نيو ويو ھوڏانھن پوليس ٻنھي ڌرين جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.

شڪارپور ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت،ٻيو زخمي

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ڀرسان سنڌ واھ لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار رستم واسي 40 سالن جو غلام محمد مهر عرف ڪوڙو مھر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو عبدالله مهر سخت زخمي ٿي پيو جن کي پوليس ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور پهچايو، جتي پوليس اهلڪارن ٻڌائيندي چيو ته ڪار سوار رستم ڏانهن ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولها ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هنن فوتي جي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، ٻئي پاسي آربي يو ٽي سول اسپتال انتظاميا خانپور جي حد ڄاڻائي فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ خانپور کڻي وڃڻ لاءِ چيو، جنھن بعد فوتي جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي سندس وارث روئيندا پٽيندا رستم کڻائي ويا،جڏهن ته زخمي نوجوان کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

شڪارپور ۾ مچ ڪچهري،سگهڙن ڏور،بيت ۽ ڳجهارتن ذريعي محفل مچائي ڇڏي

شڪارپور(ن پ ا) سماجي تنظيم دن پاران سياري جي سرد راتين ۾ مچ تي محبتن جا ميلا جاري، ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو ۾ ” سگهڙ ڪچهري” ۾ سگهڙن ڏور، بيتن ۽ ڳجهارتن ذريعي محفل کي مهو بڻائي ڇڏيو، سياري جي سرد راتين ۾ ” مچ ” تي محبتن سان ڀرپور سگهڙ ڪچهريون منعقد ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم دن سرگرم عمل آهي انهي سلسلي ۾ ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو ۾ ” مچ ” تي شاندار ” سگهڙ ڪچهري” منعقد ڪري محبتن سان ڀرپور ميلو مچايو ويو”سگهڙ ڪچهري” ۾ ناليوارن سگهڙن حاڪم ڪوري، علي محمد ڀيو، اعجاز ڪلهوڙو ۽ ٻين ڳجهارتون، ڏور ، بيت ۽ سينگار پيش ڪري محفل ۾ واه واه جي ڌوم مچائي ڇڏي، رات جو دير تائين مچ تي مچايل محفل کي سماجي تنظيم ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشنس نيٽ ورڪ (دن )جي چيف ايگزيڪيوٽو مجاهد ڀٽو، سماجي اڳواڻن، سلطان رند، حاڪم گل مهر ۽ دن جي پروگرام مئنيجر جميل ايوب مهر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين، درويشن ۽ ساڃاه وندن جي سرزمين آهي جتان محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ملندو رهيو آهي انهن چيو ته اڄ دنيا مذهبن، فرقن، قبيلائي توڙي نسلي نفرتن ۾ ورهائجي وئي آهي جنهن کي صوفين ۽ درويشن جي محبت ڀري نظريي سان ميڙي مٺ ڪري خدا جي ٺاهيل ڪائنات کي جنت نظير نڻائي سگهجي ٿو اڳواڻن زور ڀريو ته سنڌ جي روائتي مچ ڪچهرين ۽ سگهڙ ڪچهرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر آباد ڪجي ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڪچهريون محبتن کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون.

شيخ ڀرڪيو: ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، هڪ نوجوان فوت

شيخ ڀرڪيو ( ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ۾ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وڃڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو.
ٽنڊوالهيار چوڪ تي ٽرالر سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 18ورهين نور احمد ٿهيم چيپاٽجي فوت ٿي ويو.
حادثي بعد فوتي جو لاش اسپتال پهچايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو

سيپڪو آفيسرن جي شهدادڪوٽ ۾ کليل ڪچهري،ٻن مهينن اندر لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان

شھدادڪوٽ )رپورٽر )شھدادڪوٽ جي سيپڪو آفيس ۾ ايس اي سيپڪو لاڙڪاڻو،ڊي سي ايم،آر او سيپڪو لاڙڪاڻو جي کليل ڪچھري ۾ شھرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا،ان ڏس ۾ ايس اي سيپڪو لاڙڪاڻو محمد خان سوھو،ڊي سي ايم سيپڪو مختيار انصاري،آر او شاھمراد جتوئي شھدادڪوٽ جي سيپڪو آفيس ۾ کلي ڪچھري ڪئي،شھرين واڌو بلن ۽ بجلي جي ھٿراڌو لوڊ شيڊنگ سميت ٻين مسئلن تي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا،کليل ڪچھري دوران شھرين مير شاھنواز مگسي،حبدار ميرجت، قربان سومرو، ڪرم مگسي،مبين مستوئي سميت ٻين سيپڪو آفيسرن کي شڪايتون ڪندي چيو ته بجلي چوري ۾ لوڪل سيپڪو جا ملازم ملوث آھن رشوت نه ڏيڻ تي بجلي ڪاٽي ٽرانسفارمر لاھڻ سميت بيگناه ڊڊيڪشن بل لڳائي شھرين کان ڳرا بل وصول ڪيا وڃن ٿا جڏھن ته بجلي جي روزانو 12 کان 18 ڪلاڪ ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، ان موقعي تي ايس اي لاڙڪاڻو محمد خان سو ھو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اينٽي ٿيفٽ پروگرام تحت ڊويزن سميت شھدادڪوٽ ۾ بجلي جي چوري ۽ ڪنڊا ڪنيڪشن جي خاتمي ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ مختلف ھنڌن تي کليل ڪچھريون ڪري عوام سان ٿيندڙ زيادتين واڌو بلن جي شڪايتن ٻڌڻ ۽ عوام جي شڪايتون ختم ڪرڻ لاء کلي ڪچھري ڪري رهيا آھيون ايس اي محمد خان سوھو جو چوڻ ھو ته 3 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شھر شھدادڪوٽ ۾ 16 ھزار رجسٽرڊ ڪنيڪشن آھن، جنهن مان 6 ھزار پي ڊي ڪنيڪشن ٿيل آھن، سندن جو چوڻ ھو ته پي ڊي ٿيل ڪنيڪشنن ٻيھر کولي ھلايا ويندا ـ نون ڪنيڪشنن لاء شھداڪوٽ ۾ ھڪ ھزار ميٽر ڏنا ويا آھن عوام کي گھرجي ته بجلي چوري واري سوچ کي ختم ڪري نوان ميٽر لڳرائين، ٻن مھينن اندر بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو خاتمو آندو ويندو ان ۾ عوام کي ڀرپور سھڪار ڪرڻ گهر جي، بجلي چوري ۾ ملوث واپڊا عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي پڻ ڪئي ويندي؛ ان موقعي تي انجنيئر سيپڪو قمبر خليل احمد چانڊيو؛ ايس ڊي او نثاراحمد شيخ؛ ايملائيز يونين اڳواڻ علي محمد جتوئي ۽ ٻيا موجود ھئا

سامارو ۾ ماکي جي حملي ۾ عورتن سوڌو 13 ڄڻا زخمي

سامارو ( ن پ ا) سامارو ۾ وڏي ماکي جي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. درگاهه سيد بچل شاهه وٽ ويٺل ماکي رهواسين تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عزيزان، سوناري، فيروزان، ٽيڪم، رجب، پريم روھت، پيارو سوڌو 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جي آءِ ٽي مونکي گهرائڻ کانسواءِ ڏوهاري بڻائي ڇڏيو: مراد علي شاهه

سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ جمع ٿيڻ کان اڳ ليڪ ڪئي وئي

سنڌ بينڪ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي پر ان تي منهنجو اثر ناهي

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جي آءِ ٽي مونکي گهرائڻ کانسواءِ ئي ڏوهاري بڻائي ڇڏيو، جي آءِ ٽي 700 ماڻهن کي گهرايو پر نه مونکي گهرايو نه پارٽي قيادت جو موقف ٻڌو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ جمع ٿيڻ کان اڳ ئي ليڪ ٿي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مڃون ٿا ته سنڌ بينڪ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي پر ان تي منهنجو اثر ناهي، آئون بينڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو حصو نه آهيان، ڪابه سياسي شخصيت بينڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽر ۾ شامل نه هوندي آهي.

مسو ڀرڳڙي ۾ منشيات فروشن جو گهيرو تنگ، 2 گرفتار، ڪيس داخل

مسوڀرڳڙي:(ن پ ا) مسو ڀرڳڙي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو حيدر ۾ پوليس ڪارروائي دوران آصف قريشي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 5 لٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو. هوڏانهن چيڪنگ دوران اسماعيل عرف مٺو ميمڻ کي گرفتار ڪري منشيات واريون سوپاريون هٿ ڪيو ويو. پوليس ٻنهي ڄڻن تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي:آصف شاھ جيلاني

جمال شاھ (ن پ ا)پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ايندڙ ڪجه ڏينهن ۾ پيپلزپارٽي جا اهم اڳواڻ گرفتار ٿيندا،اهڙن خيالن جو اظهار فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ پير آف جمال شاه سيد آصف علي شاه جيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت صرف پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پوري آهي جڏهن ته سنڌ واسين جي کيس ڪابه پرواه ناهي هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جا اهم اڳواڻ ڪرپشن جي الزام ۾ تمام جلد گرفتار ٿيندا هن چيو ته قاضي احمد تعلقي جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر بهادر ڏاهري ۽ ضلعي شهيد بينظير آباد جي ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاه تي پڻ ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيندا جڏهن ته سنڌ ۾ جي ڊي اي جي حڪومت ٺهندي ۽ ايندڙ اليڪشن پ پ جو ڪوبه اميدوار اليڪشن ۾ حصو نه وٺندو .

ڳيريلي ۾ ٻارن جي ڳالهه تي وڏا وڙهي پيا،عورت ۽ مرد زخمي

ڳيريلو (ن پا) ڳيريلي ڀرسان ڳوٺ عمر ڀيو ۾ معمولي ڳالهه تان ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺين لڳڻ سبب هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، پيرائتي خبر موجب ڳيريلي ڀرسان ڳوٺ عمر ڀيو ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين لڳڻ ڪري مسمات ڪريمت خاتون ۽ سليم ابڙو سخت زخمي ٿي پيا، ڳيريلو پوليس زخمين کي طبي امداد لاءِ ليٽر ڏيئي تعلقي اسپتال ڏوڪري روانو ڪري فياض محبت مقصود ارشاد ابڙو خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آهي.

زرداري جي سياست بلاول جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي:صفدر عباسي ۽ ناھيد خان

صفدر عباسي ۽ ناھيد خان شھيد راڻي جي مزار تي دعا گھرندي

نئون ديرو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي ناهيد خان ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي ڪارڪنن جي وڏي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن جذباتي انداز ۾ “زندهه هي بي بي زندهه هي”، “تيري قاتل زندهه هين – بي بي هم شرمنده هين”. مزار تي حاضري کانپوءِ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي شهيد بي بي جي جمهوري جدوجهد کي ياد ڪرڻ گهرجي ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪا کيس سياسي سوچ ڏني ان تي 30 سالن تائين ثابت قدم رهي. زندگيءَ کي خطرو هئڻ باوجود هڪ ڏينهن لاءِ به پوئتي نه هٽي. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي سياست بلاول ڀٽو زرداريءَ جي مستقبل کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي دعا آهي ته ان جي راهن ۾ جيڪي به پٿر آهن انهن کان بچي اڳتي قدم وڌائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ناهيد خان چيو ته شهيد بي بي اسان جي ليڊر، استاد ۽ سڀ ڪجهه هئي جيڪا اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي. پر جيڪا ان جي سوچ ۽ فلسفو هو اهو اڄ به زندهه آهي. اڄ جهڙيءَ طرح غربت وڌي رهي آهي ۽ سياسي فضا آلوده ٿيندي پئي وڃي ۽ جهڙيءَ طرح ڌرتي سياستدانن لاءِ تنگ ٿيندي پئي وڃي، مان سمجهان ٿي ته اڄ هن دور ۾ شهيد محترمه جهڙي ليڊر جي ملڪ کي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته هن ملڪ کي اڄ نيشنل ليڊر جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ۽ جيڪي به ليڊر هن وقت آهن اهي فقط پنهنجي تڪن يا علائقن جا ليڊر نظر اچن ٿا چئني صوبن جي زنجير واري علامت ڪنهن ۾ به نظر نٿي اچي. جيڪا به ملڪ ۾ جمهوريت آهي اها شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري ئي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو گهڻو وقت اڳ ۾ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي تنقيد ڪئي وئي ۽ اڄ آمريڪا جي چوڻ تي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.