fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

عابدي جي قتل کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ۾ رابطا

فيصل سبزواري ڊاڪٽر فاروق ستار سان رابطو ڪري ملاقات لاءِ وقت گھريو

ملاقات جو مقصد صورتحال تي فاروق ستار سان ڳالهيون ڪرڻ آهي: سبزواري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي جي قتل بعد متحده جي ڌڙن پاڻ ۾ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. تفصيل موجب فيصل سبزواري ڊاڪٽر فاروق ستار سان رابطا ڪيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار سان في الحال ملاقات جي لاءِ وقت گهريو آهي. فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته ملاقات جو مقصد موجوده صورتحال تي فاروق ستار سان ڳالهيون ڪرڻ آهي.  هن چيو ته فاروق ستار ملاقات جي راضپو ظاهر ڪيو، ملاقات ذاتي حيثيت ۾ ڪندس پارٽي طرفان ملاقات جي لاءِ ناهي چيو ويو.

عابدي جي وارثن ڪنهن تي به الزام ناهي هنيو: ايس ايس پي ڏکڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڏکڻ پوليس علي رضا عابدي جي گارڊ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي سائوٿ چيو ته علي رضا عابدي معمول کان هٽي ڪري آفيس کان گهر جلدي هليو ويو هو، واقعي جي حوالي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته علي رضا عابدي جي وارثن ڪنهن خاص قسم جو خدشو ظاهر نه ڪيو آهي، سندس وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڏکڻ چيو ته علي رضا عابدي تي فائرنگ دوران سندس گارڊ جوابي فائرنگ نه ڪئي، تنهن ڪري کيس حراست ۾ ورتو ويو آهي. اهو گارڊ ڏيڍ کان 2 مهينا اڳ علي رضا عابدي جي گهر ۾ سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.

وزير اعظم ڪابينا اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو. ميڊيا جي رپورٽن موجب وزيراعظم عمران خان طرفان طلب ڪيل وفاقي ڪابينا جو اجلاس ساڍي يارهين وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو جنهن لاءِ 13 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو ، نيپرا چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري ايجنڊا ۾ شامل آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ۾ صحت جي شعبي ۾ فلسطين سان معاهدي، وفاقي ڪابينا چيني مارڪيٽ ۾ بانڊن ۽ ايف آءِ اي لاءِ پنج ڪروڙ جي خاص گرانٽ جي منظور ڏني ويندي. وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا ۾ موبائيل ڪمپنين جي لائسنس جي تجديد، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وزارت لاءِ گرانٽ جي منظور شامل آهن ۽ اسٽيل مل لاءِ سپليمنٽري گرانٽ جي منظوري پڻ ڪابينا ايجنڊي ۾ شامل آهي.

نواز شريف جيل ۾ قران مجيد، ديني ۽ ادبي ڪتاب گهرائي ورتا

لاهور ( م ڊ ) ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڊاڪٽرن جي خاص ٽيم اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي چڪاس ڪئي ۽ سندس طبعيت کي بهتر قرار ڏنو. لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ سروسز اسپتال جي ڊاڪٽرن جي خاص ٽيم 45 منٽن تائين اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي چڪاس ڪئي. ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس صحت بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ بلڊ پريشر نارمل قرار ڏنو. اڳوڻي وزيراعظم کي رات دير سان گهران آندل دوائون پهچايون ويون، کيس نيري رنگ شلوار قميص پهريل هئي ۽ صبح سوير اخبارون جو مطالعو پڻ ڪيو جيل سپرٽنڊنٽ ۽ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ دوري دوران نواز شريف سان ملاقات ڪئي. جيل اختيارين طرفان خميس جو ڏينهن نواز شريف جي ملاقات لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، دوستن، مٽن مائيٽن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات جي فهرست اڳواٽ کي نواز شريف کي موڪلي وئي آهي، کيس جن سان ملڻو هوندو انهن نالن بابت اڳواٽ آگاهه ڪندو. ميان نواز شريف کي جيل ۾ 4470 قيدي نمبر ڏنو ويو آهي، نواز شريف جيستائين جيل ۾ رهندو اهو سندس سڃاڻپ جو نمبر هوندو.

شاهه محمود قريشي جي روسي هم منصب سان ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

ماسڪو ( انٽرنيشنل ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي روسي هم منصب سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 4 ملڪي دوري جي چوٿين مرحلي ۾ ماسڪو پهتو. جتي ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي وفد پرڏيهي وزير جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ماسڪو ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي ليوروف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، انکانسواءِ اڳواڻن افغانستان ۾ امن استحڪام جي جاري ڪوشش تي به خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي.

تنگواڻي ويجھو جھيڙو، نينگري سميت 3 ڄڻا زخمي

تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي جي ڊيرا سرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ سخي صوبدار نندواڻي ۾ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهہ تان جهيڙو پيو ، لٺيون لڳڻ ڪري صابر علي نندواڻي ، نظر محمد نندواڻي ۽ معصوم نينگري زرينہ زخمي ٿي پيا، پوليس پهچي زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو،صابر علي نندواڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيوويو ، ان موقعي تي ڳوٺاڻن نظر محمد نندواڻي ، غلام نبي نندواڻي ۽ ٻين ٻڌايو تہ اسان جي ڳوٺ تي ڏنو نندواڻي ۽ نادر نندواڻي سميت 10 ماڻهن حملو ڪيو جن اسان جي نوجوانن ۽ معصومن کي زخمي ڪيو ، بااثر ڌر ڳوٺ مان لڏائڻ چاهين ٿا، هنن ايس ايس پي ڪشمور حيدر رضا سميت وس وارن کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو .

اڪبر لغاري کي سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرمين جي اضافي ذميواري سونپي وئي

ڪراچي(پڌرائي) سنڌ سرڪار ثقافت واري سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري کي سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرمين جي اضافي چارج سونپي ڇڏي آهي.

سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي 22 سال ٿي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر(سنڌي جي قومي راڳي سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي 22 سال ٿي ويا،اڄ سندس 22 هين ورسي آهي،سنڌ جو قومي راڳي 27 ڊسمبر 1996 تي روڊ حادثي ۾ وڇڙي ويو هو،سندس ورسي جي موقعي تي کيس ڪنهن به ياد نه ڪيو

پهرين ميڪسيڪن عورت گورنر هوائي حادثي ۾ مڙس سوڌو فوت

پيوبلا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو جي رياست پيوبلا جي عورت گورنر هيليڪاپٽر هيٺ ڪرڻ سبب مڙس سميت فوت ٿي وئي.
رياست جي پهرين عورت گورنر ٿيڻ جو اعزاز ماڻيندڙ مارٿا ايريڪا الونسو ان حادثي کان صرف 10 ڏينهن اڳ 14 ڊسمبر تي گورنر مقرر ٿي هئي. سندس ڄمار 45 ورهيه هئي.
مارتا ۽ سندس ور رافيل مورينو ويلي روساس جو تعلق نيشنل ايڪشن پارٽي سان هو. رافيل مورينو ويلي به سال 2011 کان 2017 تائين رياست پيوبلا جو گورنر رهي چڪو آهي، هاڻي سينيٽر طور خدمتون نڀائي رهيو هو.
هوڏانهن ميڪسيڪن صدر حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هيليڪاپٽر اڏام جي 10 منٽن بعد ڪري تباهه ٿي ويو.

هاشم آملا اسان جي بيٽنگ لائين جو جبل آهي: فيف ڊيو پليسس

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان فيف ڊيوپليسس پنهنجي سينيئر ساٿي رانديگر هاشم آملا تي ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪندي چيو آهي ته آملا سندن بيٽنگ لائين جو جبل آهي. پاڪستان خلاف ٽيسٽ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيف ڊيو پليسس چيو ته هاشم آملا 3 نمبر تي بيٽنگ جو جبل آهي، جنهن هميشا رنسون اسڪور ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته آملا تي تنقيد درست ناهي، هو سينيئر رانديگر آهي، جلد فارم ۾ واپس اچي ويندو، گذريل سال رنسون اسڪور نه ڪري سگهيو هو پر نئين سيزن ۾ هو تازو توانو ٿي ميدان ۾ لهندو. ڏکڻ آفريڪي ڪپتان چيو ته پاڪستان جي بالنگ لائين خطرناڪ آهي، جنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي آهي.

گوجرانولا انٽر ڊسٽرڪٽ جوڊو چيمپئن شپ کٽي ورتي

گوجرانوالا (اسپورٽس ڊيسڪ) گوجرانوالا پنجاب انٽر ڊسٽرڪٽ جوڊو چيمپئن شپ کٽي ورتي.
سٽي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ٿيل جوڊو چيمپئن شپ ۾ پنجاب جي 18 ضلعن سان تعلق رکندڙ 150 رانديگرن حصو ورتو، جن ۾ مختلف وزن جي حساب سان مقابلا ٿيا. ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون به پنهنجا جوهر ڏيکارڻ ميدان ۾ لٿيون.
فائنل مقابلو سخت مقابلي بعد گوجرانولا کٽيو.
چيمپئن شپ جو انتظام ڪندڙن جو چوڻ هو ته جوڊو جاپاني ڪُشتي آهي، پاڪستان ۾ ان راند جو تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي.

آصف جي گرفتاري صورت ۾ صنم ڀٽو کي اڳتي آڻڻ جو فيصلو

صنم ڀٽو کي پارٽي اهم ذميواري سونپي ويندي، جي آءِ ٽي رپورٽ چيلنج ڪبي

سمورن ايم اين ايز ۽ ايم ايم پي ايز کي پنهنجن تڪن ۾ عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت
صنم ڀٽو

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو: نئين ديري هائوس ۾ بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جي صدارت هيٺ ۾ ٿيل پ پ جي سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آصف زرداري جي امڪاني گرفتاري جي صورت ۾ صنم ڀٽو کي سياسي ميدان ۾ اڳتي آندو ويندو، کيس پ پ ۾ اهم عهدو پڻ سونپيو ويندو. اجلاس جي مليل اندروني ڪهاڻي موجب گڏجاڻي ۾ شريڪ مختلف اڳواڻن زور ڀريو ته بلاول ڀٽو جي عوامي رابطا مهم ۾ صنم ڀٽو کي پڻ شامل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سمورن ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پارٽي جي ضلعن صدرن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي پنهنجن تڪن ۾ عوام کي متحرڪ ڪن. اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته پارٽي جي سينيئر وڪيلن جو پينل جي آءِ ٽي رپورٽ توڙي حڪمرانن پاران لڳندڙ الزامن کي عدالتن ۾ چيلنج ڪندو.

شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ ورسي، مک جلسي جون تياريون مڪمل،قافلن جي آمد شروع

بينظير ڀٽو

نئون ديرو (رپورٽر) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 11 ورهيه وهامي ويا. شهيد راڻيءَ کي ياد ڪري اڄ به هر اک آلي نظر آئي. شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو آھي جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويو آهي جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل آهن. جڏهن ته ٻاهران ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪئمپون تيار ڪيون ويون آهن. ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، شهيد راڻيءَ جو ٻه نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ نئون ديرو هائوس ۾ پهچي ويا آهن. ورسي تقريبن جي شروعات صبح جو 9 وڳي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خوانيءَ سان ڪئي ويندي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي ايندڙ ڪارڪن قرآن خواني ڪري پنهنجي شهيد قائدين کي لڙڪن، سڏڪن، ۽ دانهن سان ڀيٽا پيش ڪندا. قرآن خوانيءَ بعد لنگر تقسيم ڪيو ويندو. جڏهن ته 1 وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ پاران مشاعري جي محفل ٿيندي جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. بعد شام جو ساڍي ٽين وڳي جلسي عام ٿيندو جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اعتزاز احسن، سيد خورشيد شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو سميت پيپلز پارٽيءَ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا. ھوڏانھن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪن ۽ جيالا قافلن جي صورت ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچڻ شروع ٿي ويا آهن. مزار تي پهچندڙ ڪارڪن جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، “بيبي ھم شرمنده ھين تيري قاتل زندھ ھين” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. ٻاهران ايندڙ ڪارڪن پنهنجي محبوب ليڊرن جي مزارن تي پهچڻ بعد جذباتي ٿي وڃن ٿا، مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. نئون ديرو هائوس توڙي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، ٽريفڪ، رينجرز، سي ٽي ڊي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو ڪمانڊو کي مقرر ڪيو ويو آهي. مزار جي گيٽ نمبر 8، 9 ۽ 10 تي 25 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته مزار اندر پڻ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جتي ايندڙ ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد کين مزار طرف ڇڏيو پيو وڃي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پارٽي جهنڊن، قائدين جي قدآور تصويرن ۽ بينر سان سينگاريو ويو آهي. ٻئي پاسي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي شيري رحمان، نويد قمر، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، اعجاز جکراڻي، صوبائي وزير ناصر شاهه، پ پ ورڪرز جي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، ناهيد خان عباسي پڻ ڪارڪنن جي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري دعائون گهريون ۽ گلن جي ورکا پڻ ڪئي.

حيدرآباد جي پيٽرول پمپ گاڏين ۾ پيٽرول بجاءِ پاڻي ڀري ڇڏيو، احتجاج

ڀٽائي نگر ۾ ھڪ خانگي پيٽرول پمپ تي پيٽرول ۾ پاڻي ملايو ويو

جنهن ٽينڪر ۾ پيٽرول اچڻو هو، ان ۾ غلطي سان پاڻي آيو: مئنيجر

حيدرآباد(رپورٽر)ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ خانگي پيٽرول پمپ تي پيٽرول ۾ پاڻي ملائڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. شھرين عملي جي اهڙي چوري پڪڙي ورتي آھي ۽ شھرين ان عمل خلاف سخت احتجاج به ڪيو. شهرين ٻڌايو ته اسان پيٽرول ڀرايو ته گاڏين ۾ رڳو پاڻي ڀرجي آيو.پمپ جي مئنيجر محمد علي جو چوڻ آھي ته سندن ڪو ڏوھ نه آھي جنهن ٽينڪر ۾ پيٽرول اچڻو هو ان ۾ پاڻي ڀرجي آيو ،جنهن سبب غلطي سان گاڏين ۾ پاڻي ڀرجي ويو

ملير ۾ حددخلين خلاف امڪاني ڪارروائي ، رهواسين جو احتجاج نعريبازي

ملير (ن پ ا ) ملير جي ڳوٺ در محمد خروس جتوئي ۾حددخلين خلاف امڪاني ڪارراوئي خلاف رهواسين سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي .ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته حددخلين جي نالي تي غريب ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي هنن چيو ته اسين نزدور ماڻهو آهيون سڄي ڄمار محنت مزدوري ڪري مس وڃي اهي گهر تعمير ڪرايا آهن جن کي ڊاهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن هنن اعلي اختيارن کان گهر ڪئي ته ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي