پيرجوڳوٺ (ن پ ا) ڪنگري لڳ اوچتو باهه لڳڻ ڪري 10 جريب ڪمند جو فصل سڙي رک، لکين روپين جو نقصان، رپورٽ موجب ڪنگري لڳ ڳوٺ گلڻ ناريجو ۾ اوچتو باهه لڳڻ ڪري آبادگار محمد گلڻ ناريجو، نذير احمد، حاجي ميهر ناريجو جو بيٺل 10 جريب ڪمند سڙي رک ٿي ويو جنهنڪري آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پئجي ويو، ان ڏس ۾ آبادگارن محمد گلڻ ناريجو، حاجي ميهر ۽ ٻين ٻڌايو ته اوچتو باهه لڳڻ ڪري اسان جو 10 جريب تيار ٿيل ڪند سڙي رک ٿي ويو جنهنڪري اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ زراعت کاتي جي صوبائي وزير کان گھر ڪئي ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪري اسان کي مالي بدحالي کان بچايو وڃي.
پڊعيدن جا روڊ ۽ پلون ٽٽي تباهه، نوابشاهه روڊ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو
پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن جا روڊ ۽ پلون ٽٽي تباهه ٿي ويون، مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف رهواسين ڌرڻو هنيو. پڊعيدن کان نوشھروفيروز، ڀرياروڊ، نوابشاھ ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ روڊ ۽ انهن تي قائم پلون ٽٽي تباهه ٿي ويون آهن. رهواسين رحمت الله مري، شاهه بيگ مري ۽ ٻين نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته حڪومتي بي حسي سبب روڊ رستا تباهه آهن، جنهن سبب حادثا به معمول بڻيل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته روڊن ۽ پلن جي مرمت ڪرائي تڪليف کان بچايو وڃي.
اومني گروپ خلاف ڪارروايون،سجاول،ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي ۾ آفيسون سيل
دڙو (رپورٽر)نيب ۽ ٻين وفاقي تحيقيقاتي ادارن سجاول،ٺٽو ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن ۾ فاريسٽ کاتي جي کڏي،مولچند،ٻيلو بنگلو،پناھ،ھديراڻي، ٻائو پورنداس،فتح پور ۽ ٻين ٻيلن ۾ سنڌ حڪومت جي آشيرواد سان ڪروڙين روپين جي وڻن کي وڍرائي خالي ٿيل5 ھزار ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمينن تي ٻيلي کاتي کان 99 سالن جي ليز جي آڙ ۾ ڪيل قبضن ۽ زمينن تي 2013 کان پوکيل ڪروڙين روپين جي فصلن تان ملندڙ اپت بابت وڏي پئماني تي تحيقيقات شروع ڪري ڇڏي آھي. ويجھن ذريعن موجب نيب جي اھلڪارن گذريل ڏينھن سجاول،ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ضلعن اندر اومني گروپ جي قائم ڪيل آفيسن کي سيل ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن سجاول پوليس پاران اومني گروپ خلاف نيب جي ڪارروائين کان لاعلمي ظاھر ڪئي آھي. جڏھن ته ٻيلي کاتي جي ذريعن موجب نيب ۽ ٻين ادارن گذريل ڏينھن سجاول ضلعي جي ٻنون واري ڪچي جي علائقن ۾ اومني گروپ جي نيٽ ورڪ تي ڇاپا ھنيا. جتي پوليس جون سرڪاري موبائيل گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويو آھي. ان سان گڏوگڏ سنڌ پوليس ۽ فاريسٽ کاتي جي اھلڪارن کي ھٿيارن سميت گرفت ۾ آڻي کين پنھنجن کاتن ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آھي. ذريعن موجب نيب پاران اومني گروپ جي آفيسن تي چڙھائين بعد اومني گروپ پاران مقرر ڪيل عملو ۽ نجي ھٿياربند انڊر گرائونڊ ٿي ويا آھن. ذريعن امڪان ڏيکاريو آھي ته ايندڙ ٻن ڏينھن دوُران نيب پاران اومني گروپ جي زمينن واري پراجيڪٽ کي سيل ڪري ھزارين ايڪڙ زمينن ۾ ڪروڙين روپين جي بيٺل فصل کي ضبط ڪيو ويندو.
مٽياري جي ڪچي ۾ تتر، بٽير،آڙي،نيرڳي جو شڪار، جھنگلي جيوت کاتي اکيون پوري ڇڏيون
ڪچي وارن علائقن ۾ ناياب پکين جو شڪار نه رڪجي سگھيو، وڏيرن جون بندوقون خاموش نه ٿيون
پيرو جي ڍنڍ،ڇنڊڻ موري،ڳوٺ مصري جکريجا،ڳوٺ بچو ڳهيلو،بائوديرو،کيبراڻي پکي ماريا وڃن ٿا
مٽياري )رپورٽر)مٽياري جي ڪچي واري علائقن ۾ ناياب پکين جو شڪار نه رڪجي سگهيو،جنگلي جيوت کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي،ان ڏس ۾ مٽياري ٻيلي ۾ علائقي جي وڏيرن ناياب نسل جي پکين جي شڪار ۾ واڌ اچي رهي آھي،جڏھن ته غير قانوني طور ٿيندڙ شڪار کي روڪڻ لاءِ جنگلي جيوت کاتي به ڪنهن به قسم جو ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آھي،ذريعن جو چوڻ آھي ته جنگلي جيوت کاتي جا ڪجهه عملدار به بااثرن کي شڪار جو دعوتون ڏئي گهرائين ٿا. ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ڪچي جي علائقن جنهن ۾ پيرو جي ڍنڍ، ڇنڊڻ موري،ڳوٺ مصري جکريجا،ڳوٺ بچو ڳهيلو،بائوديرو،سيکاٽ،ڪلياڻ ٻيلو،کيبراڻي،سالارو،بٺو فاريسٽ،قادربخش کوسو، ڳوٺ يارمحمد کوسو ،ڍگهه ڍنڍ ۽ ٺارو شاھ جي پهي واري علائقن ۾ شڪار ٿين ٿا ،جن ۾ ناياب پکي جن ۾ تتر، بٽير، ڀورا تتر، ڪارا تتر،ايراني تتر، آڙي, پيڙ پکي،چيغلو پکي،نيرڳ پکي ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا پکي شامل آھن.هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ٻڌايو آھي ته ڪيترن ئي ماڻھن ٻيلي اندر ليز تي کنيل زمينن تي پنهجيون رکون قائم ڪيل آھن باقي انهن خلاف ڪاروائي جنگلي جيوت کاتي وارا ئي ڪري سگهن ٿا.
شھيد راڻي جي ورسي تي جيالن لاءِ 200 کان مٿي ڪيمپ قائم

نئون ديرو(ن پ ا)شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي يارهين ورسيء جي موقعي تي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ مزار جي سامھون واري اڱڻ ۾ مزار ڪاميٽي ۽ پ پ رتوديرو پاران لاهور، ملتان، راولپنڊي، ڊيره غازي خان سميت پوري ملڪ جي جيالن جي رهڻ لاء 200 کان مٿي ڪيمپ لڳايا ويا آھن جن کي پ پ جي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آھي. پاڻي جي سبيل لاءِ 5 ھنڌن تي پاڻيء جا ڊرم رکي 70 کان مٿي ماڻھن کي مقررڪيو ويو آھي.
شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي، مک جلسي جون تياريون مڪمل، قافلن جي آمد شروع

نئون ديرو (رپورٽر) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 11 ورهيه وهامي ويا. شهيد راڻيءَ کي ياد ڪري اڄ به هر اک آلي نظر آئي. شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو آھي جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويو آهي جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل آهن. جڏهن ته ٻاهران ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪئمپون تيار ڪيون ويون آهن. ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، شهيد راڻيءَ جو ٻه نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ نئون ديرو هائوس ۾ پهچي ويا آهن. ورسي تقريبن جي شروعات صبح جو 9 وڳي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خوانيءَ سان ڪئي ويندي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي ايندڙ ڪارڪن قرآن خواني ڪري پنهنجي شهيد قائدين کي لڙڪن، سڏڪن، ۽ دانهن سان ڀيٽا پيش ڪندا. قرآن خوانيءَ بعد لنگر تقسيم ڪيو ويندو. جڏهن ته 1 وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ پاران مشاعري جي محفل ٿيندي جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. بعد شام جو ساڍي ٽين وڳي جلسو ٿيندو جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اعتزاز احسن، سيد خورشيد شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو سميت پيپلز پارٽيءَ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا، مزار تي پهچندڙ ڪارڪن جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، “بيبي ھم شرمنده ھين تيري قاتل زندھ ھين” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. ٻاهران ايندڙ ڪارڪن پنهنجي محبوب ليڊرن جي مزارن تي پهچڻ بعد جذباتي ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي اکين جا بند ٽٽي پون ٿا جيڪي پنهنجي قائدين کي لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪندي نظر اچن ٿا. مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. نئون ديرو هائوس توڙي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، ٽريفڪ، رينجرز، سي ٽي ڊي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو ڪمانڊو کي مقرر ڪيو ويو آهي. مزار جي گيٽ نمبر 8، 9 ۽ 10 تي 25 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته مزار اندر پڻ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جتي ايندڙ ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد کين مزار طرف ڇڏيو پيو وڃي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پارٽي جهنڊن، قائدين جي قدآور تصويرن ۽ بينر سان سينگاريو ويو آهي. ٻئي پاسي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي شيري رحمان، نويد قمر، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، اعجاز جکراڻي، صوبائي وزير ناصر شاهه، پ پ ورڪرز جي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، ناهيد خان عباسي پڻ ڪارڪنن جي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري دعائون گهريون ۽ گلن جي ورکا پڻ ڪئي.
ڪرپٽ عنصرن جو گهيرو ڪيئن تنگ ڪجي؟ نيب پاران اڄ کليل ڪچهري ٿيندي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو پاران اڄ ڪراچي ۾ کلي ڪچهري ڪرائي ويندي. نيب ترجمان موجب، کلي ڪچهري ۾ شهرين کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ته جيئن ڪرپشن ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي ٿي سگهي. ڊي جي نيب فاروق اعواڻ چيو آهي ته شهري قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙن جي نشاندهي ڪن، ڪرپٽ عنصرن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ وقت جي اهم گهرج آهي.
جي آءِ ٽي رپورٽ رد: آصف گرفتار ٿيو ته نتيجا اڳرا نڪرندا: پ پ
بلاول ۽ آصف زرداري جي صدارت ۾ سي اي سي جو اجلاس: ڪجهه ادارا حدون اورانگھين پيا: فرحت الله بابر

نئون ديرو (رپورٽر) پيپلزپارٽي آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ جي صورت ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، سي اِي سي اجلاس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي به ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو ويو، پيپلزپارٽي اڳواڻن چيو آهي ته انتقام جا خراب نتيجا نڪرندا، ڪجهه ادارا آئيني حدون اورانگهي رهيا رهيا آهن، نئون ديرو هائوس تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري جي گڏيل صدارت هيٺ پ پ جي سي اِي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ سميت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فرحت الله بابر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ بابت قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو، ڪجهه ادارا پنهنجون آئيني حدون اورانگهي رهيا آهن، انتقامي ڪاررواين جا خراب نتيجا نڪرندا، پ پ اڳواڻ ڌمڪي ڏيندي چيو ته اسان حڪومت ۽ سمورن ادارن کي خبردار ڪري رهيا آهيون، آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ته نتيجا سٺا نه نڪرندا ۽ ان جي ذميوار حڪومت هوندي، هن چيو ته ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، لڳي ٿو ته ملڪ صدارتي نظام طرف وڌي رهيوآهي، ادارن جو احترام ڪريون ٿا، ڪنهن سان جهيڙو نٿا ڪريون، ان موقعي قمرالزمان ڪائرا جو چوڻ هو ته پ پ ادارن سان ٽڪراءَ جي پاليسي تي يقين نٿي رکي، رڳو ادارن جي آئيني حدن جي ڳالهه ڪريون ٿا، تاثر ڏنو پيو وڃي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سڀ سچ آهي، حڪومت اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، عمران خان ته سڀني کي جيل ۾ وجهڻ چاهي ٿو، شيري الرحمان ڳالهائيندي چيو ته احتساب کان انڪار ناهي، انتقام برداشت نه ڪنداسين، اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آصفه ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري، لطيف کوسا ۽ ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ميان صاحب ۾ مبينا غلط سُئي لڳڻ سبب ٻارڙي فوت، وارثن جو احتجاج
ميان صاحب )ن پ ا (ميان صاحب ڀرسان شڪارپور کان مائٽن وٽ آيل معصوم ٻارڙي تيز بخار ۾ ڊاڪٽر جي مبينا انجڪيشن لڳڻ سبب فوت، وارثن ڊاڪٽر تي غلط انجيڪشن لڳائڻ جو الزام هنيو آهي،ان ڏس ۾ ميان صاحب لڳ ڳوٺ درزي واهه جي چانڊيا برادري جي ڳوٺاڻن علي رضا چانڊيو ۽ ٻين ميان صاحب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته اسان جي ٻن مهينن جي معصوم ننڍڙي شائنزہ ڌي ربڏنو چانڊيو ( شڪارپور واسي ) جيڪا پنهنجن وارثن سان ڳوٺ گهمڻ لاء آيل هئي،کيس تيز بخار هو ، علاج لاءِ جيڪب آباد جي هڪ خانگي ڊاڪٽر وٽ کڻي ويا سين جتي ڊاڪٽر ننڍڙي کي بخار ۾ انجيڪشن ڪئي ، اسان گهر پهتا سون ته ننڍڙي دم ڌڻي حوالي ڪيو. هنن گهر ڪئي ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،هوڏانهن معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بعد سندس وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.
ميهڙ ۾ غربت ۽ بيروزگاري سبب نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو
ميهڙ(ن پ ا)ميهڙ لڳ ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾22 ورهين جي نوجوان سجاد پٽ خدابخش لنڊ غربت ۽ بيروز گاري کان تنگ ٿي گهر ۾ پيل زهريلي زرعي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، آپگهات ڪندڙ نوجوان کي ڳوٺ سوڀو خان مگسي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي،خودڪشي ڪندڙ نوجون سجاد لنڊ جي والد جو چوڻ ھو ته بيروز گاري ۽ غربت سبب گهرو حالتن کان سندس پٽ ڪجه وقت کان پريشان ۽ مايوس رهندو هو ،جنهن کان پوءِ ھن گهر ۾ پيل زهريلي زرعي دوا پي ڇڏي، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.
کپرو پوليس موٽرسائيڪلون چورائيندڙ گروهه جي 4 جوابدارن کي پڪڙي ورتو
کپرو(ن پ ا)کپرو پوليس جو سول اسپتال ڀر سان مينهن جي واڙي تي ڇاپو چار موٽر سائيڪلون ۽ 6 گاڏين جون نمبر پليٽون هٿ ڪري اويس قائم خاني کي گرفتار ڪيو ويو،گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي واحد رند، اسحاق رند ۽ ماجد جٽ کي حراست ۾ وٺي حارث قائمخاني جي فرياد تي 5 جوابدارن تي ڪيس ڪري ورتو آھي ،ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کپرو مان موٽرسائيڪل جي چورين جي وارداتن جي وڌڻ تي تفتش ڪئي ٿه ڄاڻ ملي ته هڪ گروه اوچتو سرگرم ٿي ويو آھي.خفيه ڄاڻ تي سول اسپتال ڀر سان قائم مينهن جي واڙي تي ڇاپو هنيو جنهن دورانهن چار موٽر سائين ۽ 6 کان وڌيڪ گاڏين جا نمبرپليٽ هٿ آيا آھن جوبدارن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيو .
ملڪ کان ٻاهر ويٺل شخص ٽارگيٽ ڪلنگ کي هٿي ڏئي پيو: ناصر شاهه
آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون ٺاهيون ويون آهن
وڏي وزير خلاف بيان اچي رهيا آهن ته اومني گروپ تي سندس هٿ آهي: سکر ۾ ڳالهيون
سکر(بيورو رپورٽ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملڪ کان ٻاهر ويٺل ملڪ دشمن شخص ٽارگيٽ ڪلنگ کي هٿي ڏئي رهيو آهي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف هٿ ٺوڪيو ڪهاڻيون ٺاهيون ويون ويون آهن. سکر هوائي اڏي تي ناصر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ وڏي عرصي کان پوءِ امن قائم ٿيو هو، علي رضا عابدي جو قتل ملڪ جو امن خراب ڪرڻ آهي. ملڪ کان ٻاهر ويٺل ملڪ دشمن شخص ٽارگيٽ ڪلنگ کي هٿي ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون ٺاهيون ويون آهن. فالودي واري کان وٺي جيڪي به اڪائونٽس نڪتا اُهي ڪيڏانهن ويا. جڏهن به انهن جو تعلق پ پ سان ناهي هوندو ته چيو ويندو آهي اُهي ٽريڊنگ اڪائونٽس آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وڏي وزير خلاف ميڊيا تي بيان اچي رهيا آهن ته هن جو اومني گروپ مٿان هٿ آهي.
وزيراعظم کي الزامن جي بنيادن تي بيان بازي ڪرڻ نٿو جڳائي: راجا پرويز شرف
سکر(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سياست ۾ گرفتار ڪرڻ مشڪل ڪم ناهي، اصل ڪم الزام ثابت ڪرڻ آهي، سکر هوائي اڏي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ميڊيا تي الزامن وارو سلسلو شروع ڪي ويو اهي اِن جو منفي اثر پوندو ڪيس عدالت ۾ آهي اِن تي نٿو ڳالهائي سگهجي. هن چيو ته وزير اعظم ۽ وزيرن کي صرف الزامن تي بيان ڏيڻ سٺو نٿو لڳي. پ پ وفاقي ۽ ذميوار پارٽي آهي جنهن هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي معاملن کي عقل بردباري سان ڏسڻ گهرجي. اقتدار ۾ ويٺلن کي ڏسڻ گهرجي ته ملڪ ۾ افراتفري واري ڪيفيت پيدا نه ٿئي. وزير اعظم جا جيڪي بيان اچي رهيا آهن اُهي ٺيڪ ناهن. وزير اعظم مڊٽرم چونڊن بابت ڏنل بيان مان لڳي ٿو ته حڪومت ڪمزرو آهي.
منهڙو لڳ روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ نه آيو
منهڙو(ن پ ا) منهڙو ڀرسان روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود لاش هٿ نه آيو، مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڳولا جاري آهي. ڳوٺ بودلو ڏاهري واسي 16 سالن جي عابد علي ڏاهري روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو هو. رابطو ڪرڻ تي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته عابد جو ذهني توازن درست نه آهي، ٻن ڏينهن کان لاڳيتو ڳولا باوجود سندس لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي.
بااثر 2 پوٽيون کنڀي ويو آهي، ملير ۾ پيرسن جوڙي جو احتجاج
ملير (ن پ ا) ملير ۾ يوسي پپري جي ڳوٺ الله بخش حمائتي جي رهواسي پيرسن الله ڏني حمائتي، ڇڇر حمائتي ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته بااثر وڏيرو يوسف حمائتي ۽ سندس پٽ امين حمائتي منهنجي ٻن پوٽين رضيا، رشيده کي اغوا ڪري پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي، هن پيرسن جوڙي چيو ته رشيده ۽ رضيا ٻنهي ڀينرن کي پپري مان اغوا ڪري يوسف حمايتي ڳاڙهو شهر لڳ پنهنجي ڳوٺ جهور ۾ قيد ڪري رکيو آهي، جڏھن ت بن قاسم ٿاڻي تي نينگرين جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان انڪاري آهي، هنن چيو ته اسان جون نياڻيون يتيم آهن، جن جي حياتين کي خطرو آهي، اسان آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي ٺٽو کي اپيل ٿا ڪريون ته اسانجون نياڻيون جلد بازياب ڪرايون وڃن.